الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

فرح ديبا جا خيراتي ڪم ۽ ايران ۾ تعليمي نظام

فرح ديبا ۽ شهنشاهه ايران ٻارن سان فارسيءَ بدران فرينچ ۾ ڳالهايو ٿي. فرح ديبا جي هڪ ڳالهه منهنجي لاءِ ”پلس پئانٽ“ آهي يعني قابل تحسين آهي. هوءَ راڻي هئي، هوءَ اسان جي ٻين ”راڻين“ يا حاڪمن جي زالن ۽ ڌيئرن وانگر، ملڪ جو پئسو لُٽي سمورو وقت پنهنجي هار سينگار، ڳهه ڳٽا ٺهرائڻ ۽ پنهنجي ٺاهه جوڙ ۾ لڳائي سگهي ٿي. پر هن پنهنجي ٻارن جي تعليم تي به ڌيان ڏنو ته عوام لاءِ به تعليمي ادارا قائم ڪيا. هي اهو ڪم آهي جنهن تي اسان جا مرد حاڪم به ڌيان نٿا ڏين ۽ نه دلچسپي وٺن ٿا ته ڪو عام ماڻهوءَ جو ٻار تعليم يافته ٿئي. فرح ديبا جي انهن نيڪ ڪمن جو هڪ مثال ”شيراز يونيورسٽي“ ئي ڪافي آهي. هيءَ يونيورسٽي جيڪا ”پهلوي يونيورسٽي“ جي نالي سان فرح ديبا خاص عورتن جي تعليم وڌائڻ لاءِ شيراز شهر ۾ قائم ڪئي. امام خميني جي اسلامي انقلاب بعد هن يونيورسٽي جو نالو پهلويءَ بدران ”شيراز يونيورسٽي“ رکيو ويو. هن يونيورسٽيءَ کان اڳ ايران ۾ جيڪي به يونيورسٽيون هيون اهي فرينچ اسٽائيل هيون. فرح ديبا هيءَ يونيورسٽي آمريڪن اسٽائيل تي ٺهرائي ۽ يونيورسٽيءَ جي عمارتن جي ڊيزائين آمريڪن آرڪيٽيڪچر ياماساڪي (سڄو نالو: Minoru Yamasaki) ڪئي. هي اهو آرڪيٽيڪچر آهي جنهن نيويارڪ جي ”ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ بلڊنگ ٺاهي جيڪا نائن اليون ۾ ٻن جهازن تباهه ڪئي. شيراز يونيورسٽي (دانشگاهه شيراز) ۾ اڄڪلهه 21 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ اسٽاف جو تعداد 700 کن ٿيندو.
تعليمي ادارن کان علاوه فرح ديبا ٻيا به ڪيترائي خيراتي ڪم ڪيا. غريبن جي ڀلي لاءِ اسپتالن جي حالت بهتر ڪيائين ۽ ماڻهن جا ڏک درد ٻڌڻ لاءِ فرح ديبا لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ ملڪ جي ڏورانهن صوبن جي ڳوٺن تائين هلي وئي ٿي، ۽ آئون به راڻي فرح ديبا جي انهن ڪمن ٻڌائڻ/لکڻ تي زور ڏئي رهيو آهيان جيئن اسان جي ووٽن تي چونڊيل حاڪم صاحب ۽ انهن جون راڻيون صاحبائون، شل انهن ڳالهين مان Inspiration حاصل ڪن ۽ پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ رڳو ٺهيل تعليمي درسگاهن کي هلڻ لاءِ ڪا ڪار خدمت ڪن. رب کي راضي ڪرڻ لاءِ وندر جون گهڙيون ڳوٺن جي اسپتالن کي بهتر بنائڻ ۾ لڳائين جيئن غريب ڳوٺاڻا موذي مرضن کان بچي سگهن... يعني اهي Aids ۽ هيپاٽائيٽس جهڙا مرض جن کان آفريڪا به آزاد ٿي چڪو آهي. آئون ته پنهنجن اڄ جي نوجوان جهازران سنڌي ساٿين کان اهو ئي پڇندو آهيان ته سڄي دنيا ۾ جهاز هلايو ٿا. يورپ ۽ آمريڪا کي ته ڇڏيو، آفريڪا کنڊ جي ڪنهن ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل ننڍڙي بندرگاهه جو ئي نالو ٻڌايو جتي ايترا يا ٿورا ماڻهو اسان جي رتو ديرو، لاڙڪاڻي، ڏوڪري جهڙن شهرن وانگر ايڊس جو شڪار هجن؟ جتي پيئڻ لاءِ پاڻي اهـڙو گندو هجي جهڙو سنڌ جي ڳوٺن جو ٿيندو وڃي؟ ايران کڻي تعليمي ادارن يا تعليمي معيار ۾ اهڙو اعليٰ ناهي جيترو انڊيا آهي جو اڄ به ڪيترائي ايراني شاگرد انڊيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندي نظر اچن ٿا پر ان هوندي به ايران ۾ به ڪافي تعيلمي ادارا آهن ۽ اتي جي حڪومت، شاگرد، والدين ۽ ٽيچر تعليم تي ڌيان ڏين ٿا ۽ ان کي سنجيدگيءَ سان وٺن ٿا. هو سمجهن ٿا ته ملڪ ۽ قوم جي بهتريءَ لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ توهان ايران جا تعليمي ادارا ڏسو- ڇا ته ڊسيپلين آهي، ڇا ته وقت جي پابندي آهي، ڇا ته شاگرد ۽ ٽيچر محنت ڪن ٿا. آئون سئيڊن ۾ رهائش دوران پنهنجن ايراني ساٿين جي ٻارن کي اتي به تعليم حاصل ڪندو ڏسندو هوس ۽ هينئر به ايران اچان ٿو ته هيڏانهن هوڏانهن رلڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن اسڪول يا يونيورسٽيءَ ۾ هليو وڃان ٿو. ٻئي دفعي جڏهن امام خمينيءَ جي پوٽي امام حسن خمينيءَ جي دعوت تي تهران آيو هوس ته اسان کي هوٽل انقلاب ۾ رهائيو ويو هو جتان سڏ پنڌ تي خيابانِ حافظ ۽ ان جي ريلوي اسٽيشن حافظ آهي، ان جي ئي ڀرسان خيابانِ علي سر جي ڪراسنگ تي امير ڪبير ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آهي. مون سان گڏ سنڌ جا ٻه جرنلسٽ: سکر جو لالا اسد پٺاڻ ۽ بدين جو عبدالرزاق کٽي پڻ هو. واڪ ڪندا اسان هن يونيورسٽي ۾ اندر گهڙي وياسين. ڪلاڪ ٻه اندر جو چڪر هڻي جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته ڪا دير اسان تي خاموشي طاري هئي. ان بعد اسان ٽنهي جي واتن مان ان قسم جا جملا نڪتا ته خبر ناهي اسان جي پياري سنڌ ۾ تعليمي درسگاهه ڪڏهن بهتر ٿيندا، ڪڏهن تعليمي معيار مقابلي جو ٿيندو! شيراز شهر ۾ رڳو مٿين يونيورسٽي ”دانشگاهه شيراز“ ناهي جيڪا شهنشاهه ايران جي راڻي فرح ديبا جي ڪوششن سان ٺهي پر ٻيون به ڪيتريون آهن جيڪي ان کان اڳ ٺهيون يا پوءِ- جيئن ته:
* ”شيراز يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز“ جنهن جو فارسي نالو دانشگاهه علوم پرشڪي شيراز آهي.
* شيراز يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (دانشگاهه صنعتي شيراز)
* اسلامي آزاد يونيورسٽي، شيراز (دانشگاهه آزاد اسلامي واحد، شيراز)
* شيراز يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز ائنڊ ٽيڪنالاجي (مرڪز آموزش عالي علمي ڪاربردي جهاد دانشگاهي، شيراز) وغيره. اهي سڀ شهر جي وچ ۾ ئي نظر اچن ٿيون. ڪيتريون ئي ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ به هونديون جيئن اسان جي سنڌ يونيورسٽي يا مهراڻ يونيورسٽي حيدرآباد شهر کان پري ڄام شورو ۾ آهن.