الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

شروعات جي پڇاڙي

هي ڪتاب “دنيا رنگ رنگيلي” جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي ان جو ڪريڊٽ ڪاوش سنڊي مئگزين جي ايڊيٽر پروفيسر، انجنيئر ۽ ليکڪ انور ابڙو صاحب کي ڏيڻ بنا رهي نٿو سگهان ۽ ٻئي نمبر تي ملائيشيا جي پنڌرهين بادشاهه سلطان محمد فارس پيترا (محمد پنجين) کي. هو جي روس جي مَلڪه حُسن “اوڪسانا ووئي وودينا” سان شادي نه ڪري ها ته انور ابڙو صاحب مونکي هن شاديءَ بابت لکڻ لاءِ هرگز نه چوي ها. ان تي هڪ ڪالم لکڻ جي نيت سان دنيا جي ڪجهه ٻين بادشاهن، راڻين، حاڪمن ۽ ٻين اهم ماڻهن جون ڳالهيون ڌيان ۾ اينديون ويون ۽ آئون لکندو ويس... اهڙي طرح هڪ ڪالم بدران ايترا ڪالم ٿي ويا جو انهن ڪتابي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ ڪيلنتان جيڪا مغربي ملائيشيا جي اتر اوڀر ۾ آهي، ان جي سلطان محمد پنجين جي بادشاهه ٿيڻ تي شادي ڪرڻ جي خبر، جيئن افواهن جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ته ملائيشيا جي هڪ چيني جرنلسٽ مون سان به شيئر ڪئي. مختلف ملڪن جا سربراهه ويندي سياستدان جن سان عوام جو واسطو رهي ٿو پيا شاديون ڪن... هڪ ڇا ٻه ٻه، ٽي ٽي ۽ عوام وقت پاس ڪرڻ لاءِ ٽيڪا ٽپڻي به ڪندو رهي ٿو. هي بادشاهه ته ڇڙو هو. سال 2004ع ۾ جڏهن هو 35 سالن جو هو ته زبيده بنت نوردين نالي ٿائي گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئائين، جنهن جي چئن سالن بعد 2008ع ۾ طلاق ٿي وئي ۽ ڊسمبر 2016ع ۾ سلطان محمد پنجون جڏهن سندس وارو اچڻ تي بادشاهه ٿيو ته به هو اڪيلو هو. بلڪه ملائيشيا ۾ هر هڪ جي وات تي اهوئي هو ته هي ملائيشيا جو پهريون بادشاهه آهي جيڪو اڪيلو آهي، جنهن جي تاجپوشيءَ مهل سندس زال کي راڻيءَ جو خطاب نه مليو آهي.
ملائيشيا جي چئن رياستن (صباح، سراواڪ، پينانگ ۽ ملاڪا) کان علاوه باقي نون رياستن جا سلطان سندن رياست جو وارو اچڻ تي هو پنجن سالن لاءِ سڄي ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا ۽ سندن پٽ سندن جاءِ تي پنهنجي رياست جا سلطان ٿين ٿا. “سلطان محمد پنجين” جي رياست ڪيلنتان ڪافي وڏي ۽ چانورن ۽ رٻڙ جي پوک ۽ تيل نڪرڻ ڪري امير رياست آهي. اسان جا ماڻهو ملائيشيا يعني مغربي ملائيشيا (جيڪو اڳ ۾ ملايا سڏبو هو) ۾ گهمڻ لاءِ اچن ٿا ته گهڻو ڪري ڪئالالمپور، پينانگ، لنگڪوي ٻيٽن ۽ ملاڪا شهر ۾ اچن ٿا. اهي شهر ملاڪا ڳچي سمنڊ جي ڪناري تي آهن. ڪيلنتان رياست جيڪا ”دارالنعيم“ به سڏجي ٿي اتر ۾ آهي. ان جي اتر اوڀر ۾ جيڪو سمنڊ ڇهي ٿو اهو “سائوٿ چائنا سمنڊ” آهي ۽ سندس بلڪل اتر ۾ ٿائلنڊ جو صوبو “ناراٿي وات” آهي. هيءَ رياست ايراضيءَ ۾ 17100 چورس ڪلوميٽر آهي. آدم شماريءَ جي لحاظ سان ۾ ملائيشيا جي هر هڪ رياست جي آدم شماري ڪا گهڻي ناهي. ڪيلنتان رياست جي ته اڃا به گهٽ آهي... اٽڪل 20 لک کن. ڪيلنتان مان وهندڙ نديءَ تي ”ڪوٽا بارو“ نالي شهر هن رياست جو گاديءَ جو شهر آهي ته شاهي گهراڻي جي محل محلاتن جو شهر پڻ اهوئي آهي.
سلطان محمد پنجون ڊسمبر 2016ع تي بادشاهه ٿيڻ بعد ٻه سال رکي سرڪاري طرح ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ مهينو کن موڪل وٺي ولايت هليو ويو. ملئي ماڻهن لاءِ اسان ماڻهن وانگر ولايت معنى انگلنڊ. هونءَ اسان لاءِ انگلنڊ کان علاوه ولايت جو ٻيو ملڪ آمريڪا آهي تيئن ملئي ماڻهن لاءِ آسٽريليا آهي. عوام انهن ملڪن جو ئي سوچي رهيو هو ته اوچتو افواهه، بعد ۾ پڪيون خبرون اچڻ لڳيون، ته بادشاهه سلامت روس ۾ آهي جتي هن 22 نومبر 2018ع تي شادي ڪئي آهي. خبرن سان گڏ بادشاهه ۽ ڪنوار جا فوٽو به اچڻ لڳا.
هونءَ ملائيشيا جي بادشاهه جي شادي ملائيشيا يا ڀر واري ڪنهن ملڪ جي عام مسلمان عورت سان ٿئي ها ته اهڙي ڪا سنسني خيز خبر نه ٿئي ها. پر روس جي ڇوڪريءَ سان شادي ٿيڻ، سا به غير مسلم - اها ٻي ڳالهه آهي ته عربي يا انگريزيءَ ۾ معنى سان ڪلمو پڙهائي هن کي مسلمان قرار ڏنو ويو، جيئن اسان جا ڪيترائي پاڪستاني يورپي يا آمريڪي عورتن سان شادي ڪرڻ لاءِ هن جو ڪو اسلامي نالو رکي اهو اعلان ڪندا آهن ته ”بابا! هوءَ پڪي مسلمان آهي. ڪلمو پڙهي اسلام جي دائري ۾ آئي آهي، ان بعد هن شادي ڪئي آهي.“ ڪڏهن ته گهوٽ صاحب اهو پيو بيان ڏيندو ته هن جي مسلمان ٿيڻ تي، منجهس ديني جذبو ڏسي آئون کانئس متاثر ٿيس ۽ شادي ڪيم. اهڙيون ڪيتريون ئي يورپي عورتون ڏٺيون ويون آهن ته مهيني سوا بعد هنن جو اسلام فقط “اسلام عليڪم” تي وڃي پهچندو آهي ۽ هو شراب به پيون پيئنديون آهن ته پورڪ به پيون کائينديون آهن. ڪي انهن ڳالهين کي دل سان حرام ۽ خراب تصور ڪري ڇڏي به ڏينديون آهن پر پوءِ پنهنجن پاڪستاني يا عرب مسلمان مڙسن کي مقامي گورن کان وڌيڪ شراب پيئندو ڏسي پاڻ به هڪ دفعو وري اهي ڪم شروع ڪري ڇڏينديون آهن. سو ملائيشيا جي بادشاهه سلامت جي چمچن گهڻو ئي ماڻهن کي سمجهايو ته هوءَ پڪي مسلمان ٿي وئي آهي. پر روسي قوم جيڪا ڪميونسٽ هجڻ کان بدنام آهي، جتي مذهب تي پابندي لڳائي وئي، ويندي سندس اثر هيٺ آيل ملڪن رومانيا، بلغاريا، جارجيا وغيره ۾ مسجدون مدرسا بند ڪيا ويا ۽ قرآن شريف کي گهر ۾ رکڻ تي به سختي ڪئي وئي ان جي مسلمان ٿيڻ تي اسان جي ماڻهن کي هميشه شڪ رهي ٿو. هر هڪ جي دماغ ۾ اهو سوال هو ته بادشاهه ٿي ڪري هن کي پاڻ جهڙي ڪنهن ملڪ ۾ ڪا مسلمان ۽ سهڻي ڇوڪري ئي نه ملي جو روس مان شادي ڪئي اٿس ۽ سا به ائين لڪ ڇپ ۾. ايئن به نه هو ته هوءَ ڪا هن جي ماسات پڦاٽ هئي يا ٽنڊو ڄام يا ڏوڪري جهڙي ٽائي واري اسڪول ۾ ننڍي هوندي گڏ پڙهيا هئا ۽ پنهنجين پراڻين يادن کي حقيقت جو رنگ ڏنو اٿن. عمر جو ڏسو ته 23 سال فرق لڳو پيو آهي. ظاهر آهي بادشاهه اڇي چمڙيءَ مان متاثر ۽ دل ڦينڪ چئبو جو هن تي فدا ٿيو ۽ پوءِ سڪارنو جهڙا ڪيترائي حاڪم آهن جن ڌارين ملڪن جي زالن پويان پنهنجي غريب عوام جي ملڪيت ڀينگ ڪري ڇڏي. ساڳي وقت 27 سالن جي نوجوان روسي ڇوڪري پنهنجي ملڪ جا شهزادا ڇڏي ملائيشيا جهڙي خط استوائي ملڪ جي پوڙهي وٽ پئسو ئي ڏٺو. انهن ڳالهين کان وڌيڪ جنهن ڳالهه ملائيشيا جي ملئي مسلمانن کي کلڻهارڪو ڪيو ۽ ملائيشيا جي باقي ٻن قومن: چينين ۽ انڊين (تاملن) کي چٿرون ڪرڻ جو موقعو ڏنو ته هيءَ روسي ڇوڪري “اوڪسانا ووئي وودينا” ماسڪو جي يونيورسٽي (پليخانو Plekhanov يونيورسٽي آف ايڪانامڪس) جي گرئجوئيٽ ضرور هئي پر اها به حقيقت آهي ته هوءَ حسن جي مقابلي ۾ نالو پيدا ڪري چڪي آهي. اها هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن تي يورپ وارا ته فخر ڪري سگهن ٿا ته هوءَ نه فقط شڪل شبيهه ۾ وڻندڙ ثابت ٿي آهي پر هن جون ڇاتيون، چيلهه ۽ دڏ جي ماپ به اي ون آهي. اها ڳالهه اسان جي ايشيائي مسلمان ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪا اهڙي ڳائڻ جوڳي ناهي ۽ جيڪا ڇوڪري مَلڪه حُسن ٿئي ٿي ان جا نيم عريان فوٽو به ورتا وڃن ٿا ۽ ونواهه ۾ وهڻ ۽ لانئون لهڻ يعني شاديءَ جي فوٽن جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ دنيا جي اخبارن ۾ اوڪسانا جا حسن جي مقابلي جا فوٽو اچڻ لڳا. ملائيشيا جا چيني ۽ انڊين جرنلسٽ ته مسلمان ملئي ماڻهن کي، خاص ڪري شاهي خاندان (بادشاهه ۽ سلطانن) کي خوار ڪرڻ جو ڪوبه موقعو وڃائڻ نٿا چاهين. ملائيشيا وارن سخت سينسر هڻي ملائيشيا جي اخبارن ۾ بادشاهه سلامت جي راڻي بنجڻ واري ڪنوار جا فوٽو نه ڇپرايا پر اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا ايڏي تيز آهي جو هر هڪ ان ذريعي فوٽو پئي ڏٺا ۽ حيرت پئي کاڌي ته مسلمان ملڪ جو بادشاهه ٿي ڪري ڪٿي وڃي ڦاٿو آهي. اهوئي سبب آهي جو نه فقط ملائيشيا ۾ پر اسان جهڙي ملڪ جي شهرن توڙي ڳوٺن جي ماڻهن کي هن شاديءَ تي تجسس ٿيو. مون به هن شاديءَ بابت ٻڌو پر مون ان کي اهميت نٿي ڏيڻ چاهي. ڇو جو منهنجي نظرن ۾ ڪيترائي ملائيشيائي توڙي برونائي- ويندي مصر، عربستان، ليبيا، آلجيريا، موراڪو جهڙن ملڪن جا حاڪم ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو آهن جن فلمي اداڪارائن، ٽي وي فنڪارائن، ڳائڻين- ويندي مَلڪهِ حسن جو مقابلو کٽڻ وارين سان شادي ڪئي ۽ هنن مان ڪيتريون ئي سٺيون مائرون، زالون ۽ ديندار عورتون ٿي رهيون. پر اسان جي ماڻهن ۾ هن شاديءَ- خاص ڪري اڄ جي نيٽ ۽ سمارٽ فون جي دور ۾ ايڏي ته Sensation پيدا ڪئي جو هر اخبار ان بابت چسڪا ڏئي خبرون ڏيڻ لڳي. مونکي به ڪاوش اخبار، جنهن ۾ منهنجا ڪالم ڇپجن ٿا، ان جي انور ابڙو صاحب جو فون آيو ۽ مون کي هن شادي ۽ جوڙي بابت ڪجهه لکڻ لاءِ چيو. انور کي چيم ته مون کي لکڻ ته ضرور کپي جو منهنجو ملائيشيا سان واسطو رهيو آهي، خاص ڪري هن بادشاهه محمد ۽ ان جي والد ۽ ڏاڏي سان ۽ ويجهڙائيءَ ۾ باڪو (ازبڪستان) مان ٿي آيو آهيان، جتان روس جي ڀر واري شهر “استرا خان” ۾ به رهي آيو آهيان، جيڪو هن روسي ڪنوار جو شهر آهي، پر مون کان هن وقت ان ٽاپڪ تي لکڻ نه پڄندو جو منهنجو ذهن جپان جو سفرنامو مڪمل ڪرڻ پويان آهي، جنهن جون قسطون توهان اڄ ڪلهه ڇپي رهيا آهيو.
هونءَ مون شمشير الحيدري ۽ قمر شهباز جهڙا ڪيترائي قابل ۽ قدرتي ڏات رکندڙ اديب ڏٺا آهن، جيڪي ڪيترو به بزي هجن، ڪيترن ئي ڪمن ۾ پهرين کان رڌل هجن، طبيعت ٺيڪ نه هجين، اسپتال جي بيڊ تي هجن، هو گهربل عنوان تي هڪدم لکيو وڃن. منهنجو جهاز ٻن ٽن ڏينهن ۾ لنگر کڻي رهيو هو، مون کي پنهنجي ڪتاب لاءِ پيش لفظ ٿي کتا. آئون قمر شهباز وٽ ويس خبر پئي ته هن جي ٻي ڏينهن تي اوپن هارٽ سرجري آهي. قمر چيو ته مواد ڇڏي وڃ. رات جو پڙهي صبح تائين لکي رکندس. هن مڪمل ڪري صبح جو پريس وارن ڏي موڪلي ڏنو! آئون لکڻ کي وقت تمام گهڻو ڏيان ٿو پر لکڻ ۾ ايڏو تيز رفتار نه آهيان ۽ هر شيءِ لاءِ ڪي ڏينهن بلڪ هفتا به، سوچڻو پوي ٿو. سو انور ابڙي کي چيم ته هو ان عنوان تي في الحال ڪنهن کان لکائي وٺي، بعد ۾ موڊ ٿيو ته آئون به کڻي لکندس.
مون سوچيو ته هي عنوان اهڙو آهي جو اِن ۾ اجها ٿي ٿڌائي ٿئي. پر مون ڏٺو ته ان ۾ اسان جا ماڻهو بيحد گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ ڪي ڪي اهڙيون ڳالهيون به ڪري رهيا آهن جن سان حقيقت جو ڪو واسطو ناهي. ساڳي وقت مونکي به هڪ قسم جي Inspiration ٿي ته ان قصي، بادشاهه سلامت جي شادي ۽ ملائيشيا ۾ پنج پنج سالن لاءِ بادشاهه بنجڻ جو نرالو نمونو، ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون جن کان ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهڻ ڪري آئون واقف آهيان، اهي پڙهندڙن جي اڳيان رکان. جيتوڻيڪ ملائيشيا تي مون ايترو لکيو آهي جو ان بابت هاڻ وڌيڪ لکڻ کان گريز ٿو ڪريان سو لکڻ شروع ڪرڻ کان اڳ پئي دل مَن هنيم ته لکان يا ڇڏي ڏيان. اڄ ان کي سال به نه ٿيو آهي ته سلطان محمد پنجين ۽ اوڪسانا (نئون اسلامي نالو ريحانا) جي طلاق به ٿي چڪي آهي. سندن وچ ۾ کِٽ پِٽ/طلاق جي انهن ئي ڏينهن ۾ ٿي وڃي ها ته نه انور ابڙو مون تي لکڻ لاءِ پريشر وجهندو رهي ها ۽ نه منهنجي ان عنوان ۾ دلچسپي رهي ها ۽ هي ڪتاب جنهن ۾ منهنجي ماضيءَ جي سفرن جي ڪجهه جهلڪين سان گڏ گذريل صديءَ جي تاريخ جون جهلڪون پڻ آهن، توهان پڙهندڙن جي هٿن تائين نه پهچي سگهي ها.
1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو پهريون دفعو ملائيشيا وڃڻ ٿيو ته اسان ”سلطان محمد پنجين“ جي رياست ڪيلنتان گهمڻ وياسين. ان وقت سندس ڏاڏو “سلطان يحى پيترا ابن سلطان ابراهيم” ڪيلنتان رياست جو سلطان هو. ملائيشيا ۾ 1990ع تائين به بادشاهن، سلطانن، وزيرن ۽ وزيراعظم ۽ ٻين حاڪمن سان ملڻ ڪو مشڪل ڪم نه هو. سڪيورٽي جو اهڙو مسئلو نه هو. هر اهم ڏينهن (عيد، نيو ييئر، برٿ ڊي) تي وڏا ماڻهو پنهنجي گهر جا درواز کليل رکندا هئا ۽ شهر جو هر ماڻهو غريب غربو به صبح جو 9 کان عصر نماز تائين، ڪنهن وقت به اچي کائي پي سگهيو ٿي. منهنجي ”سلطان محمد پنجين“ جي ڏاڏي سلطان يحى سان بعد ۾ به ملاقات ٿي جڏهن هو 1975ع ۾ سڄي ملائيشيا جو ڇهون بادشاهه ٿيو هو. سلطان يحى پنهنجي بادشاهت جو ٽرم پنج سال پورو ڪرڻ کان اڳ 1979ع ۾ گذاري ويو. کيس ست ٻار هئا. پنج ڌيئن: مرجان، روضان، سالواني، روحاني ۽ مناصرل بعد موجوده سلطان محمد پنجين جو والد “سلطان اسماعيل پيترا“ ڄائو هو. ان بعد هڪ ٻيو پٽ محمد نالي ٿيو پر اهو ننڍي هوندي گذاري ويو. بهرحال يحى جي وفات بعد ڪيلنتان رياست جو سلطان ”اسماعيل پيترا“ ٿيو. افسوس جو ڪيلنتان رياست جو جڏهن بادشاهت لاءِ وارو ڦري آيو ته سلطان اسماعيل بادشاهه ٿي نه سگهيو. هن کي 2009ع ۾ ڏينهن لڳي ويو. يعني Stroke ٿيو ۽ هو اڄ تائين صحتمند نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري هن کي ٻين رياستن جي “سلطانن جي ٽيم” بادشاهه نامزد نه ڪيو. (ان بابت تفصيل هن ڪتاب جي شروع ۾ لکي چڪو آهيان.)
سلطان اسماعيل پيترا 11 نومبر 1949ع تي ڄائو هو. هو مون کان 5 سال ننڍو آهي، جو منهنجي برٿ ڊيٽ 14 نومبر 1944ع آهي. کيس ٽي پٽ: محمد فارس، محمد فيض ۽ محمد فخري، ۽ هڪ ڌيءَ عمالين عائشه پتري آهي. پيءُ جي بيماريءَ ڪري سندس وڏو پٽ تينگڪو محمد فارس پيترا (محمد پنجون) ڪيلنتان رياست جو سلطان ٿيو ۽ 13 ڊسمبر 2016ع تي ڪيلنتان رياست جو بادشاهت لاءِ وارو اچڻ تي ”سلطان محمد پنجون“ ملائيشيا جو پنڌرهون بادشاهه ٿيو. ان کان اڳ هن 2004ع ۾ پهرين شادي ڪئي ۽ چئن سالن بعد طلاق ٿي. ٻي شادي هن بادشاهه ٿيڻ بعد روس مان 22 نومبر 2018ع تي اوڪسانا سان ڪئي. ان بعد ڪئالالمپور پهچي هن 6 جنوري 2019ع تي بادشاهت تان استعيفى ڏني، جيتوڻيڪ هن جي بادشاهت جو ٽرم 12 ڊسمبر 2021ع تائين هو. بادشاهت تان دستبرداري بعد هو ڪئالا لمپور وارو شاهي محل ڇڏي پنهنجي رياست ڪيلنتان جي گادي واري شهر ”ڪوٽا بارو“ هليو ويو ۽ هينئر هو پنهنجي رياست جو سلطان آهي. ٽي چار مهينا اڳ 21 مئي 2019ع تي هن کي نئين روسي ڪنوار مان پٽ ڄائو جنهن جو نالو ”تينگڪو اسماعيل ليان (Leon) پيترا“ رکيو ويو. ٻار ڄمڻ جي پوري هڪ مهيني بعد 22 جون 2019ع تي سلطان محمد پنجين سنگاپور جي شريعه ڪورٽ ۾ “طلاق تيگا” ذريعي عليحدگي اختيار ڪئي. تيگا معنى ٽي دفعا. ملائيشيا ۾ طلاق تيگا يا طلاق باين سڀ کان سخت قسم جي طلاق سمجهي وڃي ٿي جيڪا واپس نٿي ٿي سگهي، يعني revocable سمجهي وڃي ٿي. ان سان گڏ ڪيلنتان رياست جي حڪومت طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو آهي ته عوام کي اوڪسانا کي پرميشوري ڪيلنتان، راجا پرامپئان ڪيلنتان، سلطانا ڪيلنتان يا ڪيلنتان جي راڻي سڏڻ نه کپي. پرميشوري جهڙا لفظ پڙهي اسان جي ملڪ جي پڙهندڙن کي حيرت ٿئي ته هي هندن جي ديوي درگا (پرميشوري) ڪٿان اچي وئي. دراصل ملئي ٻولي ڪا عربي فارسي، هسپانوي، يوناني جهڙي هاءِ ڪلاس ادبي ٻولي ناهي. بقول ملئي ماڻهن جي اها هڪ جهنگلي ٻولي آهي جيڪا مختلف ٻولين جو چَمپَور (مڪسچر) آهي. هن ۾ فارسي، عربي، ڊچ، پورچوگالي، انگريزي ويندي تامل ۽ پنجابي لفظن سان گڏ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ به جام آهن. جيئن: پرڌان منتري (وزير اعظم) استري (زال)، بهاسا (ٻولي، ڀاشا) ڀومي (ڌرتي)، پترا (پٽ)، گرو (ٽيچر)، پستڪ (ڪتاب)، پرپستاڪن (لئبرري)، سڪتي (طاقت) وغيره. جيئن برونائي جي گادي واري شهر جو نالو “بندر سري ڀڳوان” آهي. هونءَ به ڏٺو وڃي ته هنن پَٽن تي يعني سيام (ٿائلينڊ)، ملايا (مغربي ملائيشيا)، انڊونيشيا (جاوا، سماترا، بالي) وغيره ۾ اصل ۾ ته هندو ڌرم هو سو هتي جي ٻوليءَ تي هندي، پالي، سنسڪرت جهڙين ٻولين جو ته اثر ٿيندو. اسلام ته بعد ۾ آيو. اڄ به بالي ٻيٽ جو سرڪاري مذهب هندو ڌرم آهي. جيئن اسان وٽ فارسي ۽ هنديءَ جو اثر هجڻ ڪري ڪيترائي لفظ انهن جا استعمال ٿين ٿا. جيئن ته: خدا، ڌڻي، نماز، روزو وغيره ۽ هاڻ ڪي ماڻهو ان بحث ۾ پئجي ويا آهن ته خدا حافظ نه پر الله حافظ چئجي. اهڙي طرح سائينءَ جا ڪرم آهن، ڏاتر چڱي ڪندو وغيره لفظن تان اسان سنڌين کي ٽوڪيو وڃي ٿو. ڀائي حيرت آهي. رب پاڪ انسان جون نيتون ٿو ڄاڻي. اسان جا اهي لفظ جيڪي صدين کان استعمال ڪندا اچون ٻين کي هاڻ ڪافراڻا ٿا لڳن! اهڙي طرح ملئي ماڻهو (ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي ويندي ٿائيلنڊ جي ڏکڻ جا رهاڪو) رب پاڪ لاءِ ملئي لفظ تُوهن (Tuhan)، نماز لاءِ سمڀايانگ ۽ روزي لاءِ پئاسا لفظ استعمال ڪن ٿا. ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو جو هنن جي نه نماز قبول پوندي ۽ نه روزو. ائين ته پوءِ اسان به عربي لفظ “صلو” بدران “نماز” لفظ ٿا استعمال ڪريون. مونکي ته حيرت ٿي ته اسان جو هڪ مولوي ملائيشيا مان موٽڻ بعد چوڻ لڳو ته ملائيشيا جا ملئي ڪهڙي قسم جا مسلمان آهن. هو الله کي “توهن” ٿا سڏين. دل ۾ مون چيو ته پوءِ اسان سنڌي مسلمان به ته “ڌڻي سائين” ٿا سڏيون. سو هر هڪ جي زبان ۾ ڪهڙا به لفظ ٿي سگهن ٿا. بهرحال اهي ڳالهيون ائين ئي وچ ۾ اچي ويون. ملئي ٻوليءَ ۾ پرميشوري يا پرمئسوري معنى آهي راڻي (Queen) يا Empress ۽ پرمپوئان جي معنى آهي ڇوڪري. راجا معنى بادشاهه، سلطان پر ان سان پرمپوئان ڳنڍڻ سان راجا مادي ٿي ويندو- يعني “راجا جي عورت” ساٿي، راڻي يا سلطانا. هن پاسي جي دنيا ۾ يعني ملئي آرڪپلگو (ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي وغيره) ۾ بادشاهن ۽ راڻين لاءِ اهي لفظ استعمال ٿين ٿا. روسي مَلڪهِ حُسن به بادشاهه/سلطان جي زال ٿي ته ماڻهن لاءِ- خاص ڪري ڪيلنتان رياست جي عوام لاءِ “سلطانا ڪيلنتان” ٿي يا وري “پرمئسوري” يا “راجا پرمپوئان” ٿي ۽ انهن ئي خطابن سان هوءَ پئي سڏي وئي. پر هاڻ طلاق بعد ڪيلنتان رياست جي سرڪار سختي سان حڪم نامو ڪڍيو آهي ته ان روسي خاتون لاءِ اهڙو ڪو به خطاب استعمال نه ڪيو وڃي.
ڪي ذريعا اهو به ظاهر ڪن ٿا ته هن رياست ڪيلنتان جي شاهي فئملي ان ڳالهه تي به ناخوش آهي ته هڪ انسٽاگرام پوسٽنگ ۾ ريحانا (اوڪسانا) اهو لکيو هو بلڪ ان ڳالهه جي اميد ظاهر ڪئي ته هڪ ڏينهن منهنجو پٽ هن رياست جو ولي عهد شهزادو ٿيندو ۽ پوءِ اهو ڏينهن به ايندو جو سڄي ملائيشيا جو بادشاهه به ٿيندو.”
منهنجي خيال ۾ ته اها ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي. ظاهر آهي رياست جي “سلطان” جو وڏو پٽ ئي ته رياست جو “ولي عهد سلطان” ٿيندو آهي ۽ هي شهزادو ته نه فقط سلطان جو وڏو پٽ آهي پر اڪيلو پٽ آهي جيڪو پنجاهه سالن جو پوڙهي سلطان کي ٿيو آهي. ۽ ان شهزادي جي نڀاڳي روسي ماءُ اوڪسانا کي اهو به حق ناهي ڇا ته “اڃا ته ائٽ مان ننڍڙي آهيان... آخر ته وڏڙي ٿينديس “واري چندر جي راڳ واري ڇوڪريءَ وانگر پنهنجي خوابن جو تاڃي پيٽو ڪري. مونکي ته لڳي ٿو ته ايران جي راڻي فوزيا يا ثريا وانگر هن کي به سس ۽ گهوٽ جي ڀاڄاين سک پٽڻ نه ڏنو ۽ طلاق ڏياري بادشاهت کسجي وڃڻ جون خارون ڪڍيون. ٿي سگهي ٿو ته طلاق جا ڪي ٻيا سبب هجن جيڪي اڳتي هلي ظاهر ٿين. في الحال ته ڪيترا ماڻهو ان تي به حيرت کائيندا هوندا ته سندن 22 نومبر 2018ع تي شادي ٿي ۽ پورن ڇهن مهينن بعد 21 مئي 2019ع تي ٻار ٿيو. هي ٻار- يعني شهزادو تينگڪو اسماعيل ليان پيترا اڳتي هلي سلطان ۽ بادشاهه ٿئي اها ته ٿي پوءِ جي ڳالهه، في الحال سنگاپور جي شريعہ ڪورٽ ڏسون ته ٻار ڪنهن جي حوالي ٿي ڪري يعني هن ٻار کي پنهنجو ننڍپڻ ماسڪو ۾ ٿو گذارڻو پوي يا ڪيلنتان رياست جي گاديءَ واري شهر ڪوٽاباروءَ ۾. ۽ جي ٻار کي سندس ماءُ اوڪسانا رکي ٿي ته اهو به ممڪن آهي ته هوءَ ٻار سان گڏ پنهنجي جنم ڀومي شهر “استرا خان” ۾ رهڻ کي پسند ڪري. ڇو جو ماسڪو ۾ هوءَ تعليم خاطر رهي هئي. استراخان شهر ماسڪو جي ڏکڻ ۾ 1420 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، بلڪه ائين کڻي چئجي ته استراخان روس جي ڏکڻ واري ڇيڙي تي جتي وولگا ندي ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪري، ائين آهي جيئن ٺٽو يا ڪراچي پاڪستان جي ڏکڻ ۾ سنڌو نديءَ وٽ آهي جتي اها عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪري.
مائي اوڪسانا جو ڳوٺ استرا خان به پڙهندڙن کي ڊسٽرب ڪندو هوندو، بلڪ حيرت ۾ وجهندو هوندو ته ڪٿي روس جي شهرن ۽ ماڻهن جا ڏکين اچارن وارا نالا ۽ ڪٿي هن شهر جو نالو جيڪو اسان کي ديسي ٿو لڳي ۽ ڪنهن پٺاڻ، افغان يا منگول جو ٿو لڳي. منهنجي خيال ۾ جن اهو سوچيو آهي صحيح سوچيو آهي. دراصل روس هڪ تمام وڏو ملڪ آهي جيڪو ايشيا ۽ يورپ کنڊ ۾ اچي وڃي ٿو. اوڀر پاسي کان ڏس ته چين کان به پهرين شروع ٿئي ٿو ۽ جپان سان لڳو پيو آهي. اتي جي ڇيڙي وارن ماڻهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون جپان ۽ ڪوريا وارن سان ڪافي ملن ٿيون. هيٺ ڏکڻ ۾ منگوليا ۽ چين آهي ۽ بارڊر وارن روسي علائقن جو ڪلچر، ثقافت، ٻولي ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون چين ۽ منگوليا جي ماڻهن سان ملن ٿيون. اتر اولهه وارو حصو فنلئنڊ ۽ جرمنيءَ سان ملي ٿو سو ظاهر آهي بارڊر وارن علائقن جا ماڻهو ۽ انهن جون ڊريسون، کاڌا، پيتا ۽ ڪلچر ساڳيو آهي. اهڙي طرح روس جو ڏکڻ اولهه وارو حصو ڪزاخستان ۽ ڪئسپين سمنڊ سان ملي ٿو. ڪئسپين سمنڊ جي چوڌاري جيڪي ملڪ آهن... ازبڪستان، ترڪمنستان، ايران، آذر بائيجان، جارجيا وغيره آهن انهن جو ٺيٺ مشرقي ڪلچر آهي، گهڻائي مسلمانن جي آهي، ايراني ۽ ترڪي ٽائيپ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، خاص ڪري انهن بندرگاهن ۾ جيڪي ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهن - جيئن ته ايران جو راشت، آذر بائيجان جو باڪو بندرگاهه وغيره. روس جو هي بندرگاهه نما شهر “استرا خان” به اتي آهي. مختلف ملڪن جون جيڪي نديون ڪئسپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون انهن ۾ يورپ جي هڪ ڊگهي ۾ ڊگهي ندي وولگا به آهي جنهن جي ڊيلٽا وٽ هي شهر استرا خان” (Astrakhan) آهي. ڪو وڏو شهر ناهي سندس آدم شماري به ڪا پنج لک مس ٿيندي. استراخان نالو دراصل “هشترا خان” مان نڪتو آهي جيڪو پڻ اصل ۾ “حاجي ترخان” مان جڙيو آهي.
يورپ جي وڏي ۽ مشهور ندي وولگا جي ڇوڙ واري علائقي جو هي شهر ”استرا خان“ هڪ قديمي ۽ ثقافتي مرڪز آهي. چوڏهين صديءَ ۾ ابن بطوطا به هن علائقي مان ٿي ويو هو جنهن هن وولگا نديءَ لاءِ لکيو آهي ته “دنيا جي وڏين ندين مان هڪ آهي” استراخان شهر لاءِ لکيو آهي ته سياري ۾ سخت سيءُ ٿو ٿئي. هن پاسي جو مسلمان حاڪم (بادشاهه يا سلطان) سياري ۾ استرا خان ۾ اچي رهي ٿو ۽ استرا خان جي ماڻهن کي حڪم ڪري ٿو ته بهه ۽ سڪل ڪانن جا بنڊل هن برف ٿيل نديءَ مٿان اچي رکو. ان بعد ماڻهن کي اجازت ڏئي ٿو ته ان مٿان هلي درياهه ٽپو.
1556ع ۾ هيءَ خانيت (علائقو) ايوان چهارم (جنهن کي ايراني ايوان مخوف ۽ انگريز Ivan the Terrible سڏين ٿا)، فتح ڪيو ۽ ڪريملن (قلعو) ٺهرايو جيڪو 1558ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هن سال کان استراخان کي ماڊرن هجڻ جو درجو ڏنو ويو. هي قلعو اڄ به وولگا نديءَ مان گذرندي نظر اچي ٿو. آرمينيا، پرشيا (ايران) ۽ مغلن جي هندوستان جا واپاري هن شهر استراخان ۾ رهيا ٿي. هن شهر جو هڪ بين الاقوامي ماحول هو. 1670ع ۽ 1671ع ۾ هي شهر روسي جنگجو استپان رازين (Stenka Razin) جي هٿ ۾ رهيو. مزي جي ڳالهه اها ته ايندڙ صديءَ ۾ روس جي زار حاڪم پيٽر دي گريٽ (پطرس اعظم) هن شهر ۾ جهاز ٺاهڻ جو شپ يارڊ ٺهرايو. بعد ۾ روس جي راڻي ڪئٿرين دوم (ڄم جو سال 1729ع، حڪومت 1762ع کان 1796ع وفات تائين) هن شهر کي انڊسٽريل شهر ٺاهيو.
تعليم جي شوقينن لاءِ اهو به لکندو هلان ته استراخان، جيڪو 5 لک آدمشماري وارو شهر آهي، ڪيترائي تعليمي درسگاهه آهن خاص ڪري “استراخان اسٽيٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي” ۽ “استراخان اسٽيٽ يونيورسٽي” جيڪڏهن توهان کي استراخان جي يونيورسٽي لاءِ اسڪالرشپ ملي وڃي ٿي ته آئون توهان کي ان خيال کان خوش نصيب چوندس جو توهان هڪ تاريخي شهر ۾ آهيو. جتان موڪلن ۾ ماسڪو، وولگو گراڊ، سينٽ پيٽرس برگ، باڪو (آذر بائيجان)، ڪِيو (Kiev)، بريسٽ ۽ ٻين شهرن ڏي ريل گاڏي رستي وڃي سگهو ٿا. شهر ۾ بسون ۽ ٽرامون به هلن ٿيو. بيحد سرسبز ۽ ساوڪ وارو شهر آهي... ڪجهه ڪجهه اصفهان ۽ شيراز (ايراني شهرن) جون يادون ڏياري ٿو. اسان واري ملائيشيا جي سلطان جي سابق زال اوڪسانا کي شايد ايڪانامڪس پڙهڻ جو شوق هو يا شايد هن کي ماسڪو واري يونيورسٽيءَ جي اسڪالرشپ ملي وئي، ان ڪري هوءَ پنهنجي ڳوٺ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ بدران ماسڪو هلي وئي. يا هوءَ ان ڪري به ماسڪو ۾ پڙهي هجي جو هن جو والد Andrei Ivanovich Gorbtenko ماسڪو ۾ هڏن جو ڊاڪٽر (آرٿوپيڊڪ سرجن) هو. جتي جي علائقي بارفيڪا (Barvikha) ۾ اوڪسانا جي ملائيشيا جي بادشاهه سان شادي ٿي هئي.
ريحانا (اوڪسانا) ۽ سلطان محمد جي طلاق جو اڃا سرڪاري طرح شاهي محل مان اعلان نه ٿيو آهي پر سندن طلاق جو ڪورٽ طرفان سرٽيفڪيٽ آن لائين نيٽ تي آهي. ان بابت ذريعا ٻڌائين ٿا ته اهو بلڪل اصلي آهي. اوڪسانا طرفان جيڪو تازو انسٽاگرام آهي، اهو ڇهه ڏينهن اڳ جو آهي. ان ۾ هن پنهنجي بئڪ گرائونڊ بابت لکيو آهي ته هن مئنيجمينٽ ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي، جنهن ۾ انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ Specialization ڪئي آهي ۽ شادي ڪري ملائيشيا اچڻ کان اڳ، هن 2016ع ۾ ماسڪو ۾ “بيوٽي سئلون” به کولي هئي جيڪا سٺي هلي رهي آهي.
مٿي اوڪسانا جي ڄم واري شهر استراخان جون جتي مون ٻيون ڳالهيون لکيون آهن اتي اها به لکندو هلان ته هن شهر جي گهٽ آدمشماريءَ جي باوجود جتي تعليمي ادارا گهڻا آهن اتي مسجدون به ڪيتريون ئي آهن. خاص ڪري ٽي مسجدون تمام نمايان ۽ سهڻيون آهن جيڪي رنگن جي نالن سان سڏجن ٿيون: سفيد مسجد، ڪاري مسجد ۽ ڳاڙهي مسجد. انهن جا نالا رنگن جي حساب سان مقامي روسي يا ترڪ ٻوليءَ ۾ آهن. جيئن هڪ مسجد جو نالو Kara Machet آهي. مڇيت مقامي ٻوليءَ جو ايئن لفظ آهي جيئن اسان وٽ مسيت آهي. ۽ ڪارا نالي سمنڊ آهي ته ڪرغستان ۾ ڪارا درياهه به آهي. سو ٿي سگهي ٿو ڪارا جي معنى اسان وارو ڪارو هجي... پڪ نه اٿم. بهرحال ٽوئرسٽن لاءِ انهن مسجدن جي ٻاهران انگريزيءَ ۾ White Mosque, Red Mosque ۽ Black Mosque لکيل آهي.
هونءَ اهو به لکندو هلان ته جن ڏينهن ۾ روس USSR هو يعني سخت قسم جي ڪميونسٽ حڪومت هئي ته نه رڳو روس ۾ پر قبضي وارن ملڪن رومانيا، بلغاريا کان ازبڪستان، آذربائيجان ۾ روس جي حڪومت مسجدن کي ويران ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري ڇڏي هئي جنهن جو احوال مون پنهنجي پهرين سفر نامي “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” ۾ به ڪيو آهي ۽ رومانيا يا شايد بلغاريا جي هڪ وڏي مسجد ۾ ماڻهن کي گهر ڪري رهندو ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو اٿم. پر هاڻ روس جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي هر هنڌ خوبصورت مسجدون نيون توڙي آڳاٽيون نظر اچن ٿيون.