الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

خليفو المستنصر بالله، جنهن بغداد ۾ اعلي درسگاه ٺهرايو!

بغداد شهر جي تباهي جو لکندي بغداد ۾ ڪجهه سال اڳ رهائش جا ڏينهن ٿا ياد اچن. آئون دجله نديءَ جي ڪناري تي، الجُمئريا پل وٽ ”فندق برج السلام“ نالي هوٽل ۾ رهيل هوس. اتان هتي جي مشهور چوواٽي ”حديقه ساحته الشباب“ تي پهتس. رستي تي مسجد الابرار ۽ مسجد القدس به نظر اچن ٿيون. مون کي ڪافي پيئڻي هئي سو شارع فلسطين جو رخ رکيم. شارع فلسطين ۽ عمر بن خطاب اسٽريٽ رستا ائين آهن جيئن ڪراچيءَ جا سمجهو آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ايم اي جناح روڊ، يا حيدرآباد جو رسالا روڊ ۽ اسٽيشن روڊ. شارع فلسطين تان لنگهندي پاسن تي ڪيتريون ئي چانهه ڪافيءَ جون ڪيفي ۽ ماني کائڻ جون ريسٽورنٽون نظر اچن ٿيون... حيدرآباد جي ڪيفي جارج، ڪراچي ريسٽورنٽ وانگر بغداد جي هن روڊ جي آسپاس موجود هوٽلن جا ڪجهه نالا هن وقت به دماغ ۾ ڦري رهيا آهن، جيئن ته ڪيفي باشا، الروشا، شوڪولاب، برائون ڪافي وغيره ۽ چڪن ايڪسپريس ريسٽورنٽ، علي چيفي، زينگرو وغيره. ٻه کن حُقه بار Hookah Bar ڪيفي به آهن جن ۾ چلم پيئڻ جي سهولت آهي. آئون ڪافي پيئڻ جو ارادو لاهي آئس ڪريم کائڻ لاءِ ”ناديا آئس ڪريم“ نالي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس. تقريبن هر ٽيبل تي نوجوان جن سان گڏ ڪتاب هجڻ ڪري سمجهي ويس ته هو ڪنهن ڪاليج جا شاگرد هوندا، ويٺل هئا. داخل ٿيڻ واري دروازي جي ڀر واري دريءَ واري ٽيبل تي هڪ ڄڻو ويٺل ڏسي آئون سلام ڪري هن سان گڏ ويهي رهيس. هو ونيلا آئيس ڪريم کائي رهيو هو. بئري جي پڇڻ تي مون کيس اشارو ڪيو ته مون لاءِ به ان فلئور جي آئيس ڪريم آڻ. دراصل مون کائڻ ته پستا آئيس ڪريم چاهي ٿي پر اهو سمجهه ۾ نه آيو ته پستا آئيس ڪريم کي عربي يا انگريزيءَ ۾ ڇا ٿا سڏين. اجايو هن بئري حبشي نينگر سان ڪهڙو ويهي بحث ڪريان جيڪو هر هڪ کان فقط عربيءَ ۾ آرڊر وٺي رهيو هو. فارسيءَ ۾ شايد پستن کي پستا سڏين ٿا جو ايران جي شهر مشهد، قدم شريف توڙي نيشاپور ۾ جنهن به ريسٽورنٽ ۾ مون ”پستا آئيس ڪريم“ جا ٻـڙڪ ٻوليا ٿي ته بنا ڪنهن وڌيڪ پڇا ڳاڇا جي ٽيبل تي پستا آئيس ڪريم جي پيالي اچي وئي ٿي. فارسي ۽ عربيءَ جا ڪيترائي لفظ ساڳيا آهن جن سان ڪم هلي سگهي ٿو پر پستا لفظ فارسيءَ ۾ ته ٿي سگهي ٿو پر عربيءَ ۾ هرگز نه جو عربي الفابيٽ ۾ پ ۽ گ جهڙا اکر آهن ئي ڪونه. ونيلا آئيس ڪريم کائڻ ۾ مزو نه آيو پر پوءِ پنهنجا پئسا حلال ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اهو ئي ڏڍ ڏنم ته آئيس ڪريم هڪ ئي ٿئي ٿي پستا ۽ اسٽرابيرين جهڙيون شيون مهانگيون هجڻ ڪري انهن نالن وارين آئيس ڪريمن ۾ فقط سائو ۽ گلابي ڳاڙهو رنگ ٿا وجهن- گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ته اهو ئي لقاءُ ڏسندو اچان- سو بغداد وري ڪهڙو چڱو مڙس شهر آهي پر نه بغداد ۽ دمشق جون ڪهڙيون به خسته ۽ ٺڳ حالتون هجن پر کاڌي پيتي جي شين ۾ انهن جو معيار به ايران جي شهرن جهڙو آهي- جو بعد ۾ مون انهن جي ٻهراڙيءَ جي ريسٽورنٽن ۾ به نه فقط صحيح قسم جي آئيس ڪريم کاڌي پر چانورن ۾ پڻ اها ئي زعفران جي خوشبوءِ آئي جيڪا ايران جي هوٽلن ۾ ملندڙ چِلو ڪباب (ڀت ڪواب) ۾.
آئيس ڪريم کائڻ دوران دريءَ مان ٻاهر هڪ ماڊرن ۽ آڳاٽي زماني جي عمارتسازي واري مڪسچر جي عمارت به ڏسندو رهيس ته مون واري ٽيبل تي مون سان گڏ ويٺل شاگرد سان انگريزيءَ ۾ خبر چار ڪندو رهيس. هو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عراق جي هڪ ڏورانهين شهر السماوته (Samawah) کان هتي آيو هو. سماوه شهر عراق مان لنگهندڙ ٻي مشهور ندي فرات جي ٻنهي ڪنارن تي آهي جيئن استنبول باسفورس جي ٻنهي پاسي آهي. اهو بغداد ۽ بصري جي وچ ۾، بغداد کان 280 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ٿيندو.
دريءَ مان نظر ايندڙ عمارت لاءِ هن شاگرد کان پڇيم ته ”ڇا جي عمارت آهي؟ ڪو محل يا عجائب گهر آهي؟“
”اها ئي ته منهنجي يونيورسٽي آهي جنهن مون کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر ڏني آهي ۽ هاسٽل ۾ مفت رهائش پڻ، نه ته مون غريب لاءِ ته پنهنجي شهر سماوته جو ڪو ڪاليج ئي ڪافي هو.“
هن ٻڌايو ته هن جو ڳوٺ ته سماوه کان به چڱو پري آهي جيئن سمجهو ته لاڙڪاڻي کان باڊهه، ٻلهيرجي يا ڳوٺ خير محمد آريجا. هن جو پيءُ اتي هارپو ڪري ٿو. يونيورسٽيءَ جو نالو پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هيءَ يونيورسٽي هتي جي سڀ کان آڳاٽي آهي ۽ سندس نالو ”مستنصريا يونيورسٽي“ آهي.
عمارت پراڻي ضرور لڳي رهي هئي پر مرمت (Renovation) ڪري ايڏو به پراڻي نه لڳي رهي هئي ۽ هڪ خليفي جي نالي هجڻ ڪري مون کي حيرت ٿي. توهان خود ٻڌايو ته ڇا هڪ مسلمان پير، مير، وڏيري، ڀوتار مان اهڙي تعليمي اداري جي اميد رکي سگهجي ٿي؟ سو مون ٽوڪ طور چيومانس عباسي گهراڻي جي ڇٽيهين خليفي مستنصر بالله جي ڏينهن جي- يعني تيرهين صديءَ جي آهي ڇا؟ (ياد رهي مستنصر بالله 1226ع کان 1242ع تائين بغداد جو خليفو رهيو.
”جي ها. جي ها.“ عراقي شاگرد مرڪندي چيو، ”صحيح ٿاچئو. بلڪه هي تعليمي درسگاهه المستنصر پاڻ ٺهرايو.“ ”چئبو ته اسان جي مسلمان حاڪمن ۾ ڪي نيڪ به هئا.“ مون چيو. ان تي هن وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ”بس ڳالهه ئي نه پڇو. گهڻا تڻا رنن، نشن، ملڪيتن ٺاهڻ ۽ مخالفن جي قتل ڪرڻ ۾ ئي مشغول ٿي رهيا. هيڏن سالن گذرڻ بعد، تاريخ جو جائزو وٺڻ بعد اڄ به صدام، قذافي، اسد جهڙا حاڪم عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ بدران پنهنجين ستن پيڙهين کي سکيو بنائڻ جي چڪر ۾ پاڻ به ختم ٿي ويا.“
۽ پوءِ منهنجي ويجهو ٿي هن غريب هاريءَ جي پٽ مون کي رازدارنه انداز ۾ چيو: ”سائين مري ته هڪ ڏينهن هر هڪ کي وڃڻو آهي پر ڏسو هن خليفي مستنصر بالله جي هن تعليمي اداري ٺاهڻ تي اڄ به اسان جهڙا مسڪين فيض حاصل ڪري رهيا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ دل مان دعا ٿي نڪري.“
مونکي پنهنجي ڳوٺ جو مخدوم غلام حيدر ياد آيو جنهن کي ڪيترائي تعليم يافته دعائون ڏيندا آهن. هن پاڪستان ٿيڻ کان به اڳ 1944ع ۾ هالا ۾ هاءِ اسڪول ٺهرايو جنهن سندس شهر جي ماڻهن کي ٻين کان اڳ تعليم يافته بڻائي ڇڏيو. مون کي ياد آهي ته ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ اها ڳالهه مشهور هئي ته هالا جا ايترا ته پڙهيل ڳڙهيل آهن جو سنڌ جي هر آفيس ۾ نظر اچن ٿا! نه فقط هالا جا پر ان جي آسپاس ۽ ڏورانهن ڳوٺن جا به تعليم يافته ٿي ويا ان ڪري جو مخدوم صاحب انهن ٻهراڙي جي شاگردن لاءِ هڪ عاليشان هاسٽل به ٺهرائي هئي ۽ ڪيترن لاءِ مفت مانيءَ جو به بندوبست رکيل هو. ظاهر آهي اهڙي نيڪ ماڻهو کي ماڻهو ڇو نه دعائون ڏين. پاڪستان ايئر فورس ۾ مون کي هڏن جو سرجن ايئر ڪموڊور نظام الدين ڏنور مليو. هو اسان جي ڳوٺ جي پير کي دعائون ڏئي رهيو هو. خبر پئي ته هن پنهنجي ڳوٺ ”پير جي ڳوٺ“ کان پڙهڻ لاءِ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ اچي داخلا ورتي هئي. سو جتي اڄ جي دور ۾ به ڪيترا حاڪم، پير، مير، وڏيرا ۽ ڀوتار ٺهيل اسڪولن کي به ڊاهيو ويٺا آهن اتي ڪجهه اهڙا نيڪ بندا به ٿي گذريا آهن جن عوام جي خدمت ڪئي. ڪن ۾ کڻي لالچي هٻڇ ۽ بريون عادتون هيون پر هنن جي هڪ اڌ نيڪيءَ جو ڪم ڪيو ته اهو اڄ به پيو ڳائجي. اڄ به اهو ماڻهن جون دعائون پيو کٽي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته جتي اسان جي هندن اسپتالون ۽ اسڪول کوليا، ويندي جانورن- گهوڙن گڏهن جي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جون ناديون ٺاهيون- اتي اسان جي مسلمانن جي اهڙن نيڪ ڪمن لاءِ سرڪاري پئسو خرچ ڪرڻ تي به دل ڇو ٿي سست ٿئي؟ هنن جي فقط اها ئي خواهش رهي ٿي ته ادارن جا سربراهه ۽ چيئرمين ٿي انهن جا فند ۽ گاڏيون پنهنجي ذاتي عيش لاءِ استعمال ڪريون!
بهرحال عباسي گهراڻي جي هن خليفي جي ٻي ڪا ڳالهه ياد نه اٿم پر ڇا اها گهٽ آهي ته هن بغداد ۾ اڄ کان ساڍيون ست صديون اڳ علم جي روشني پکيڙڻ جو سوچيو. هن خليفي المستنصر بالله 1242ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ المستعصم بالله بغداد جو ستٽيهون خليفو ٿيو جنهن جي دور ۾ 1258ع هلاڪو خان منگولن جو لشڪر وٺي بغداد تي حملو ڪيو. خليفي کي گهوڙن جي سنبن هيٺان چيڀاٽي ۽ چيچلائي ماري ڇڏيو. بغداد جا ٻه لک کان مٿي ماڻهو قتل ڪيا ۽ شهر جي هڪ هڪ عمارت تباهه ڪرائي ڇڏيائين. ناديا آئيس ڪريم شاپ ۾ عرب شاگرد کي چيم ته ”ڳالهه ٻڌ. هلاڪو خان ته هن شهر جي هڪ هڪ شيءِ تباهه ڪري ڇڏي پوءِ المستنصر بالله جو هي تعليمي درسگاهه جيڪو ان وقت ”مدرسه المستنصرين“ سڏيو ويو ٿي، ڪيئن بچي ويو؟“
”بس قدرت چاهيو ٿي ته اڳتي هلي اسان جهڙا غريب هن مان تعليم حاصل ڪري سگهن. ساڳي وقت هن کي ٺاهڻ واري خليفي کي به اڄ ڏينهن تائين ماڻهو ياد ڪري رهيا آهن جو هن تعليم کي پکيڙڻ جو نيڪ ڪم ڪيو.“ عرب شاگرد ٻڌايو.
منهنجي خيال ۾ رب پاڪ ڪنهن جي به نيڪي برباد نٿو ڪري چاهي مخدوم غلام حيدر هجي يا حسن علي افندي، ڏيارام ڄيٺمل هجي يا نادر جي ايڊلجي ڊنشا پر خبر ناهي ڇو اها ڳالهه اسان جي ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته هو ”ڏئي“ نيڪيون ۽ ثاب ڪمائين پر هنن جو سڄو زور ”ڦرلٽ“ ۽ گهڻي کان گهڻو ”مال ٺاهڻ“ تي ٿي پيو آهي جيڪو پوءِ کين نصيب به نٿو ٿئي! هڪ ڏينهن اوچتو مڻين مٽيءَ هيٺان دفن ٿيو وڃن... جنهن جا واقعي سادام، قذافي، شاه فاروق، شهنشاهه ايران جهڙا ڪيترائي عبرتناڪ مثال آهن. مثال ته پنهنجي ملڪ جا به ڏئي سگهجن ٿا.... پر اهي ڏيڻ بنا به هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. هر هڪ کي ڪُُکن ٿا. عباسي گهراڻي جو هي ڇٽيهون خليفو المستنصر بالله 1192ع ۾ خليفي الظاهر جي گهر ۾ ڄائو. 1226ع ۾ والد جي وفات بعد پاڻ بغداد جو خليفو ٿيو ۽ 1242ع ۾ وفات ڪيائين. ان بعد سندس پٽ المستعصم ستٽيهون خليفو ٿيو جنهن جي ڏينهن ۾ هلاڪوءَ بغداد تي حملو ڪيو.
المستنصر بالله پنهنجي دور حڪومت ۾ بلڪه خليفو ٿيڻ سان ٻئي سال 1227ع ۾ بغداد ۾ هي مدرسو ٺهرايو هو جيڪو پوءِ وڌندي وڌندي اڄ المستنصريا يونيورسٽي ٿي آهي. اها ڳالهه سندس Credit واري خاني ۾ لکڻ کپي جو اڄ جي ماڊرن دور ۾، جڏهن اهو هر طرح سان ثابت ٿي چڪو آهي ته مرد توڙي عورت لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ اهو ملڪ ترقي ٿو ڪري ۽ سندس عوام خوشحال زندگي ٿو گذاري جنهن ۾ گهڻي کان گهڻي تعليم آهي- ان هوندي به اسان جو ورلي ڪو حاڪم- مير، پير، ڳوٺ جي وڏيري، سياستدان وزير کان بيورو ڪريٽ ان طرف ڌيان ٿو ڏئي، اتي اڄ کان ساڍيون ست صديون اڳ ملڪ جو خليفو هڪ اهڙو مدرسو کولي جنهن ۾ اسلامي مذهبي تعليم سان گڏ کٿابين (شاگردن) کي ميڊيسن، مئٿس، لٽريچر، گرامر ۽ فلسفو به پڙهايو وڃي واقعي ڪمال جي ڳالهه آهي ۽ هن جي Vision کي داد ٿو ڏيڻو پوي. اسان وٽ به هاڻ، سو به ڪجهه مدرسن ۾، سائنس ۽ انگريزي پڙهائڻ شروع ڪئي وئي آهي نه ته اسان ننڍا هئاسين- يعني اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، پنهنجي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته ڳوٺ جا ملان انگريزي ۽ سائنس جهڙن سبجيڪٽن کي ڪافرن جي تعليم سڏيندا هئا. خليفي المستنصر بالله جي هن مدرسي ۾ وڏو ڌيان اسلامي قانون پڙهائڻ تي ڌريو ويو ٿي ۽ هي مدرسو ان وقت جي دنيا ۾ هڪ اعليٰ تعليمي درسگاهه سمجهيو ويو ٿي. دجله (Tigris) نديءَ جي کاٻي ڪپ تي ٺهيل هي مدرسو اڄ جڏهن هي المستنصريا يونيورسٽي ٿي ويو آهي ته اڄ به هن اداري ۾ Subjects جي وڏي ورائٽي پڙهائي وڃي ٿي ۽ هتي جا گرئجوئيٽ نه فقط عرب دنيا ۾ پر يورپ ۾ به نظر اچن ٿا. A Sky so Close ۽ Absent ناولن جي ليکڪا بتول الخضيريءَ هن يونيورسٽيءَ مان فرينچ لٽريچر ۾ ڊگري حاصل ڪئي هئي ۽ عرب دنيا جي هڪ ٻي مشهور ناول نويس عاليه ممدو جنهن ڪيترائي ناول لکيا، هن يونيورسٽيءَ مان نفسيات ۾ ڊگري حاصل ڪئي. The Loved Ones ۽ Naphthalene مشهور ناول ان جا ئي لکيل آهن. دنيا جو اڄڪلهه امير ترين واپاري نظمي شاڪر اوجيءَ به هن يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. توهان جو جي بغداد ۾ اچڻ ٿئي ۽ هن يونيورسٽي کي ڏسڻ جو موقعو ملي ته هن جي ڀرسان بغدادي ميوزيم، متنابي اسٽريٽ (شارع المتنبي)، ساري سوق (مارڪيٽ) ۽ عباسي گهراڻي جو محل- ڊٺل حالت ۾ ئي سهي، ڏسڻ وٽان آهي ۽ اهي سڀ المستنصريا يونيورسٽيءَ جي آس پاس ۾ ئي آهن.