الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

عشق ۾ ڇڏيل تاج ۽ تخت

ملائيشيا جي هن بادشاهه سلطان محمد 5 جي شادي ڪرڻ ۾ ڪا اهڙي ته ڳالهه نه هئي. آخر عام ماڻهو توڙي بادشاهه ٻي ٻي ۽ ٽي شادي به ڪندا رهن ٿا. عرب دنيا ۾ توڙي هن پاسي ملائيشيا، برونائي پاسي ڪيترن بادشاهن کي ٻه ٻه ٽي زالون به رهيون پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته سرڪاري طرح راڻي هڪ ئي رهي ٿي. هي ڪيلنتان جو سلطان محمد پنجون جنهن کي ملائيشيا جو بادشاهه ٿئي اڃان ٻه سال ٿيا هئا (يعني هن جي بادشاهت جي ٽرم ۾ اڃان ٽي سال هئا) اهو ته بنا زال جي هو. سندس 2004ع ۾ تينگڪو زينب سان شادي ٿي هئي. اولاد نه ٿيڻ تي (اهو ئي اسان ٻين جي واتان ٻڌو) يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري 2008ع ۾ هنن جي طلاق ٿي وئي- يعني هي بادشاهه سلامت گذريل ڏهن سالن کان بيچلر زندگي گذاري رهيو هو، تنهن جيڪڏهن ڪنهن ديسي يا ولائتي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ته ڪا وڏي ڳالهه ته نه ٿي. انڊونيشيا جو صدر احمد سڪارنو ٽن زالن هوندي جپان جي مئخاني ۾ Serve ڪندڙ 19 سالن جي جپاني ڇوڪري نائوڪو (رتنا ديوي) سان سرڪاري خرچ تي شادي ڪري سگهي ٿو.(ان وقت سڪارنو جي عمر 57 سال هئي) ته هي ملڪ جو بيچلر بادشاهه ڇو نه؟ ملائيشيا ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ ان تي هل هلاچو ڇا لاءِ؟ ايڏي Sensation ۽ ماڻهن جي Speculation ڇا لاءِ؟ منهنجي خيال ۾ ته ماڻهن هيءَ ڳالهه expect نٿي ڪئي، جي شادي جو خيال ۽ اعلان اڳواٽ ڏيکاريو وڃي ها ته پاڻ ڌام ڌوم سان هيءَ شادي نارمل طريقي سان ٿي وڃي ها ۽ ماڻهو خوشيون ملهائيندي آجيان ڪن ها پر منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ ماڻهو ان ڪري افواهه پکيڙيندا رهيا ۽ ڌُڪا هڻندا رهيا جو اها ڳالهه سڀني کان لڪائي وئي هئي. بادشاهه اوچتو اعلان ڪيو ته هو ٻن مهينن جي موڪل ڪري ٻاهر علاج لاءِ ٿو وڃي. دراصل اها ڳالهه به حيرت جهڙي آهي. اسانجي ملڪ ۾ ته ڪنهن کي صدر، وزيراعظم يا ٺلهو وزير ڪيو ته هو جي بستر تي پيل بيمار آهي ته به چاق چڱو ڀلو ٿيو وڃي. اسان وٽ ته کڙا تڙا به بيمار تڏهن ٿيندا آهن جڏهن ڪنهن ڏوهه ۾ هنن کي ڪورٽ طرفان جيل جي سزا ملندي آهي. بادشاهه جهڙي عهدي تان ته ڪو هڪ ڏينهن به موڪل نٿو ڪري.
بهرحال ملائيشيا جي هن بادشاهه محمد 5 جي کانئس 24 سال ننڍي روس جي سال 2015ع جي حسن جي راڻي (Beauty Queen) اوڪسانا، سڄو نالو (Oksana Andreyevna Voevodina) جي ماسڪو ۾ شاديءَ جون پهرين سوشل ميڊيا تي خبرون ۽ پوءِ تصويرون به اچڻ لڳيون ۽ سندس ملڪ ملائيشيا ۾ نه هيءَ خبر نه هوءَ خبر. سڄو ڪم ڌڪي بازيءَ تي هلي رهيو هو. بادشاهه سلامت جي آفيس يا خاندان جي ماڻهن کان پڇڻ تي به هنن لاعلميءَ جو اظهار ڪيو ٿي. ڪنهن به سرڪاري طرح ملڪ جي ملئي بادشاهه جي روس جي حسينا سان شاديءَ جي نه تصديق ڪئي ٿي ۽ نه ترديد! مون ان ڏينهن نيٽ تي ملئي اخبار پڙهي ته پهرين صفحي جي وڏي سرخي هئي ته: ”پريشان ٿي صحافي ملڪ جي 92 سالن جي وزيراعظم محمد مهاتير جو هڪ فنڪشن ۾ گهيراءُ ڪري پڇڻ آيا ته ان پويان حقيقت ڇا آهي؟“ وڌيڪ خبر پڙهڻ بنا ئي آئون سمجهي ويس ته مهاتير ڇا جواب ڏنو هوندو. اهو ئي ته ”مونکي خبر ناهي. جيسين مونکي بادشاهه سلامت کان آفيشل نياپو نٿو ملي آئون ڇا ٿو چئي سگهان.“ ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستانين کي اهو سمجهڻ کپي ته ملئي ماڻهو ٻئي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪمينٽ ڪرڻ کان گريز ڪن ٿا. نه فقط سياستدان پر عام ماڻهو به. ٻار کي ننڍي هوندي کان اها سُتي پياري وڃي ٿي ته ٻئي تي بهتان يا گلا ته ناهي ڪرڻي پر Commentبه ناهي ڪرڻي. منهنجي آفيس ۾ ٻه ملئي ڪلارڪ ڇوڪريون ڀيڻون هونديون هيون. هڪ ڪنهن ڏينهن نه ايندي هئي ته ٻيءَ کان پڇڻ تي هوءَ اها ئي ورندي ڏيندي هئي ته ”سايا تداڪ تاهو“ يعني مونکي خبر ناهي. ”انچڪ تانيا“ سر! توهان ئي پڇوس. سندن والد به اسان جي اداري ۾ ڪم ڪندو هو ان کان پڇڻ تي به هو اهو ئي جواب ڏيندو هو ته ”توهان فون ڪري پڇوس.“
ملئي ماڻهو پهرين ڏينهن ۾ آلا ٻالا لڳن ٿا پر پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته هو اسان کان سياڻا آهن. منجهن اجائي سجائي گلا جي عادت ناهي، اوطاقن ۽ گهرن ۾ ويهي ڪچهريون نٿا ڪن جن بعد اسان اڪثر جهيڙا ڪري اٿندا آهيون. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ملڪ جي وزيراعظم کي پنهنجي ملڪ جي بادشاهه جي خبر نه هجي! پر ملائيشيا ۾ اهو ئي بهتر سمجهيو وڃي ٿو ته هر ڪو پنهنجي پاڻ بابت ڳالهه ٻڌائي، پاڻ دفاع ڪري.
ههڙي واقعي تي ملائيشيا جي غير ملئي ماڻهن- يعني چيني ۽ انڊين رهاڪن کي، جيڪي ملئي ماڻهن جي عقل مندي ۽ ملڪ تي ڪنٽرول هجڻ ۾ خوش ناهن- انهن کي ملئي بادشاهه جي ملڪ کان ٻاهر رهڻ ۽ ويتر شادي ڪرڻ- سو به مسلمان ٿي روس جهڙي ملڪ مان هڪ ماڊل گرل ۽ بيوٽي ڪُئين سان، سٺو نه لڳو ۽ سوشل ميڊيا ذريعي منفي پروپئگنڊا ڪندا رهيا ۽ بعد ۾ بادشاهه جي موٽڻ ۽ شاديءَ جون خبرون ۽ فوٽو اچڻ تي به گلا ڪندا رهيا ۽ بادشاهه جي اعلان کان اڳ ئي هي افواهه پکيڙيندا رهيا ته بادشاهه استعيفا ٿو ڏئي ۽ هن کي ڏيڻ به کپي... وغيره.
اتفاق اهڙو جو ڪنهن جي چوڻ تي نه پر بادشاهه پنهنجي خيال سان ئي پنهنجي بادشاهت تان هٿ کڻي ڇڏيو جيتوڻيڪ ان ۾ بادشاهه تي ڪو بار نٿو پوي ته هو شادي نه ڪري. ملائيشيا جو هي بادشاهه سلطان محمد پنجون (ڄم جو نالو: تنگڪو محمد فارس پترا) ته بنا زال جي هو پر اهي جن کي ٻه ٻه زالون ۽ انيڪ ڪنيزائون آهن، اهي به پيا ٽي يا چوٿين شادي ڪن، سلينگور جي سلطان شرف الدين ادريس شاهه ٽي ويءَ جي هڪ خبرون پڙهندڙ (News Caster) نور عاشقين سان جو شادي ڪئي؟ انگلينڊ جي شاه ايڊورڊ ٻه دفعا طلاق ورتل هڪ عام عورت وئليس سمپس سان جو شادي ڪئي؟ ناروي جي بادشاهه هرالڊ پنجين جو هڪ ڪپڙي جي واپاريءَ جي ڌيءُ سونجا سان شادي ڪري هن کي راڻي بنايو؟ اسپين جي بادشاهه فيلپ (Felipe) ڇهين ٽي ويءَ جي هڪ طلاق واري جرنلسٽ سان شادي ڪئي!
منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي بادشاهه نه ڪو غير اخلاقي ۽ نه غير اسلامي ڪم ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس شادي جنهن سان ٿي- اوڪسانا سان، اها هڪ غير مسلم هئي ۽ اها ماڊل گرل هئي سو ظاهر آهي ته شاديءَ کان اڳ وارا فوٽو اهڙا ئي هوندا جيڪي ماڊل گرل ۽ سونهن جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ وارين ڇوڪرين جا ٿين ٿا. اهي فوٽو ڳولي سوشل ميڊيا تي ڏيڻ ماڻهن جي ناداني ئي چئي سگهجي ٿو. اوڪسانا شاديءَ کان 8 مهينا کن اڳ 16 اپريل تي اسلام قبول ڪيو هو ۽ هاڻ سندس نالو ريحانا (Rihana Oxana Gorbatenko) آهي. ريحانا 10 جولاءِ 1993ع تي ماسڪو ۾ ڄائي ۽ پاڻ اتي جي هڪ يونيورسٽي ”پليخانوو (Plekhanov) ايڪانامڪ يونيورسٽيءَ“ مان گرئجوئيشن ڪئي. ملائيشيا جي بادشاهه سلطان محمد پنجين سان سندس شادي ماسڪو جي هڪ پاش علائقي بارويخا ۾ 22 نومبر تي ٿي. ريحانا جو پيءُ ائنڊري گورباتينڪو ماسڪو جو هڪ مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن آهي. ريحانا جي ماءُ لاءِ به چيو وڃي ٿو ته 1990ع ۾ حسن جي مقابلي ۾ حصو ورتو هو پر کٽي نه سگهي هئي. شاديءَ تي صحافين ڪنوار جي پيءُ سرجن ائنڊريو کان اهو ضرور پڇيو هو ته توهان کي گهوٽ ڪيئن ٿو لڳي ۽ توهان سمجهو ٿا ته توهان جي ڌيءَ مسلمان ٿي صحيح ڪيو آهي؟ ان جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ سان بادشاهه جي پهريون دفعو ملاقات يورپ ۾ ٿي جتي هوءَ واچن جي وڪري جي سلسلي ۾ پروموشن ڪري رهي هئي. هن ٻڌايو ته منهنجا ڪيترا سڃاڻا آهن جيڪي مسلمان آهن ۽ آئون پاڻ به اسلام مان بيحد متاثر آهيان. جيستائين گهوٽ جي ڳالهه آهي ته هو بيحد سلجهيل، بااخلاق ۽ تعليم يافته آهي.
تعليم يافته هجڻ تي آئون به Comment ڪندس ۽ پهرين به ڪيترن هنڌن تي لکندو اچان ته ملائيشيا کڻي جهنگلن جو ملڪ آهي- بلڪه هو... هاڻ ته دنيا جي ماڊرن ملڪن مان ٿي پيو آهي، پر اهو آهي ته هتي جو عام ماڻهو توڙي بادشاهه يا سلطانن جا ٻار شروع کان تعليم جا خواهشمند رهيا آهن... منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي ترقيءَ ۾ خاص فئڪٽر به تعليم ئي آهي. هي بادشاهه محمد پنجون ته ڇا پر هن جو ڏاڏو سلطان يحيٰ پترا جيڪو ملائيشيا جو ڇهون بادشاهه هو ۽ سن 1917ع ۾ ڄائو هو ان به نه رڳو ملائيشيا جي انگريزي اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي پر ولايت مان به پڙهيو. هي هاڻ وارو بادشاهه ته هيڪاندو گهڻو تعليم يافته آهي. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ڪوٽا بارو جي سلطان اسماعيل اسڪول مان حاصل ڪئي. هتي هڪ دفعو وري ان ڳالهه جو اظهار پڻ ڪندس ته ملائيشيا ۾ اڄ به انگريزن جو رائج ڪيل اهو ئي تعليمي نظام هلي ٿو جيڪو اسان وٽ هو. يعني پرائمريءَ تعليم مادري ٻولي ملئيءَ ۾ ڏني وڃي ٿي. اهو به لکندو هلان ته ملئي بادشاهه يا سلطان هجن يا سياستدان- هو ننڍي هوندي پنهنجي مادري زبان پڙهن ٿا ۽ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان پڙهن ٿا. نتيجي ۾ ملائيشيا ۾ ڳوٺن جا اسڪول به اعليٰ درجي جا آهن ۽ هر شاهي خاندان جو ماڻهو، سياستدان، اسيمبليءَ جو ميمبر پنهنجي مادري ٻوليءَ کان واقف آهي. هو پنهنجي ٻوليءَ جي اخبار پڙهي ٿو، ڪتاب پڙهي ٿو. ملائيشيا جو ”ديوان بهاسا پستڪا“ ائين آهي جيئن اسان جو ”سنڌي ادبي بورڊ“. ان طرفان رسالو يا ڪتاب ڇپڻ ۾ ڪوتاهي ٿئي ٿي ته اسيمبليءَ جا ميمبر به دانهون ڪن ٿا. اسان وٽ ڇا آهي- ان تي ڇا ڪمينٽ ڪجي!
مادري زبان سان گڏ ملائيشيا ۾ انگريزي به گهڻي پڙهن ٿا. ان ڪري مهاتير وزيراعظم کان بادشاهه سلطانن تائين ڇا ته انگريزي ڳالهائين ٿا! اسان وٽ اسان جي وزيراعظمن کي اوباما سان ڳالهائڻ لاءِ پرچيون کڻي وڃڻو پوي ٿو. سلطان محمد 5 روسي ڇوڪري اوڪسانا (ريحانا) سان شادي ڪرڻ بعد هاڻ تاج و تخت جي پچر ڇڏي ڏني آهي. ان پنهنجي شهر ڪوٽا بارو مان پرائمري ۽ مڊل تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪوالالمپور جي ”الائيس سمٿ اسڪول“ مان وڌيڪ پڙهيو. ان بعد انگلينڊ جي اوڪهام اسڪول، رٽلنڊ مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد آڪسفورڊ جي سينٽ ڪراس ڪاليج ۽ آڪسفورڊ سينٽر فار اسلامڪ سٽڊيز مان 1991ع ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. ان کان علاوه هن ڪئناڊا جي هورون (Huron) يونيورسٽي، اونٽاريو ۽ برلن جرمنيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه هو لنڊن جي يورپين بزنيس اسڪول مان به پڙهيو. هو راندين جو به شوقين آهي.
سو روسي ڪنوار اوڪسانا (هاڻ ريحانا) جي سرجن پيءُ ائنڊري جي، روسي اخبار KP (ڪومسو مولسڪايا پراودا) کي، اها ڪمينٽ ڏيڻ ۾ حقيقت آهي ته:
“He is a wonderful person. Very intelligent and well-educated. I am very happy for my daughter Oksana.”
اوڪسانا جي پيءُ اهو به چيو ته هو گذريل ڏيڊ سال کان ملائيشيا جي بادشاهه کي سڃاڻي ٿو جيڪو بيحد اخلاق وارو آهي. ائين جي نه هجي ها ته هو ڪڏهن به پنهنجي ڌيءَ جي پسند تي ها نه ڪري ها.
بهرحال هن شاديءَ تي، بلڪه صحيح ڳالهه ته اها آهي ته هن استعيفا تي، سڄي ملائيشيا کي حيرت آهي ته ملائيشيا جي تاريخ ۾ هي پهريون دفعو آهي جو ڪو بادشاهه تخت ۽ تاج ڇڏي رهيو آهي جڏهن ته اڃان هن کي ٽي سال ٻيا به حڪومت جا رهيا ٿي.
هن بادشاهه لاءِ مشهور آهي ته هن جي پهرين زال ملڪ کان ٻاهر ڄائي ۽ هي پهريون سلطان هو جيڪو جڏهن بادشاهه ٿيو ته ان وقت بنا راڻي- يعني زال جي هو ۽ هي پهريون بادشاهه آهي جنهن حڪومت جي پنج سال مدي کان اڳ تخت و تاج ڇڏي ڏنو. تازين خبر موجب سلطان محمد پنجون بادشاهت سان گڏ ڪوالالمپور وارو بادشاهي محل ڇڏي پنهنجي رياستي محل ۾ رهڻ لاءِ ”ڪوٽا بارو“ روانو ٿي ويو آهي جيڪو سندس رياست ”ڪيلنتان“ جي گاديءَ جو شهر آهي. هو سڄي ملڪ جو هاڻ کڻي حاڪم نه رهيو آهي پر پنهنجي رياست جو ته مرڻ گهڙيءَ تائين رهندو. سلطان محمد پنجين جي بادشاهت ڇڏڻ تي ملڪ جي حاڪمن جي ڪانفرنس جيڪا ملئي ٻوليءَ ۾ ”مجلس راجا راجا“ سڏجي ٿي يعني Conference of Rulers سوچي رهي آهي ته هاڻ ڪهڙي رياست جي سلطان کي پنجن سالن لاءِ ملڪ جو بادشاهه (Yang di-pertuan Agong) ٺاهجي. ملئي ٻوليءَ ۾ بادشاهه کي ”ينگ دي پَرتُوان اگونگ“ ۽ سندس زال (راڻيءَ) کي ”راجا پرمئشوري اگونگ“ سڏجي ٿو. وزيراعظم کي ”پرڌان منتري“ ۽ ڊپٽي لاءِ ملئي لفظ تمبالان (Timbalan) آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ آهن. حاڪمن جي ڪانفرنس جنهن کي ملئي ٻوليءَ ۾ ”مجلس راجا راجا“ سڏجي ٿو ان ۾ ملائيشيا جي تيرهن ئي رياستن جا نمائندا ٿين ٿا. نَو رياستن جا سلطان باقي چئن رياستن جا گورنر، نئين بادشاهه جي چونڊ يا ڪنهن بادشاهه کي لاهڻو هوندو آهي ته فيصلو سلطانن جو ئي هوندو آهي. ان ڪري هن ڪانفرنس جو نالو ”راجائن جي مجلس“ رکيو ويو آهي. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملئي ٻوليءَ ۾ واحد مان جمع ٺاهڻ جو ڪو طريقو ناهي- جيئن اسان وٽ اک مان اکيون، گهوڙي مان گهوڙا، راڻيءَ مان راڻيون وغيره. ملئي ٻوليءَ ۾ جمع ٺاهڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته واحد کي ٻه دفعا ورجايو. جيئن Buku معنيٰ ”ڪتاب“ جو جمع ٿيو ”بُڪُو بُڪُو“. اهڙي طرح Raja معني ”حاڪم“ جو ٿيو ”راجا راجا“.