شاھ فاروق ۽ شاھ ايران پُٽَ جي اولاد لاءِ پريشان رهيا
شاه فاروق بعد واقعي ڪيترن جي بادشاهت ختم ٿيندي وئي جپان جي بادشاهه کان شهنشاهه ايران جي، ويندي اهي عوامي ماڻهو جن کي قدرت حاڪم بڻايو ۽ هو پاڻ کي بادشاهه سمجهي عيش عشرت جي زندگي ۾ محو ٿي ويا، اهي به لبيا جي قذافي کان وٺي عراق جي صادام تائين خوار خراب ٿي پنهنجين قبرن حوالي ٿي ويا. شاه فاروق اڄ هجي ها ته هو خوش ٿئي ها ته سندس چوڻي سچ ثابت ٿي. پر کيس ڪهڙي خبر ته پاڪستان جهڙا ملڪ جيڪي قدرتي وسيلن کان خوشحال ۽ مالا مال آهن انهن جا چونديل نمائنده حاڪم، اهي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي دنيا جي ظالم بادشاهن به نه ڪيا. هو وڏي عهدي ڪري پاڻ ته امير ٿي ويا آهن پر پنهنجي ملڪ ۽ ان جي ماڻهن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي.
مصر جي بادشاهه فاروق اول ۽ ايران جي شهنشاهه محمد رضا پهلويءَ بابت لکندي اها ڳالهه به ڌيان ۾ اچي ٿي ته قدرت جا پنهنجا ليکا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انسان چرين وانگر ڪيڏو پاڻ پتوڙي ٿو پر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي قدرت چاهي ٿي. ملائيشيا جي اڳئين وزيراعظم نجيب رزاق جي ڪرپشن ۽ جهلجڻ (گرفتار ٿيڻ) جو ٿو ٻُڌجي ته ڪيڏو ڏُک ٿو ٿئي. شريف ماءُ پيءُ جو اولاد ڇا هنن وٽ ملڪيت جي کوٽ هئي؟ سندن ڪيڏو عزت وارو گهراڻو رهيو آهي. خبر ناهي کيس ڇا دماغ ۾ آيو جو گهڻي کان گهڻي ملڪيت ميڙڻ جي جنون ۾ اچي ويو! محنت مزوريءَ سان جائز دولت ڪمائڻ ۾ ڪا خرابي ناهي پر ملڪ جي خزاني کي لُٽڻ جنهن لاءِ قدرت کيس چوڪيدار بڻايو! اها ملڪيت جيڪا عوام جي ڀلي لاءِ ٽرسٽ طور آهي ان کي ڦٻائڻ، نجيب جهڙي امير ۽ هڪ عزت واري وزيراعطم ۽ تُن عبدالرزاق جي پُٽ کي ته نٿو جڳائي؟ ان کان ته مهاتير محمد بهتر چئبو جنهن هڪ پرائمري اسڪول جي ماستر جو پُٽ هوندي به لالچ نه ڪئي ۽ قوم جا خزانا پنهنجي خاندان تي خرچڻ بدران عوام جي ڀلي لاءِ خرچ ڪيو. پر نجيب شايد اهو سوچي عوام جو پئسو ڪَٺو ڪرڻ شروع ڪيو جيئن هن جون ست پيڙهيون بنا پورهئي جي عيش ڪنديون رهن. ان ئي سوچ قذافي ۽ صادم جهڙن کي تباهه ڪيو. پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين اسان جا حاڪم تاريخ مان سبق نٿا حاصل ڪن. هو غريب کي وڌيڪ غريب بڻائي پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجين ايندڙ ٽهين لاءِ دولت گڏ ڪرڻ چاهين ٿا. هو اهو نٿا سمجهن ته اڳتي جي ڪنهن کي خبر آهي. گناهه جا ڪم ڪري توهان بي جائز ملڪيت ته ڪري گڏ ڪئي آهي پر توهان کي پڪ آهي ته اها توهان جي ستن پيڙهين تائين هلي سگهندي؟ ست پيڙهيون ته پري جي ڳالهه آهي اها توهان جي زندگي جي باقي چند سال عياشي ڪرائڻ جي به ضمانت ڏئي سگهي ٿي يا نجيب وانگر توهان جو کيل بدران اجهو ته جيل ۾ انت ٿيو. ڪن وٽ ته ڏسجي ٿو ته بي انتها دولت گڏ ٿي وئي پر هنن کي ڪو وارث نظر نه آيو. غريب عوام کي پنهنجو اولاد سمجهي ان جي ڀلي لاءِ خرچڻ لاءِ تيار نه ٿيو. مصر جي بادشاهه فاروق وٽ ڇا مال ملڪيت جي کوٽ هئي؟ سڄو مصر ۽ سوڊان ملڪ هن کي پيءُ ڏاڏي طرفان مليو هو. نيل نديءَ مان آباد ٿيندڙ ڀليون زمينون، محل، محلات، موٽر ڪارون، لانچون جهاز، سونا ڳهه ڳٺا نوڪر غلام.... هن وٽ يورپ جي نوجوان ڇوڪرين سان دلپشوري ڪرڻ لاءِ ته وڏو پئسو هو پر سڀني کي اها به خبر آهي ته ڪنهن غريب کي ڏيڻ لاءِ هو وڏو مها ڪنجوس شخص هو. هن کي هر وقت اهو فڪر ڳاري رهيو هو ته هيڏي ملڪيت ڪيڏانهن ويندي جو هن کي پُٽ ٻار ناهي.مصر جي حسين ترين ڇوڪري فريده (مافيناز) سان شادي ٿيس جنهن جو پيءُ يوسف ذوالفقار پاشا مصر جو جج، ترڪ نسل جو هو. پهريون ٻار ٿيو. ڌيءَ (فريال) ڄائي. شاه فاروق کي ڳالهه نه وڻي. هن کي پُٽ جو انتظار هو جيئن هو هيڏي ملڪيت جو وارث پُٽ جو انتظار هو جيئن هو هيڏي ملڪيت جو وارث ٿي سگهي. فريده وري پيٽ سان ٿي ٻيو ٻار ڄائو. اها به ڌيءَ (فوزيه) ڄائي. ان بعد ٽيو ٻار (فاديه) به ڌيءَ جو ٿيو. شاه فاروق نه فقط مال ملڪيت وارو ۽ ڪنجوس هو پر لالچي ۽ چور طبعيت جو پڻ هو. هو هر صورت ۾ گهڻي کان گهڻو مال ٺاهيندو ويو. وارث پئدا نه ٿيڻ تي هو پنهنجي راڻي فريده کان مايوس ٿي ويو. سهڻي هوندي، خانداني هوندي، چاهڻ واري ۽ اخلاق واري هوندي ته پنهنجي جاءِ تي. هن کي پُٽُ ٻار ٿي کتو جيڪو هن جي مرڻ کان پوءِ سندس ڏاڏي پڙ ڏاڏي جي (نون پيڙهين) کان هلندڙ تخت و تاج جو مالڪ ٿي سگهي.
فاروق ٻي شادي ”ناريمن صادق“ سان 1951ع ۾ ڪئي، جنهن مان کيس سال بعد پٽ ٻار احمد فواد 1952ع ۾ ڄائو. پر قسمت جا ليکا ڏسو! ان ئي سال فوجي ميجر ”جمال عبدالناصر“ مصر ۾ بادشاهه راڄ خلاف انقلاب آندو جو بادشاهه جي بي پرواهين ۽ بيجا عياشين عوام کي بکيو، بيروزگار، بيمار ۽ غريب بڻائي رکيو هو. شاه فاروق مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ کيس ڀڄڻ جي واهه نه پئي ملي. تڙ تڪڙ ۾ پنهنجو سر بچائي اچي اٽليءَ کان نڪتو، پٺيان تخت و تاج ۽ گڏ ڪيل مال ملڪيت ته نه مليس پر پنهنجي ڌرتيءَ تي وري قدم رکڻ به نصيب نه ٿيس.
اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته شهنشاهه ايران محمد رضا پهلويءَ جي تخت ۽ تاج جو قصو آهي. شهنشاهه ايران پهرين شادي شاه فاروق جي ڀيڻ فوزيا سان 1939ع ۾ ڪئي. کيس پُٽ ڄمڻ جو وڏو فڪر هو جيئن سندس تخت و تاج جو وارث ٿئي. فوزيا جي ڏهه سال کن شادي هلي جنهن ۾ هن کي فقط هڪ ڌيءَ ٻار شهزادي شهناز ٿيو. شهنشاهه ايران کي هر صورت ۾ پُٽ ٻار کتو ٿي. هيڏي وڏي ملڪ ۽ ملڪيت جي مالڪ کي پُٽ ٻار نه ٿيڻ هن لاءِ فڪر جي ڳالهه ٿي. ملڪ جي قانون ۽ آئين مطابق تخت ۽ تاج جو وارث پُٽ ٻار ئي ٿي سگهي ٿو. ملڪ جو قانون نه شاه فاروق ٿي بدلائڻ چاهيو نه محمد رضا شاهه پهلويءَ نه ته ڌيءَ ته ٻنهي کي پهرين زال مان ئي ٿي چڪي هئي. آخر 1939ع ۾ شهنشاهه ايران پنهنجي پهرين زال فوزيا کي طلاق ڏني ۽ پُٽ ٻار جي شوق ۾ هن 1951ع ۾ ثريا بختياريءَ سان شادي ڪئي. چون ٿا ته هنن جو هڪ ٻئي سان ڏاڍو پيار رهيو پر شهنشاهه ايران ٻار جو ئي انتظار ڪندو رهيو پر کيس هن زال مان پُٽ ته ڇا ڌيءَ به ڄائي. ٻار ٿيڻ جي علاج لاءِ هنن نه فقط ديسي ڏس ڪيا پر آمريڪا جي سيڪس ڪلينڪن ۾ به پهچي ويا. شهنشاهه ايران ثريا کي ڇڏڻ نٿي چاهيو... هن لاءِ هڪ طرف پيار هو ته ٻئي طرف هن کي پُٽ ٿي کتو جيڪو هيڏي امير ۽ طاقتور ملڪ جو بادشاهه ٿي خاندان جي لائين کي اڳتي هلائي. آخرڪار هن شاديءَ کي شهنشاهه ايران اٺ نوَ سال ڇڪيو، 1958ع ۾ کيس طلاق ڏئي پُٽ خاطر ٽي شادي فرح ديبا سان 1959ع ۾ ڪيائين. ان وقت فرح ديبا جي عمر 21 سال هئي ۽ شهنشاهه جي 40 سال کيس فرح مان چار ٻار ٿيا: وليعهد رضا پهلوي 1960 ۾، ان بعد 1963ع ۾ شهزادي فرح ناز، 1966ع ۾ علي رضا ۽ ان بعد ڌيءَ ليلا. شهنشاهه ايران جي خوشيءَ جي انتها نه رهي جو هاڻ هو بي فڪر هو ته هن جي مرڻ بعد هن ملڪ جو بادشاهه ۽ والي وارث ڪو ڌاريو نه پر سندس ئي پُٽ ٿيندو. پر قدرت جا کيل پنهنجا آهن. شهنشاهه ايران اڃا جيئرو هو ۽ پُٽ شهزادو رضا پهلوي اوڻهين سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ هو ته امام خُمينيءَ بادشاهت خلاف انقلاب آندو ۽ شهنشاهه ايران کان ملڪ ۽ تخت و تاج ته هليو ويو پر سندس ئي ملڪ مان کيس لوڌيو ويو. هو دنيا ۾ در بدر ٿي رُلندو رهيو. کيس پاڻ وٽ رهڻ لاءِ به ڪو ملڪ اجازت نه پيو ڏئي. انهن ڏينهن ۾ هن کي ڪئنسر ٿي پئي. علاج لاءِ آمريڪا پهتو ته هو به پيا ڊڄن ۽ پنهنجي دوست کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ بدران چيائونس ته جلدي علاج ڪرائي هتان ڀڄ متان امام خُميني اسان جي ماڻهن کي نقصان نه پهچائي. اتان نڪري هو مصر، موراڪو، ويندي بهاما ٻيٽن ۽ ميڪسيڪو ۾ رهڻ لاءِ دربدر ٿيندو رهيو پر ڪنهن ملڪ هن کي پاڻ وٽ رکڻ جي هام نٿي هنئي. امام خمينيءَ جي رڙ لڳي پئي هئي ته ملڪ جي دولت لٽڻ، عوام کي غريب ڪرڻ ۽ پنهنجي سيڪريٽ پوليس ساواڪ (سازمان اطلاعات و امنيت ڪشور) ذريعي ظلم ڪرڻ واري کي واپس ڪيو ته اسان ڪيس هلائي کيس ٽنگيون. شهنشاهه ايران ان پريشاني ۽ دربدر لڪ ڇپ ۾ امام خُميني جي 1979ع واري انقلاب بعد هڪ سال به مشڪل سان جيئرو رهيو. اهو شهنشاهه جيڪو هيڏي وڏي ملڪ جو مالڪ هو ۽ پريشان هو ته پُٽ ڄمي ته ان جو وارث ٿئي اهو زندگي جا آخري ڏينهن ڪنهن مسواڙ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ ڪڏهن ڪنهن ملڪ ته ڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ دربدر ٿيندو رهيو ۽ مرڻ بعد سندس لاش کي به ان ڌرتيءَ تي دفن ڪرڻ نه ڏنو ويو جنهن جو پاڻ بادشاهه هو.