الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

سيف الدين قايتباي، جيڪو مصر جو سلطان بڻيو!

سال 1839ع ۾ جڏهن انگريزن منهوڙي تي حملو ڪيو ته ان وقت اتي فقط ارڙهين صديءَ جو ٺهيل هڪ قلعو هو ۽ ڪلمتي بلوچن جي فوج ڪراچيءَ جي حفاظت ڪئي ٿي ۽ هن بندرگاهه جو انهن ڏينهن ۾ عمان ۽ بحرين سان واپار هليو ٿي. منهوڙي تي انگريزن جي قبضي ٿيڻ بعد هنن 1889ع ۾ اتي لائيٽ هائوس ٺهرايو جيڪو اڄ تائين موجود آهي. اهو پنهنجي وقت جو ڊگهي ۾ ڊگهو لائيٽ هائوس سمجهيو ويو ٿي جيڪو 28 ميٽر يعني 91 فٽ ڊگهو آهي ۽ هن جي روشني اڇلڻ جي رينج 26 ناٽيڪل ميل يعني ڌرتيءَ وار کڻي 33 ميل سمجهو، آهي. ان حساب سان هي لائيٽ هائوس وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي جڏهن يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن جي ڪيترن بندرگاهن ۾ جهڙا تهڙا لائيٽ هائوس به نه هئا. اڄ به هي لائيٽ هائوس هڪ ڏسڻ وٽان عمارت آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ مون جڏهن جهاز هلائڻ واري نوڪري شروع ڪئي ته ڪيترن ئي ملڪن جا جهازي (جهاز هلائڻ وارا) نه فقط ڪراچي بندرگاهه جي تعريف ڪندا هئا ته بيهڪ ۾ سڌو سڌو ۽ صاف سٿرو آهي پر هن لائيٽ هائوس جي به واکاڻ ڪندا هئا ته سمنڊ تي ڀٽڪيل مسافرن لاءِ هي وڏي رهنمائيءَ جو ڪارڻ آهي.
هاڻ اچون ان ڳالهه تي يعني سڪندريا بندرگاهه جي لائيٽ هائوس تي جنهن جو مون ذڪر ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن کي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ مٿيون منهوڙي وارو احوال لکيو آهي. منهوڙي وارو لائيٽ هائوس 1889ع ۾ ٺهيو تڏهن به اسان ان کي وڏي ڳالهه ٿا سمجهون. ان کان اڳ کڻي سئو يا ٻه سئو سال پٺتي وڃجي ته ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ بندرگاهه ۾ لائيٽ هائوس هجي نه ته جهاز ران ڪنهن بندرگاهه کي ڳولڻ لاءِ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندا رهيا ٿي يا ڌڪا هڻي منزل ڳوليائون ٿي. هاڻ ان منظر ۾ جيڪڏهن توهان کي اهو ٻڌايان ته سڪندر اعظم جو ٻڌرايل هي شهر واحد بندرگاهه هو جتي دنيا جو پهريون لائيٽ هائوس ٺهرايو ويو جيڪو اڄ کان چار پنج سئو سال اڳ نه پر 23 صديون اڳ 300 ق-م ۾ ٺهرايو ويو. توهان ان مان اندازو لڳايو ته ڇا هن شهر سڪندريا جو شان مان هو. ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن: يونان، ،اٽلي، فرانس، اسپين کان ترڪي، البانيا، الجيريا جهڙن ملڪن جا بندرگاهه هئا پر هو ڪنهن بندرگاهه ۾ ڪو لائيٽ هائوس؟ ۽ اهو به ان معيار ۽ بلنديءَ جو؟ سوچيو ته هن لائيٽ هائوس ڪري ميڊيٽرينين سمنڊ جا جهاز واپار وڙي سانگي ٻئي ڪنهن بندرگاهه ۾ ويندا هجن يا نه پر هتي مصر جي هن شهر سڪندريا آيا ٿي جتي سامان لٿو ٿي ۽ ان سامان مان ڪجهه وکر خشڪي رستي بحرِ احمر جي بندرگاهن مان ٻين جهازن ۾ چڙهيو ٿي جتان عربي سمنڊ، ايراني نار ۽ آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن ڏي ويو ٿي، ڇو جو انهن ڏينهن ۾ نه هو سئيز ڪئنال ۽ نه يورپ وارن کي اها خبر ته آفريڪا کنڊ جي هيٺان ڦيرو کائڻ تي ٻي پاسي هندي وڏو سمنڊ آهي.
سڪندريا جو هي لائيٽ هائوس ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو آيا ٿي. ويندي ابنِ بطوطا به پنهنجي سفر نامي ۾ هن لائيٽ هائوس (فانوس السڪندريا) جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو عرب دنيا ۽ يورپ ۾ Pharos of Alexandria جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. سڪندر اعظم پنهنجي نالي سان هي شهر ٻڌرائي پاڻ ته هليو ويو ۽ يڪدم وفات ڪيائين، پٺيان سندس يوناني حاڪم پتولمي (Ptolemy) عربي ۽ اڙدو سنڌيءَ ۾ جيڪو ”بطليموس“ سڏجي ٿو، ان گهراڻي جي سوتر نالي بطليموس اول 305 ق-م ۾ پاڻمرادو بادشاهه ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ پهنجي دور حڪومت ۾ سڪندريا بندرگاهه ۾ لائيٽ هائوس ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو جيڪو سندس پٽ بطليموس الثاني (Ptolemy II) فلڊ لفس جي دور حڪومت ۾ مڪمل ٿيو. هن جي ٺهڻ ۾ 12 سال لڳي ويا پر هن کان پوءِ جنهن به بندرگاهه ۾ لائيٽ هائوس ٺهيو ٿي ته ان لاءِ سڪندريا بندرگاهه جو هي لائيٽ هائوس ماڊل طور ليکيو ويو ٿي. هن جي ڊيگهه يعني اوچائي 100 ميٽر (330 فوٽ) هئي- يعني اسان واري منهوڙي واري لائيٽ هائوس جي ٽيڻ کان به اوچو هو. (ياد رهي ته منهوڙي وارو لائيٽ هائوس اوچو اوچو ته به 28 ميٽر آهي) جنهن جي روشنيءَ جي رينج 26 ناٽيڪل ميل ان ڪري آهي جو اڄڪلهه اليڪٽرسٽي آهي جنهن جا طاقتور بلب استعمال ٿين ٿا پر سڪندريا ۾ انهن ڏينهن ۾ اليڪٽرسٽي ته ڇا گئس بتيون (گولا) به ايجاد نه ٿيا هئا. کورو (furnace) ٻاري ان جي روشنيءَ کي استعمال ڪيو ويو ٿي، ان هوندي به لائيٽ هائوس جي روشني اڇلائڻ جي رينج 29 ناٽيڪل ميل رهي ٿي. يعني اسڪندريا بندرگاهه کان جهاز 45 ڪلو ميٽر پري هئا ته سڪندريا جي هن لائيٽ هائوس جي روشنيءَ جو چمڪاٽ هنن کي نظر آيو ٿي ۽ هو ان روشني جي نڪ سامهون هلي بندرگاهه تائين پهچي ويا ٿي.
ڪيترين صدين تائين سڪندريا بندرگاهه جو هي لائيٽ هائوس دنيا جي اتاهين عمارت مڃي وئي ٿي. 956ع ۽ 1323ع جي وچ ۾ هن شهر ۾ جيڪي ٽي زلزلا آيا انهن هن لائيٽ هائوس کي ڏاڍو نقصان رسايو ۽ کنڊهر بڻجي ويو. ابن بطوطا جڏهن گهران حج لاءِ نڪتو ته هو واٽ تي 1326ع ۾ اسڪندريا مان ٿيندو ويو ۽ پوءِ جڏهن دنيا جي سياحت ڪري واپس پنهنجي وطن موراڪو موٽيو ته به هن شهر سڪندريا مان ٿيندو ويو. اهو سال 1349ع هو. هو پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته واپسيءَ تي هن ڏٺو ته دنيا جو هي مشهور لائيٽ هائوس بُري طرح چيراٽجي ۽ ڀڄي پيو هو. ”هن جي اهڙي ته خراب حالت هئي جو باوجود ڪوشش جي آئون ان ۾ نه داخل ٿي سگهيس ۽ نه مٿي چڙهي سگهيس.“ ياد رهي ته هي لائيٽ هائوس ٺهڻ کان ڊهڻ تائين ساڍيون سورهن صديون آڳاٽي دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ هو.
سڪندريا وڃڻ وارن کي ڪيئن خبر پوي ته اهو لائيٽ هائوس ڪهڙي هنڌ تي هو؟ سڪندريا بندرگاهه ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري تي اڄڪلهه جيڪو قلعه قايتباي Citadel of Qaitby نظر اچي ٿو اهو exact ان پوزيشن تي آهي جتي فانوس السڪندريا (لائيٽ هائوس) هو. دراصل سڪندريا ايندڙ سياحن (Tourists) لاءِ هي قلعو قايت باي به وڏي ڪشش رکي ٿو جو تاريخ ۽ عمارت سازيءَ کان بيحد اهم آهي. هي قلعو مصر جي ارڙهين برجي مملوڪ سلطان الاشرف سيف الدين قايت باي سڪندريا جي لائيٽ هائوس جي جاءِ تي 1477ع ۾ ٺهرايو. سلطان الاشرف قايت باي 1416ع ۾ ڄائو ۽ 52 ورهين جي ڄمار ۾ مصر جو سلطان ٿيو. پاڻ 1496ع ۾ وفات تائين 28 سال حڪومت ڪئي.
هتي اهو به لکندو هلان ته قايت باي سلطان (مصر جو حاڪم) دراصل غلام هو. هو شرڪسيا (Circassian) هو يعني هو قفقاز (Caucasus) علائقي ۾ ڄائو جيڪو علائقو بحرِ اسود (Black Sea) ۽ ڪئسپين سمنڊ (بحر قزوين) جي وچ ۾ آهي جنهن ۾ روس جو ڪجهه حصو، جارجيا، آذر بائيجان، آرمينا وغيره اچي وڃن ٿا. جنن پرين کان مشهور ڪوه قاف جبل به هن علائقي ۾ اچن ٿا. بهترين تير اندازي ۽ گهوڙي سواري ڪندو ڏسي غلامن جي خريداري ڪندڙ هڪ سوداگر کي هن ڇوڪري قايت باي کي خريد ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ هن کي خريد ڪري قاهري جي مارڪيٽ ۾ اچي وڪيو. جيتوڻيڪ هي ويهه سالن کان به مٿي عمر جو هو پر هن جي هنر (تير اندازي ۽ گهوڙيسواريءَ) کي ڏسي ان وقت جي نائين برجي گهراڻي جي سلطان بارسبيءَ خريد ڪيو ۽ کيس پنهنجي محل جو گارڊ مقرر ڪيو. ان بعد ٻئي حاڪم يعني ڏهين سلطان هن ڇوڪر کي سيڪريٽري ڪري رکيو ۽ پوءِ اڳتي هلي هي مملوڪ سلطنت جي فوج جو فيلڊ مارشل ٿي ويو. اصل سلطان ۽ انهن جو اولاد ۽ ڀائيٽيا ڀاڻيجا هڪ ٻئي پويان قدرتي موت مرندا رهيا يا هڪ ٻئي کي زهر کارائي يا قتل ڪرائي ختم ڪندا رهيا- تانجو سترهين حاڪم جي ٻه مهينا حڪومت بعد هي فيلڊ مارشل غلام ڇوڪرو قايت باي مصر جو ارڙهون برجي سلطان ٿي ويو جنهن کي عوام به خوب Support ڪيو ۽ بنا ڪنهن شڪ جي هن غلام حاڪم (سلطان قايتباي) عوام لاءِ به ڏاڍا ڪم ڪيا. هن مملوڪ سلطنت جي ايڪانامي صحيح ڪئي، اتراهن علائقن ۾ سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) سان بهتر تعلقات ٺاهيا. بهرحال مصر جي هن سلطان جي سندس ٺهرايل قلعي سان گڏ سندس زندگيءَ جي ڪهاڻي ان ڪري کڻي ويٺس ته پڙهندڙ اندازو لڳائين ته اڳئين زماني ۾ اجهو ائين به فيلڊ مارشل ۽ سلطان ٿيا ٿي. رڳو مارشل لا لڳائي صدر ۽ فيلڊ مارشل نٿي ٿيا. نه فقط اڳ زماني ۾ پر اڄ جي دور ۾ به ڪيترن ملڪن ۾ اهڙي طرح حاڪم ٿيڻ جي خواهش رکڻ وارا سياستدان، فوجي، بيورو ڪريٽس نظر اچن ٿا، پر افسوس جو ملڪ ۽ عوام کي خوشحال بنائڻ بدران ويتر انهن جي ڀينگ ڪن ٿا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سلطان الاشرف سيف الدين قايت باي هڪ غلام مان ملڪ جو بادشاهه ٿيو پر بنا ڪنهن شڪ جي هن جي حڪومت بهترين سمجهي وئي ٿي ۽ هن جيڪا خوشحالي آندي اها ان کان اڳ جا خانداني حاڪم به آڻي نه سگهيا. هن نه رڳو مصر جي مختلف شهرن: قاهري، سڪندريا، روزيٽا (رشيد)، شام ۾ اليپو ۽ دمشق ۾ پر مڪي، مديني ۽ بغداد ۾ ڪيترائي مدرسا، مسجدون، مسافر خانا، مطب ۽ ٻيون عمارتون ٺهرائي عوام ۽ اسلام جي خدمت ڪئي. ياد رهي ته 1481ع ۾ مديني ۾ وڏي باهه لڳي هئي جنهن ۾ حضور صلعم جن جي روضي پاڪ ۽ مسجد النبوي کي به تمام گهڻو نقصان پهتو هو. پوءِ مصر جو هي سلطان قايت باي هو جنهن اڳتي وڌي هن خير جي ڪم ۾ سڀ کان گهڻي مدد ڪئي هئي. قاهري ويندڙن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته قاهري جي وچ شهر ۾ ”باب الوزير اسٽريٽ“ ۾ جيڪو 190 ڪمرن جو ”الرزق محل“ آهي، هن سلطان 1480ع ۾ ٺهرايو هو.
ڪن بندرگاهن جو Approach بيحد خوبصورت ٿئي ٿو. ائپروچ معنيٰ اسان جو جهاز کليل سمنڊ ختم ڪري جڏهن ڪناري جي ويجهو پهچي ان بندرگاهه جو رخ رکي ٿو ته اهو اسان کي سمنڊ جي طرف کان ڪيئن لڳي ٿو. لبنان جي بندرگاهه طرابلس ڏي وڌندا هئاسين ته سامهون سيڊار جي وڻن سان جهنجهيل جبل نظر ايندا هئا. هانگ ڪانگ پڻ پهاڙيءَ تي آهي ان ڪري هانگ ڪانگ جي بندرگاهه ۾ ڏينهن جو گهڙ يا رات جو پري کان ئي هانگ ڪانگ شهر جون خوبصورت عمارتون، روڊ رستا ۽ وڻ ٽڻ نظر اچن ٿا. رات جي وقت ته پهاڙيءَ جي قدمن کان چوٽي تائين رنگين بتين ۽ Neon Signs جي جهڳ مڳ نظر اچي ٿي، پر ڪراچي بندرگاهه ۾ گهڙڻ وقت اهو ٻُسو ٻُسو ۽ بي رونق لڳي ٿو. ا هو ان ڪري جو ڪراچيءَ جو شهر ڪنهن پهاڙيءَ تي هجڻ بدران سطح سمنڊ کان به هيٺ آهي يعني جيڪڏهن سمنڊ جي ڪا وڏي ڇول شهر ۾ ڌوڪي پوي ته سڄو ٻڏي وڃي. ان پاڻيءَ جي يڪدم واپس سمنڊ ۾ وڃڻ جو ڪو بندوبست ناهي دنيا لتاڙي جڏهن اسان جو جهاز پنهنجي هوم پورٽ يعني ڪراچيءَ پهچندو آهي ته لائيٽ هائوس جي روشني ۽ نقشن جي آڌار تي ئي پهچبو آهي. پوءِ جڏهن جهاز ائنڪريج تي اچي لنگر ڪيرائيندو آهي- يعني بندرگاهه جي منهن وٽ، ته اتي ڪراچيءَ جي حبيب بئنڪ جي عمارت نظر اچي ٿي پر هاڻ بحريا ٽائون وارن جي ڪلفٽن تي ٺهيل Icon عمارت ۽ ٻه ٽي ٻيون اتاهيون عمارتون نظر اينديون هونديون. ممبئي جو شهر وري به مٿڀرو آهي ۽ بندرگاهه جي ويجهو ٿيڻ سان يعني ائپروچ تي تاج هوٽل ۽ گيٽ وي ٽو انڊيا جهڙيون عمارتون نظر اچن ٿيون. رهيو سوال سڪندريا بندرگاهه جو سو ان جي ائپروچ تي سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل عمارتن مان جيڪا سڀ کان اڳ نظر اچي ٿي ۽ سڀ کان نمايان لڳي ٿي اهو آهي ”قصر راس التين“ يعني شاهي محل جيڪو اڄ ڪلهه مصر جي صدر جو سرڪاري رهائش گاهه آهي. محمد علي پاشا گهراڻي جي سلطانن/ بادشاهن جي ڏينهن ۾ هي شاهي محل هو جتي شاهي گهراڻي جا ماڻهو رهيا ٿي ۽ ڌارين ملڪن کان آيل حاڪمن جي دعوت ڪئي وئي ٿي. شاه فاروق توڙي سندس ڀيڻ ايران جي راڻي فوزيه پهلوي هن محل ۾ ڄائي، وڏي ٿي ۽ شهنشاهه ايران کان طلاق وٺي پنهنجي ملڪ مصر موٽڻ تي هن محل راس التين ۾ رهائش اختيار ڪئي. هي محل راڻي فوزيه جي پڙ ڏاڏي تر ڏاڏي محمد علي پاشا 1834ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪيو جيڪو تيرهن سالن بعد 1847ع ۾ ٺهي راس ٿيو. سلطان محمد علي پاشا ماڊرن مصر جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو جنهن مصر ۾ پنهنجي نالي ”محمد علي پاشا گهراڻي“ جو 1805ع ۾ بنياد رکيو ۽ سندس گهراڻي مصر جي 1952ع واري انقلاب تائين ڏيڍ صدي حڪومت ڪئي. شاه فاروق- يعني فوزيه جو ڀاءُ هن گهراڻي ۽ مصر جو آخري بادشاهه ٿي گذريو ۽ فرعونن کان هلندڙ بادشاهت جي سسٽم کي ٻنجو اچي ويو ۽ هوڏانهن فوزيه جو مڙس شهنشاهه محمد رضا شاهه پهلوي به پهلوي گهراڻي ۽ ايران جو آخري بادشاهه ثابت ٿيو جنهن جي شروعات پڻ مصر جي فرعونن وانگر عيسوي سن کان به گهڻو اڳ دارا (Darius)، خشايارشا (Xerxes)، قمبيز (Cambyses) ۽ ڪورش اعظم (Cyrus) کان يعني 600 ق-م کان ٿي هئي.