سڀ کان گهڻين زالن ۽ ٻارن وارو
”ته پوءِ ڇا لکان ته اهو سلطان ڪهڙي ملڪ جو هو؟“ مون پڇيو هئومانس.
”لکجانءِ ته ابن بطوطا جي وطن جو هو.“ هن وراڻيو.
”ڏاڍي ٻڌائي!“ مون چيومانس، ”هڪ ته اسان جي ملڪ جي هر هڪ کي خبر آهي ته ابن بطوطا جو ڪهڙي ملڪ سان واسطو هو. ٻيو ته هن جي مولائي اسماعيل سان ڪهڙي مِٽي مائٽي؟ مولائي اسماعيل 1645ع ۾ ڄائو ۽ ابن بطوطا ته ساڍا ٽي سئو کن سال (340 سال) اڳ ڄائو هو.“
ان تي منهنجي مصري ڪلاس ميٽ ڪئپٽن چيس: ”يار شادين جي معاملي ۾ گهٽ ته تنهنجو اهو هم وطن ’ابن بطوطا‘ به نه هو. جتي ويو ٿي اتي شادي ڪيائين ٿي“.
ڪجهه سالن بعد اسان جو اهو موراڪو وارو يار پنهنجي ملڪ جي حڪومت سان نه ٺهيو ۽ پنهنجي ملڪ کي گڊ باءِ ڪري سئيڊن جي اچي شهريت حاصل ڪئي سو هاڻ آئون ”موراڪو“ بابت حقيقت لکي سگهان ٿو. ان کان علاوه سلطان مولائي اسماعيل جي زالن ۽ ٻارن جو احوال هاڻ ته گنيس بڪ ۾ به ايندو رهي ٿو جن مطابق مولائيءَ کي 525 پٽ ۽ 342 ڌيئرون هيون. مولائي موراڪو جي علوي گهراڻي جو ٻيو سلطان هو جنهن موراڪو تي 1672ع کان جڏهن هو 27 سالن جو هو، مرڻ تائين (1727ع) تائين حڪومت ڪئي. سندس رعب تاب، حڪومت جو طريقو، ملڪ جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ، ساڳي وقت ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ، پاڙي جي يورپي ملڪن ۽ سلطنت عثمانيه جي حاڪمن کي منهن ڏيڻ... هڪ عجيب ڪهاڻي آهي جيڪا پڙهڻ سان تعلق رکي ٿي. ان مان اندازو لڳايو ته هن هڪ طرف حڪومت ۽ ملڪ جو معاملو ٿي سلجهايو ته ٻئي طرف هن قذاقن (سامونڊي ڦورن) جو ٻيڙو (Fleet) ٺاهي رکيو هو جن جو ڪم ڀؤنچ سمنڊ (ميڊيٽرينين) جي ڪناري وارن ملڪن: اسپين، فرانس، اٽلي، يونان ويندي اڳيان بحر اسود (Black Sea) جي ملڪن روس، يوڪرين، رومانيا، بلغاريا جي ڪناري وارن شهرن تي حملا ڪري هن لاءِ عيسائي غلام ۽ هٿيار آڻڻ هو. موراڪو جي سڀني سلطانن، بادشاهن، حاڪمن ۾ سلطان مولائي اسماعيل سڀ کان ڊگهو عرصو، 55 سال حڪومت ڪئي. هن جي فوجي ڪاميابين لاءِ چون ٿا ته هن بيحد مضبوط فوج قائم ڪئي. موراڪو جي بندرگاهن ۾ جيڪي يورپي رهيا پيا هئا انهن لاءِ چيائين ته مڪاني ماڻهن کي برغلائين ٿا ۽ ملڪ جا وسيلا ڦٻائين ٿا، ان ڪري هن سڀني کي ڀڄائي ڪڍيو. هن فرانس، انگلينڊ ۽ اسپين جي حڪومتن سان سٺا تعلقات قائم رکيا. يورپي هن کي اڪثر ان وقت جي فرانس جي بادشاهه لوئيس چوڏهين، جنهن سن 1643ع کان مرڻ تائين 1715ع تائين حڪومت ڪئي، سان ڀيٽيندا هئا. بس رنگ ۾ سو مار کائي ويو هو جو هن جو رنگ ۽ مهانڊو سندس ماءُ تي ويو هو، جيڪا سندس پيءُ، شيدي غلام جي حيثيت ۾ خريد ڪئي هئي. بهرحال سندس سخت سزائن ڪري يورپي کيس ”خوني بادشاهه“ ۽ پنهنجا ماڻهو ”جنگجو بادشاهه“ سڏيندا هئا.