زمور ... چٽگانگ جو شيدي غلام
دراصل بنگال جو صوبو مغل بادشاهن لاءِ امير صوبو رهندو آيو پر پوءِ ان تي مغلن جي ڊائريڪٽ حڪومت بدران هي صوبو مختلف نوابن جي هٿ ۾ رهيو. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني جو بنگال تي قبضو 1757ع ۾ پلاسيءَ جي لڙائيءَ بعد ٿيو. هن لڙائيءَ ۾ بنگال جي نواب سراج الدوله سان مقابلو انگريزن جي فوج جي اڳواڻ ڪرنل رابرٽ ڪلائيو ڪيو. انگريزن جي فوج ۾ جيتوڻيڪ تمام گهٽ سپاهي ۽ هاٿي گهوڙا هئا ته به هو کٽي ويا جو انگريزن سراج الدوله جي ماڻهن مير جعفر جهڙن کي رشوت ۽ ڪوڙا آسرا ڏئي پنهنجي پاسي ڪري ورتو ۽ جنگ کٽي ويا ۽ پوءِ بنگال حاصل ڪرڻ بعد سڄي انڊيا تي قبضو ڪري ويا.
انگريزن جو بنگال تي 1757ع ۾ قبضو ٿيو يعني فرانس ۾ آيل غلام ڇوڪري زمور جي ڄمڻ کان 5 سال اڳ، سو 1773ع ۾ جڏهن زمور يارهن سالن جو هو ته بنگال صوبي تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جو راڄ هو ۽ انگريزن ڦرلٽ سان گڏ صوبي مان جوان جهلي، اغوا ڪري، غلامن طور يورپ ۾ وڪرو پئي ڪيا. انگريزن جي ذهنيت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پلاسيءَ جي جنگ کان اڳ بنگال صوبو نه فقط ائگريڪلچر جي خيال کان خوشحال هو پر انڊسٽري- يعني ڪارخانن جي تعداد سان پڻ، جو هتي جي آڏاڻن ۾ ٺهيل ململ، وڪري لاءِ سڄي دنيا ۾ پهتي ٿي. پر پلاسيءَ جي جنگ بعد جيئن ئي انگريزن (ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ) جو بنگال تي قبضو ٿيو ته هنن پنهنجيون مزيد فوجون بمبئي ۽ مدراس مان گهرائي بنگال ۾ تباهي پکيڙي ۽ سڀ ڪارخانا ڊهرائي ڇڏيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو بنگال ۾ ڪپڙو ٺهڻ بند ٿي ويو ۽ انگلنڊ وڌيڪ انڊسٽريل ملڪ ٿي ويو. ننڍي کنڊ جو ڪچو مال سڻي، ڪپاهه، ڌاڳو وغيره هاڻ ڪلڪتي بندرگاهه مان پاڻي جي جهازن ذريعي لنڊن ۽ لورپول وڃڻ لڳو جتي اتي جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو ٺهي وڪري لاءِ واپس بنگال پهتو ٿي.
زمور جو فرانس ۾ وڪرو ٿيڻ تي هي غلام ان وقت جي بادشاهه لوئي پنڌرهين حوالي ٿيو خبر ناهي زمور مسلمان هو يا هندو پر فرانس ۾ پهچڻ تي هن تي ”لوئي بينوئٽ“ نالو رکي کيس عيسائي بنايو ويو. جيئن ئي هن پوڙهي بادشاهه جي پاڻ کان 33 سال ننڍي عمر جي هڪ رول حسينا ڪائونٽيس ڊُو بئري سان محبت ٿي ته هن اهو پنهنجو سمارٽ نوڪر به پنهنجي محبوبا حوالي ڪري ڇڏيو- يعني هيءَ ڳالهه لوئي 15 بادشاهه جي مرڻ کان سال ڏيڊ اڳ جي آهي جڏهن بادشاهه سلامت پنهنجي هن آخري مسٽريس لاءِ هيرن جو هار ٺهرائڻ جو آرڊر ڏنو هو.
زمور صبح سان ”ڪائونٽيس ڊُو بئري“ لاءِ چاڪليٽ يا چانهه ٺاهي آيو ٿي ان بعد هن جي هر خدمت لاءِ تيار رهيو ٿي. بئريءَ کي به هي ڇوڪرو پسند آيو ٿي ۽ هن کي پڙهائڻ جو به بندوبست ڪيائين. زمور کي ادب سان گهڻي دلچسپي ٿي ۽ ليکڪ روسيو (Rousseau) هن جو دلپسند ليکڪ هو. روسو اهو ليکڪ آهي جنهن جي لکڻين پڙهندڙن کي فرينچ انقلاب لاءِ ڀڙڪايو. زمور ان وقت ٽيهه کن سالن جو هو. هن انقلابين جو پاسو کنيو. هو ته بلڪل ويجهڙائي سان سالن جا سال ڏسندو رهيو ته فرانس جي عوام ڪيئن غربت جي چڪيءَ ۾ پيسندي ٿي رهي ۽ ٻئي پاسي اشرافيه يعني نواب، ڪامورا، شاهي خاندان جا ماڻهو محلن ۽ بنگلن ۾ عيش پيا ڪن. هن پنهنجي مالڪڻ بَئرِي کي ئي ڏٺو ٿي ته هن ڪيئن پئسو لٽيو ٿي، ڳهن زيورن کي خريد ڪرڻ لاءِ هوءَ هر وقت انگلينڊ ڀڳي رهي ٿي. سندس درزي ۽ هيئر ڊريسرن جا بل ڏسي هو به وائڙو ٿي ويو ٿي. مٿان روسو جهڙي ليکڪ جا ڪتاب پڙهي هو سخت باغي ٿي ويو ۽ عوام سان شامل ٿي فرانس ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ لڳو. زمور پوليس کي پنهنجي مالڪڻ جي سڀني ٺڳين جا راز فاش ڪري ڇڏيا، جنهن جي آڌار تي انقلابي پوليس بئريءَ کي 1792ع ۾ گرفتار ڪيو ۽ آخرڪار بادشاهه لوئيءَ 16، راڻي ۽ ٻئي شاهي خاندان سان گڏ، اڳئين بادشاهه لوئي 15 جي هن ڇڏيل سوغات محبوبا ”بئري“ جو گيلوٽين تي سر قلم ڪيو ويو. هن ٽرائيل دوران فلمن توڙي ناولن ۾ زمور پنهنجي ڄم جو هنڌ چٽگانگ ٿو ٻڌائي.
شاهي خاندان سان همدردي رکڻ وارو هڪ گروپ ضرور هو جنهن بعد ۾ شڪ جي بنياد تي زمور کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو پر هو ضمانت تي آزاد ٿي ويو. ان بعد هي فرانس مان ڀڄي ويو ۽ پوءِ 22 سالن بعد جڏهن نئپولين جي 1815ع ۾ هار ٿي ته زمور ظاهر ٿيو. جيڪي پئرس کان واقف آهن، انهن لاءِ لکندو هلان ته زمور پئرس جي علائقي لئٽن ڪوارٽرس وٽ Rue Maitre Albert ۾ گهر ورتو ۽ زندگيءَ جا باقي سال 1820ع ۾ وفات تائين، اسڪول ٽيچر ٿي وقت گذاريو. چون ٿا ته زمور اهي آخري سال بيحد غربت ۾ گذاريا. هو پئرس ۾ ئي دفن ٿيل آهي. هينئر ڏهه ٻارهن سال اڳ 2006ع ۾ جيڪا فرانس جي راڻي مئري جي نالي Marie Antoinette سان فلم ٺهي آهي، ان ۾ مئڊم ڊو بئري يعني زمور جي مالڪڻ جو رول Asia Argento فلم ائڪٽريس ادا ڪيو آهي. ان سان گڏ گڏ ڪيترن ئي هنڌن تي هي غلام شيدي نظر اچي ٿو. مون وٽ زمور جي جيڪا تصوير آهي اها مون البرٽ سوبول لئبرريءَ تان ورتي آهي جيڪا ”فرينچ انقلاب ميوزيم“ ۾ آهي. ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب ڇپڻ وارا هن مضمون سان گڏ اها به ڏين جيڪا مون کي زمور جي اصلي شڪل لڳي ٿي جنهن مان هو ڪانگو يا ائنگولا پاسي جو بنتو (Bantu) قبيلي جو شيدي لڳي ٿو.