سلطنت عثمانيا جو علي پاشا مصر جو ڪيئن سلطان بڻيو!
”محمد علي پاشا“ يونان جي شهر ڪوالا ۾ هڪ الباني فئملي ۾ 1769ع ۾ ڄائو. هن جي والد ابراهيم آغا تماڪ ۽ جهازن ذريعي سامان موڪلڻ ۽ گهرائڻ جو ڪاروبار ڪيو ٿي. محمد علي پاشا سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي فوج جو ڪمانڊر هو. ان وقت سلطنت عثمانيه جو سلطان ٽيهون محمود ثاني هو جنهن 1808ع کان 1839ع تائين حڪومت ڪئي. مصر تي 600 سالن کان مملوڪن جي حڪومت هلي رهي هئي پر سندن اوج ۽ دٻدٻو ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو ۽ اهو ئي حال سلطنت عثمانيه جي حاڪمن جو هيو. فرينچ پنهنجو اثر مصر ۾ وڌائي رهيو هو ۽ هاڻ ڀرپور حملي لاءِ ”نئپولين بونا پارٽ“ پنهنجي فرينچ فوج مصر رواني ڪئي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سلطنت عثمانيه جي ٽيهين سلطان محمود ثانيءَ پنهنجي فوج جو ڪمانڊر محمد علي پاشا لشڪر سان مصر موڪليو. هيءَ سن 1805ع جي ڳالهه آهي. محمد علي پاشا فرينچ فوج کي ته ڀڄائي ڪڍيو پر پوءِ حالتن کي ڌيان ۾ رکي ماڳهين پاڻ مصر جو حاڪم ٿي ويٺو ۽ سلطنت عثمانيه جي سلطان محمود تي زور آندو- بلڪه مجبور ڪيو ته هن کي سرڪاري طرح مصر جو ولي يا گورنر بنائي.
ترڪيءَ جو سلطان چُپڙي ڪري ويهي رهيو. هن کي پاڻ وٽ گهر ۾ مسئلا هئا. سندس ٻي ماءُ مان ڀاءُ مصطفيٰ چوٿين کيس ۽ سندس چاچي کي مارڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا. چاچو سليم ٽيون ته قتل ٿي ويو پر محمود ثانيءَ کي سندس گرجستاني (Georgian) ماءُ نقشدل سلطان (جيڪا عيسائي هئي ۽ پوءِ مسلمان ٿي) بچائي ورتو. سلطان محمود ثاني جا ماٽيلا ڀاءُ ڀيڻ به ڪئين هئا. سلطنت عثمانيه جا سلطان شادين ڪرڻ ۽ ڪنيزائون رکڻ ۾ هيڊ ماستر هئا. سندن آخري سلطانن مان هڪ لاءِ مشهور آهي ته هن معمولي ڳالهه تان پنهنجين 300 زالن يا شايد ڪنيزائن کي ڳوڻين ۾ بند ڪري باسفورس سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو. سلطان محمود ثاني جي ڏينهن ۾ به جيتوڻيڪ افراتفري واريون حالتون ۽ سندس حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي پر تڏهن به سورهن شاديون ڪيائين- يعني اهي سرڪاري طرح، پڪيءَ طرح جن جا نالا رجسٽرڊ آهن. انهن مان کيس 18 پٽ ۽ 18 ڌيئون ٿيون. ان کان علاوه ڪيترائي ٻار ننڍي عمر ۾ يا ڄمڻ وقت مري ويا جو انهن ڏينهن ۾ صحت يا دوا درمل ۽ علاج جو معيار بهتر نه هو.
بهرحال سندس فوج جو ڪمانڊر ”محمد علي پاشا“ مصر ۾ پنهنجي گهراڻي جو بنياد رکي سلطان ٿي ويهي رهيو. مصر جي مملوڪ حڪومت جي حاڪمن احتجاج ڪيو ۽ محمد علي پاشا کي سڪون سان حڪومت ڪرڻ ۾ جنجال پئدا ڪيو پر پاشا پٽ جي شاديءَ جو بهانو ڪري مملوڪن جي سڀني اهم شهزادن ۽ حاڪمن کي دعوت ۾ گهرائي، کين فوج کان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ مصر تي سندس گهراڻو 1805ع کان 1952ع تائين مصر جي فوجين (ميجر جمال عبدالناصر ۽ ڪرنل نجيب) جي انقلاب تائين، حڪومت ڪندو رهيو.
محمد علي پاشا پاڻ 1805ع کان 1849ع تائين 45 سال حاڪم رهيو. ان بعد سندس پٽ ابراهيم پاشا، پوٽو عباس اول ۽ وري پٽ محمد سعيد پاشا، پوٽو اسماعيل پاشا 1879ع تائين ٿوري ٿوري عرصي لاءِ حاڪم ٿيا ۽ پوءِ محمد علي پاشا جو پڙ پوٽو محمد توفيق پاشا 1879ع کان 1892ع تائين ڇهون حاڪم ٿيو. ان بعد سندس پٽ ”عباس ٻيو حلمي پاشا“ ستون حاڪم ٿيو. ان بعد اسماعيل پاشا جو پٽ ”حسين ڪامل“ 1914ع کان 1917ع تائين مصر جو سلطان ٿيو. ان بعد اسماعيل پاشا جو ٻيو پٽ ”فواد اول“ مصر جو سلطان ٿيو جنهن ڪجهه سالن بعد پنهنجو پاڻ کي سلطان بدران بادشاهه King سڏرائڻ شروع ڪيو. 1936ع ۾ وفات بعد سندس پٽ فاروق تخت تي ويٺو. ڪنگ فاروق محمد علي پاشا گهراڻي ۽ مصر جو آخري بادشاهه بڻيو جنهن جي ڀيڻ شهزادي فوزيا ايران جي پهلوي شهنشاهه محمد رضا شاهه جي پهرين راڻي ٿي. ڪجهه سال ايران ۾ رهڻ بعد هوءَ ايران جي شهنشاهه کان طلاق وٺي مصر موٽي آئي جتي سندس ڀاءُ شاه فاروق 1952ع ۾ جمال عبدالناصر جي انقلاب آڻڻ تائين بادشاهه رهيو. فوزيه مصر ۾ اچڻ تي قاهري ۾ رهڻ بدران سڪندريا جي هن شاهي محل قصر راس التين (Ras el Teen palace) ۾ رهڻ پسند ڪيو جنهن ۾ هوءَ ڄائي نپني هئي. هن محل جي چوڌاري انجيرن جا وڻ هجڻ ڪري هي التين جي نالي سان سڏجي ٿو. منهنجي خيال ۾ مصر جو اهو پراڻو ترين محل آهي جيڪو اڄ به قائم آهي. پاڪستان ٿيڻ وقت هن کي پورا 100 سال ٿيا هئا ۽ هينئر پوڻا ٻه سئو سال ٿيا اٿس، سندس سونهن ۽ شان شوڪت اڄ به اهڙي ئي آهي جهڙي محمد علي پاشا جي ڏينهن ۾ هئي جنهن هن کي ٺهرايو. بهرحال راڻي فوزيه جي ڳوٺ سڪندريا ۾ پهچي هي محل ڏسي نه فقط هيءَ راڻي ياد ٿي اچي پر هن جو ڀاءُ شاه فاروق، ان جا ابا ڏاڏا ويندي محمد علي پاشا، جنهن هي محل وڏي شوق مان ٺهرايو ۽ ٺهرائڻ وقت پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هن اڳيان اچي بيٺو هوندو.... هن شهر جي رستن تان هلندي ابن بطوطا ٿو ياد اچي جيڪو ٿي سگهي ٿو هن گهٽيءَ مان نه ته هُن گهٽيءَ مان گذريو هوندو، هتي جون مسجدون ۽ مدرسا ڏسي اهي مقامي ۽ ڌاريان عالم ياد ٿا اچن جن سان هي منسوب آهن.... ويندي سڪندر اعظم ٿو ياد اچي جنهن هن شهر ٺهرائڻ جي رٿا ڪئي. شهنشاهه ايران محمد رضا شاهه پهلويءَ جي پهرين راڻي فوزيه جي ڳوٺ سڪندريا بابت لکندي اتي جا ڪيترائي ماڻهو ياد اچي ويا. هينئر آخر ۾ هڪ ٻيو اهم انسان ياد اچي رهيو آهي، اهو آهي دين جو عالم، سياسي فيلسوف ۽ مالڪي مڪتب جو قانوندان ”ابوبڪر محمد ابن الوليد الطرطوشي“ جنهن جي عربي ڪتاب ”سراج الملڪ“ جو انگريزي ترجمو “Lamp of Kings” اڄ به دنيا ۾ مشهور آهي. 1060ع ۾ اسپين جي شهر طرطوشه ۾ ڄائو ان ڪري هن جي نالي پٺيان ”الطرطوشي“ آهي يعني ”طرطوشه جو رهاڪو“. اڄڪلهه هي شهر انگريزي نالي Tortosa سان سڏيو وڃي ٿو. ابن الوليد الطرطوشيءَ پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو مصر جي هن شهر سڪندريا ۾ دين جي تعليم پکيڙيندي گذاري ۽ جيئن اسان وٽ لعل شهباز قلندر (سيد عثمان مروندي)، داتا گنج بخش (شيخ سيد علي الهجويري)، خواجا معين الدين (چشتي معين الدين حسن سجزي) وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو تيئن هي اندلسي مالڪي امام مصر ۾، خاص ڪري سڪندريا ۾، مڃيو وڃي ٿو جتي هن 1126ع ۾ وفات ڪئي.
اسپين ملڪ جي اڌ کن ڪناري کي ميڊيٽرينين سمنڊ ڇهي ٿو ته جبرالٽر بعد باقي اڌ کي اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي، اسپين جا ڪيترائي بندرگاهه آهن. اسان جو جهاز انگلينڊ يا پورچوگال ويندي وقت اسپين جي ائٽلانٽڪ سمنڊ واري بندرگاهه ڪئڊيز (Cadiz) ۾ لنگر انداز ٿيندو هو. هڪ دفعي ته هن بندرگاهه ۾ جهاز جي ڳري مرمت ۽ ڊراءِ ڊاڪنگ به ڪرائيسين. جڏهن اسان کي بحرِ اسود جي بندرگاهن (ورنا، ڪانستنزا ۽ اوڊيسا) ۽ يونان، اٽلي، ترڪي جي بندرگاهن مان ڪم لاهي موٽڻو هوندو هو ته اسپين جو سامان لاهڻ يا کڻڻ لاءِ بارسلونا بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندا هئاسين جيڪو ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ فرانس جي بندرگاهه مارسيليا (Marseille) جي ڀرسان آهي. بارسلونا دنيا جي سهڻن شهرن مان هڪ مڃيو وڃي ٿو. هن شهر ۾ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي شاگرد تعليم لاءِ ۽ بزنيس مين رهن ٿا. اسپين جو اتر اوڀر وارو حصو ”ڪتالونيا“ سڏجي ٿو جنهن ۾ چار صوبا آهن: بارسلونا، گرونا، Llaida ۽ طراغونا. مٿي بيا ڪيل شهر ”طرطوشه جتي ابن الوليد الطرطوشيءَ جنم ورتو اهو طراغونا (Tarragona) صوبي ۾ اچي ٿو. جيئن ته سڪندريا پنهنجي وقت ۾ ٺٽي وانگر مدرسن ۽ علم پرائڻ جو شهر مڃيو ويو ٿي سو ابن الوليد الطرطوشي به وڌيڪ ديني ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سڪندريا هليو آيو هو ۽ پوءِ اتي جي ئي هڪ مدرسي ۾ پنهنجي سڄي ڄمار ننڍن توڙي وڏن کي تعليم ڏيندو رهيو. اسان جهاز هلائڻ وارن جو سڪندريا، مصر ۽ ڪتالونيا (Catalonia) اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۾ اچڻ وڃڻ هجڻ ڪري هن بزرگ عالم ”مالڪي امام ابن الوليد الطرطوشيءَ“ بابت ڪجهه سٽون لکي ويٺو آهيان.
ڏٺو وڃي ته مصر اهو ملڪ آهي جتي صدين کان ڀانت ڀانت جي ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو نه رڳو رهيا پر انهن جي وچ ۾ سڱابنديون ٿيڻ ڪري انهن جي اولاد ۾ وڌيڪ سونهن ۽ هوشياري پيدا ٿي آهي. هونءَ اهو مسافر جيڪو فقط ڪجهه ڪلاڪن لاءِ قاهري يا سڪندريا جي ايئرپورٽ تي ٻي اڏام ۾ سوار ٿيڻ لاءِ ترسي ٿو، يا پاڻيءَ جي جهاز جا مسافر يا جهاز کي هلائڻ وارا جيڪي فقط ڏينهن ٻن لاءِ اتي ان بندرگاهه تائين محدود رهن ٿا يا سئيز ڪئنال ڪراس ڪرڻ دوران رستن تي ٻيڙين ۾ مڪاني ڳوٺاڻا يا آفريڪي نسل جا مزور ۽ ڪم وارا ڏسن ٿا اهي سمجهن ٿا ته شايد سڄي مصر جا ماڻهو اهڙا آهن پر اهو سياح جيڪو ڪجهه ڏينهن رهي غور سان جائزو وٺي ٿو اهو سمجهيو وڃي ته مصر ٻين ايشيائي، آفريڪي ويندي يورپي ملڪن کان سونهن ۾ سرس آهي جو هتي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن: ايران، ترڪي، شام، عراق کان لبنان، الجيريا، ٽيونيشيا ۽ موراڪو تائين، جارجيا، آذر بائيجان، يونان کان اسپين تائين جا ماڻهو مختلف دورن ۾ رهيا. ايران جي شهنشاهه پهلويءَ جي پهرين، هن ملڪ مصر جي شهزادي فوزيه جي سونهن جو به اهو سبب آهي جو هن جي ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي آڪهه جو قفقازي (يورپي) ملڪن سان واسطو هو. يونان جا ماڻهو اسان جي ملڪ جي پٺاڻن وانگر رنگ توڙي شڪل ۽ قدبت ۾ ٻين ملڪن کان بهتر مڃيا وڃن ٿا ۽ جتي سڪندر اعظم ۽ سندس يوناني سپاهي اسان وٽ سنڌو ماٿريءَ ۾ فقط ڪجهه هفتن لاءِ رهيا اتي مصر ۾ 300 سال ته هنن حڪومت ڪئي ان بعد جڏهن مصر رومن حوالي ٿيو ته به هو مصر ۾ ئي قائم پذير رهيا.