الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

فرح ديبا سان شادي ۽ وليعهد جو ڄمڻ

فرح ديبا سان شادي ڪرڻ تي شهنشاهه ايران کي هڪ سال بعد، 1960ع ۾ وليعهد شهزادو رضا پهلوي ڄائو جنهن تي ڏاڏي جو نالو ”رضا“ رکيو ويو. نه فقط هڪ پٽ پر ان بعد ڌيءَ شهزادي فرح ناز کان پوءِ وري ٻيو پٽ شهزادو علي رضا ڄائو ۽ ان بعد 1970ع ۾ چوٿون ٻار شهزادي ليلا پهلوي ڄائي.
وليعهد ڄمڻ تي شهنشاهه ايران جي خوشيءَ جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هو ڇا ته ٽانءَ ڀري سامبر وانگر محسوس ڪري رهيو هوندو. جن هن کي سمجهايو به هوندو ته اجايو پنهنجين زالن کي طلاقون نه ڏي جن جو ان ۾ ڪو ڏوهه ناهي... رب تي راضي رهه، تنهنجي تخت جو وارث جيڪو ٿيڻو هوندو قدرت ان کي ئي بڻائيندي... پٽ ڄمڻ تي شاهه ايران پڪ سوچي رهيو هوندو ته ڏس مون ڪيئن پنهنجي سلطنت ۽ تخت و تاج قابو ۾ رکيو ۽ ان جو مالڪ پنهنجي پٽ کي بڻايم... پر افسوس هن کي ۽ اسان انسانن کي اها ڄاڻ گهٽ ٿي رهي ته اڳيان ڇا ٿيڻو آهي.
اهو ئي پٽ جيڪو تخت و تاج جو مالڪ ٿيڻو هو ۽ شاهه ايران جنهن کي فڪر هو ته هيڏي وڏي سلطنت، ڌن دولت سندس مرڻ بعد ڪنهن ٻئي جي حوالي نه ٿي وڃي، ان لاءِ پٽ (ولي عهد) جو ڄمڻ ضروري آهي، پر پوءِ اهو ئي پٽ جڏهن جوان ٿيو ۽ حڪومت هلائڻ جي ويجهو پهتو ته ملڪ جي هڪ ڏٻري ۽ مسڪين انسان امام خمينيءَ اهڙو انقلاب آندو جو شهنشاهه ايران در بدر ٿي ويو. جنهن ملڪ لاءِ هن وارث پيدا ڪيو ان ۾ وارث کي ته ڇا هن کي، جيڪو ٻن سالن کان ڪئنسر جو مريض هو ۽ ٻن ماڻهن جي مدد سان هليو ٿي ان کي سندس ئي ملڪ، سندس ئي سلطنت مان لوڌيو ويو. زندگيءَ جا باقي ڏينهن جيڪي هو جيئرو رهيو فئمليءَ سان گڏ دنيا جي ٻئي ڇيڙي ميڪسيڪو، پاناما، بهاما، آمريڪا تائين ڌڪا کائيندو رهيو. هيڏي وڏي زمين جي مالڪ کي مرڻ بعد به ڪو ملڪ ٻه گز زمين ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. ڀلو ٿئي مصر جي انور سادات جو جنهن همت ڪئي ۽ شهنشاهه ايران جي لاش کي پنهنجي ملڪ ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني نه ته آمريڪا جهڙا پهلوان ملڪ ۽ ايران جا ”سچا“ دوست به پوڙهي خميني جي دڙڪن کان رڦيا پئي!
هڪ ڳالهه پڙهندڙن جي سوچ لاءِ عرض ڪريان ته ڪيترن جو چوڻ آهي ته امام خميني وچ ۾ نه اچي ها يعني انقلاب نه آڻي ها ته پهلوي راڄ اڄ تائين قائم رهي ها ۽ ست پيڙهيون به قائم رهي ها. منهنجي خيال ۾ اهي سڀ اسان انسانن جي سوچ جون ڳالهيون آهن. ٿئي اهو ٿو جيڪي قدرت چاهي ٿي. قدرت کي پهلوي راڄ جو انت آڻڻو هو سو آيو- امام خميني ته ائين ئي بهانو هو جنهن ذريعي اهو ڪم ٿيڻو هو ۽ اسان ماڻهن لاءِ عبرت جو مثال پيدا ٿيڻو هو. ڀلا سوچيو ته امام خميني 1979ع ۾ انقلاب نه آڻي ها ته شهنشاهه ايران محمد رضا وڌ ۾ وڌ ڪو هڪ سال وڌيڪ حڪومت ڪري سگهي ها جو هن کي ڪئنسر اهڙو ورائي وئي هئي جو هن جو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به علاج نه ٿي سگهيو ۽ 1980ع ۾ گذاري ويو. ان بعد وڌ ۾ وڌ سندس پٽ رضا پهلوي (جنهن تي ڏاڏي جو نالو رکيل آهي) حڪومت ڪري سگهي ها، ست پيڙهيون ته وري به نه ٿي سگهن. هو شهنشاهه ايران کي فرح ديبا مان ٻه پٽ رضا پهلوي ۽ علي رضا ۽ ٻه ڌيئون: فرح ناز ۽ ليلا ٿيون. پر ڏٺو وڃي ته شهنشاهه ايران کي ٻه پٽ ٿيڻ جي باوجود هڪ به پوٽو نه ٿيو. سندس ننڍو پٽ علي رضا جيڪو 1966ع ۾ ڄائو، سڄي زندگي سخت ڊپريشن جو شڪار رهيو. 2011ع ۾ هن پاڻ کي شوٽ ڪري پنهنجو انت آندو. هن کي فقط هڪ ڌيءَ عريانا نالي ٿي. پٽ ٻار ڪو به نه. هتي اهو به لکندو هلان ته فرح ديبا جي ننڍي ڌيءَ ليلان به ڊپريشن جي مريض رهي. هن لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ ننڊ جي گورين جو وڏو ڊوز کائي خودڪشي ڪئي. شهنشاهه ايران جي وڏي پٽ رضا پهلوي (جيڪو وليعهد هو) کي ٽي ٻار آهن پر ٽئي ڌيئرون، پٽ هڪ به نه! انهن ٽن ڌيئن: شهزادي نور، شهزادي ايمان ۽ شهزادي فرح ناز (ماءُ فرح ديبا سان ملندڙ جلندڙ نالو) مان وڏي نور آمريڪا (USA) ۾ مشهور ماڊل ۽ پلاٽن، گهرن (Real Estate) جو ڪاروبار هلائي ٿي. مطلب ته پوٽو نه هجڻ ڪري وري تخت نشينيءَ جو مسئلو پيدا ٿئي ها.
شهنشاهه ايران محمد رضا پهلويءَ کي ٻي زال ثريا مان به پٽ ٻار نه ٿيڻ تي هن ثريا کي 1958ع ۾ طلاق ڏئي ٻئي سال 1959ع ۾ ٽي شادي هن فرح ديبا نالي ايراني ڇوڪريءَ سان ڪئي. شاهه ايران جي فرح سان ملاقات ان ئي سال پئرس ۾ ٿي هئي. فرح 1938ع ۾ ڪئپٽن ”سهراب ديبا“ جي گهر ۾ ڄائي. هوءَ پنهنجين يادگيرين ۾ لکي ٿي ته هن جي والد جي فئملي جو تعلق ايراني آذربائيجان سان هو ۽ والده ”فريده قطبي“ گيلاڪ هئي. گيلاڪ معنيٰ گيلان جا رهاڪو جيڪي فارسي سان گڏ پنهنجي علائقي گيلان جي مقامي ٻولي ”گيلاڪ“ ڳالهائين ٿا. گيلان ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري وارو خوبصورت علائقو آهي. اسان وٽ جيڪي گيلاني يا جيلاني سڏرائين ٿا اهي ان علائقي جا آهن. جيئن ته عربيءَ ۾ ”گ“ جو اچار ناهي ان ڪري عرب گيلانين کي جيلاني سڏين ٿا. بلڪه ”گ“ ۽ ”ج“ ۾ انهن جو مونجهارو لڳو رهي ٿو جيئن جمال عبدالناصر کي گمال عبدالناصر به سڏين. منهنجي خيال ۾ ڪنهن کي عرب ملڪ ۾ رهڻو يا نوڪري ڪرڻي آهي ته پنهنجن ٻارن جي نالن ۾ گ ۽ پ جهڙا اکر استعمال نه ڪري ته بهتر جو عرب اهي اکر نه اچاري سگهن ٿا ۽ نه انهن جي ڪمپيوٽر ۾ آهن. جيئن آئون ڪويت ۾ نوڪريءَ ۾ هوس ته اتي مهنجي والد گل محمد جو نالو سندن ڪمپيوٽر ۾ گ نه هجڻ ڪري قل محمد لکجي ويو ٿي ۽ پوءِ اتان يورپ يا آمريڪا پهچڻ تي ايئرپورٽ تي هميشه مسئلو ٿيندو هو جو پاسپورٽ تي Gul لکيل هوندو هو ۽ ڪويت وزارت طرفان مليل ليٽر ۾ Qul لکيل هوندو هو ۽ مونکي ان پاسي جي اميگريشن وارن کي سمجهائڻو پوندو هو ته ڪمپيوٽر ۾ Q فيڊ ڪن ۽ واپسيءَ تي ڪويت ايئرپورٽ وارن کي ٻڌائڻو پيو ٿي ته هو G فيڊ ڪن. هڪ ٻئي بنگالي همراهه جي نالي ’پير عليءَ ‘ کي عربن ’بير علي‘ بنائي ڇڏيو هو ۽ هن کي ”بيئر“ سڏيندا هئا.
فرح جو خاندان ايران جي مٿاهين درجي مان هو. سندس ڏاڏو هڪ ڪامياب ڊپلوميٽ ۽ ايران طرفان روس جي زار سلطنت ۾ Romanov ڪورٽ ۾ سفير هو. سندس والد به ايران جي آرمي ۾ آفيسر هو جنهن فرينچ مليٽري اڪيڊمي مان گرئجوئيشن ڪئي هئي. هيءَ اڪيڊمي ائين آهي جيئن انگلينڊ جي سئنڊهرسٽ (Sandharst) جتي انگريزن ۽ ننڍي کنڊ جي فوجين کي اعليٰ ٽريننگ لاءِ موڪليو ويو ٿي. 1960ع تائين به، يعني انڊيا پاڪستان ٿيڻ بعد به اسان جي ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي سخت تعليم ۽ تربيت لاءِ سئنڊهرسٽ موڪليو ويو ٿي ۽ اسانجون نيول توڙي آرمي اڪيڊميون سئنڊهرسٽ جي اسٽائيل تي آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي فوج انگلينڊ جي فوج وانگر دنيا ۾ مڃي وڃي ٿي. انگلينڊ جي هيءَ ”رايل اڪيڊمي آف سئنڊهرسٽ“ برڪشائر علائقي جي شهر سئنڊهرسٽ ۾ آهي. هيءَ اڪيڊمي 1720ع ۾ ٺهي ۽ انگلينڊ جي سڀني فوجين کي هن مان تعليم حاصل ڪرڻ ضروري رهي. آئون چوندو آهيان ته هن اڪيڊميءَ مان جيڪو پاس آئوٽ ٿئي ٿو اهو واقعي سخت جان ئي هوندو ۽ جڏهن ٻڌندو آهيان ته راڻي ايلزبيٿ جي پٽ يا ٻين وڏن ماڻهن جي ٻارن، ويندي ننڍي کنڊ جي ڪيترن راجائن ۽ نوابن جي ٻارن سئنڊهرسٽ مان گرئجوئيشن ۽ مليٽري ٽريننگ حاصل ڪئي ته دل ئي دل ۾ کين ۽ والدين کي شاباس ڏيندو آهيان ته هنن پنهنجن لاڏلن کي اهڙي اڪيڊميءَ ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو جتي سخت ڊسيپلين آهي، جتي سخت پي ٽي پريڊ ۽ ڊيلي روٽين آهي ۽ ساڳي وقت آئون حسرت ڪندو آهيان ته ڪاش اسان جي پيرن، ميرن، وڏيرن جا ٻار به اهڙن تعليمي درسگاهن مان نه ته ڀلا ملڪ جي فوج ۾ ئي اچن جيئن هنن جي زندگيءَ ۾ ڊسيپلين اچي ۽ هنن مان منجهند تائين سمهڻ جي عادت نڪري... هو ٽف ۽ رف ٿين... منجهن Dignity of Labour پيدا ٿئي... ۽ پنهنجن لوفرن ۽ چمچن نوڪرن ۽ دوستن بدران سندن فوجي ۽ پڙهيل آفيسرن سان اٿ ويهه ٿئي، جن کان هو سٺيون ڳالهيون سکن.