الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

پنجاب جي شهر اُچ شريف جو بنياد سڪندر رکيو

سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ صحيح قسم جو بين الاقوامي ماحول هوندو هو، جتي مختلف کنڊن جي 105 ملڪن جا جهازران آفيسر هئاسين. صبح جو يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر اٽينڊ ڪندا هئاسين، شام جو هاسٽل ۾ ڪچهري ۽ بحث مباحثا هلندا هئا. هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ جي ميس ۾، مصر جي ڪلاس ميٽ ڪئپٽن حنفيءَ منهنجي ڀرسان ماني کائي اٿڻ واري يوناني جهازران جي سيٽ تي ويهي مون کي هن يونانيءَ بابت ڪن ۾ سڻڪو هنيو ته ”اِهو پاڻ کي اڄ به سپيرئر يورپي ٿو سمجهي. مصر تي يونانين 300 سال ڇا حڪومت ڪئي ڄڻ هي پاڻ بادشاهه هو. هڪ ڏينهن مونکي ٿو چوي ’توهان جي ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو شهر سڪندريا خبر اٿئي ڪنهن ٺهرايو هو؟‘ مونکي باهه وٺي وئي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ منهنجي ساڻس ڳالهائڻ تي دل ئي نٿي چوي.“
مونکان کل نڪري وئي ۽ مون ڪئپٽن حنفي جهڙي حساس انسان کي سمجهايو ته ”اها تنهنجي غلط سوچ آهي. هن يوناني درويش جي ڳالهه دل ۾ نه ڪندو ڪر. کيس تاريخ پڙهڻ جو شوق آهي ان ڪري هو هر وقت تاريخي ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڌُن ۾ مگن رهي ٿو. مونکان به ڪڏهن موهن جي دڙي جو پيو پڇندو آهي ته ڪڏهن ٻڌ ڌرم بابت.“
منهنجي ڳالهه تي اسانجو مصري دوست مطمئن ٿي ويو ۽ ٻين خبرن ۾ لڳي ويو، پر ان رات آئون اهو سوچڻ لڳس ته هي يوناني جيڪڏهن ان ڳالهه تي فخر به ڪري ٿو ته سندس وڏن سڪندراعظم، بطليموس وغيره ڌارئين ڏيهن ۾ جنگيون ڪري نه فقط اهي ملڪ فتح ڪيا پر انهن تي صديون حڪومت به ڪئي ته اها ته واقعي هنن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ۽ ٽيڙي ڪرڻ کپي. ويتر ”سڪندريا“ جهڙي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائڻ وقت يوناني جهازرانن جو ڳاٽ اڀو ٿيندو هوندو ته هي شهر سندن يونان جي ماڻهوءَ اڏرايو.
ان رات آئون ڪافي دير تائين سوچيندو رهيس. سوچڻ يا خواب ڏسڻ کان ته ڪنهن کي منع ناهي. آئون اهو سوچيندو رهيس ته اسان جا حاڪم به انسان هئا ته سڪندر اعظم جهڙا بادشاهه به انسان هئا. جڏهن سڪندر اعظم يونان کان اچي ايران ۽ مصر فتح ڪري سگهيو، ويندي اسان جي مسلمان ترڪ حاڪمن رومانيا، بلغاريا، البانيا وغيره ۽ عرب حاڪمن هزارين ميل ڏور اندلس، اسپين، پورچوگال فتح ڪري ڇهه ڇهه ست ست صديون حڪومت ڪئي اتي ڪاش اسان جو به ڪو سنڌي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙو، ميان سرفراز ڪلهوڙو يا مير فتح علي يا مير سهراب يا مير صوبدار سنڌ مان نظاماڻين، باگراڻين، مري، جمالين، چانگن، گوپانگن، رندن، لاشارين جو لشڪر وٺي يونان، پولينڊ يا بيلجم تي حملو ڪري ان ملڪ تي سئو ٻه سئو سال پاڻ ويهي حڪومت ڪن ها يا پنهنجو ڪو کٽياڻ يا خاصخيلي جنرل ڇڏي وڃن ها جيئن سڪندر ته هليو ويو پٺيان سندس جنرل بطليموس ۽ ان جي اولاد مصر تي ٽي سئو سال حڪومت ڪئي. ائين جي ٿئي ها ته ظاهر آهي اڄ مون جهڙو سنڌي يونان، پولينڊ يا بيلجيم ۾ رهڻ دوران دل ۾ کڳيون هڻي ها ته اسان جي ماڻهن هن ملڪ تي حڪومت ڪئي ۽ جي اٿينس، ائنٽورپ يا گڊانسڪ شهر جو نالو مير ٺرا خان يا غلام شاهه ڪلهوڙو هجي ها ۽ خبر پوي ها ته هي شهر اسانجي سنڌ جي حاڪم ٻڌرايو ته ڇا ته خوشي ٿئي ها. توڙي کڻي هتي جا مقامي يوناني، بيلجق يا پولش ماڻهو چون ها ته توهان جي ملڪ جي بادشاهه يا ان جي سپاهين هتي ظلم ڪيا ته اسان ٻاهرين دل سان هنن جو پاسو کڻي به دل ۾ گدگد ٿيون ها ته ڇا ته اسان جا حاڪم دلير ۽ عقلمند هئا. هنن ڪيئن ته پلاننگ ڪئي ۽ هٿيار گڏ ڪري ٻيڙين رستي ڀؤنچ سمنڊ اُڪري يونان، پولينڊ يا بيلجيم تي حملو ڪيو. جيئن اسين بابر، سلطان غزنوي يا نادر شاهه لاءِ چئون ٿا ته اهي ظالم هئا جن اسان وٽ لٽ ڪئي پر ايران ۽ ازبڪستان جا ماڻهو ته خوش ٿين ٿا جو اهي انهن جي وطن جا ماڻهو هئا. ايتريقدر جو اهڙن حاڪمن جي ياد ۾ هو اڄ به پوسٽ جون ٽڪليون جاري ڪن ٿا يا مجسما ٺاهين ٿا. اهڙي طرح عرب طارق بن زيد جي تعريف ڪن ٿا جيڪو سمنڊ ٽپي، ٻيڙيون ساڙي اڄ وارو جبرالٽر اندلس وغيره هٿ ڪيو. محمد بن قاسم هيڏو پنڌ هلي اچي سنڌ فتح ڪئي.
سو يارو اهڙن موقعن تي ٽي ٽڪا ڏک رهجي ويندو آهي ته پرو چانڊئي، محب شيديءَ، بقادار شاهه، جانو آرائين ۽ خانو جکراڻيءَ جهڙن So Called پاڻ کي پهلوان سڏائڻ وارن ڌاڙيلن پنهنجي ئي قوم جي غريب ۽ ڪمزور ماڻهن کي ته اغوا ڪري پنهنجي بهادريءَ جي واهه واهه ڪرائي ٿي، پر هو سري لنڪا يا مالديپ جهڙي ملڪ کي به فتح نه ڪري سگهيا. اهو به سوچيندو آهيان ته سنڌ تي ته انگريزن دير سان حملو ڪيو ان کان اڳ ٿائلينڊ جي حاڪمن وانگر اسان جا حاڪم به سنڌ ۾ اسڪول، اسپتالون، ريلوي سسٽم شروع ڪري ڇڏين ها ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ ان وقت جي ماڊرن هٿيارن سان هڪ مضبوط فوج ٺاهي رکن ها. سئيڊن جي بادشاهه وانگر انگريزن سان ڊپلومئسي هلائي پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي انگلينڊ مان ڊاڪٽري پڙهائي وٺن ها. اهي ڊاڪٽر علم حاصل ڪري نه فقط سنڌي عوام لاءِ پر اسانجي حاڪمن جي خاندانن جي به خدمت ڪن ها. مير ڪرم علي جو ننڍو ڀاءُ مير مراد علي بيمار ٿي پيو ته ان جي علاج لاءِ مير ڪرم علي ممبئي جي گورنر کي خط لکيو ته سائين، مهرباني ڪري ڪو قابل ڊاڪٽر موڪليو. انگريز ته اهڙن موقعن جي تاڙ ۾ رهيا ٿي. هنن ڊاڪٽر جيمس برنس کي موڪليو جنهن مير مراد عليءَ جو علاج ڪري وڏا انعام اڪرام ته حاصل ڪيا پر سنڌ بابت ڪيل جاسوسيءَ جو سڄو احوال A Visit to the Court of Sinde نالي ڪتاب ۾ لکيو. اها 1827ع جي ڳالهه آهي.
هڪ ڏينهن ليڪچر روم ۾ مٿيون يوناني ڪئپٽن جيئن ئي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو ته مون کلندي چيومانس ”يار! ڳالهه ته ٻڌ! تنهنجي ”صاحب“ مصر ۾ ته پنهنجي نالي تي ”اليگزينڊريا“ شهر اڏرايو. هو ته اسان جي سنڌو نديءَ تائين به آيو هو. اتي به اتي جي حاڪم راجا پورس کان جنگ کٽيائين. اتي به کڻي هيداسپس يا ڪنهن ٻي نديءَ جي ڪناري تي ”سڪندريا“ جهڙو نه ته ڪو ان کان ننڍو شهر جوڙائي ها؟“
دراصل مختلف ملڪن ۾ ٻين ملڪن جي ماڻهن يا شين جي نالن ۾ فرق رهي ٿو. جيئن گريس ملڪ کي اسان يونان سڏيون ٿا، سائپرس کي قبرص يا انگريز نيل نديءَ کي نائيل سڏين ٿا، عراق جي دجله نديءَ کي ٽگرس سڏين ٿا اهڙي طرح يوناني جهلم نديءَ کي هيداسپس (Hydaspes) سڏين ٿا. هنن کي اسان جي جاگرافي توڙي تاريخ جي چڱي طرح ڄاڻ هئي پر اسان جي ڪيترين شين جا نالا هنن وٽ يوناني ٻوليءَ جي حساب سان مختلف نموني سان اچاريا ويا ٿي ۽ اڄ به ڪيترا ائين ئي اچاريا وڃن ٿا. جيئن جهلم نديءَ وٽ جيڪا پورس ۽ سڪندر اعظم جي لڙائي لڳي ان کي اسان سنڌي يا اڙدو ۾ ته کڻي ”جنگ جهلم“ ٿا سڏيون پر يوناني ۽ سندس پاڙي وارا يورپي Battle Hydaspes ٿا سڏين. اهڙي طرح يوناني چناب نديءَ کي (Acesines) ٿا سڏين ۽ بياس نديءَ کي (Hyphasis) ٿا سڏين. جيئن اسان هنن جي فلاسفر Aristotle کي ارسطو ۽ Socrates کي سقراط ۽ Plato کي افلاطون ٿا سڏيون.
بهرحال اسان جي يوناني جهازي دوست جنهن کي تاريخ سان تمام گهڻي دلچسپي آهي تنهن منهنجي پڇڻ تي، بلڪه سندن شهنشاهه سڪندر اعظم جي شڪايت ڪرڻ تي، مون ڏي ساڄي هٿ جون آڱريون ڪندي جهازرانن واري اسٽائيل ۾ چيو: ”چيف! اها به ڪا ڳالهه ! سوال ئي نٿو پئدا ٿئي ته هن توهان جي پاسي ڪو شهر نه اڏرايو هجي.“
”ڪيئن ٿو چوين؟“ مون پڇيو مانس.
”هن ٻيو ڪم ئي ڪهڙو ڪيو؟“ ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيو، ”لڳي ٿو ته هن جي ماستر صاحب (ارسطوءَ) هن کان قسم ورتو هو ته جتي به سوڀ حاصل ڪرين اتي شهر ٻڌرائجان.“
”پوءِ سنڌ ۾ ته ڪو ’سڪندريا‘ شهر آهي ڪونه؟“ مون چيو.
”چيف! يو گِو مِي ٽو ڊيز. تون مونکي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏي.“
”ٻن جي ڇا هفتي جي مهلت اٿئي“ مون چيومانس.
”سڪندر اعظم خبر اٿانوَ ته توهانجي علائقي ۾ يعني ايشيا ۾، مختلف هنڌن تي ويهن کان مٿي شهر اڏرايا يا انهن جا پراڻا نالا بدلائي پنهنجي نالي ڪيا. پر مونکي فون ڪري پنهنجي تاريخ جي پروفيسر کان پڇڻ ڏي. هو ئي صحيح نالو ٻڌائي سگهندو.“ هن چيو.
مونکي ته ان ئي ڏينهن ڳالهه وسري وئي جو ويڪ اينڊ هو- يعني جمعي جو ڏينهن هو. ڇنڇر آچر يونيورسٽي کان موڪل هئي. سومر ڏينهن اسانجي گروپ جي, جن جو سبجيڪٽ ”مئرين ائڊمنسٽريشن“ هو، ڪوپن هيگن ۾ فيلڊ ٽرپ هئي جتان ٽن ڏينهن بعد موٽياسين ته هن گريڪ (يوناني) ڪئپٽن مونکي هڪ پرچي ڏني. هاسٽل پهچي ڪپڙا بدلايم ته کيسي مان اها پرچي به نڪتي جنهن تي انگريزي الفابيٽ ۾ Deogarh (Uchh) لکيل هو. اونڌو ابتو ڪري پڙهيم پر سمجهه ۾ نه آيو. منهنجي هاسٽل ۾ رهندڙ ڪنهن پورچوگالي، ميڪسيڪن، ڪوسٽاريڪن شاگرد يا شاگردياڻيءَ جو نالو هو جنهن سان ايندڙ سيمسٽر جي امتحانن جي سلسلي ۾ ملڻو هو يا ڪا ٻي ڳالهه هئي. نه ڪمري جو نمبر نه ملڪ جو نالو. رات جو ڊنر تي ٻڌائين ته اهو سنڌ ۾ شهر آهي جيڪو اسان جي جرنيل بهادر “Alexandria on the Indus” جي نالي سان 326 ق-م ۾ ٺهرايو هو.
انهن ڏينهن ۾ انٽرنيٽ يا گوگل جهڙيون شيون ته هيون ڪونه. اسان جي يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ ۾ فقط جهازراني ۽ جهاز سازيءَ متعلق ڪتاب هئا ۽ اسان کان اڳ آيل شاگردن جون ٽائيپ شده ٿيسزون. مالمو شهر جتي اسان جي يونيورسٽي هئي اتي هڪ وڏي سينٽرل لئبرري (بئبلوٽيڪ) هئي جتي پاڪستان مان جنگ، ڊان ۽ ڪجهه اڙدو ڊائجيسٽ به آيا ٿي. مون هن لئبرري مان هڪ ٻه تاريخ جا ڪتاب وٺي پڙهيا ته انهن مان اسان جي يوناني ڪئپٽن جي ڳالهه صحيح نڪتي ته سڪندر اعظم سنڌ ۾ سڪندريا جي نالي سان پنجند وٽ، جتي چناب ۽ انڊس نديون ملن ٿيون، هڪ شهر اڏرايو جيڪو پوءِ دهلي جي سلطنت- يعني مملوڪ، خلجي، تغلق، سيد ۽ لوڌي گهراڻن جي ڪنٽرول ۾ رهيو. هن شهر تي ”اچ“ نالو پوڻ کان اڳ هن جو ”ديوڳڙهه“ به نالو رهيو.
بهرحال ان وقت ته پڙهائي جي چڪر ۾ ڪيتريون ڳالهيون سمجهه ۾ نه پئي آيون ويندي مونکي اهو به غلط ٿي لڳو ته انگريز تاريخدانن اُچ شهر لاءِ لکيو آهي ته سنڌ ۾ آهي! پر پوءِ بعد ۾ وقت سان گڏ ڪيترين ڳالهين جي خبر پئي ته ان زماني ۾ اهو علائقو جتي اَچ آهي يا جتي پورس ۽ سڪندر اعظم جو مهاڏو ٿيو سنڌ ۾ اچي ويو ٿي. ويندي ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ يعني 1701ع کان 1783ع ۾ به ”ڏکڻ پنجاب“ جو وڏو حصو سنڌ ۾ آيو ٿي. اچ ۽ بهاولپور ته ڇا سنڌ جون سرحدون ملتان ۽ ديره غازي خان تائين پهتيون ٿي.
هتي اها به دلچسپ ڳالهه لکندو هلان ته شڪارپور جا سنڌي هندو واپاري بصري، بخاري يا سمرقند وڃڻ لاءِ پهرين شڪارپور کان ملتان ويا ٿي اتان پوءِ مختلف هنڌن ڏي قافلا نڪتا ٿي ۽ اسان جا هي شڪارپوري يا حيدرآبادي سنڌي بصري، هرات، مشهد، سمرقند، بخارا وغيره ۾ ملتاني سڏبا هئا. هر هڪ جي زبان تي اهو هوندو هو ته ملتان کان قافلا آيا آهن. اهو ته پوءِ گهڻو گهڻو پوءِ، جڏهن ولايت ۾ شڪارپورين جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو، ايتريقدر جو مختلف شهرن ۾ هنن جي قافلن جي اٺن وغيره جي آرام لاءِ سرائيون ٿيون ته پوءِ ماڻهن ۾ شڪارپورين جي الڳ شناخت ٿيڻ لڳي. هي ائين آهي جيئن آئون ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته پراڻي زماني ۾ جڏهن اڃا ڪَلَ جا جهاز نه نڪتا هئا ۽ ماڻهو سڙه جي ٻيڙين ذريعي ڪنارو ڪنارو ڏئي ملاڪا پهتا ٿي ته ملاڪا جا ماڻهو اولهه کان ايندڙ هر سوداگر، ناکئي، ملاح کي ”بنگالي“ سمجهندا ۽ سڏيندا هئا، چاهي هو عرب هجي، ايراني، ملباري يا ڪو ٻيو. ايتري قدر جو جڏهن پهريان يورپي پورچوگالي ملاڪا پهتا ته هنن جو گورو رنگ ڏسي مقامي ماڻهو حيران ٿي ويا پر هِنن کي به هُنن بنگالي سڏيو پر سفيد رنگ جي ڪري ”بنگالي پوتيح“ سڏڻ لڳا. ان دور ۾ هر ڪو بنگال جو ڪنارو ڏئي ملايا پهتو ٿي جيئن پراڻي زماني ۾ عربستان ۾ هڪڙا عربي ڳالهائڻ وارا سندن عرب هئا ۽ ٻيا سڀ عجمي سڏيا ويا ٿي چاهي اهي ايراني هجن، افغاني، ازبڪ، هندي. سو انهن وقتن ۾ ملتان سنڌ جو حصو هو ۽ سنڌ کان آيل هر هڪ ملتاني سڏيو ويو ٿي.
بهرحال دنيا ۾ اڄ واري بهاولپور کان 75 ڪلو ميٽر جي فاصلي وارو شهر اُچ 326 ق-م ۾ سڪندر اعظم جو آباد ڪيل شهر سڪندريا آهي. هي شهر اڄڪلهه ايڏو وڏو ناهي پر ڪنهن زماني ۾ دنيا جي مشهور شهرن مان ليکيو ويو ٿي، ماڻهو واپار وڙي ۽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ هتي آيا ٿي. سڪندراعظم جڏهن هي شهر ٺهرايو تڏهن ته بلڪل درياهه جي ڪپ تي هو پر پوءِ درياهن جي رخ بدلجڻ ڪري هي شهر درياهه کان پري ٿي ويو. هونءَ هن شهر ۾ وڏا وڏا عالم، بزرگ، درويش آيا جن ماڻهن کي دين جي ڄاڻ ڏني. هي شهر جهونين مسجدن ۽ درگاهن کان به مشهور آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن: بهاءُ الحليم، هلال الدين بخاري، بيبي جاوندي، مخدوم جهانيان جهان گشت، شيخ سيف الدين غازروني وغيره.