شهنشاهه ايران ۽ راڻي فوزيه وچ ۾ طلاق
شهزادي فوزيه پنهنجي زندگيءَ جي احوال ۾ لکيو آهي ته ايران پهچڻ تي هن جي شاديءَ جي رسم هڪ دفعو وري ادا ڪئي وئي جنهن ۾ 25000 مهمانن کي مدعو ڪيو ويو. فرينچ اسٽائيل ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪئسپين سمنڊ جي خاص مڇين جي آنِين (Caviar) جي ڊشن کان علاوه، مختلف مڇين، آڙين مرغابين ۽ گهيٽي جي گوشت جا ڊش پڻ هئا. شهزادي فوزيا فرينچ کاڌن کا چڱي طرح واقف هئي تنهن ايران ۾ تيار ڪيل هن فرينچ کاڌي کي معيار کان گهٽ محسوس ڪيو. فوزيه کي شروع کان سندس سهرو شهنشاه رضا خان ڄٽ ٿي لڳو. ظاهر آهي هو ڪو خانداني ماڻهو نه هو. هڪ ڪڙميءَ جو پٽ هو ۽ سپاهيءَ مان ملڪ جو بادشاهه ته ٿي ويو هو ۽ ڏنڊي جي زور تي عوام کي جهڪايو ويٺو هو، پر اخلاق ۽ فضيلت ۾ هو شاهي خاندان جو نٿي لڳو. شهزادي فوزيه هن بابت لکي ٿي ته ”طبيعت ۾ وحشي ۽ ٺڳ قسم جو ماڻهو هو. ڳالهه ڳالهه تي هو ڪاوڙ ۾ اچي ماڻهن کي چهبڪن ۽ ڏنڊن سان ڪٽيندو هو...“.
فوزيه جي 1939ع ۾ شادي ٿي. ٻن سالن بعد سندس سهري شهنشاهه ”رضا خان“ جي ڏيهه بدريءَ بعد سندس مڙس شهزادو ”محمد رضا“ ايران جو بادشاهه ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ به وڏو عرصو دنيا ۾ ”لائيف“ نالي رسالو تمام مشهور هوندو هو. جهازن تي به اسان ان رسالي جون پراڻيون ڪاپيون به هٿ ڪري رکندا هئاسين. ٽائيم ۽ نيوز ويڪ رسالي کان ڏيڊوڻي سائيز جي هن رسالي LIFE جو هڪ ته چلڪندڙ ۽ لسو پنو (آرٽ پيپر جهڙو) هوندو هو ۽ ٻيو ته ان ۾ وقت جون مشهور فوٽو ڪهاڻيون (فيچر) رنگين ۽ وڏن فوٽن سان اينديون هيون. فوزيه جيئن ئي راڻي بڻي ته 1942ع واري لائيف مئگزين جي ٽائيٽل تي هن جي تصوير آئي. هڪ ايشيائي عورت جي يورپ جي ٽاپ فئشني مئگزين جي ٽائيٽل ڪور تي تصوير اچڻ هڪ وڏي ڳالهه هئي جيڪا ان وقت جي مشهور فوٽو گرافر (Cecil Beaton) ڪڍي هئي ۽ فوٽو تي ڪئپشن لکيو هو:
“Asian Venus with a perfect heart shaped face and strangely pale but piercing blue eyes”
افسوس جو ايران جي شهنشاهه جي مصر جي بادشاهه فاروق جي ڀيڻ فوزيه سان شادي ڪا ڪامياب نه رهي. جيتوڻيڪ ايران اچڻ کان اڳ فوزيه پنهنجي ساهرن جي ٻولي فارسي به سکي آئي ڇو جو شهنشاهه ايران کي ترڪي ٻولي نٿي آئي جيڪا فرينچ سان گڏ فوزيه جي ڀاتين مصر ۾ ڳالهائي ٿي. شهنشاهه ايران کي البت انگريزيءَ کان وڌيڪ فرينچ آئي ٿي جنهن سان فوزيه فرينچ ۾ ئي ڳالهائيندي هئي باقي پنهنجي سس ۽ نراڻن سان فارسي ڳالهائي ٿي. بهرحال فوزيه ايران ۾ بيحد ناخوش محسوس ڪيو ۽ هر وقت پنهنجي ملڪ مصر کي ياد ڪندي رهي. فوزيه ۽ سندس سس ۽ نراڻن جا تعلقات به آخر تائين صحيح نه رهيا. ظاهر آهي شاديءَ بعد ۽ خاص ڪري تخت جون واڳون سنڀالڻ بعد شهنشاهه محمد رضا شاهه پهلويءَ کي ماءُ ۽ ڀيڻن کي وقت ڏيڻ مشڪل ٿي پيو جنهن جو ڏوهاري فوزيه کي سمجهيو ويو. زباني جهيڙا ته لڳا رهيا ٿي، هڪ دفعي ته شهنشاهه جي ڀيڻ گلدستو کڻي فوزيه جي مٿي ۾ هنيو. ان کان علاوه فوزيه کي پنهنجي مڙس شهنشاهه پهلوي جون رنڊي باز حرڪتون به ڪاوڙ ڏيارينديون هيون ته هو هن سان وفادار ناهي. 1940ع کان هو اڪثر ٻين عورتن سان گڏ تهران جي رستن تي ڊرائيونگ ڪندو نظر ايندو هو ۽ سندس راڻي شاهي محل ۾ هن جي انتظار ۾ اٻاسيون ڏيندي رهي ٿي. هونءَ به امام خمينيءَ جي اسلامي انقلاب کان اڳ شهنشاهه پهلوي جي ڏينهن ۾ ايران عياشيءَ جو اڏو سمجهيو ويو ٿي، جتي گهڻي ڀاڱي ٽوئرسٽ شباب ۽ شراب لاءِ آيا ٿي. آمريڪن به شاهه مان خوش هئا. هي ٿائلنڊ، ويٽنام، ڏکڻ ڪوريا جا ملڪ ان دور ۾ ڪجهه نه هئا.
فوزيه کي سندس شهنشاهه مڙس جي انهن ڳالهين 1944ع کان ڊپريشن جو مريض بڻائي ڇڏيو ۽ هوءَ هڪ آمريڪن ماهر نفسيات (Psychiatrist) وٽ علاج هيٺ به رهي. هن پنهنجي هن شاديءَ کي پيار و محبت کان خالي سمجهيو ٿي ۽ هن پنهنجي ملڪ مصر موٽڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. آخرڪار 1945ع ۾ هوءَ ايران ڇڏي پنهنجي ملڪ مصر هلي آئي ۽ مصر جي قانون مطابق هن طلاق لاءِ apply ڪيو. هن تهران کان موٽڻ جو في الحال اهو ئي سبب ڏنو ته مصر جي مقابلي ۾ ايران هڪ اڻ سڌريل ملڪ آهي. واقعي انهن ڏينهن جي مصر جي ڇا ڳالهه ڪجي! تهران جي ڀيٽ ۾ قاهره (Cairo) جو ڪاسمو پوليٽن شهر هڪ ماڊرن شهر هو. هونءَ آمريڪن CIA جي رپورٽ موجب- جنهن جو هنن ٻنهي ملڪن سان ٽُڪ ٽُڪ لڳي رهي ٿي، ان اهو ئي ڄاڻايو ته هن شاديءَ جي ناڪاميءَ جو وڏو سبب شهنشاهه جي Impotence هئي- يعني هن ۾ مرداني قوت گهٽ هئي. شهنشاهه ايران جي جاڙي ڀيڻ ”اشرف پهلوي“ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿي ته هن شاديءَ جي ناڪاميءَ ۾ شهنشاهه ايران نه پر فوزيه پاڻ هئي جنهن پاڻ طلاق جي گهر ڪئي. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فوزيه جي مصر رُسي وڃڻ بعد شهنشاهه ايران کيس پرچائڻ جي ڪيتري ئي ڪوشش ڪئي پر فوزيه مصر ۾ ئي رهي. ان وقت جي برٽش سفير سان شهنشاهه ايران اها ضرور ڳالهه ڪئي ته فوزيه جي تهران موٽڻ ۾ وڏي رنڊڪ سندس سس آهي. هن طلاق ۾، شهنشاهه ايران کي فوزيه مان ٻار شهزادي شهناز هجڻ ڪري، ڪجهه دقت ٿي. آخر اهو ئي فيصلو ٿيو ته شهناز جو نيپاج پيءُ جي محل ۾ تهران ۾ ٿيندو. آخرڪار نومبر 1948ع ۾ فوزيه ۽ شهنشاهه ايران جي آفيشلي طلاق ٿي. حيرت جي ڳالهه اها ته انهي مهيني ۽ ان ئي سال فوزيه جي ڀاءُ شاه فاروق جي به پنهنجي پهرين زال راڻي فريدا سان طلاق ٿي.
پورن چئن مهينن بعد فوزيه جي شادي قاهري جي قوبا (Koubba) محل ۾ سندس همعمر ”ڪرنل اسماعيل شيرين“ سان ٿي. ڪرنل صاحب ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جو پڙهيل هو. فوزيه جي پنهنجي ملڪ جي هڪ رٽائرڊ ڪرنل سان خوشحال زندگي گذري جنهن جو هن ايران جي شهنشاهه وٽ سوچيو به نه هو. کيس ڪرنل شيرين مان ٻه ٻار ٿيا، هڪ ڌيءَ ”ناديا شيرين“ جيڪا 1950ع ۾ ڄائي ۽ 60 سالن جي ڄمار ۾ 2009ع ۾ گذاري وئي. هن به ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي مصري فلمي ائڪٽر يوسف شعبان سان ڪئي. فوزيه کي ٻيو پٽ ”حسين شيرين“ ٿيو.
1952ع ۾ مصر ۾ جڏهن جمال عبدالناصر انقلاب آندو ۽ شاه فاروق کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو ته سندس ڀيڻ فوزيه پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان مصر ۾ ئي رهي پئي. زندگيءَ جا آخري ڏينهن هن قاهري بدران السڪندريا ۾ گذاريا جتي هن جو جنم شاهي محل ”راس التين“ ۾ ٿيو هو. سندس وفات 2013ع ۾ السڪندريا ۾ ئي ٿي. سندس جنازي نماز قاهري جي سيده نفيسا مسجد ۾ پڙهائڻ بعد سندس مڙس ڪرنل اسماعيل شيرين جي ڀر ۾ کيس دفن ڪيو ويو.