الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

اسماعيلين جو پير... آغا خان

پاڻ شهنشاهه ايران جي ثريا سان تهران ۾ ٿيندڙ شاديءَ جو احوال ڪري رهيا هئاسين ته ماڳهين وچ ۾ ٻين جي شادين جي ڳالهه نڪري پئي. ثريا جي شاديءَ ۾ جيڪي ٻه هزار اهم مهمان گهرايا ويا هئا، انهن لاءِ مون لکيو ته انهن ۾ آغا خان سوم به هو ۽ مون آغا خان سوم جي اهميت واضح ڪرڻ لاءِ لکيو ته هن آغا خان يا هن کان اڳ وارا آغا خان اول ۽ دوم ۽ بعد وارو يعني موجوده نظاري اسماعيلين جو اوڻونجاهون (59هون) امام پرنس ڪريم آغا خان چهارم (چوٿون) نه فقط انڊيا ۽ اسان جي ملڪ ۾ اهم سمجهيا وڃن ٿا پر ايران، مصر، ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ جتي جتي هنن عوام جي ڀلي لاءِ تعليمي ادارا، باغيچا، اسپتالون ۽ ٻيا فلاحي ڪم ڪيا آهن. مٿي هڪ هنڌ لکيو اٿم ته اسان جا مير، ٽالپر، ڪلهوڙا ۽ ٻيا حاڪم، ۽ پنهنجو پاڻ کي طاقتور سڏائڻ وارا اسان جا ڌاڙيل، جيڪي پنهنجن ئي ڪمزور ماڻهو کي اغوا ڪن ٿا، قتل ڪن ٿا پورچو گالين، فرينچن، انگريزن، يا ويندي بابر، محمود غزنوي يا نادر شاهه جهڙن ڌاڙيلن وانگر ٻئي ڪنهن ملڪ تي ڇو قبضو ڪري نه سگهيا؟ ايتريقدر جو عربن به سوين ميل ڏور اسپين، پورچوگال فرانس وغيره تي وڃي قبضو ڪيو يا سلطنت عثمانيه جي ترڪن به رومانيا، بلغاريا، البانيا، قبرص وغيره تي نه فقط قبضو ڪيو پر ڪئين سال انهن ملڪن تي حڪومت ڪئي، اڄ عرب، ترڪ، يوناني يا ٻيا ڳاٽ اوچو ڪري فخر سان پنهنجن حاڪمن جي دليري ۽ جنگين جي ڳالهه ڪن ٿا. ايراني توڙي افغاني پنهنجن ڦورن نادر شاهه ۽ سلطان غزنوي جهڙي کي به هيرو سمجهن ٿا جو هنن پنهنجن اٻوجهه ۽ ڳوٺاڻن کي ڦرڻ بدران ٻين ملڪن مان ڦرون ڪري پنهنجي ملڪ کي خوشحال بنائي ڇڏيو. چون ٿا ته نادر شاهه دهليءَ مان ڦرلٽ ڪري واپس ايران پهتو ته ايران ۾ سون جو اگهه ڪري پيو هو- ايڏو مال هن انڊيا مان پنهنجي ملڪ ۾ آندو.
بهرحال هاڻ نئروبي، ممباسا يا ويندي ممبئي ۽ ڪراچيءَ ۾ آغا خان وارن جون يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ ٻيا فلاحي ادارا ڏسي دل ۾ حسرت ٿيندي آهي ته اهي يعني آغا خان وارا، ڇا ته سٺا پير آهن! ڪاش اسان جا پير به سنڌ کي ائين سکيو ستابو بڻائين. سنڌ سڄو پيرن سان ڀريو پيو آهي جن مان ڪيترا ته سياسي طاقت به رکن ٿا، زمينن جا به مالڪ آهن يعني وڏو پئسو اٿن، پر ڪاش هو به اسماعيلين جي پيرن وانگر پنهنجن مريدن کي ڪجهه ڏئي دعائون کٽين. پر اهو نظر نٿو اچي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آغا خانين جي پيرن ۽ اسان جي پيرن ۾ وڏو فرق آهي، جنهن جو Write up اڄ ڪلهه واٽس ائپ تي وائرل آهي ۽ مونکي به پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ پنهنجي پڙهڻ وارن لاءِ هتي ”ڪاپي پيسٽ“ ڪري رهيو آهيان جيئن هو به فيصلو ڪن ته ان ۾ حقيقت آهي يا نه؟ ۽ ڇا توهان به اهو نٿا سوچيو ته اسان جا پير به ان قسم جا نيڪ ڪم ڪري ماڻهن جون دعائون کٽين ۽ پنهنجا ٻئي جهان سڌارين؟.
واٽس ائپ وارو ميسيج هن ريت آهي:
سنڌي پيرن ۽ آغا خان ۾ فرق آهي:
سنڌي پيرن ڪڏهن به سنڌ جي عوام لاءِ ڪو به اهڙو ڪم ناهي ڪيو جنهن سان سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي ٿي سگهي، رهندو سنڌي پيرن اسلام جي نالي تي هڪ لٽ مار ۽ درگاهي جهالت جو صدين کان هلندڙ اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو جنهن ۾ اسلام ۽ اهل بيت جو نالو وٺي سٻاجهڙن، اڻپڙهيل ۽ اٻوجهه سنڌين کي جڪڙي، نپوڙي ۽ کوکلو ڪري سندن عقل ۽ مال ٻئي کسڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جو مقصد رکيل آهي....
ٻئي پاسي آغا خان آهي جيڪو اهل بيت ۽ فاطمي خاندان مان آهي جنهن جا پوئلڳ سڄي دنيا ۾ 3 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهن ان پنهنجي مريدن کي هيٺيون شيون ڏنيون آهن.
AKA Aga Khan Academies
سڄي دنيا ۾ مريدن لاءِ تعليمي ادارا
AKAM Aga Khan Agency for Microfinance
غريبن کي سستو قرض ڏيندڙ بينڪون
AKES Aga Khan Education Services
اسڪول، ڪاليج جيڪي سڄي دنيا ۾ پکيڙيل آهن
AKF Aga Khan Foundation
مشهور زمانا فلاحي ادارو
AKFED Aga Khan fund for Economic Development
پنهنجي مريدن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ قائم ڪيل فنڊ
AKHS Aga Khan Health Services
ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون جيڪي دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جن ۾ مريدن جو علاج سستو ٿئي ٿو.
AKTC Aga Khan Trust for Culture
پنهنجي فرقي جي ثقافت ۽ مذهبي تعليمات لاءِ ٽرسٽ
AKU Aga Khan University
UCA University of Central Asia
دنيا جون بهترين يونيورسٽيون، وغيره
سنڌي پيرن سنڌين کي ڏنو ته جهالت کان سواءِ ڪجهه به ناهي پر رهندو هيٺيون شيون وٺندا ضرور آهن:
بادشاهه پير جو 11 سيڪڙو
ڪڻڪ، سارين، باغن ۽ فصلن جو 2.5 سيڪڙو
ڍور ڍڳا، ڇيلا، ٻڪر، پاڏا، پاڏيون، گابا، گابيون
پيرن کي ڏسي پاتل سون پير صاحب کي ڏن ۾ ڏيڻ
پتڻن تي ڏڪار سٽيل مسڪينن جا مال متاع
اهل بيت جي نالي تي ڪائونسلر کان وٺي MNA تائين ووٽ
کدڙن کي نچائڻ وارا ميجڪ شو ۽ واهيات ڪمن جا عرس
يونين ڪائونسلن جا نلڪا، سلائي مشينون، خيما، روڊن جا ٺيڪا، سولر پينل، ايمرجنسي لائٽون ۽ گيهن جا ڊٻا
ڪو به پير سنڌ ۾ اهڙو نه ٿي گذريو آهي جنهن سنڌين لاءِ اسپتال، يونيورسٽي، بينڪ يا ڪو اعليٰ ديني تعليم جو مدرسو ئي کوليو هجي. باقي اهل بيت جي نالي تي ووٽ وٺي وزير ۽ وڏا وزير لازمي ٿين ٿا.