الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

گيلوتين تي ڌڙ ڌار ڪيو ويو

اڄڪلهه جي دور ۾ ته موت جي سزا ۾ ڦاهي ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ مڻڪي جي اهم نس ٽٽڻ سان موت اچي ٿو. پر گيلوتين جو نالو اڄڪلهه ٽي وي جي ٽاڪ شو ۾ حسن نثار (اسانجي ليکڪ، جرنلسٽ ۽ مفڪر) کان ضرور ٻڌبو آهي جيڪو ملڪ جي ڪرپٽ سياستدانن، ڪامورن ۽ ٻين ٺڳن- جن اسانجي ملڪ کي قرضي ۽ عوام کي بدحالي، بيروزگاري، بک ۽ بيماري ڏئي ڇڏي آهي، انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ جذبات ۾ اچي چوندو آهي (مون به گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا ٻڌو آهي) ته ”اسانکي اهڙي حاڪم جي ضرورت آهي جيڪو هنن ڪرپٽ ۽ چور ماڻهن کي ٽنگي- جن جو تعداد ايڏو ٿي ويو آهي جو گيلوتين جي ڪات کي ڏينهن رات ٽن شفٽن ۾ هلائڻو پوندو تڏهن ملڪ ۽ عوام جي انهن ظالمن مان جان ڇٽندي جن پاڻ کي ته امير بنائي ڇڏيو، اولادن لاءِ ولايتن ۾ محل ٺهرائي ڏنا آهن، باقي عوام کي بکيو اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي ...“ بهرحال اهو گيلوتين جنهن جي حسن نثار ڳالهه ٿو ڪري فرانس جي ايجاد هو ۽ اتي جي جوڊيشل execution جو اسٽئنڊرڊ طريقو هو جيڪو هاڻ اتي به استعمال نٿو ٿئي. 1981ع کان جڏهن يورپ ۾ موت (Capital Punishment) جي سزا تي بندش وڌي وئي تڏهن کان هر جيل مان گيلوتين اکوڙيا ويا. فرانس ۾ آخري ماڻهو جنهن جو گيلوتين ذريعي سر قلم ڪيو ويو اهو ”حميده جندوبي“ نالي هڪ ٽيونيشيا جو ورڪر هو جنهن 1968ع ۾ روزگار خاطر پنهنجي ملڪ کان لڏي فرانس جي مارسيليا (Marseille) شهر ۾ رهائش اچي اختيار ڪئي هئي. ڇهه سال رهڻ بعد هن اتي جي هڪ ٻاويهن سالن جي ايلزبيٿ نالي ڇوڪريءَ کي اغوا ڪيو جنهن سان بدفعلي ڪرڻ بعد هن کي اذيتون ڏئي ماري ڇڏيو. اهو ڪم هن ٻن ٻين ڇوڪرين جي موجودگيءَ ۾ ڪيو جيڪي ظاهر ٿي پيون. هي ڪيس فرانس جي ڪورٽن ۾ ڊگهو عرصو هليو جنهن بعد هن همراهه کي موت جي سزا اچي وئي. فرانس ۾ گيلوتين تي ڪات ذريعي سر ڪپڻ جو هي آخري واقعو 1977ع ڌاري جو آهي جنهن کي 40 کن سال ٿيندا. فرانس جي بادشاهه لوئي سورهين ۽ سندس راڻي مئريءَ کي سوا ٻه صديون اڳ 1793ع ۾ گيلوتين تي چاڙهيو ويو هو.
فرينچ انقلاب جون ڳالهيون پڙهجن ٿيون ته ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته ”لوئي سورهين“ جهڙي ماڻهوءَ کي بادشاهه ئي نه بڻائڻ کتو ٿي جنهن کي ملڪ جو انتظام ئي سنڀالڻ نٿي آيو ۽ سندس بئڊ گورننس ڪري عوام سورن ۾ اچي ويو. دراصل جمهوري سسٽم ۾ عوام کي جي ڏاهپ ۽ احساس آهي ته هو ايمانداريءَ سان ڪنهن قابل، محنتي، ڄاڻو ۽ نيڪ ماڻهوءَ کي ووٽ ڏئي پنهنجو حاڪم بنائين ٿا، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ترقي ڪري ٿو عوام خوشحال رهي ٿو- جن جا مثال يورپ جي ملڪن کان وٺي سنگاپور ملائيشيا تائين اسان جي اکين اڳيان آهن. بادشاهي راڄ ۾ پنهنجي چرئي کرئي اولاد کي به بادشاهه بڻايو وڃي ٿو. فرانس جي بادشاهه ”لوئي 15“ کي هڪ پٽ هو جيڪو 35 سالن جي ڄمار ۾ ٽي بي وگهي 1765ع ۾ مري ويو. انهن ڏينهن ۾ ٽي بي جهڙين عام بيمارين جا به علاج نه هئا ۽ يورپ پاسي جا بادشاهه اڪثر ٽي بي ۾ ۽ اسان پاسي جا مليريا ۾ مري ويندا هئا. بادشاهه سلامت لوئي پنڌرهين 1774ع ۾ وفات ڪئي ته هن جي ويهه سالن جي پوٽي لوئي سورهين کي تخت تي وهاريو ويو.هن جي شادي ته وليعهد ٿيڻ جي اعلان تي 1770ع ۾ (جڏهن هو اڃان پنڌرهن سالن جو هو ته) کانئس هڪ سال ننڍي مئريءَ نالي ڪنوار سان ڪرائي وئي هئي. مئري آسٽريا جي حاڪم راڻيءَ جي ڌي هئي. انهن ڏينهن ۾ بادشاهي راڄ ۾ شاهي خاندان کي هر وقت اهو فڪر هوندو هو ته بادشاهه سلامت کي پٽ ٻار ٿئي جيڪو تخت ڌڻي ٿئي. اهو نه سوچيو ويو ٿي ته ويهه سالن جو ٻار ڇا ملڪ کي هلائيندو ۽ هو ان منصب لاءِ تربيت يافته به آهي يا نه. ويتر هن جي شادي ڪرائي اهو به پريشر وڌو ويو ته جلدي ڪري پٽ ٻار ڄڻ جيئن فرانس جي تخت جو وليعهد پيدا ٿئي. پر افسوس جو بادشاهه سلامت کان حڪومت ته ڇا- يعني عوام جا فرض پورا ڪرڻ کي ته هڻو کڏ ۾ هن کان ازدواجي حق به پورا نٿي ٿيا. ست سال ٿي ويا پٽ ٻار ته ڇا ڌيءَ به نه ڄائي... ٺلهي ڪُُهائي (miscarriage) به نه ٿي. لڳو ٿي ته راڻي صاحبه ائين ئي ڪنواري مري ويندي. شاهي خاندان جا ماڻهو ائين ئي اڳڙيون وجهندا رهيا ته شادي کان اڳ گهوٽ ڪنوار جي دوستي يا ڄاڻ سڃاڻ نه رهي ان ڪري هو شادي رات کان هم بستري واري معاملي ۾ نفسياتي طرح ڊسٽرب رهي ٿو پر عوام نه رڳو افواهه پکيڙيندي رهي پر لڪ چوريءَ وڏا پوسٽر ٺاهي يا ڀتين تي مختلف سلوگن لکندي رهي، جيئن ته “Can The King do it” يا وري ”بادشاهه کان ڪجهه ٿي به سگهندو؟“ مطلب ته عوام بک ٿي مئي سو هن جون بادشاهه ۽ هن جي راڻيءَ تي سخت باهيون هيون سو مختلف قسم جي گارين ۽ بي عزتين وارا پئمفليٽ ڇپي، جنهن جو ايتري قدر مفهوم هو ته ”قدم وڌاءِ بادشاهه صاحب، اسان توسان گڏ آهيون“، اندر جي باهه ٿي ڪڍي.
سوچيان ٿو ته فرينچ بادشاهت جنهن جو نه فقط خاتمو هن بادشاهه لوئي سورهين تي ٿيو پر هن آخري بادشاهه کي ذليل ڪري ماريو ويو. فرانس جي بادشاهت هڪ هزار سالن کان هلندي پئي آئي جڏهن هگ ڪيپت 987ع ۾ ڪيپيشان گهراڻي (Capetian Dynasty) جو بنياد رکيو ۽ پاڻ ان جو پهريون حاڪم ٿيو. اڳتي هلي هن گهراڻي جي ئي هڪ برانچ والواها (Valois) جا بادشاهه فرانس تي راڄ ڪندا رهيا ان بعد هن ئي گهراڻي جي هڪ ٻي برانچ ”بوربن“ خاندان جي بادشاهن راڄ شروع ڪيو جنهن جو لوئي سورهون آخري بادشاهه ٿيو. يعني ڏٺو وڃي ته فرانس جي هيءَ سلطنت نه فقط يورپ ۾ پر دنيا ۾ ڊگهي ۾ ڊگهي رهي جنهن جي ending ڪهڙي ته بيدرديءَ سان ٿي.
انسان کي اڳ جي خبر نٿي پوي نه ته ”لوئي سورهين“ جي ماءُ ته اهو ئي چاهي ها ته ههڙي بادشاهيءَ کان ته هن کي پئرس جي ڪنهن ڪنڊ ۾ بنگلو ۽ ٻه گاڏيون وٺي ڏجن ها ۽ پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيو وڃي ها ته وڻنئي ته شادي ڪر وڻنئي ته وڃي مندر وساءِ ته نه هن لاءِ اهڙا ڏکيا ڏينهن اچن ها ۽ نه عوام کي بک ۽ بيروزگاري نصيب ٿئي ها. لوئي سورهين جي ڳالهين، بلڪه ڪمن مان لڳي ٿو ته هن جي شاديءَ ۾ دلچسپي نه هئي پر ملڪ جو اڳتي لاءِ وليعهد پيدا ڪرڻ يعني سلطنت کي وڌائڻ لاءِ هن جي شادي ڪئي وئي ۽ پوءِ هن تي پٽ ٻار ڄڻڻ لاءِ زور ڀريو ويو. ڪهاڻي مشهور آهي ته هڪ کدڙو ڪنهن درويش وٽ ويو تنهن کانئس سئو رپيا نذرانو وٺي چيس: ”وڃ توکي ڄاڻ ته پٽ ڄائو.“
کدڙي شڪي ٿيندي چيس: ”سائين دعا ڏيو ٿا پر دل نٿي مڃي.“ بهرحال بادشاهه ٻار نه ٿيڻ ۽ ذهن تي بار پيدا ٿيڻ جون ڪسرون ۽ ڇتائيون عوام مان ڪڍڻ لڳو. بادشاهه جي ويڄن طبيبن آخر اها راءِ ڏني ته بادشاهه جي انجڻ اسٽارٽ نه ٿيڻ جي خرابي فيموزس (Phimosis) بيماري ڪري آهي جنهن جو آخري علاج طُهر آهي. خبر ناهي بادشاهه طهر لاءِ راضي ٿيو يا نه، ڪجهه سالن کان پوءِ راڻي ماريا کي ٻار ۽ ڪُهائيون شروع ٿي ويون. اڄ جا ماڊرن تاريخدان اهو ٿا چون ته بادشاهه سلامت طُهر نه ڪرايو ۽ هن جو Opinion مٿين کدڙي وارو ئي رهيو.
بهرحال ٻار ٿيڻ تي به عوام خوش نه هو. اڄ به جنهن هن انقلاب جو مطالعو ڪيو هوندو، اُهو اِهو ئي چوندو ته بادشاهه کي هڪ طرف سندس مائٽن تخت ڏئي منجهايو ته ٻئي طرف سندس زال راڻي مئريءَ کيس مارايو جنهن جي بي جا خرچن فرانس کي ڪنگلو بڻائي ڇڏيو. راڻي مئريءَ پنهنجن ويس وڳن، هار سينگار ۽ ڳهه ڳٺي پٺيان ٻنهي هٿن سان ملڪ جو خزانو لٽايو ٿي. ان کان علاوه هن کي جوا جي به پِٽ هئي جنهن ۾ هن هر وقت هارايو ٿي. عوام کي ان ڪري اها ڏٺي نٿي وڻي ۽ ان ڪري بادشاهه سان به نفرت ڪئي ٿي. نفرت جي اها حد هئي جو جڏهن گيلوتين تي بادشاهه جو سر قلم ڪيو ويو ته ان کان اڳ رسي سان سندس هٿ ٻڌڻ کان انڪار ڪرڻ تي گارڊن تڪلف طور بادشاهه جا هٿ رومال سان ٻڌا. ساڳي وقت سپاهين راڻي مئري جي ساڳي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو پر هن جا هٿ رسي سان اهڙو ته ڇڪي ٻڌا جو هن کان رڙ نڪري وئي. گارڊن ان جي ذرو به پرواهه نه ڪئي. سر ڪپڻ کان اڳ راڻيءَ کي جيل جا ڪپڙا پائڻا هئا جيڪي پڻ هن کي گارڊن اڳيان بدلائڻا پيا. هن راڻيءَ لاءِ سندس ڪردار بابت انگريزيءَ جا ٻه لفظ عام طور ۽ سڀ کان گهڻو استعمال ٿين ٿا. اهي آهن: Profligate يعني خرچائو ۽ ٻيو لفظ آهي Promiscuous جنهن جي معنيٰ آهي ڌارين ماڻهن سان همبستري. مئريءَ جا ڌارين مردن سان معاشقا جڳ جهان ۾ مشهور رهيا. بقول هڪ فرينچ ليکڪ جي چڱو جو فرانس جي بادشاهت جو خاتمو ٿيو نه ته لوئي سورهين جي مرڻ بعد سندس ٻارن مان ڪنهن کي بادشاهه ڪرڻ تي وڏا اعتراض اٿن ها ته هي هن جو واقعي پٽ آهي يا راڻي صاحبه کي ڪنهن يار مان ٿيو.