الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

طلاق بعد ثريا جي زندگي

طلاق بعد ثريا جرمنيءَ کان فرانس هلي وئي جتي هن پنهنجو پاڻ کي مشغول رکڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ اداڪاري شروع ڪئي ۽ سندس پهرين فلم The Three Faces ۽ ٻي “She” ۾ ئي هن نالو ڪمايو. چون ٿا ته ثريا جي حسن ۽ ادائن تي فلمي دنيا جون ئي ڪيتريون شخصيتون موهت ٿي پيون هيون ۽ هنن اڳيان وڌڻ ٿي چاهيو پر ثريا ڪا خاص دلچسپي نه ڏيکاري. انهن فلمي دنيا جي ناليرن، يعني ثريا جي عاشقن ۾ ڪجهه هي به هئا: هالي ووڊ جو اداڪار ڪرڪ ڊوگلس، ڳائڻو فرئنڪ سناترا، ماسيمو گارگيا جنهن بعد جي سالن ۾ مشهور اداڪارا گريٽا گاربو جو چاهڻ وارو بڻجي خوب نالو ۽ ناڻو ڪمايو، ويندي راڪ هڊسن به ثريا جي حسن جو مداح بڻجي ويو. اهي سڀ اسانجي جوانيءَ جي ڏينهن جون مشهور هستيون هيون جن جون فلمون ۽ گانا اسان وڏي شوق سان ٻڌا. اڳتي هلي ثريا جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ دلچسپي ورتي ته اهو اطالوي ڊائريڪٽر/پروڊيوسر انڊووينا سڄو نالو (Franco Indovina) هو جنهن پنهنجي اطالوي فلم I Tre Volti (ٽي چهرا، هڪ عورت) ۾ ثريا کي اداڪاري ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو هو. ثريا البت اهو شرط وڌو هو ته فلم ۾ هوءَ چميءَ واريون Scenes نه ڪندي. چون ٿا ته فلم ۾ ثريا جي اداڪاري ۽ Photogenic Face جي تعريف انهن ڏينهن جي مشهور فلمي شخصيت رچرڊ هارس به ڪئي. شهزادي ثريا جي انڊووينا سان وڌندڙ دوستيءَ هنن کي شاديءَ لاءِ تيار ڪيو، سندن مڱڻو به ٿيو ۽ هوءَ اهو محسوس ڪرڻ لڳي ته هي شخص (Indovina) کيس اهو پيار ۽ خوشيون ڏئي سگهندو جيڪي هن کي شهنشاهه ايران نه ڏئي سگهيو. پر افسوس جو ائين نه ٿي سگهيو. شاديءَ کان اڳ انڊووينا ڪنهن بزنيس ٽرپ تان موٽيو پئي ته رستي تي سندس هوائي جهاز جو حادثو ٿي پيو جنهن ۾ هو مري ويو. ثريا پنهنجين يادگيرين واري 1991ع واري ڪتاب Le palais Des Solitudes ۾ لکي ٿي ته هن حادثي هن جي زندگيءَ مان باقي بچيل موهه به کسي ورتو ۽ هوءَ سخت ڊپريشن ۾ وقت گذارڻ لڳي. سندس مٿئين ڪتاب جو انگريزي ترجمو The Palace of Loneliness لاهور ۽ ڪراچيءَ جي دڪانن تي به نظر اچي ٿو. هن ۾ آخر تائين ثريا جي سوچن مان هن جو شهنشاهه ايران سان سچو پيار نمايان آهي. 1979 ۾ جڏهن شهنشاهه ايران پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن پاناما ۾ گذاري رهيو هو ۽ ڪئنسر بيماريءَ جي آخري اسٽيج تي هو ته ثريا هن کي خط لکيا ته هوءَ اڃان تائين هن کي چاهي ٿي ۽ هوءَ ساڻس هڪ آخري دفعو ملڻ چاهي ٿي. ياد رهي ته ايران ۾ 1979ع ۾ آيت الله خميني اسلامي انقلاب آڻي، ان کان چار سال اڳ هن کي ڪئنسر هجڻ جي پڪ ٿي چڪي هئي ۽ هو ولايت مان ڊاڪٽرن کي گهرائي لڪ ڇپ ۾ پنهنجو علاج ڪرائيندو رهيو ۽ ڏينهون ڏينهن جسماني توڙي ذهني طور ايڏو ته ڪمزور ٿي چڪو هو جو هن سرڪاري ضروري ڪمن جي سلسلن ۾ به ماڻهن سان ملڻ ڇڏي ڏنو. سندس ان وقت جي ٽي زال فرح ديبا کيس صلاح ڏني ته هو بادشاهت جو عهدو ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آرام ڪري ۽ پنهنجي وڏي پٽ کي Regent (گادي نشين) بڻائي وڃي. اهڙي حالت ۾ بادشاهه جي زال پنهنجي پٽ جي نالي ۾ رياست جو ڪاروبار هلائي سگهي ٿي جيسين هو بالغ ٿئي.
شهنشاهه ايران کي اها به ڳالهه نٿي وڻي ته هو پنهنجي جيئري تخت و تاج ٻئي کي ڏئي ڇڏي. فرح ديبا جي صلاح ڏيڻ تي هن کي ڇڙٻ ڏيندي چيو هئائين ته هو هرگز نه چاهيندو ته فرح ديبا ٻي جون آف آرڪ “Joan of Arc” ٿئي. اها هن لاءِ ڪيڏي بي عزتيءَ جي ڳالهه آهي ته مرد ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو پٺيان ملڪ سنڀالڻ لاءِ هو جوءِ کي ڇڏي ويو. بهرحال پوءِ امام خمينيءَ جو انقلاب ايڏو تيزيءَ سان آيو جو سڀني جون وايون بتال ٿي ويون. امام خمينيءَ جي خوف کان ڪنهن به ملڪ هنن کي رهائڻ لاءِ هام نٿي ڀري. جتي ويو ٿي اتي جي حڪومت ڏي ايران حڪومت طرفان خط آيو ٿي ته شاهه کي واپس (Extradition) ڪيو وڃي جيئن هن ظالم ڏوهاريءَ کي ٽنگيون. ان دوران هو ڪجهه عرصو پاناما ۾ به رهيو جتي هن جي ٻي زال ثريا اسفندياريءَ کيس ملڻ لاءِ خط لکيا. شهنشاهه ايران پاڻ به ثريا سان ملڻ لاءِ بي چينيءَ جو اظهار ڪيو ته هو به کيس ڏسڻ لاءِ آتو آهي. پر هنن اها ملاقات فرح ديبا جي غير حاضريءَ ۾ ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا هر وقت شاهه جي بستري سان چهٽي رهي ٿي. پاناما مان ڪڍڻ تي شاهه کي انور سادات پنهنجي ملڪ مصر ۾ رهائڻ لاءِ دل ٻڌي ۽ هو مارچ 1980ع ۾ مصر پهتو ۽ ثريا شاهه سان مصر ۾ اچي ملڻ لاءِ وعدو ڪيو. ثريا هاڻ مصر وڃڻ جو پروگرام ٺاهي رهي هئي ته ان دوران شاههِ ايران 27 جولاءِ 1980ع تي وفات ڪري ويو. هن کي مصر جي مسجد الرفاعي (Royal Mosque) ۾ دفن ڪيو ويو. هيءَ مسجد خديم (وائسراءِ) اسماعيل پاشا جي ماءُ خوشيار حنيم 1869ع ۾ ٺهرائي هئي. آتم ڪٿائون پڙهڻ وارن شوقينن جي اطلاع لاءِ لکندو هلان ته امام خمينيءَ جي اسلامي انقلاب آڻڻ تي شهنشاهه ايران ڏيهه نيڪاليءَ ۾ پنهنجيون يادگيريون لکڻ شروع ڪيون. 204 صفحن جو هي ڪتاب سندس وفات بعد 1980ع جي آخري مهينن ۾ ڇپيو. دراصل هي ڪتاب شهنشاهه ايران “Response A I, Histoire” جي نالي سان فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيو جيڪو ان ئي وقت انگريزي ۽ فارسي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو. فارسي ڪتاب جو نالو ”پاسخ به تاريخ“ آهي ۽ انگريزيءَ جو “Answer to History” آهي جنهن جو 4-2755-8128-0 آءِ ايس بي اين نمبر آهي.
21 سالن بعد 2001 ۾ پئرس ۾ ثريا جو انتقال ٿيو. ان وقت هوءَ 69 سالن جي هئي. پوري هفتي بعد سندس اڪيلو ڀاءُ بجن به گذاري ويو. کيس سندس ناناڻي شهر ميونخ (جرمني) ۾ دفن ڪيو ويو جتي سندس ماءُ پيءُ به دفن ٿيل آهن. ڀاءُ کي به اتي دفن ڪيو ويو. سندن قبرن اڳيان جيڪو ڪاري پٿر جو بورڊ لڳل آهي ان تي چئني جا نالا سندن ڄم ۽ وفات جي سن سان گڏ لکيل آهن. ثريا جي جنازي (funeral) ۾ شهنشاهه ايران جي جاڙي ڀيڻ اشرف ملوڪ پهلوي ۽ ٻي ماءُ مان ڀاءُ شاهپور غلام رضا پهلوي به آيو هو. غلام رضا به پنهنجين يادگيرين جو ڪتاب لکيو آهي جنهن جو نالو آهي: My Father, My Brother, the Shah of Iran ثريا ۽ سندس ڀاءُ بجن جي وفات بعد ثريا جي خاندان جو ڪو مٽ مائٽ نه رهيو هو. ان ڪري هنن جي سڄي ملڪيت نيلام ڪري پئسو رياست جي خزاني ۾ جمع ڪيو ويو. ثريا جي شاديءَ رات واري ڊريس جيڪا فرانس جي ”ڪرسچن ڊائر“ ڪمپنيءَ اڌ صدي اڳ 1951ع ۾ تيار ڪئي هئي، ان جو واڪ 83 لک ڊالرن تائين پهتو. يعني اڄ جي ڊالر جي قيمت 140 رپيا ٻڌي وڃي ته اها ڊريس هڪ ارب سورهن ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ٿي. ثريا جيڪي يادگيرين جا ٻه ڪتاب لکيا، انهن جا هڪ دفعو وري نالا لکي ڇڏيان. پهريون 1964ع ۾ ”ڊبل ڊي پبلشرس“ طرفان آمريڪا ۾ ڇپيو جنهن جو نالو آهي:
Princess Soraya: Autobiography of Her Imperial Highness.
ٻيو ڪتاب ”ڪئارٽيٽ بڪس لميٽيڊ“ وارن 1992ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو جنهن جو نمبر آهي: 4-7020-7043-0 ISBN ۽ نالو اٿس: Palace of Solitude
اطالوي ۽ جرمن ٽيليويزن وارن گڏجي 2003ع ۾ ثريا جي زندگيءَ تي جيڪا Soraya- Sad Princess فلم ٺاهي آهي ان ۾ ثريا جو پارٽ ائناويل (Anna Valle) ادا ڪيو آهي. ”يرول سئنڊر“ شهنشاهه ايران جو ۽ ”مئٿلڊا مئي“ شهنشاهه ايران جي وڏي ڀيڻ شمس پهلويءَ جو ادا ڪيو.
پاڻ دنيا جي بادشاهن ۽ راڻين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين... انهن حاڪمن جي ڀاڳ ۽ نڀاڳ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين... هو پنهنجي زندگيءَ ۾ عوام جي بهتري لاءِ جدوجهد ڪرڻ بدران ان فڪر ۾ لڳا رهيا ته هنن جو تخت و تاج هنن جون ست پيڙهيون enjoy ڪن پر تاريخ ان جي شاهد آهي ته بندي جي من ۾ هڪڙي رب جي من ۾ ٻي. ٿيو اهو ئي ٿي جيڪو قدرت چاهيو ٿي... هڪ معمولي مصيبت اڳيان هنن جي دولت، هنن جي فوج، بي وس ٿي وئي ٿي. شهنشاهه ايران محمد رضا پهلوي هيڏي وڏي ۽ امير سلطنت جو مالڪ پٽ ٻار (Crown Prince) لاءِ سڪي ويو. پهرين زال مصر جي شهزادي فوزيا فواد مان، جنهن سان هن 1939ع ۾ ڌام ڌوم سان شادي ڪئي، شاهه ايران کي ٻار ٿيو پر فقط هڪ ٻار سا به ڌيءَ. شاهه ايران کي پٽ کتو ٿي. هڪ طاقتور ۽ امير بادشاهه ٿي ڪري هو پنهنجي هر خواهش پوري ڪري سگهيو ٿي پر پٽ ٻار ڏيڻ قدرت جي ئي هٿ ۾ هو. پٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن فوزيا کي اٽڪل ڏهن سالن بعد 1948ع ۾ طلاق ڏئي ڇڏي ۽ ٽن سالن بعد هن ملڪ جي هڪ خوبصورت ۽ هن جي پهرين زال وانگر پڙهيل ڳڙهيل ثريا اسفند ياريءَ سان 1951ع ۾ هڪ دفعو وري ڌام ڌوم سان شادي ڪئي ۽ شاهه ايران پٽ جو انتظار ڪرڻ لڳو. هو پنهنجين سوچن ۽ خوابن خيالن ۾ پنهنجو وارث ڏسڻ لڳو جيڪو هن جي وفات بعد هن ملڪ جو بادشاهه ٿيندو، جيڪو هن جو ۽ خاندان جو نالو روشن ڪندو. پر قدرت جا ليکا ڏسو هن ٻي زال مان ته هن کي ڌيءَ به نه ٿي. شاهه ايران جو هن زال (ثريا) سان سچو پيار هجڻ جي باوجود جيئن ته هوءَ هن کي وارث پيدا نه ڪري ڏئي سگهي ان ڪري هن کي ستن سالن بعد طلاق ڏئي ڇڏي. هن کان هاڻ وڌيڪ انتظار برداشت نٿي ٿيو. هن جلد ئي پٽ ٻار ٿي چاهيو. ثريا کيس اهو ئي چيو ته ڇا توکي پڪ آهي ته ٽين زال مان پٽ ٿيندءِ. جڏهن توکي مونسان هيڏو پيار آهي ته تون مونکي ڇو ٿو ڇڏين. توکي پهرين زال فوزيا مان ڌي شهناز آهي جيڪا تو وٽ ئي آهي تون هن کي تخت و تاج جي وارث بنائي سگهين ٿو. بادشاهه ٿي ڪري تون ملڪ جي آئين ۾ اها تبديلي آڻي سگهين ٿو ته نه رڳو پٽ ٻار پر ڌيءَ به وارث ۽ ملڪ جي حاڪم ٿي سگهي ٿي. پر سائين شهنشاهه ايران اهو قدرت طرفان نه پر پنهنجو ڪمال ٿي سمجهيو ته هو پٽ ٻار پيدا ڪري ملڪ جون واڳون هن جي حوالي ڪري سگهي ٿو. هن پنهنجي پياري زال ثريا (جنهن جي جدائيءَ جو غم هن کي مرڻ گهڙيءَ تائين ٿيندو رهيو) کي 1958ع ۾ طلاق ڏئي ٻئي سال 1959ع ۾ فرح ديبا سان شادي ڪيائين.