سڪندر اعظم گهوڙي جي ياد ۾ به شهر ٺهرايو
سو اهڙي طرح سڪندر اعظم جا اڏرايل شهر سندس نالي سان سڏيا وڃن ٿا يا وقت سان گڏ انهن شهرن جو نالو تبديل ٿي ويو پر انهن جي تاريخ اها ئي ٻڌائي ٿي ته اهي شهر عيسوي سن کان ٽي صديون کن اڳ سڪندر اعظم جي حڪم تي اڏرايا ويا. اهڙي طرح اڄ واري افغانستان جو جيڪو شهر ”هرات“ سڏجي ٿو اهو پڻ سڪندر اعظم ٻڌرايو جنهن جو نالو هن سڪندريا آريانا (Alexandria Ariana) رکيو هو. اهڙي طرح افغانستان جو اڄ جي نالي وارو شهر فراح (Farah) جو نالو (Alexandria Prophthasia)، قنڌار جو (Alexandria Arachosia)، باگرام جو Alexandria Caucasus هو. اهڙي طرح اڄ جي تاجڪستان جي شهر خوجند جو سڪندر اعظم Alexandria Eschate نالو رکيو هو. اهڙي طرح سڪندر اعظم پنجاب، پشاور ۽ ان وقت جي سنڌ ۾ ٻه ٽي ٻيا شهر به ٺهرايا جن مان ”اُچ شريف“ ته افغانستان جي هرات ۽ قنڌار وانگر اڄ تائين قائم رهندو اچي پر ٻيا شهر ڪجهه صديون قائم رهڻ بعد درياهه جي پائڻ، زلزلن، جنگين سبب تباهه ٿي ويا. انهن مان هڪ سنڌو نديءَ جي اوڀر واري پاسي جهلم نديءَ تي سڪندريا بو ڪفالوس Bucephalous جيڪو ”سڪندريا بوڪفالا“ به سڏبو هو ۽ ان جي ئي ڀرسان اسڪندريا نيقيه (Nicaea) شهر هو. تاريخ کان گهٽ ڄاڻ رکندڙن جي دلچسپي لاءِ لکندو هلان ته سڪندر اعظم جو جهلم نديءَ جي ڪناري تي ٺهرايل مٿيون شهر، سڪندر اعظم پنهنجي دلپسند گهوڙي ”بوڪفالوس“ نالي سن 326 ق-م ۾ ٻڌرايو هو. عرب ان يوناني لفظ کي بوسيفالوس اچارين ٿا. سڪندر اعظم جو هي گهوڙو پورس سان لڙائيءَ دوران مارجي ويو هو. هن گهوڙي لاءِ مشهور آهي ته هن جون بلو رنگ جون اکيون هيون ۽ ڍڳي وانگر وڏو مٿو هو. بلڪه يوناني لفظ ”بوڪفالوس“ جي معنائي آهي ڍڳي جو مٿو (Ox-Head). چون ٿا ته سڪندر ٻارهن تيرهن سالن جو هو ته ملڪ جو هڪ مشهور سوداگر هي گهوڙو هن جي پيءُ بادشاهه فلپ دوم وٽ وڏي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ آيو، پر جيئن ته هي گهوڙو هڪ جهنگلي قسم جو خوفناڪ لڳو ٿي ان ڪري هر هڪ هن کي پالڻ مشڪل ٿي سمجهيو. سڪندر اعظم کي لڳو ته هو هن گهوڙي کي ڌاري (تاتي) سگهندو.
سڪندر اعظم هن گهوڙي سان بيحد ڌيرج ۽ نرمائيءَ سان هليو ۽ هن کي پالتو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان ڳالهه تي سندس پيءُ شهنشاهه فلپ به ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ تاريخن ۾ آهي ته هن پنهنجي پٽ سڪندر اعظم کي شاباس ڏيندي چيو:
“O, my son, look thee out a kingdom equal to and worthy of thyself, for Macedonia is too small for thee….”
(منهنجا پٽ، تون پنهنجي برابر ۽ شان وٽان ڪا ٻاهر سلطنت ڳولجانءِ جو هيءَ سلطنت مئسيڊونيا تنهنجي لاءِ ننڍي آهي) ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته هن نوجوان پنهنجي پيءُ جي سلطنت کان به وڏي سلطنت هٿ ڪري ورتي.
سڪندر اعظم جو هي گهوڙو سڪندر سان اسوس (ترڪي) واري جنگ کان گڏ رهيو ۽ ڪيترين ئي لڙائين ۾ شامل رهيو. پورس واري لڙائيءَ ۾ هو وڏي عمر ۽ ٿڪ ڪري يا زخمن جو تاب نه جهلي 30 سالن جي ڄمار ۾ مري ويو. سڪندر اعظم پنهنجي پياري گهوڙي جي ياد ۾ يڪدم هي شهر اڏرايو. تاريخ نويس چون ٿا ته اهو هنڌ جتي سڪندر جو گهوڙو مري ويو اهو جهلم شهر کان ٻاهر اڄ وارو شهر جلالپور شريف آهي. کيس دفن به اتي ئي ڪيو ويو هو. 1979ع جي هڪ انگريزي فلم The Black Stallion آهي ان ۾ سڪندر اعظم جو هن گهوڙي کي تاتڻ ڏيکاريو ويو آهي. هونءَ ڪن تاريخدانن جو اهو خيال آهي ته سڪندر اعظم جي هن گهوڙي کي پنجاب جي اڄ واري فاليا شهر ۾ دفن ڪيو ويو هو جيڪو منڊي بهاءَ الدين ضلعي ۾ آهي ۽ جتي سڪندر اعظم هن گهوڙي جي نالي ”سڪندريا بوڪفالوس“ شهر اڏرايو هو.
پورس جي سلطنت جو علائقو جهلم ۽ چناب ندين جي وچ وارو هو. پورس ۽ سڪندر جو مهاڏو 326 ق-م ۾ اڄ واري منڊي بهاءَ الدين ضلعي جي ”منگ“ شهر وٽ ٿيو، جتي سڪندر اعظم پنهنجي سوڀ جي ياد ۾ Nicaea شهر اڏرايو. وقت سا گڏ ان ۾ به تبديليون آيون ته نالا به بدلبا رهيا. پورس جي هيءَ سلطنت پاروانا سڏي وئي ٿي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پورس وڏي دليريءَ سان وڙهيو. هُن جنگ مان ڀڄڻ يا آڻ مڃڻ بدران موت کي ترجيح ڏني ٿي. پورس جي انهن ڳالهين سڪندر اعظم کي به متاثر ڪيو ۽ آئون ايران واري سفر نامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته جتي سڪندر اعظم جي لشڪر اڳيان ايران (پرشيا) جو دارا ٻه منٽ به نه بيهي سگهيو اتي پورس کي شاباس هجي جو هن چڱي طرح منهن ڏنو. پورس هيءَ جنگ کٽي به وڃي ها جو هن وٽ سڪندر کان پنجوڻي فوج ۽ هاٿي هئا پر يونانين وٽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جا هٿيار، ميزائيل (يعني ان زماني جي حساب سان) ۽ اٽڪلون هيون ۽ انڊين تي نموني سان حملو ڪرڻ تي پورس جي هاٿين ۾ ٽاهه وجهي ڇڏيو جيڪي پنهنجي ئي فوج کي لتاڙي ڀڄي ويا. بهرحال پورس هارايو ۽ کيس جڏهن سڪندر اعظم اڳيان پيش ڪيو ويو ته يوناني فاتح هن کان پڇيو ته هاڻ تو سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي. پورس جو ڏنل جواب يورپ ۾ لکيل تاريخن ۾ به ورجايل آهي ۽ ان جو قدر ڪيو ٿو وڃي:
Treat me as a king would treat another king”
(مون سان اهو ورتاءَ ڪيو وڃي جيڪو بادشاهه کي بادشاهه سان ڪرڻ کپي.“)
سڪندر اعظم پورس جي ان جملي مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن کي نه فقط سندس پوروا (Paurva) جي سلطنت جون زمينون پر ٻيون وڌيڪ، بياس نديءَ تائين جون زمينون، حوالي ڪري راجا پورس کي مئسيڊونيا سلطنت پاران ساتراپ (Satrap) مقرر ڪيو. ان زماني ۾ يونان توڙي پرشن راڄ (هخامنشي) ۾ بادشاهه طرفان مختلف علائقن جي نظرداري ۽ راڄ ڪرڻ لاءِ ساتراپ مقرر ڪيا ويا ٿي جيڪي سمجهو ته ائين هئا جيئن گورنر يا وائسراءِ.
سڪندر اعظم سنڌ فتح ڪري اتر انڊيا جي ناندا (Nanda) سلطنت تي قبضو ڪرڻ لاءِ گنگا ندي ٽپڻ ٿي چاهي پر سندس فوجي ڪافي دلشڪستا ٿي چڪا هئا. هنن کي ٿڪ ۽ مليريا، پيچش ۽ دستن جهڙين بيمارين به ساڻو ڪري ڇڏيو هو. هاڻ هنن پنهنجي وطن يونان ڏي موٽڻ چاهيو ٿي. واپسي تي سڪندر اعظم بابل شهر ۾ 323 ق-م ۾ گذاري ويو. سندس وفات بعد سندس فوج جي هڪ جنرل يوڊيمس (Eudemus) راجا پورس کي بيدردي سان قتل ڪري پاڻ حاڪم ٿي ويٺو. هن ست اٺ سال ڪا مس حڪومت ڪئي ته انڊيا جي هڪ بهادر ”مهم جو“ چندر گپت موريا 315 ق-م ۾ کيس شڪست ڏئي سنڌ هند ۾ يوناني حڪومت کي ٻنجو ڏنو. چندر گپت بعد ۾ ”نندا سلطنت“ تي به قبضو ڪيو ۽ موريا گهراڻي جو بنياد رکيو. بعد ۾ ته چندر گپت پرشيا جي سلوقي سلطنت سان لڙائي ڪئي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي سنڌ ۽ پنجاب جو بچيل حصو افغانستان جو وڏو حصو ۽ خراسان جو ڪجهه حصو پنهنجي موريا سلطنت ۾ آندو. انڊيا اپکنڊ (Sub-Continent) تي سڀ کان وڏي سلطنت چندر گپت موريا جي رهي. چندر گپت موريا جي ڪهاڻي اسان ماڻهن لاءِ پڙهڻ جوڳي آهي. اسان جڏهن پنجين ڇهين ڪلاس ۾ هئاسين ته انڊو پاڪ تاريخ جو پهريون باب موريا سلطنت سان شروع ٿيو ٿي. اڄڪلهه ٻڌان پيو ته ان تاريخ مان اهي چئپٽر ڪڍي محمد بن قاسم کان شروعات ڪئي وئي آهي. خبر ناهي ڇو اڄ جي شاگردن کي پراڻي دور جي تاريخ کان اڻڄاڻ رکيو پيو وڃي. چندر گپت سن 340 ق-م ۾ ڄائو- يعني سڪندر اعظم کان 16 سال ننڍو هو. انهن ڏينهن ۾ نه مسلمان هئا ۽ نه عيسائي. ايران ۽ يورپ پاسي يهودي ۽ مجوسي (آتش پرست) هئا ۽ اسان ڏي- يعني انڊيا پاسي هندو، ٻڌ ۽ جين هئا. چندر گپت پهرين شايد ٻڌ هو يا هندو جو بعد ۾ هڪ جين ڌرم جي ٻائي سان ملي تخت تاج کي ڇڏي، پاڻ به ٻائو (Monk) ٿي ويو.
چندر گپت جي زندگي ۽ ڪمن جو بيان پراڻن ٻڌ، هندو ۽ يوناني ڪتابن ۾ جام چيو وڃي ٿو. يوناني تاريخدان ليکڪ ۽ ڊپلومئٽ مگاستنس (Megasthenes) چار سال چندر گپت جي درٻار ۾ يونان طرفان سفير ٿي رهيو جنهن پنهنجي ڪتاب Indika ۾ ان وقت جي انڊيا جو تفصيلي احوال لکيو آهي. هو ان وقت جي گاديءَ واري شهر ”پاٽلي پتر“ ۾ رهيو ٿي. پاٽلي پتر نه فقط موريا گهراڻي پر ٻين سلطنتن جي ڏينهن ۾ به گاديءَ جو شهر رهيو ۽ ڪو اهڙو به وقت هو جو دنيا جو مشهور ترين شهر ليکيو ويو ٿي. پر پوءِ وقت جي حالتن ۾ گهوماٽجي ويو. هي شهر بهار رياست جي پٽنا وٽ هو.
سڪندر اعظم تي ته هندي، انگريزيءَ ۾ ڪيتريون ئي فلمون، ٽي وي سيريل ۽ ناول اچي چڪا آهن پر راجا پورس تي پڻ 1941ع جي هڪ انڊين فلم ”سڪندر“ ۾ سهراب موديءَ پورس جي ائڪٽنگ ڪئي آهي. پرٿوي راج ڪپور (راج ڪپور، شمي، ششي، رويندر وغيره جو پيءُ) هن فلم ۾ سڪندر اعظم ٿيو آهي. هن فلم ۾ اسان واري ڳائڻي ملڪه ترنم نور جهان ۽ ممتاز به آهن. ممتاز مسلمان هئي جنهن جي شادي سهراب مودي سان ٿي جيڪو پارسي هو. سهراب مودي ائڪٽر کان علاوه ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر به هو. انڊيا جي پهرين ٽيڪنيڪلر فلم ”جهانسي ڪي راني“ به 1953ع ۾ سهراب موديءَ ٺاهي هئي جنهن ۾ سندس زال ممتاز جهانسيءَ جي راڻي ٿي هئي. ان کان علاوه ڪندن ۽ نوشيروان عادل فلمون به سهراب جون آهن. اسان جي ڏينهن ۾ وندر جون ڳالهيون ڪتاب هئا ۽ ٻيون فلمون. اڄ ته ٽي وي چئنلز، انٽرنيٽ ۽ ٻيون ڪيتريون شيون نڪري پيون آهن. منهنجيون مٿيون فلمن جون ڳالهيون اڄ جي نوجوان کي ڇا سمجهه ۾ اينديون، پر پوءِ پنهنجا همعمر حيدرآباد جا اديب/شاعر قاضي خادم، وليرام ولڀ، مدد علي سنڌي، عنايت بلوچ، پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جا ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي، نجم الدين انصاري، احمد حسين مخدوم ۽ ٻيا اکين اڳيان ڦرندا آهن جيڪي فلمن جا شوقين هئا ۽ آئون سوچيندو آهيان ته منهنجيون هي ڳالهيون گهٽ ۾ گهٽ اهي پڙهي کين پراڻا ڏينهن ياد ايندا.
مٿين فلم بعد 1965ع ۾ بالي ووڊ وارن هڪ ٻي فلم ٺاهي هئي ”سڪندر اعظم“ نالي، پر هيءَ فلم پاڪستان ۾ نه آئي جو 1965ع کان انڊين فلمون اسان وٽ بئن ٿي ويون. مون اها فلم سامونڊي نوڪري دوران ڪولمبو ۾ ڏٺي هئي. هن ۾ پرٿوي راجڪپور راجا پورس ٿيو هو.
سڪندر ته خبر ناهي ڪيترن بادشاهن سان لڙائيون ڪيون پر اسان جو راجا پورس بهادريءَ سان وڙهڻ ۽ جنگ هارائڻ باوجود سڪندر اعظم جي پُڇيل سوال جو وڏي اعتماد سان جواب ڏيڻ ڪري دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. ايتري قدر جو هالي ووڊ وارن به سن 2004ع ۾ Alexander نالي فلم ٺاهي جنهن ۾ راجا پورس جو پارٽ ٿائلينڊ جي اداڪار بن بُنلورٽ (Bin Bunluerit) ادا ڪيو آهي. بن بنلورٽ مئانگ (ٿائلينڊ) ۾ ڄائو ۽ ڌون بوري راجا ڀات ۽ رام خامهينگ يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪيائين.
ٻه سال اڳ انڊيا وارن پورس تي هڪ تمام مهانگي ٽي وي سيريل ٺاهي جنهن ۾ پورس جو پارٽ انڊيا جي ماڊل ۽ ٽي وي اداڪار لڪش لالواڻيءَ ادا ڪيو آهي. هو 2015ع جي فلم ”اڌوري ڪهاني هماري“ ۾ ڪم ڪرڻ ڪري مشهور ٿيو.