الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

مشرقي ماڻهو تخت تان محبت قربان ڪندا آهن

هڪ ڏينهن نيٺ شهنشاهه محمد رضا پهلويءَ پنهنجي زال ثريا سان، پنهنجي مجبوري بيان ڪئي ته جيئن ته هوءَ کيس وارث پئدا ڪري ڏيڻ ۾ ڪامياب نه وئي آهي ان ڪري هو کيس طلاق ڏئي ڪنهن ٻيءَ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. ثريا کي ڏاڍو صدمو رسيو. هن شهنشاهه کي گهڻو ئي سمجهايو ته توکي پهرين زال فوزيا مان شهناز ڌيءَ آهي. تون ملڪ جي آئين ۾ تبديلي کڻي آڻ ته پٽ نه هجڻ تي ڌيءَ تخت و تاج جي مالڪڻ ٿي سگهي ٿي. مونکي اجايو طلاق نه ڏي.
بگڙيل حالتون ڏسي هوءَ تهران ڇڏي پنهنجي ماءُ وٽ جرمني هلي وئي جتي جي شهر ڪولون (Cologne) ۾ ثريا جا ناناڻا رهيا ٿي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته نه فقط ثريا پنهنجي مڙس کي چاهيو ٿي پر شهنشاهه ايران جو به ساڻس سچو پيار هو. ثريا يورپ ۾ رهي مغرب جي ڪيترن بادشاهن، راڻين جا قصا پڙهيا هئا جن پيار خاطر پنهنجا تخت به قربان ڪري ڇڏيا. هُن اها ئي اميد شهنشاهه ايران مان رکي ٿي. اهو سچ هوندي به ته ايران جي شهنشاهه جو ثريا سان سچو پيار رهندو آيو پي، هن کي تخت جو وارث حاصل ڪرڻ جو فڪر وڌيڪ ٿيو ۽ هن ثريا کي طلاق موڪلي ڏني. ثريا کي ان حد تائين خدشو نه هو. هن نه رڳو پاڻ شاهه کي دل و جان سان چاهيو ٿي پر هن کي ان ڳالهه جو به احساس هو ته شاهه پاڻ به هن کي چاهي ٿو. ايتري قدر جو هن کي اهو ئي لڳو ٿي ته هن بنا شاهه جو ڪيئن گذر ٿي سگهندو. ثريا کي پڪ هئي ته شاهه ۽ سندس وچ ۾ تخت و تاج هرگز وچڙي نٿو سگهي. هن ويجهڙائيءَ ۾ ايڊورڊ اٺين (ڊيوڪ آف ونڊسر) جو ٻڌو هو، جنهن پنهنجي زال خاطر انگلينڊ جو تخت ڇڏي ڏنو هو. ثريا پنجن سالن جي هئي ته انگلينڊ جي اڄ جي راڻي ايلزبيٿ دوم جي ڏاڏي جارج پنجين جيڪو انگلينڊ جو بادشاهه (King) ۽ ان وقت جي سڄي انڊيا جو شهنشاهه (Emperor) هو 1936ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان جو وڏو پٽ (راڻي ايلزبيٿ جو چاچو) ائڊورڊ اٺون تخت تي ويٺو. هن جو عشق هڪ اهڙي مائي (وئلس سمپسن) سان هلي رهيو هو جنهن کي سندس پهرين مڙس طلاق ڏئي ڇڏي هئي ۽ ٻئي مڙس کان هوءَ پاڻ طلاق وٺي رهي هئي جيڪو ڪيس ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو. انگلينڊ جي قانون موجب ملڪ جي وزيراعظم ۽ ڪابينه جي وزيرن، مشيرن بادشاهه سلامت کي سمجهايو ته آئين مطابق هو اهڙي عورت سان شادي نٿو ڪري سگهي جنهن ڪنهن ٻئي سان شادي ڪئي هجي ۽ اهو مڙس اڃان زندهه هجي. هتي ته هڪ نه شد دو شد ۽ ٻئي مڙس جيئرا آهن. ايڊورڊ اٺون جيڪو اڃان هاڻ تخت تي ويٺو هو ۽ اڃان سال به نه ٿيو هوس تنهن وئلس خاطر پنهنجو تخت ڇڏي ڏنو ۽ ان جو ننڍو ڀاءُ جارج ڇهون (اڄ واري راڻي ايلزبيٿ جو پيءُ) ان ئي سال، يعني 1936ع ۾ تخت تي ويٺو. جارج ڇهين کي ٻه ڌيئون: ايلزبيٿ دوم ۽ مارگريٽ هيون. 1952ع ۾ جارج ڇهين جي وفات تي سندس وڏي ڌيءَ ايلزبيٿ دوم (ٻي) انگلينڊ جي تخت تي ويٺي. شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته کيس ايلزبيٿ دوم ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو ان جي والده يعني جارج ڇهين جي زال جو نالو به ايلزبيٿ سڄو نالو (Elizbethe I. Bowes Lyon) هو. راڻي ايلزبيٿ کي تخت تي ويٺي هي ڇاهٺون سال پيو هلي. ٿائيلنڊ جي بادشاهه ڦوميڦون ادونياديت (Bhumibol Adunyadet) جي ستر سال بادشاهي ڪرڻ بعد 2016ع ۾ وفات بعد هاڻ هيءَ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ کي وڏي عرصي کان راڻي ٿيڻ جو اعزاز آهي. ايڊورڊ اٺين عشق ۾ پنهنجو تخت و تاج قربان ڪري ڇڏيو نه ته هو نه فقط انگلينڊ جو پر انڊيا، آسٽريليا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ ۽ ٻين ملڪن جو، جن تي برطانيا وارن جو راڄ هو، انهن سڀني جو حاڪم ٿي رهي ها ۽ اڄ سندس ڀائٽي راڻي ايلزبيٿ بدران سندس پٽ يا پوٽو حاڪم هجي ها. ايران جي راڻي (شهنشاهه ايران جي زال) ثريا کي به اهو خيال هو ته پيار وڏي شيءِ آهي جنهن ۾ ايڊورڊ اٺين ڊيوڪ آف ونڊسر هڪ طلاق شده عورت لاءِ جيڪا عمر ۾ به ڪا خاص گهڻو ننڍي نه هئي (1937 ۾ شاديءَ وقت انگلينڊ ۽ انڊيا جي شهنشاهه ايڊورڊ اٺين جي عمر 43 سال هئي ۽ سندس محبوبا وئلس جي 41 سال هئي)، هيترن سارن ملڪن جي شهنشاهيت قربان ڪري ڇڏي، اتي ثريا جو مڙس ته فقط هڪ ملڪ ايران جو بادشاهه آهي ۽ وئلس جي مقابلي ۾ ته هو نه فقط سهڻي آهي پر ننڍي عمر جي پڻ. ياد رهي ته شهنشاهه ايران جي سال 1951ع ۾ ثريا سان شادي ڪرڻ وقت عمر 32 سال هئي ۽ ثريا جي فقط 19 سال هئي! پر ثريا جي اها سوچ غلط ثابت ٿي ۽ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ان احساس جو اظهار هن ريت ڪري ٿي ته:
“Edward VIII, the Duke of Windsor who sacrified his throne for love can not be compared with Shahanshah Iran. Muhammad Raza was fundamentally an Oriental. “Orientals” sacrifice love for their thrones…”
انگلينڊ جي بادشاهه ايڊورڊ اٺين (ڊيوڪ آف ونڊسر) جنهن عشق تان پنهنجو تخت قربان ڪري ڇڏيو، ان کي ايران جي شهنشاهه سان ڀيٽي نٿو سگهجي. محمد رضا پهلوي (شهنشاهه ايران) کڻي يورپ مان پڙهيو يا زندگيءَ جو وڏو عرصو اتي گذاريو، پر بنيادي طرح هو مشرقي هو ۽ مشرق جا ماڻهو تخت خاطر پنهنجو پيار قربان ڪن ٿا...“
ثريا پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي ته ”مون پنهنجين خوشين جي قرباني ڏئي طلاق قبول ڪئي آهي.“ طلاق جي اعلان بعد ثريا پريس وارن کي اهو ئي چيو ته هن جي مڙس لاءِ اهائي هڪ Choice بچي هئي. تخت جو وارث پئدا ڪرڻ لاءِ هن کي طلاق ڏيڻي پئي جيئن هو ٻي شادي ڪري سگهي.
ايران ۾ ان وقت جيڪو برطانيا جو سفير رهيل هو اُن اِن واقعي بابت رپورٽ لکي ته:
“Soraya was the Shah’s only true love And Shah was a man at an emotional cross-roads, who was happy to be able to marry again while unable to bring himself to face it that he had just divorced Soraya…”