فرينچ انقلاب
جنهن تي راڻي صاحبه جيڪا عوام ۽ ملڪ جي ڏکن غمن کان اڻ واقف هئي، معصوميت مان چيو ته ”ڊبل روٽي نه اٿن ته پوءِ ڪيڪ ڇو نٿا کائين.“
ان وقت جي فرانس سان بس ڪجهه ڪجهه اهو ئي حال هو جيڪو گذريل ڏهه پندرهن سالن کان اسان وٽ به هلي رهيو آهي. مونکي ياد آهي ته اسان وٽ به عوام جڏهن دانهون ڪيون ته بک ٿا مرون، ڇا کائون، ويندي دال ۽ ڀاڄيون به مهانگيون ٿي ويون آهن ته اسان جي هڪ فيڊرل وزير چيو ته ”دالين جي قيمت وڌي وئي آهي ته ماڻهن کي کپي ته ڪڪڙيون کائين جن جي قيمت ته ڪجهه گهٽ ٿي وئي آهي!“ پر افسوس جو اڄ، هن وقت جڏهن هي لکي رهيو آهيان ته اسان وٽ زنده ڪڪڙ جو اگهه ته بيحد چڙهي ويو آهي پر مئل ڪڪڙين جو به!
مسلمان ملڪن ۾ اسان جو واحد ملڪ آهي جتي مئل ڪڪڙيون به وڪامن ٿيون ۽ هوٽلن وارا انهن کي رڌيو گراهڪن کي کارايو ڇڏين. مئل ڪڪڙيون يا انهن جي گوشت کي ”ٺنڊا گوشت“ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٽرڪ جي مٿين حصي ۾ رکي هوٽلن تي سپلاءِ ڪيون وڃن ٿيون. فرينچ انقلاب تاريخ ۾ هڪ وڏي ۽ اهم event هئي فرينچ انقلاب بعد مڪمل بادشاهتن جو خاتمو ٿيڻ لڳو ۽ ريپبلڪ ۽ liberal Democracies جنم وٺڻ لڳيون. فرينچ انقلاب بعد فرانس 1792ع ۾ ريپبلڪ بڻايو ويو. ٻئي سال 1793ع ۾ ڪنگ لوئيس جو سر قلم ڪيو ويو. نئپولين بونا پارٽ (ڄم جو سال 1769ع ۽ وفات جو سال 1821ع) فرينچ انقلاب ۾ نالو پيدا ڪيو. ان بعد جنرل جي حيثيت ۾ هن ڪيتريون ئي لڙائيون کٽيون ۽ پنهنجي ملڪ کي مضبوط بڻايو. ان بعد هو 1804ع کان 1815ع تائين فرانس جو شهنشاهه ٿي ويٺو. هن جنهن جنگ ۾ حصو ورتو ٿي اها کٽيائين ٿي پر ”واٽر لو“ جي لڙائي هن لاءِ آخري ثابت ٿي جيڪا 1815ع ۾ بيلجم ملڪ ۾ Waterloo شهر وٽ لڳي. هڪ طرف نئپولين ۽ هن جي فرينچ فوج هئي ته ٻئي پاسي اهم فوج انگريزن جي هئي جنهن جي اڳواڻي ڊيوڪ آف ويلنگٽن (اصل نالو آرٿر ويلسي) ڪري رهيو هو. هو هڪ سپاهي جي رئنڪ مان اڀريو، ٻه دفعا ملڪ جو وزيراعظم به ٿيو. ننڍي کنڊ جي تاريخ جا شاگرد هن کان چڱي طرح واقف هوندا جو هن چوٿين ائنگلو ميسور جنگ (1805-1803ع) ۾ حصو ورتو هو جيڪا انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ مرهٺا سلطنت جي وچ ۾ لڳي هئي جنهن ۾ انگريزن کٽيو ۽ مرهٽن سان ديوگائون ۽ راجگهاٽ جهڙا معاهدا (Treaties) ٿيا. ويلسلي سرينگاپٽنام ۽ ميسور جو 1799ع کان گورنر هو. ان کان اڳ ۾ هو فوج ۾ ڪرنل هو پر پوءِ بعد ۾ جنرل ۽ فيلڊ مارشل ٿيو ۽ نئپولين سان 1815ع ۾ جنگ کٽڻ بعد کيس فرانس جو سفير مقرر ڪيو ويو ۽ ويلنگٽن جي ڊيوڪڊئم ڏني وئي. هوڏانهن نئپولين کي ڏيهه نيڪالي ڏئي هڪ ڏورانهين ٻيٽ سينٽ هيلنا (St. Helena) تي قيد ڪيو ويو جتي هو 5 مئي 1821ع تي گذاري ويو.
نيپولين کي انگريز ۽ ٻيا ملڪ ته گاريون ڏيندا هوندا پر اهو آهي ته هن فرانس جي عوام ۽ ملڪ کي مضبوط بڻايو. فرانس جي ماڻهن جي فقيراڻي حالت وڃي ٿي هئي. هن ڀر وارن ملڪن کان جنگيون کٽي فرانس جي حالت مضبوط ڪئي ۽ ملڪ جي گڏهه ۽ عياش بادشاهه جو سر قلم ڪرائي عوام جي بادشاهت مان جان ڇڏرائي بلڪه فرانس ۾ شهنشاهي راڄ ختم ٿيڻ بعد يورپ جي ٻين ملڪن به فالو ڪيو ۽ هڪ ٻئي پويان اهي ريپبلڪ ٿيڻ لڳا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نيپولين پاڻ به آخري سال بادشاهه ٿي رهيو پر آئين مطابق هو عوام جو بادشاهه ٿي رهيو ۽ عوام کي جوابده رهيو. پهريان بادشاهه ملڪ جا بادشاهه هئا جن پاڻ کي ملڪ جو مالڪ ٿي سمجهيو- يعني جيئن هنن کي وڻيو ٿي تيئن ملڪ کي ڀيليو ٿي. دراصل اڄ به ڪيترن ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جي حاڪمن جي اها ئي ذهنيت آهي، اهو ئي Mind set آهي ته هو جمهوري ملڪن ۾ عوام کان ووٽ حاصل ڪري عوام جي خدمت ڪرڻ بدران فرانس، ايران، يا انڊيا جا مغل بادشاهه ٿي رهن ۽ ڀائين ته مرڻ تائين اسان حاڪم هجون يا رکي رکي- واري وٽي تي سهي، پر هر هر ملڪ جا حاڪم ٿي ملڪ کي لٽيون، ڦريون ۽ عيش ڪريون. هو نه فقط پاڻ پنهنجي لاءِ پر پنهنجين ستن پيڙهين لاءِ مال دولت گڏ ڪن ٿا. هنن ظالمن کي اهو احساس نٿو ٿئي ته اها دولت جنهن عوام جي کسي رهيا آهن اهو غريب، بکيو ۽ بي حال ٿيندو وڃي. هو نه فقط پاڻ هميشه لاءِ حاڪم ٿيڻ جي خواهش رکن ٿا پر هو چاهين ٿا ته هنن بعد هنن جو اولاد- پٽ هجي يا ڌيءَ اهو ئي حاڪم ٿئي- پوءِ ڀلي اهو چريو کريو هجي. هو پنهنجي طاقت ۽ دولت ذريعي ماڻهن کي ڊيڄاري، انهن کي پئسي جي لالچ ڏئي، زبردستي ووٽ حاصل ڪن ٿا.
دراصل شهنشاهي راڄ ۽ جمهوريت ۾ اهو ئي فرق آهي. جمهوريت جي صحيح معنيٰ ۾ آهي ۽ عوام جو ووٽ ايمانداريءَ سان صحيح ماڻهوءَ کي ملڪ جو حاڪم بنائي ٿو ته ملڪ ترقي ڪري ٿو جنهن جا مثال يورپ جي ملڪن کان وٺي آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڪئناڊا ۽ ملائيشيا، جپان تائين نظر اچن ٿا. بادشاهي نظام ۾ بادشاهه ان فڪر ۾ رهي ٿو ته سندس نسب جو سلسلو هلندو رهي ۽ کيس پٽ ڄمي، جيئن اهو هن بعد گادي نشين ٿئي. هو اهو نٿا سوچين ته هنن جا پٽ جيڪي هنن کان به بيڪار پيدا ٿيا آهن اهي عوام جي زندگيءَ سان راڱا ڪندا. هو پٽن کي عوام جي خدمت ڪرڻ جون نصيحتون ڪرڻ يا اخلاق سيکارڻ بدران اهو ئي سبق ڏئي وڏو ڪن ٿا ته حڪومت جون واڳون ڪيئن حاصل ڪجن، ڪيئن ڦرلٽ ۽ محل محلاتون ٺاهجن. پوءِ ڪٿي همايون جهڙا نشي ۾ ڌت ڏاڪڻ تان ڪريو مريو وڃن، ڪي تخت کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڀائرن جون اکيون ڪڍيو ڇڏين، پيئرن کي قيد ڪريو ڇڏين. اسڪول جي ڏينهن ۾ فرينچ انقلاب تي ڪجهه ناول پڙهيا هئاسين جهڙوڪ:
A Tale of Two Cities
City of Darkness, City of Light
Fatal Purity
The Way to Lantern
وغيره جن ۾ فرانس جي بادشاهه جي سر قلم ڪرڻ بابت پڙهي افسوس ٿيندو هو ته عوام پنهنجي بادشاهه کي سرعام قتل ڪري ڇڏيو ۽ اهو نظارو ڏسڻ وقت پوڙها جوان، مرد عورتون خوش ٿي رهيون هيون... پنهنجي بادشاهه کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيون هيون. مونکي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ان قسم جون فلمون ڏسي. پوءِ جهاز تي نوڪري ڪرڻ دوران ڪجهه آفريڪن ملڪن جي ڏڪاريل حالت ڏسي ۽ سچ ته اڄ پنهنجي ملڪ جي به ڪسمپرسي واري حالت ڏسي ۽ عوام کي سوشل ميڊيا تي حاڪمن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو ڏسي سنڌيءَ جي چوڻي سمجهه ۾ ٿي اچي ته ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري“ يا شيخ اياز جي ڳالهه سچ ٿي لڳي ته ”پيٽ ڏيڊ خدا آهي.“ هو ساحر لڌيانويءَ جو شعر آهي نه ته ”بوک آداب ڪي سانچون مين نهين ڍَل سَڪتِي.“ اسان جو ملڪ قرضي ٿي ويو آهي، رمضان جي مهيني ۾ به ايڏي مهانگائي ٿي وئي آهي جو ماڻهو اٽو ۽ دال به نٿا خريد ڪري سگهن. اها ئي حالت هئي لوئي سورهين فرانس جي بادشاهه جي ڏينهن ۾. عوام کي هڪ ويلي لاءِ به ڊبل روٽي نه هئي ۽ شاهي خاندان محلن ۾ عيش ۽ عشق پئي ڪيا. ملڪ قرضي ٿي ويو پر حاڪمن جي خرچ ۾ کوٽ نه پئي آئي ۽ پوءِ اهو وقت آيو جو عوام هوش حواس وڃائي ويٺو. نه فقط هنن کان تخت و تاج کسيو ويو پر پئرس جي وچ چوڪ تي سڄي شهر جي ماڻهن اڳيان بادشاهه (لوئيس سورهين) ۽ راڻي مئري سڄو نالو: (Marie Antoinette) جيڪا آسٽريا جي راڻي ماريا ٿيرسا جي ڌيءَ هئي، جو گيلوتين ذريعي سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. گيلوتين (جنهن کي عرب الجيلوتين ٿا سڏين) ٻن ڊگهين ڪاٺين جو فريم ٿئي ٿو جنهن جي ٽاپ تي هڪ لوهي ڳرو ڪنڊائتو ڪات لڙڪايو وڃي ٿو. جج طرفان موت جي سزا حاصل ڪرڻ واري ڏوهاريءَ (مجرم) کي منهن تي ٽوپ چاڙهي هن جي ڪنڌ کي هيٺين حصي ۾ ٻڌو وڃي ٿو ۽ پوءِ مٿئين ڪات مان رسو ڪڍڻ تي اهو تيزيءَ سان گهرڪي هيٺ ڪري ٿو ۽ ڏوهاريءَ جو سر ڪپجي پري وڃي ڪري ٿو. هن قسم جو قتل ڪرڻ وارو گيلوتين (Guillotine) اوزار جنهن کي ڪنڌ ڪَپڻ جي مشين به چئجي، فرانس جي انقلاب بعد ٻڌڻ ۾ آئي ۽ استعمال ۾ عام ٿي. فرينچ انقلاب تي ٺهيل فلمن مان به ڪجهه ۾ اها ڏيکاري وئي آهي. فرينچ انقلاب تي سٺ ستر کن فلمون ٺهي چڪيون آهن جن مان هڪ ته ڪاليج جي ڏينهن ۾ A Tale of Two Cities ڏٺي هئيسين ان بعد ڏٺل فلمن مان هڪ ٻن جا نالا ياد اچي رهيا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
- Farewell My Queen
- The Lady and the Duke
- The French Revolution
- The Supper.