سڪندر اعظم، قلوپطره ۽ راڻي فوزيه جو شهر ”سڪندريا“
مصر جي نيل ندي به مصر لاءِ وڏي خوشحالي آهي. قاهرو مسجد جي منارن کان به مشهور آهي ۽ قاهري کي اڪثر ”هزار منارن جو شهر“ سڏيو وڃي ٿو. مصر ”الاظهر يونيورسٽيءَ“ کان به دنيا ۾ مشهور آهي، جيڪا 969ع ۾ فاطمي گهراڻي وارن قرآن ۽ اسلامي قانون پڙهائڻ لاءِ ٺهرائي جنهن مان فاطمي گهراڻي جي اٺين خليفي المستنصر بالله کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي اهم ماڻهو تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. ڪجهه اهڙن ماڻهن جا نالا ياد اچي رهيا آهن: ”سيد جمال الدين افغاني“، ”محمد ماجيان“ قرآن جو چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ وارو- هن 1978ع ۾ 72 ورهين جي ڄمار ۾ بيجنگ ۾ وفات ڪئي. پاڻ چيني ٻوليءَ جو پروفيسر ۽ جرنلسٽ به هو.
اختر رضا خان- انڊيا جو مفتي اعظم.
محمد برهان الدين- دائودي بوهرين جو داعي
عبدالرحمان واحد- سابق صدر انڊونيشيا.
معمون عبدالقيوم- مالديپ جو سابق صدر
هاسم سلامت- فلپين جي مورو اسلامڪ لبريشن فرنٽ جو سربراهه. وغيره.
اسانجا ڪيترا ماڻهو اهو ضرور سوچيندا هوندا ته وقت جي پهلوان حاڪم ”سڪندر اعظم“ جنهن جو يونان سان تعلق هو. ايران، ملتان ۽ سنڌ ۾ به آيو پر هن مصر جهڙي ملڪ ۾ پنهنجي نالي سان سڪندريا (Alexandria) شهر ڇو ٺهرايو؟ واقعي! مصر ته هڪ ڀينگ جهڙو ملڪ آهي جنهن جو وڏو حصو آفريڪا جو رڻ پٽ آهي... پوءِ ڀلا ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن سڪندر اعظم تي جادو ڪيو جو هن مصر جي ان هنڌ کي بهتر سمجهيو جتي هن ”سڪندريا“ جو شهر ۽ بندرگاهه ٻڌرايو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اعليٰ درجو رکي ٿو. اهو ائين آهي جيئن ويجهڙائيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري وقت جي حاڪمن اسلام آباد، ڪوالالمپور يا ڪينيا جو نئروبي شهر ٺهرايو. سڪندريا مصر جي جنهن هنڌ تي آهي، اهو ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري تي آهي جيڪو سندس ملڪ يونان کان ڄڻ ته سڏ پنڌ تي آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪي ريل گاڏيون يا ڪارون بسون نه هيون. ماڻهن لاءِ درياهن هاءِ وي جو درجو رکيو ٿي ۽ ٻيڙين ذريعي اچ وڃ ڪئي ٿي. جتي سڪندر اعظم پنهنجي نالي وارو شهر ٻڌايو ان جي ڀرسان ئي ته نيل ندي وهي ٿي. سڄو مصر ڀڙڀانگ آهي پر نيل نديءَ ڪري شروع کان مصر ۾ زندگي، رونق ۽ خوشحالي رهي آهي. هوائي جهاز مان مٿان ڏسندائو ته مصر ڊِٻون ۽ واري نظر ايندو سواءِ نيل ندي جي ڪپرن جي.
جن ڏينهن ۾ سڪندر اعظم مصر، ايران ۽ سنڌ تي حملو ڪيو انهن ڏينهن ۾ اسلام ته ڇا پر عيسائيت به شروع نه ٿي هئي. ماڻهو يهودي، آتش پرست ۽ ٻين آڳاٽن مذهبن جا هئا يا بت پرست، سڪندر به خبر ناهي ڪنهن مذهب جو هو يا نه پر جيئن ته هن جي ملتان سنڌ ۾ راجا پورس نالي هڪ هندوءَ سان لڙائي ٿي ته اسان جا ماڻهو ان کي به هندو مسلمان جي جنگ سمجهي، سڪندر کي مسلمان سمجهن ٿا ۽ سڪندر يا سندس آتش پرست ايراني زال رخسانا جا نالا وڏي فخر سان رکن ٿا جيئن روس جي حاڪم جي راڻي جيڪا ”زرينه“ سڏبي هئي ان جو نالو زرينا رکيو وڃي ٿو. اهڙي طرح رستم ۽ سهراب جا نالا مسلمان سمجهي رکيا وڃن ٿا. نالا کڻي ڪو ڪهڙا به رکي پر هروڀرو ان غلط فهميءَ ۾ نه پوي ته هي مسلمان آهن ۽ هي هندو.
بهرحال، عيسوي سن کان به ٽي صديون کن اڳ جڏهن سڪندر اعظم ايشيا تي حملو ڪيو ۽ واپسيءَ تي سڪندريا شهر ٻڌرايو، ان زماني ۾ نه هو آمريڪا، ڪئناڊا ۽ نه هو آسٽريليا، نيوزيلينڊ. منهنجو مطلب آهي دنيا جا احي حصا هئا ته ضرور پر ماڻهن کي انهن جي خبر ڪٿي هئي؟ سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ توڙي سورهن سترهن سئو سال پوءِ تائين ماڻهن اهو ئي سمجهيو ٿي ته هي سمنڊ (ميڊيٽرينين) دنيا جو وچ آهي جنهن جي هڪ پاسي ۾ ڏکڻ آفريڪا کنڊ آهي ته مٿي اتر ۾ يورپ، اوڀر ۾ ايشيا ۽ اولهه ۾ اڄ واري جبرالٽر واري ڳچي سمنڊ مان نڪرڻ تي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي- جنهن لاءِ هڪڙن جا اهي ئي ڌڪا ۽ سوچون هيون ته ان سمنڊ جو خاتمو آهي ئي ڪونه. ان ڪري هر هڪ سڏ پنڌ وڃي موٽي آيو ٿي. هر هڪ کي اهو ئي ڊپ هو ته پنهنجن ٻيڙن کي گهڻو اڳتي نه وٺي وڃجي جو اڳتي زمين ته آهي ڪونه- کائڻ لاءِ- خاص ڪري پيئڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ملندو؟ اڄ ڪلهه جي ماڊرن جهازن تي ته سنمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻ جون مشينون به آهن ته گوشت مڇيءَ کي ڇهه ڇهه مهينا اسٽور ڪرڻ لاءِ ڪولڊ اسٽوريج به آهي. ان کان علاوه سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آفت جيڏا لوهي جهاز به آهن. نه ته پراڻي زماني ۾ چپوئن ۽ سڙهن تي هلڻ واريون ڪاٺ جون ٻيڙيون هيون جن کي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ته ڪنارو ڪنارو وٺي هلائي سگهيا ٿي، پر ميڊيٽرينين سمنڊ کان ٻاهر هرگز نه جو اوڏانهن کُليو سمنڊ هو. پاسي کان يا سامهون ڪا ڌرتي نظر نٿي آئي. ڪن جهاز رانن وري اهو سمجهيو ٿي ته دنيا رومال وانگر آهي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٿورو اڳيان وڃڻ تي دنيا ختم ٿي ويندي ۽ سندن ٻيڙي دنيا مان هيٺ ڪري پوندي.
ميڊيٽرينين سمنڊ جيڪو هڪ ٽب وانگر Oval شڪل جو آهي ان جي چوڌاري ته ڪيترائي يونان، ترڪي، اٽلي، فرانس، اسپين ملڪ جا ڪنارا آهن پر مصر جو سڪندريا وارو علائقو اهو آهي جتان پوءِ نيل نديءَ ذريعي مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ٿي سگهيو ٿي ته خشڪي رستي ڳاڙهي سمنڊ (بحر احمر) ذريعي عرب ۽ ايران ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ٿي سگهيو ٿي. خاص ڪري مصر جي ڪپهه، ڪڻڪ ۽ ٻي پوک ۽ ڌاتن جو واپار ”سڪندريا“ ذريعي يونان ۽ يورپ جي ٻين ملڪن سان هلي سگهيو ٿي. ان ڪري سڪندريا اڄ ڏينهن تائين دنيا جو هڪ سڻائو بندرگاهه سمجهيو وڃي ٿو جتي اڄ به ڪيترائي يورپي، ايشيائي ۽ عرب رهن ٿا.
پڙهندرن جي ڄاڻ لاءِ اها دلچسپ ڳالهه به لکان ته يونان سمنڊ رستي مصر کان پري ناهي. خشڪيءَ رستي مصر ته اردن، شام ۽ عراق سان ڳنڍيو پيو آهي پر توهان کي حيرت ٿيندي ته مصر جو ”سڪندريا“ شهر عراق جي ”بعداد“ کان ته يونان جي ”اٿينس“ کي ويجهو آهي. ان لاءِ توهان نقشو ڏسي سگهو ٿا. ٻي ڳالهه ته اٿينس مان ٻيڙي يا جهاز ذريعي سڌو سڪندريا پهچي سگهجي ٿو پر سڪندريا کان باءِ روڊ بغداد يا تهران ور وڪڙن ڪري اڃان به وڏو مفاصلو ٿئي ٿو. ٻي ڳالهه ته سمنڊ جي ڪناري تي ڪراچيءَ جو به شهر آهي پر سمنڊ سان لاڳو ڪراچيءَ جو فقط هڪ ننڍڙو حصو ڪياماڙي ۽ ڪلفٽن وارو، چند ميلن جو ٽڪرو آهي، باقي ڪراچي اندر طرف سهراب ڳوٺ، سرجاني ٽائون ۽ سچل ڳوٺ ڏي آهي. سڪندريا بندرگاهه ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري تي 32 ڪلو ميٽر (20 ميل) پکڙيل آهي اسان اسپين، فرانس يا پورچوگال کان واپس پنهنجي ملڪ ڏي اچڻ لاءِ سئيز ڪئنال جو رخ ڪندا آهيون، جيڪو نيل نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي. نيل ندي آفريڪا جي ملڪن مان ٿيندي مصر ۾ اچي، آخر ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. نيل نديءَ جو ڇوڙ يعني ڊيلٽا (ٽِڪور) دنيا جي وڏن ڊيلٽائن مان آهي جيڪو سڪندريا کان پورٽ سعيد تائين ڦهليل آهي ۽ تقريبن ميڊيٽرينين سمنڊ جي 240 ڪلو ميٽرن تائين آهي. اهو قاهري وٽان شروع ٿئي ٿو ۽ سمنڊ تائين 160 ڪلو ميٽر ڊيگهه ۾ ٿيندو.
سڪندريا (Alexandria) شهر مئسيڊونيا (مقدونيا) جي حاڪم سڪندر اعظم 332 ق-م ۾ ٺهرايو جڏهن هن ايران جي هخامنشي (Achaemenid) سلطنت تي حملو ڪيو هو جنهن جو انهن ڏينهن ۾ حاڪم دراسوم هو. سڪندريا هن پاسي هزار کن سال پٽولمڪ، رومن ۽ باظنتائين مصر جي گاديءَ جو شهر رهيو. 641ع ۾ مسلمانن جڏهن مصر فتح ڪيو ته هنن سڪندريا بدران قاهري وٽ نئون شهر فسطاط اڏرايو جيڪو پوءِ قاهري ۾ جذب ٿي ويو جيئن هينئر کڻي سمجهو ته ملير، لالوکيت، چنيسر ڳوٺ جهڙا علائقا ڪراچيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن.
سڪندريا بندرگاهه پنهنجي وقت ۾ اتي جي لائيٽ هائوس کان به دنيا ۾ مشهور هو. بلڪه اهو ”لائيٽ هائوس“ دنيا جي پراڻن ستن عجوبن مان هڪ هو. اهڙي طرح سڪندريا جي ”لئبرري“ ان وقت دنيا جي وڏي ۾ وڏي لئبرري مڃي وئي ٿي. هڪ اهڙو به وقت هو جو ميڊيٽرينين سمنڊ جي شهرن ۾ ”روم“ بعد ”سڪندريا“ هڪ امير، سهڻو ۽ طاقتور شهر مڃيو ويو ٿي. اهو جهاز راني ۽ مصري ڪپهه جي واپار کان ائين مشهور هو جيئن جپان پاسي يوڪوهاما ۽ اڄڪلهه سنگاپور آهي.
سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ (سندس ڄم جو سال 356 ق-م هو) موٽر ڪار ته ڇا پر اڃان سائيڪل به ايجاد نه ٿي هئي. ماڻهن خشڪيءَ جو سفر گڏهن، خچرن ۽ گهوڙن اٺن تي ٿي ڪيو يا انهن سان ڳنڍيل گاڏن تي- يعني بيل گاڏين وغيره تي، ويندي مغل بادشاهه بابر جي ڏينهن ۾- يعني 1800 سالن بعد تائين به خشڪيءَ جي سفر جو اهو ئي موڊ (Mode) هو، آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي به ڪلڪتي تائين خشڪي وارو سفر بيل گاڏيءَ ۾ ڪرايو ويو هو ۽ سندس زال ۽ ٻئي خاندان کي جنهن کي انگريزن دهليءَ مان ڪڍيو انهن کي ته دهليءَ کان رنگون تائين بيل گاڏين ۾ وڃڻو پيو. بهادر شاهه ظفر کي وري به ڪلڪتي کان رنگون آگبوٽ (ٻيڙي) ۾ پهچايو ويو هو. سو سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ جو بهترين طريقو ٻيڙيون هيون، بلڪه ماڻهو اوڏانهن ئي ويا ٿي جيڏانهن سامونڊي يا دريائي رستو هو، جيئن مصر سڄو رڻ پٽ هو پر نيل نديءَ جا ٻئي ڪپر آباد هئا ۽ ماڻهو انهن شهرن ۽ وستين ڏي ويا ٿي جيڪي درياهه جي ڪناري تي هئا يعني هنن وٽ سواريءَ جو بهترين Mode ٻيڙي هو. سو سڪندر اعظم به لائو لشڪر سميت يونان کان مصر ان وقت جي ٻيڙين ذريعي پهتو. اڄڪلهه جو مسافر سمنڊ رستي يونان کان مصر اچڻ بدران باءِ ٽرين يا ڪار خشڪيءَ رستي يونان کان ترڪي، شام، اردن کان ٿيندو مصر پهچڻ ۾ وڌيڪ سهولت محسوس ڪندو ۽ جي پئسي وارو آهي ته پوءِ باءِ ايئر ڪلاڪن ۾ اٿينس کان قاهري يا سڪندريا ننڊون ڪندي پهچي سگهي ٿو، پر سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ سامونڊي سفر ئي بهتر هو. ويندي شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ يعني اڄ کان 300 کن سال اڳ به ماڻهن لاءِ سنڌو درياهه رستي سکر روهڙي- ويندي ملتان تائين پهچڻ يا سمنڊ رستي ڪڇ ۽ گجرات جي بندرگاهن ۾ پهچڻ آسان هو ۽ مِڊيٽرينين سمنڊ جو نقشو ته سامهون رکي ڏسو ته ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري وارا ملڪ، يونان ۽ مصر هڪٻئي کي ڪيڏو ويجها آهن.