ڪتاب جِي فھرست

انتساب: سنڌ جي تعليمدان ۽ برک اديب ڊاڪٽر محبوب شيخ نالي

هيءُ ڪتاب پنهنجي پياري دوست، ميهڙ جي محبوب علي شيخ نالي ڪريان ٿو، جنهن محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کي سچي دل ۽ devotion سان ٻين تائين پهچايو. ڪير نٿو ڄاڻي ته اها تعليم ئي آهي، جنهن جي کوٽ ڪري، اسان جي صوبي جا ماڻهو- خاص ڪري سنڌي مسلمان، ايڏو پٺتي رهجي ويا آهيون. اسان جي صوبي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قدرت سياستدان، وزير، وڏيرا، رئيس، اثر رسوخ وارا پير مير ويندي تعليمي ادارن جا وائيس چانسلر ۽ پرنسپال بڻايو پر سواءِ چند ماڻهن جي ٻين ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو. هنن پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ تعليمي توڙي ادبي ادارا هڪ طرف تباهه ڪري ڇڏيا، ته ٻئي طرف سنڌ جي نوجوان نسل سان ناانصافيون ڪري انهن جو تعليم تان روح کٽو ڪري ڇڏيو. اهڙي تناظر ۾ سائين محبوب شيخ پنهنجي وت ۽ وس آهر گهڻو ڪي ڪري ڏيکاريو. منهنجي هن سان سڃاڻپ به هن جي تعليمي خذمتن ڪري ٿي.
اسان جو جهاز سعودي عرب جي بندرگاهن ۾ ايندو هو ته اتي رهندڙ اسان جي پاڪستاني فئملين جي واتان اهائي شڪايت ٻڌبي هئي ته هو سندن ٻارن جي تعليم جو بهتر بندوبست نه هجڻ ڪري سخت پريشان آهن. جدي ۾ جيڪو پاڪستاني اسڪول هو ان جي سربراهن جي سفارش تي پوسٽنگ ٿيڻ ڪري انهن شاگردن جي تعليمي معيار ۾ ڪابه دلچسپي نٿي ورتي. ان ڪري والدين کي پنهنجي ملڪ جي اسڪول جي انتظاميا سان هر وقت شڪايت رهي ٿي جنهن جو اظهار هنن اسان جهاز وارن سان ڪيو ٿي.
اهڙي طرح هڪ دفعي ٻن سالن بعد جڏهن جهاز دمام ۽ جدي آيو ته مون کي حيرت ٿي ته سعودي عرب ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني پنهنجي اسڪول عزيزه جدي واري (انٽرنيشنل اسڪول) جي تعريف ڪرڻ لڳا. هنن ان بهتريءَ جو ڪارڻ “ڊاڪٽر محبوب علي شيخ” نالي ٻڌايو جيڪو نئون پرنسپال ٿي آيو هو. سڀني هن جي واکاڻ ڪئي ته هو بيحد محنتي آهي ۽ اسڪول جو نمونو ئي بدلائي ڇڏيو اٿس. مونکي اها به خوشي ٿي ته هن جو سنڌ سان تعلق آهي. ڏٺو وڃي ته اسڪول جي پنجاهه سالن جي تاريخ ۾ هي پهريون سنڌي آهي جنهن کي هن اسڪول جو پرنسپال بڻايو ويو.
سعودي عرب ۾ رهي آيلن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جدي جي هن اسڪول ۾ اڄ جيڪو سنڌي سيڪشن ڏسو ٿا، اهو محبوب شيخ شروع ڪرايو ۽ پهرئين سال ۾ ئي 300 شاگردن داخلا ورتي هئي. ان ڳالهه کان ته ڪو انڪار ڪري نٿو سگهي ته سعودي عرب ۽ سنڌ جي ويجهڙائي ۽ ساڳي موسم هجڻ ڪري اڄ به سعودي عرب ۾ سنڌ جا گهڻا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻيا پورهيت نوڪريون ڪن ٿا. جدي جو اهو پاڪستاني انٽرنيشنل اسڪول چار ماڙ آهي، جنهن ۾ نرسري کان ڊگري ليول تائين شاگردن لاءِ هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا آهن ۽ سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي سيڪشن ۾ جملي 15000 کن ٻار آهن.
ڊاڪٽر محبوب شيخ هڪ سٺو اديب به آهي، هن جا مخلتف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ايندا رهن ٿا. سندس ٻه سفرناما “ميهڙ کان ماسڪو” ۽ “ترڪيءَ ۾ چار مسافر” ڇپجي چڪا آهن جيڪي پڙهندڙن ايڏو پسند ڪيا جو هيستائين اِنهن مان هر هڪ جا ٻه ٻه ٽي ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اڄ ڪلهه هو فنلئنڊ ۾ پنهنجي پٽ وٽ ٻن ٽن مهينن کان رهيل آهي. جتي هو فنلئنڊ جو سفرنامو لکي رهيو آهي.
ڊاڪٽر محبوب جهڙن پنهنجي هم عمر دوستن کي آئون هميشه پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ چوندو آهيان، خاص ڪري انهن کي جن جو واسطو ڳوٺن، شهرن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ عام ۽ خاص ماڻهن سان رهيو آهي. جيئن اڄ جي دور جي نوجوان کي اسان جي ملڪ ۽ ڳوٺ جي اڌ صدي اڳ جي حالتن جي ڄاڻ ملي سگهي. جيئن اسان جو محبوب ننڍي هوندي جنهن ڳوٺ ۾ رهيو ٿي، اتان اسڪول پري هجڻ ڪري هو ڏاچي تي چڙهي ويندو هو. هو لاڙڪاڻي جهڙي شهر جي ڪاليج ۾ به پڙهيو ته ڄامشورو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به، ته ماسڪو جهڙي دنيا جي وڏي شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ به. مختلف تعليمي ادارن جو سربراهه رهڻ دوران هن جون ملڪ جي عام ماڻهن: شاگردن، آفيسرن، ڳوٺاڻن، وڏيرن ۽ پيرن ميرن سان هڪ طرف ملاقاتون ٿيون ته ذوالفقار علي ڀٽو، نواز شريف، بينظير ڀٽو ۽ پير پاڳارو جهڙن اهم ماڻهن سان ون ٽُو ون ميٽنگون به ٿيون. سندس سڄي زندگي ويندي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به تعليم ۽ تدريس سان ڳانڍاپيل رهيو. هو هڪ نيڪ، ايماندار، خدا جو خوف رکندڙ ۽ سنڌ جي نوجوانن جو ڀلو چاهيندڙ ۽ پنهنجي فيلڊ جو قابل استاد ٿي رهيو اهوئي سبب آهي جو سندس شاگرد توڙي ڪُليگ ساٿي سندس دل جي گهراين سان عزت ڪن ٿا.
محبوب علي شيخ 21 جولاءِ 1946ع تي ميهڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ٻٽ سرائي” ۾ هڪ ديندار ۽ تعليم يافته فئمليءَ ۾ جنم ورتو. ننڍڙي ڳوٺ جو ٿي ڪري، محبوب شيخ جو ڏاڏو نه فقط پڙهيل ڳڙهيل هو پر انگريزن جي ڏينهن ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ “ٿرڙي محبت” جي اسڪول جو هيڊماستر به هو. هن محبوب شيخ جي والد صاحب حاجي شمس الدين ۽ ٻين پٽن غلام سرور، حاجي نظام الدين، حاجي ظفر الدين، حاجي محمد خان ۽ حاجي علي خان کي نه فقط بهتر اڪيڊمڪ تعليم ڏئي سٺين نوڪرين لاءِ قابل ڪيو، پر ديني تعليم ڏئي هنن کي نيڪ انسان ۽ سٺو شهري پڻ بڻايو. ان جو اندازو توهان ڊاڪٽر محبوب علي شيخ جي اخلاق ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان لڳائي سگهو ٿا. هو سيڪريٽري سنڌ حڪومت، رجسٽرار بينظير يونيورسٽي ۽ سکر بورڊ جو چيئرمئن ٿي ويو، تڏهن به هو اهڙو ئي نهٺو ۽ سادي طبيعت جو رهيو، جهڙو هو پهرين پوسٽنگ تي هو- يعني تعليم مڪمل ڪرڻ بعد شڪارپور جي “چيلا سنگهه سيتل داس (C&S) ڪاليج” ۾ 1969ع ۾ ليڪچرر ٿيو هو. سندس والد صاحب حاجي شمس الدين، اريگيشن کاتي ۾ SDO کان ٻين عهدن تي رهيو، ان لاءِ مشهور آهي ته هن ٻارهن تيرهن سالن جي ڄمار کان روزا رکڻ ۽ نماز پڙهڻ شروع ڪئي ته 69 سالن جي عمر ۾ وفات ڪرڻ تائين، قائم رکيائون.
محبوب پنهنجي پرائمري تعليم جو پهريون سال بدين ضلعي جي ٽنڊوباگو ڳوٺ جي اسڪول کان شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هن جي والد صاحب جي ٽنڊوباگو ۾ نوڪري هئي، ان ڪري هو پنهنجي ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ کان ٽنڊو باگو اچي رهيا هئا. ان بعد هن پرائمريءَ جا ڪجهه سال پنهنجي ڳوٺ به اچي پڙهيا.
1956ع ۾ هن ڳوٺ کي الوداع چئي لاڙڪاڻي ضلعي جي گورنمينٽ (پائلٽ) هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. ننڍن ڳوٺن جي ننڍن اسڪولن مان پڙهي ضلعي جي هڪ وڏي عمارت واري اسڪول ۾ داخلا وٺڻ جو تجربو محبوب لاءِ هڪ حيرت جي ڳالهه هو. محبوب ٻڌائيندو آهي ته هو لاڙڪاڻي جو هيڏو وڏو اسڪول ڏسي وائڙو ٿي ويو ته هن ۾ ته هو گم ٿي ويندو. ان ڊپ کان هو ٻه ٽي ڏينهن اسڪول ئي نه ويو. انهن ڏينهن ۾ هِن اسڪول جو هيڊماستر واحد بخش شيخ هو، جنهن جي ۽ هڪ استاد لڇمڻ داس جي محبوب اڄ به تعريف ڪري ٿو ته هو بيحد محنتي استاد هئا ۽ ٻارن جو خيال ڪندا هئا. اڄ ان کي 60 سالن کان مٿي ٿي ويا آهن، اهڙا نيڪ ۽ Devoted استاد اڄ به محبوب جهڙن شاگردن کي ياد آهن. ان ڪري ته آئون هر هر اهو چوندو رهان ٿو ته ٽيچنگ هڪ نيڪ ڪم آهي، بشرطيڪه توهان محنت، دل جي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ٻارن کي پڙهايو ۽ هنن جو خيال رکو. توهان ڪنهن کان به پڇي ڏسو، وڏو عرصو گذرڻ بعد به هو توهان کي پنهنجن سٺن استادن بابت ٻڌائيندو ۽ هو هنن جو احسان مند نظر ايندو.
والد صاحب جي سکر بدلي ٿيڻ تي محبوب عليءَ کي لاڙڪاڻي جو اسڪول، ان جا ٽيچر ۽ ڪلاس ميٽ دوست ڇڏي سکر جي اسڪول ۾ سال کن پڙهڻو پيو ۽ سال بعد سندس والد کي جڏهن گڊو بيراج تي رکيو ويو ته محبوب کي سکر جو اسڪول ڇڏي ڪشمور جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي. مون ڏٺو آهي ته جن ٻارن جي والدين جي بدليءَ ڪري جتي تعليم ڊسٽرب ٿئي ٿي، اتي هنن کي مختلف شهرن ۾ رهڻ ۽ مختلف اسڪولن جي تعليمي نظام جو به تجربو ٿئي ٿو ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن جي شاگردن سان دوستي ٿئي ٿي. بس اهو آهي ته والدين پنهنجن ٻارن کي مانيٽر ضرور ڪن ته نون اسڪولن ۾ هنن جا نوان دوست ڪهڙي اخلاق جا آهن ۽ هنن کي هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ اچڻ تي جيڪا تعليم ۾ کوٽ ٿئي ٿي. ان جو ضرور پورائو ڪن ته پوءِ ٻار لاءِ اهي “اسڪول بدليون” فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ هن جو زندگي ڀر سٺن دوستن سان ساٿ رهي ٿو. جيئن الله رکيو ٻٽ، نثار ٻٽ، غلام حسين بلوچ، غلام قادر سومرو، ديدار سومرو، غلام حسين شيخ، اڪبر حيدر سومرو، شاه مسعود، اڪبر چانڊيو، علي محمد شيخ، رحمت حسين جعفري، عبدالرزاق بگٽي، صدر الدين پيچوهو ۽ ٻيا محبوب علي جا مختلف شهرن جا انيڪ دوست هن جا مئٽرڪ کان اڳ ٿيا. انهن مان ڪيترن ئي سان محبوب علي جي دعوتن ۾ منهنجي به ملاقات ٿي چڪي آهي ۽ هو پنهنجي ننڍپڻ جا ٻٽ سرائي، ڪشمور، ٽنڊو باگو، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا ڏينهن ياد ڪري ڏاڍو Enjoy ڪندا آهن. محبوب شيخ جي ذوالفقار قادري ۽ عبدالقادر منگيءَ سان به انهن ڏينهن ۾ ملاقات ۽ دوستي ٿي. ان وقت ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته اهي توڙي محبوب علي شيخ هڪ ڏينهن سنڌ جا اعلى ليکڪ ٿيندا ۽ پڙهندڙن جي دلين تي راڄ ڪندا.
1964ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد محبوب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. ان وقت صوبي جي اڪيلي يونيورسٽي هجڻ ڪري محبوب جي ملاقات نه فقط صوبي جي هر ضلعي جي شاگردن سان پر ملڪ جي هر صوبي ۽ ٻين ملڪن جي شاگردن سان ٿي، جيڪي اتي رهيل هئا ۽ مختلف سبجيڪٽن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. يونيورسٽيءَ جا هي چار سال ٻين ڪيترن ئي شاگردن وانگر اسان جو محبوب به انهن کي زندگيءَ جا Best Years ساري ٿو. انهن ڏينهن ۾ جتي هن کي خوشيون حاصل ٿيون اتي 4 مارچ 1967ع تي، يوسف لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هلايل تحريڪ دوران گرفتاري به ٿي. هو 297 شاگردن سان گڏ سينٽرل جيل پهتو. محبوب ٿو ٻڌائي ته گرفتاريءَ کان اڳ رينجرز ٻين سان گڏ هن کي به لوهي ڳنن واريون لٺيون اهڙيون هنيون جو اڄ 50 سالن بعد به انهن جا پٺن تي نشان چٽا آهن، جن کي ڏسي سندس گهر واري چوندي آهي ته “شل مار پوين، ڏاڍا ڪي بي رحم هئا.”
محبوب هميشه چوندو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڏينهن اک ڇنڀ ۾ گذري ويا. يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي پسنديده شخصيت هجڻ ڪري سنگت کيس آخري سال ۾ يونين جي صدارت لاءِ اليڪشن ۾ بيهاريو. سندس مقابلي ۾ حيدرآباد جي زينت منشي بيٺي. محبوب ٻن ووٽن تان اليڪشن هارائي ويو. بهرحال محبوب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڏينهن ۾ تمام سٺا دوست نصيب ٿيا جيئن: سڪندر شيخ، مجيد عباسي، اعجاز قريشي، رياض شيخ، کيمچند لالواڻي، عبدالرزاق ابڙو، ظفر نظاماڻي، شيام لعل، ماجد ڀرڳڙي، شريف ميمڻ، ڄام ساقي، شڪور دائود پوٽو، قمر فاروقي، روشن شيخ، تاج ميمڻ، لياقت جتوئي وغيره. انهن جون اڄ به محبوب ڳالهيون ڪري پاڻ به کلندو آهي ته ٻين کي به کلائيندو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته محبوب جي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن کي اهڙن ماڻهن جو به ديدار ۽ ملاقات نصيب ٿي، جن جي فقط هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ اڄ جا شاگرد ۽ سنڌ جا ماڻهو آتا آهن. جيئن ته: وي سي حسن علي عبدالرحمان، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر خان، متين صاحب، شاهنواز عارباڻي، ڊاڪٽر ممتاز قاضي وغيره. محبوب شيخ سنڌ يونيورسٽيءَ مان باٽنيءَ ۾ ڊگري حاصل ڪئي، ان بعد هن جي پهرين پوسٽنگ “ليڪچرار” طور شڪارپور ۾ ٿي. محبوب ايم ايس سي (آنرز) ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن کنئي، جنهن لاءِ هن ظاهر آهي تمام گهڻي محنت ڪئي. منهنجي ان بابت پڇڻ تي هن جيڪو جواب ڏنو، ان سان آئون پاڻ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ سهمت آهيان ۽ سندس اهو جواب هر ان ٽيچر لاءِ اهم سمجهان ٿو جيڪو سٺو استاد ٿيڻ چاهي ٿو. محبوب چوي ٿو ته: “شڪارپور ۾ جڏهن ليڪچرار ٿيس ته مون پنهنجي سبجيڪٽ باٽنيءَ ۾ تعليم وارن ڏينهن کان به گهڻي محنت ڪئي. ڇاڪاڻ جو شاگردن کي ڪلاس ۾ مطمئن ڪرڻ ۽ سندن دلچسپي برقرار رکڻ ڪو آسان ڪم ناهي. استاد ٿيڻ ته سولو آهي، پر هڪ سٺي استاد ٿيڻ لاءِ ڏاڍي محنت ۽ علمي پورهيو ڪرڻو ٿو پوي.”
شڪارپور جي ڪاليج (چيلا سنگهه سيتل داس) ۾ چار سال پڙهائڻ بعد محبوب علي شيخ 1973ع کان 1979ع تائين لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ پڙهايو. هتي اهو به لکندو هلان ته جتي شاگرد پنهنجن سٺن استادن کي ياد رکن ٿا، اتي هر استاد پنهنجن ذهين، محنتي ۽ سٺي اخلاق وارن شاگردن کي به ياد ڪري ٿو. محبوب شيخ هميشه لاڙڪاڻي ڪاليج جي تعريف ڪندو آهي ته هن کي اتي سڀ کان وڌيڪ ذهين ۽ محنتي شاگرد مليا. انهن مان ڪجهه جا نالا هن کي اڄ به ياد آهن ۽ سٺو نالو پئدا ڪرڻ ڪري اڄ به سنڌ جا ماڻهو هنن کان واقف آهن، جيئن: اياز سومرو، خالد محمود سومرو، ڪريم راڄپر، نندلال، روشن شيخ، اڪبر سولنگي، احمد علي شيخ، سلطان شيخ، محبوب شاهه، امان جوکيو، مجيد شيخ، حافظ سليمان، ايوب شيخ، صفي جوکيو، عبدالخالق شيخ، ڊاڪٽر اسلم سنديلو، آفتاب شيخ، محمد علي ٿلهو، حنيف شيخ، عبيد شيخ وغيره.
مارچ 1979ع تي محبوب شيخ جي حڪومت طرفان پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ منظور ٿي ۽ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن روس جي شهر ماسڪو ۾ چار سال گذاريا. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا ڪجهه ٻيا شاگرد به پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا. جيئن: اسان جي ڳوٺ جو عبدالرزاق ابڙو، سيف الله ميمڻ، عبدالقادر قريشي، منير جوڻيجو، شريف ڦلڻ، غلام حيدر ڄامڙو، اميد علي ٻرڙو ۽ گل محمد بلوچ. روس مان واپسي تي 1983ع ۾ محبوب شيخ کي سال اڌ لاءِ لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ رکيو ويو، ان بعد 1984ع ۾ هن کي ڏوڪري ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. هي اهي ڏينهن هئا جن ۾ محبوب شيخ پنهنجو پهريون سفرنامو “ميهڙ کان ماسڪو” مڪمل ڪيو.
ڏوڪري جي ڪاليج ۾ به محبوب کي ڪي اهڙا ته سٺا استاد مليا جن جو هو اڄ 35 سال گذرڻ بعد به ذڪر ڪندو رهي ٿو جيئن: حمزه علي شيخ، ليکراج، رمضان چانڊيو، شعبان شيخ، جيوڻ ۽ سليم ڪورائي. ان ڪاليج جي شاگردن مان حق نواز سمون ۽ هاشم ابڙو وڌيڪ ياد اٿس. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ست ڪاليج هئا جن جا پرنسپال هئا: پروفيسر رحيم بخش ميمڻ، عبدالمنان چانڊيو، عبدالمجيد ميمڻ، گوپال داس، مشتاق سومرو ۽ محمد پناهه ابڙو. انهن سان، محبوب شيخ ٻڌائي ٿو ته، “روزانو شام جو پروفيسر فضل ڀٽيءَ جي ميڊيڪل اسٽور تي ڪچهري ٿيندي هئي.” اڄ اهي ۽ محبوب شيخ جا ڪيترا استاد ۽ ڪليگ حيات نه آهن پر منهنجي دل چوندي آهي ته لاڙڪاڻي، ڏوڪري، سکر، قمبر، شڪارپور پاسي وڃي انهن جي اولاد سان ملان، جن مونکي پڪ آهي ته پنهنجن وڏن وانگر محنت ڪري تعليم ۾ نالو ڪڍيو هوندو ۽ پنهنجي ميرٽ تي سٺين پوسٽن تي پهچي ساڳي محنت ۽ ايمانداريءَ سان ملڪ ۽ قوم جي خذمت ڪري رهيا هوندا.”
لاڙڪاڻي بعد 1988ع ۾ ڊاڪٽر محبوب شيخ ڪجهه عرصي لاءِ ڪراچي جي “ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) سائنس ڪاليج” جو وائيس پرنسپال ٿي رهيو، جنهن بعد سال 1989ع ۾ هو جدي (سعودي عرب) ۾ پاڪستان ايمبسي جي انٽرنيشنل اسڪول جو پرنسپال چونڊيو ويو، جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪري ڊاڪٽر محبوب پنهنجو نالو به پيدا ڪيو ۽ اسان سنڌين جو پڻ ڳاٽ اوچو ڪيو، جو جڏهن کان (1959ع ۾) هي اسڪول ٺهيو، اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽر محبوب شيخ پهريون سنڌي پرنسپال ٿي رهيو. سعودي عرب کان موٽڻ بعد ڊاڪٽر محبوب شيخ کي ڪراچيءَ جي “آدم جي سائنس ڪاليج” ۾ پروفيسر طور رکيو ويو. 1993ع ۾ ڊاڪٽر محبوب کي ضلع سانگهڙ جي “ڄام نواز علي” ڳوٺ جي ڪئڊٽ ڪاليج جو پرنسپال ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. هو هن ڪاليج ۾ ساڍا چار سال کن رهيو، ان بعد هن ڪراچيءَ جي عائشه باواني ڪاليج لاءِ پروفيسري گهري ورتي.
ڪراچي پهچڻ تي ڊاڪٽر محبوب کي ان وقت جي سنڌ جي گورنر جنرل معين حيدر، لاڙڪاڻي جي تعليمي بورڊ جو چيئرمين بنايو. اها هڪ Challenging جاب هئي، جو بورڊ گندي سياست جي ور چڙهي تباهه ٿي چڪو هو، جنهن کي سنئين راهه تي آڻڻ ڪو سولو ڪم نه هو. بقول محبوب علي شيخ جي، جنهن هن بورڊ جي 28 آڪٽوبر 1998ع تي چارج ورتي، “بورڊ جو حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو جو اهو هڪ وڏيرڪي اوطاق ٿي لڳو. سرڪاري آفيس ته ڪنهن به ڪنڊ کان نٿي لڳو، جنهن جو اظهار گورنر صاحب به ڪري چڪو هو.”
ڊاڪٽر محبوب لاڙڪاڻي بورڊ ۾ سوا ٽي سال رهيو. مئٽرڪ ۽ انٽر جا صاف ۽ شفاف نموني امتحان ڪرائي اداري جي ساک بحال ڪيائين. اتان پوءِ هن کي بيورو آف ڪريڪيوليم ڄامشورو ۾ ڊائريڪٽر طور رکيو ويو. محبوب اتي جي ساٿين کي به ڏاڍو ياد ڪري ٿو، جيئن: محبوب هاليپوٽو، مسرت رضوي، سعدالله، شريف ڪلهوڙو، روشن پنهور، راڌو خان، مجيد ڀرٽ، ادريس جتوئي، عنايت شيخ وغيره. بيورو ۾ ڪم دوران ڊاڪٽر محبوب کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي اضافي چارج به ڏني وئي. سال 2004ع ۾ ڊاڪٽر محبوب کي ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم مقرر ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ جي “تغلق هائوس” ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر محبوب روٽري ڪلب ڪراچي (سنڌ ويلي) جو صدر. سنڌ ويزن جو سيڪريٽري جنرل آھي. هو آرٽس ڪائونسل ۽ سگا جو لائيف ميمبر پڻ آھي.
منهنجي خيال ۾ سال2008ع هو جو مونکي لياري ڪراچي جي بينظير يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر لاءِ گهرايو ويو. ڊاڪٽر محبوب شيخ سان اتي ملي مونکي خوشي ٿي. هو پنجن سالن کان سکر ۾ بورڊ جو چيئرمئن هو. وي سيءَ ٻڌايو ته محبوب کي هاڻ رجسٽرار طور هتي وٺي آيا آهيون. ڊاڪٽر صاحب جي اها آخري پوسٽنگ هئي، جو ان بعد آئون کيس هر وقت گهمڻ ۾ مشغول ڏسان ٿو. هي رائيٽ اپ لکڻ شروع ڪرڻ مهل هو فنلئنڊ هو ۽ هينئر فون ڪيم ته خبر پيئي ته هو آمريڪا ۾ آهي. پڪ اٿم ته واپسي تي هو نه فقط اتي جا سفرناما لکندو پر اسان جي شاگردن لاءِ اتي جي تعليمي ادارن بابت گائيڊ لائين به ڏيندو.
ڊاڪٽر محبوب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ دوران 14 مارچ 1968ع تي شادي ڪئي. کيس ٽي پٽ عبدالقادر، اعجاز ۽ يوسف ۽ ٻه ڌيئون: ثريا ۽ شائسته آهن. ڊاڪٽر محبوب جا به ٽئي پٽ هن وانگر، بلڪ آئون ته اهو چوندس پنهنجي پڙڏاڏي حاجي عزيز الله شيخ وانگر درس تدريس جي ڪمن ۾ لڳل آهن. هتي اهو لکڻ بي محل نه ٿيندو، ته عبدالقادر شيخ ڪراچي جي NED يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجيئرنگ ۾ B.E ڪئي، ان بعد ڪراچيءَ مان ئي MBA ڪئي. ان بعد هن ڪئناڊا مان PMP (پروجيڪٽ مئنيجمينٽ پروفيشنل) ڪئي. هاڻ هو ان ئي سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. اعجاز شيخ اڄ ڪلهه فنلئنڊ ۾ آهي. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي ايڪانامڪس ڪرڻ بعد اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ نوڪري ڪئي. جتان هن کي ايم فل ڪرڻ لاءِ فنلئنڊ وارن کان اسڪالر ملي. M.Phil ڪرڻ بعد هو وري واپس اسٽيٽ بئنڪ ۾ آيو. جتان پوءِ هو سکر جي IBA تعليمي اداري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. هاڻ فنلئنڊ جي هن يونيورسٽي “يوواسڪيلا” مانPh.D. ڪري چڪو آهي.
ڊاڪٽر محبوب علي شيخ جي ننڍي پٽ ڊاڪٽر يوسف شيخ ڪراچي جي ڊو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان سال 2000ع ۾ MBBS ڪئي ۽ سال 2001ع ۾FCPS جو پارٽ ون ڪيو. ان بعد 2003ع ۾USMLE (يونائٽيڊ اسٽيٽس ميڊيڪل لائسننگ ايگزَمينئشن) جا امتحان پاس ڪيا. آمريڪا ۾ اسان جي ڊاڪٽرن کي پڙهڻ يا نوڪري ڪرڻ لاءِ هي امتحان، جنهن جا ٽي پارٽ ٿين ٿا، پاس ڪرڻ ضروري هوندا آهن. ان کان پوءِ، ڊاڪٽر يوسف سال 2008ع ۾ الينوائي (Illinois) يونيورسٽي، شڪاگو مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ اڄ ڪلهه يونيورسٽي آف ميساچوسٽس ۾ ميڊيسن جو پروفيسر آهي يعني هو به پنهنجن وڏن – ڀائرن، والد محبوب شيخ، ڏاڏي جي ڀاءُ پروفيسر نظام الدين شيخ (جيڪو پڻ محبوب وانگر ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ پروفيسر هو، فزڪس سبجيڪٽ جو) ۽ پڙ ڏاڏي وانگر، درس تدريس جو ڪم ڪري، انسان ذات کي تعليم جهڙي زيور سان مالا مال ڪري رهيو آهي، بقول سندس شڪاگو يونيورسٽي جي Motto (نعري، مقصد) جي:
”Let Knowledge grow from more to more; and so be human life enriched.“


الطاف شيخ
ڪراچي
سيپٽمبر 2019ع

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ