الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

شهنشاهه ايران جي مصري شهزادي فوزيه سان شادي

ڪن بادشاهتن جو ٿو سوچجي ته حيرت ٿي ٿئي ته ڪيڏيون آڳاٽيون آهن جيڪي سالن کان هلندي هلندي هاڻ اچي ختم ٿيون آهن. ايران ۾ شهنشاهي راڄ به مصر وانگر ڪافي آڳاٽو رهيو. مصر جا فرعون (بادشاهه) حضرت موسيٰ عليه السلام جي وقت کان به اڳ جا هئا ۽ اهو بادشاهي سسٽم اچي اچي گذريل صديءَ ۾ يعني اسان جي ڏينهن ۾ ختم ٿيو جنهن جي آخري بادشاهه فاروق کي ملڪ مان ڀڄايو ويو. اهو ئي حال ايران جي بادشاهه محمد رضا شاهه پهلويءَ جو ٿيو جيڪو ايران جي صدين کان هلندڙ شهنشاهيت جو آخري بادشاهه ثابت ٿيو. ڏٺو وڃي ته ايران جي هن بادشاهي نظام جو سلسلو حضرت عيسيٰ عليه جي ڄمڻ کان به ساڍيون پنج صديون اڳ 550 ق.م ۾ هخا منشي (Achaemenid) سلطنت جي اڳواڻ ڪوروش اعظم (Cyrus The Great) رکيو. ان بعد هڪ ڊگهي قطار بادشاهن جي هلندي رهي جن مان ڪيترن جا ئي نالا اڄ به تاريخ ۾ مشهور آهن.... قمبيز اول، دارا ان بعد خشيارشا (Xerxes) ارد شير اول، دارا دوم، دار سوم... - جنهن لاءِ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ شعر آهي ته: ”ٿيا هزار سڪندر دارا ويا پنهنجو وڄائي وارا....“ وغيره. ان وقت تائين به نه اسلام هو نه عيسائيت. درا سوم جي حڪومت حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڄمڻ کان 330 سال اڳ تائين هلي. ان بعد ايران جو بادشاهه يونان جو سڪندر اعظم ٿيو. ڪٿي يونان ڪٿي ايران. فارسي ڳالهائڻ وارن جي ملڪ ۾ يوناني هلڻ لڳي. اُها به ٽي چار سال نه جيئن ٻي جنگ عظيم ۾ جپاني فوج جي سنگاپور ۽ ملائيشيا تي قبضي دوران اتي جي اسڪولن ۾ جپاني پڙهائي وئي ٿي، پر يڪاسارا 300 سال! جن مان ست سال 330 قبل مسيح کان 323 تائين ته سڪندر پاڻ بادشاهه ٿي رهيو ان بعد هن جا يوناني فوج جا ماڻهو ايران تي حڪومت ڪندا رهيا. سڪندر اعظم ايران ۾ رهڻ دوران ٽي شاديون ڪيون. هن پهرين شادي ايراني ڇوڪري Roxana سان ڪئي جنهن کي اسان يا ايراني رخسانا سڏين ٿا. ٻي شادي ”دارا سوم“ جي ڌيءَ استاتيرا اول سان ڪئي ۽ ٽي شادي ارد شير سوم جي ڌيءَ پروشات سان ڪئي. 323 ۾ سڪندر Baloylon ۾ گذاري ويو ان بعد سندس پهرين زال رخسانا پنهنجو ۽ پنهنجي پٽ الينگزينڊر چوٿين جو ڪم پڪو رکڻ خاطر باقي ٻن زالن کي مارائي ڇڏيو. ياد رهي ته سڪندر اعظم جو نالو الينگزينڊر ٽيون (سوم) هو. بهرحال يوناني به هميشه لاءِ ايران ۾ نه رهي سگهيا. انهن بعد وري مقاميايراني حاڪم ٿيا... اشڪانيان سلطنت، ساساني سلطنت وغيره... هي آتش پرست هئا. بعد ۾ اسلام بعد مسلمان سلطنتون ايران تي حڪومت ڪنديون رهيون تان جو آخر ۾ ”قجار گهراڻو“ حاڪم ٿيو ۽ ان بعد آخري حاڪم گهراڻو ”پهلوي گهراڻو“ رهيو جنهن جو بنياد رضا شاه پهلويءَ رکيو ۽ جنهن بعد سندس پُٽُ- محمد رضا پهلوي ٻيو ۽ آخري بادشاهه رهيو. انهن سڀني بابت پنهنجي ايران جي سفر نامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان ان ڪري هتي دهرائڻ نٿو چاهيان. هتي البت ايران جي آخري بادشاهه محمد رضا شاهه پهلوي جي ٽن زالن بابت لکان ٿو جن بابت اسان ننڍپڻ ۾ تمام گهڻو ٻڌندا رهندا هئاسين- جن جون تصويرون دنيا جي هر اخبار هر رسالي ۾ آيون ٿي. انهن ڏينهن ۾ نه هئا اڄ وارا آءِ پئڊ، موبائيل فون، ٽي وي نه ڪمپيوٽر جن تي دنيا جي هر خبر، هر ڳالهه معلوم ٿي سگهي ٿي. انهن ڏينهن ۾ اسان لاءِ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو واحد طريقو لئبرريءَ ۾ وڃي اخبار پڙهڻ هوندو هو سو به 1957ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ وڃڻ کان پوءِ نه ته ان کان اڳ ڳوٺ ۾ مونکي ڪو ياد ناهي ته ڪنهن جي گهر اخبار ايندي هئي. دنيا جي ڪا خاص خبر ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس جي ٽيچر کان ٻڌبي هئي. ٻين ڳوٺن جي خبر ناهي.... ٿي سگهي ٿو اتي به ڪي اهڙا ماڻهو هجن پر اسان جي ڳوٺ هالا ۾ چند ماڻهو خبر رسان ايجنسين جو ڪم ڪندا هئا- يعني هو هِتان هُتان ڪا سنسني خيز خبر پڙهي يا ٻڌي، ان ۾ مرچ مصالحا وجهي مارڪيٽ ۾ ماڻهن کي ٻڌائيندا هئا ۽ وڏا توڙي اسان ننڍا انهن جي ويجهو بيهي اهي خبرون وڏي شوق سان ٻڌندا هئاسين. انهن ۾ هڪ اسان جي گهٽيءَ جو ”مامو مقيم“ پڻ هو. اسان جي پڦيءَ جو مڙس ”حاجي شفي محمد شهنشاهه“ پڻ هڪ هو. پاڻ شاعر به هو. سندس خبرون وڌيڪ reliable ۽ تفصيلي ان ڪري به هونديون هيون جو هو مخدوم غلام حيدر- جنهن هالا ۾ انگريزي اسڪول کولرايو، جو خاص ماڻهو هو ۽ مخدوم صاحب سان هميشه گڏ رهندو هو جن وٽ هڪ ٻه اخبارون به آيون ٿي جيڪي هن به پڙهيون ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هفتو ڏيڍ اڳ جي پراڻي الوحيد اخبار هن جي هٿ ۾ به هوندي هئي. سندس وفات بعد سندس ٻئي سامان سان گڏ ڪجهه پراڻيون ”الوحيد“ اخبارون به مليون. بازار مان لنگهبو هو ته ڪَڪَن جي گهٽيءَ جو هڪ اهڙو همراهه نظر ايندو هو جنهن کي تازه ترين خبرن جي وڏي ڄاڻ رهي ٿي ۽ ايندڙ ويندڙ هن جون خبرون وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌيون ٿي. ايتريقدر جو ماڻهو کيس اصل نالي بدران ”بي بي سي“ سڏيندا هئا. سندس اصل نالو مون به هي مضمون لکڻ وقت پنهنجي هالا جي ڪلاس ميٽ پروفيسر تاج محمد ميمڻ کان معلوم ڪيو ته اهو محمد يعقوب متقي هو.
انهن ڏينهن جي خبرن مان هن وقت ٻه خبرون ياد آهن جيڪي بيحد پاپيولر هيون ۽ ماڻهن وڏي شوق سان ٻڌيون ٿي. هڪ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ جون ۽ ٻي ايران جي شهنشاهه محمد رضا شاهه پهلويءَ جي راڻين جي. انهن ڏينهن تائين شهنشاهه ايران جون ٻه شاديون ٿي چڪيون هيون. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي سالن ۾ هن ٽين زال فرح ديبا سان شادي ڪئي ۽ مونکي ياد آهي ته نه رڳو پيٽارو ۾ جتي جي لئبرريءَ ۾ اخبارون ۽ رسالا آيا ٿي پر پوءِ نيول اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ۽ جهازن تي نوڪريءَ دوران، اسان ايران جي هن راڻي ”فرح ديبا“ جون ڳالهيون وڏي دلچسپيءَ سان پڙهندا رهياسين ٿي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته شهنشاهه ايران جون ٽئي راڻيون تاريخ ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون جو هنن ٽنهي جو اهم خاندانن سان تعلق هو.
شهنشاهه ايران جي پهرين زال ”فوزيه“ ان وقت جي مصر جي بادشاهه ”فاروق اول“ جي ڀيڻ هئي جنهن سان شهنشاهه ايران جي 1939 ۾ شادي ٿي جڏهن هوءَ 18 سالن جي هئي ۽ شهنشاهه ايران کانئس ٻه سال وڏو يعني 20 سالن جو هو.
فوزيه 1921 ۾ مصر جي شهر اليگزينڊريا (سڪندريا) جي مشهور شاهي محل ”قصر راس التين“ ۾ ڄائي ۽ ڀاءُ ”شاه فاروق“ ۽ ڀيڻن ۾ وڏي هئي. سندس والده يعني ”شاه فواد“ جي ٻي زال نازلي صابريءَ جو نسل الباني، ترڪ، فرينچ ۽ قفقازي هو. فوزيه جو پڙ نانو ميجر جنرل محمد شريف پاشا جيڪو ترڪ هو اهو وزيراعظم ٿي رهيو ۽ ان جو وڏو پُٽُ سليمان پاشا فرينچ آرمي ۾ هو ۽ نيپولين وٽ ڪم ڪيائين جتي هو مسلمان ٿيو. فوزيا پنهنجي مادري زبان عربيءَ کان علاوه انگريزي ۽ فرينچ ٻولين ۾ به ماهر هئي جنهن بابت لکي چڪو آهيان ته مصر جي ان وقت جي اشرافيه (اليٽ خاندان) عربي بدران گهر ۾ به فرينچ ۽ اطالوي ٻولين ۾ ڳالهايو ٿي. فوزيه فرينچ ٻولي سئٽزرلينڊ ۾ سکي جتي هن تعليم حاصل ڪئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فوزيه ننڍپڻ کان بيحد خوبصورت ڇوڪري هئي جنهن جي انگريزن به تعريف ڪئي ٿي. هن لاءِ ڪنهن هنڌ پڙهيو هوم ته:
“Fawzia as an young women was supremely naïve, over protected cellophane wrapped gift packaged little girl who lived in bucolic surroundings, mobbed by adoring servants, aunts, and ladies in waiting….”
فوزيه جي سونهن جي ڀيٽ ان وقت جي حسين فلمي اداڪارائن هيڊي (Hedy Lamarr) ۽ وائون (Vivien Leigh) سان ڪئي وئي ٿي. مٿين فلم ائڪٽريس هيڊيءَ کان منهنجا هم عمر يا آس پاس جي عمر جا ضرور واقف هوندا جن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ان وقت جي ٽاپ فلم سئمسن ائنڊ ڊيليلاه (Samson & Delilah) ڏٺي هوندي جيڪا رکي رکي ڪيترائي دفعا ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سئنيمائن ۾ چڙهندي رهي. 1949ع جي MGM (ميٽرو گولڊون ميير) جي هن فلم ۾ هيڊيءَ ”ڊيليلاه“ جو پارٽ ڪيو هو. ان وقت جون سندس هڪ ٻه ٻيون فلمون آهن: Algiers، ليڊي آف دي ٽراپڪس، Boom Town، وائيٽ ڪارگو وغيره، حيدرآباد جا ڪجهه اديب دوست سڃاڻان جن پڪ آهي ته اهي فلمون ڏٺيون آهن: پروفيسر قاضي خادم، غلام نبي مغل، وليرام ولڀ ۽ مدد علي سنڌي وغيره. هيڊي آسٽريا ۾ ڄائي پر پوءِ فلمن جي سلسلي ۾ هوءَ پئرس ۾ اچي رهي. ٻارهن سالن جي هئي ته هن حسن جي مقابلي ۾ ايورڊ حاصل ڪيو. سو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته شهنشاهه ايران جي هيءَ پهرين زال فوزيه ڪيڏي سهڻي هئي جنهن کي فلم ائڪٽريس هيڊيءَ سان ڀيٽيو ويو ٿي يا وري ويوين (Vivien Leigh) سان جيڪا پڻ هيڊي جي عمر جي ۽ مشهور فلم ائڪٽريس هئي. ”ويوين“ انگريز نسل جي هئي. پاڻ 1913ع ۾ انڊيا جي شهر دارجلنگ ۾ ڄائي جتي سندس پيءُ برنيس مئن هو. ”ويوين“ تعليم به دارجلنگ مان حاصل ڪئي. هيءَ پڻ پنهنجي وقت جي خوبصورت ۽ مشهور ائڪٽريس ٿي گذري آهي. سندس ڪجهه مشهور فلمون آهن: Gone with The wind, A streetcar Named Desire وغيره.
ايران جو آخري حاڪم گهراڻو- پهلوي گهراڻو، جنهن جو بنياد رضا شاهه پهلويءَ رکيو جنهن بعد هن جو پٽ محمد رضا پهلوي شهنشاه ٿيو- بلڪه ايران جو آخري شهنشاهه ٿي رهيو جنهن کي امام خمينيءَ تخت تان لاهي ملڪ بدر ڪيو- ڪو ابن ڏاڏن کان پيراڻو يا شان شوڪت وارو خاندان نه هو. رضا خان هڪ ڪڙميءَ جو پٽ هو جنهن ايراني فوج ۾ هڪ عام سپاهيءَ جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي ۽ ترقي ڪندي جنرل ٿيو ۽ 1921ع ۾ ملڪ ۾ انقلاب آڻي پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو. هن چاهيو ٿي ته هن جو وليعهد شهزادو محمد رضا مصر جي علي گهراڻي جي ڇوڪريءَ (يعني شاه فاروق جي ڀيڻ فوزيه) سان شادي ڪري جيئن هن جو نالو ٿئي، ڇو جو مصر جو علي گهراڻو 1805 کان مصر تي حڪومت ڪري رهيو هو. هن شاديءَ ۾ هنن شيعن ۽ سنين کي به گڏ ڪرڻ چاهيو ٿي. مصر جي فوزيه جو سني اسلام سان تعلق هو ۽ ايران جي شهزادي محمد رضا جو شيعا اسلام سان. بهرحال هن شاديءَ مان مصر جا ماڻهو ڪو گهڻو خوش يا متاثر نه هئا جو انهن ڏينهن ۾ ايران کان مصر وڌيڪ امير ۽ ماڊرن ملڪ هو. اهو ته بعد ۾ ايران مان تيل نڪرڻ ڪري ۽ آمريڪا پنهنجي فائدي لاءِ ايران سان دوستي ڪري هن کي هٿيار وغيره مهيا ڪري طاقتور بڻايو. نه ته هن شاديءَ جا احوال ٿا پڙهجن ته ايران جي رضا خان جيڪي پنهنجي پٽ محمد رضا جي سڱ گهرڻ وقت شاه فاروق کي تحفا ۽ سوکڙيون موڪليون هيون انهن کي مصر جي ماڻهن بنهه نيچ ۽ سادو سمجهيو ۽ جڏهن شاديءَ جي بندوبست لاءِ ايراني ڊيليگيشن مصر پهتو ته هن کي مصر جي ماڻهن اسماعيل پاشا شهنشاهه (Ismail The Magnificent) جا ٺهرايل شاهي شان وارا محل ڏيکاري دماغ ڦيرائي ڇڏيو. شاه فاروق پهرين اهو پسند نه ڪيو ته هيءَ ڪا شادي ٿئي پر پوءِ ڪجهه صلاحڪارن اها ئي صلاح ڏنس ته ائين ڪرڻ سان مصر، سوڊان ۽ ايران گڏيل طاقت ٿي پوندو جنهن جو رعب نه فقط مشرق وسطا ۾ پر انگريزن تي به پوندو جيڪي رکي رکي عرب ملڪن جو سک ڦٽائي رهيا هئا.
ايران ۾ زندگي گذارڻ لاءِ شهزادي فوزيا کي فارسي سيکارڻ لاءِ هڪ ماسترياڻي رکي وئي. مصري شهزادي فوزيه ۽ ايران جي محمد رضا پهلويءَ جي 1939ع ۾ قاهري جي عابدين محل ۾ شادي رچائي وئي. هي محل (قصر عابدين) قاهري شهر جي وچ ۾ ”قصر نيل اسٽريٽ“ تي هڪ تاريخي محل آهي ۽ ملڪ جي صدر جي سرڪاري رهائش گهرن مان هڪ آهي جيڪو الخديوي اسماعيل پاشا 1863 ۾ ٺهرائڻ شروع ڪيو هو جيڪو ڏهن سالن بعد 1874 ۾ مڪمل ٿيو. فرينچ عمارتساز ليان کان علاوه ڪيترن ئي اطالوي، مصري، ترڪن ۽ فرينچن هن تي ڪم ڪيو. محل ۾ 500 سُوٽ (وڏا ڪمرا هر سهولت سان گڏ) موجود آهن. اڄڪلهه هن محل کي ميوزيم بنايو ويو آهي جنهن کي ٽوئرسٽ ڏسي سگهن ٿا.
هن محل ۾ شاديءَ جي رسم بعد شاه فاروق هن جوڙي کي مصر جي ٽوئر تي وٺي هليو ۽ کين هتي جا اهرام (Pyramids)، الاظهر يونيورسٽي ۽ ٻيون مشهور عمارتون گهمايون. فوزيه جي رخصتي کان اڳ شاه فاروق هن عابدين محل ۾ مهمانن جي مانيءَ ۾ 20 مختلف ڪورس تيار ڪرايا. چون ٿا ته ان بعد ڪنوار فوزيا پنهنجي ماءُ راڻي نازلي سان گڏ ريل گاڏيءَ ذريعي تهران رواني ٿي. رستي تي هر هر اليڪٽرسٽي جي بند ٿيڻ تي ماءُ ڌيءَ کي ڪافي شڪست آئي ۽ سندن ٽرين ۾ سير ڪرڻ وارو مزو ڪِر ڪِرو ٿي ويو.
ايران پهچڻ تي سندن شاديءَ جي رسم هڪ دفعو وري ٿي. اها تهران جي ”ماربل محل“ ۾ ٿي جيڪو سندن مستقبل جو گهر پڻ رهيو. پڙهندڙن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته ايران به هڪ زبردست تاريخي ملڪ آهي جنهن جو هر شهر ڏسڻ وٽان آهي. اسان جي ملڪ جا تمام گهڻا ماڻهو ايران وڃن ٿا پر هو جيڪو هفتو کن اتي گذارين ٿا اهو هنن جو مذهبي شهرن: قم، مشهد ۽ ري (تهران) ۾ گذريو وڃي. هفتو کن جي هو وڌيڪ رهن ته تبريز، اصفهان ۽ ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري وارن شهرن جي سونهن ۽ عمارتون به ڏسڻ وٽان آهن. مٿي بيان ڪيل تهران جو ماربل محل جنهن ۾ فوزيه (مصري شهزادي) ۽ پهلوي وليعهد جي شادي ٿي ۽ بعد ۾ طلاق تائين ڏهه سال کن ان ئي محل ۾ رهيا، ڏسڻ جهڙي عمارت آهي جيڪا اڄڪلهه ميوزيم آهي ۽ ايران جا ۽ دنيا جا ٽوئرسٽ ان کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان اچن ٿا. عربيءَ ۾ محل کي ”قصر“ سڏين ٿا ۽ فارسيءَ ۾ ”ڪاخ“. ماربل محل کي فارسيءَ ۾ ”ڪاخ مرمر“ چون ٿا جيڪو تهران شهر جي وچ ۾ تهران يونيورسٽيءَ جي ڀرسان ئي آهي. هي محل رضا شاهه جي حڪم تي فرينچ انجنيئر جوزف ليان ۽ ايراني آرڪيٽيڪٽ فتح الله جي نظر هيٺ 1937ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هي محل فنڪشنن ۽ دعوتن لاءِ ٺهرايو ويو هو جنهن ۾ پوءِ رضا شاهه ڏيهه نيڪالي تائين- يعني 1941ع تائين پنهنجي چوٿون نمبر زال عصمت دولتشاهيءَ سان گڏ رهيو. هن تخت ڇڏڻ جو عهد نامو به هن محل ۾ صحيح ڪيو. سندس وليعهد پٽ- ايران جي آخري بادشاهه شهنشاهه محمد رضا پهلويءَ جون به ٽئي شاديون هن محل ڪاخ مرمر (Marble Palace) ۾ ٿيون. ويندي شهنشاهه جي پهرين زال فوزيا مان ڌيءَ ”شهناز پهلويءَ“ جي آرڌيشير زاهديءَ سان 1957ع ۾ شادي هن محل ۾ ٿي.