الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

ثريا کي طلاق تي درد ڀريو فرينچ گانو

21 مارچ 1958ع تي ايرانين جي نئين سال (نوروز) تي شهنشاهه ايران روئندي پنهنجي عوام لاءِ اعلان ڪيو ته هن ثريا کي طلاق ڏني آهي. اهو اعلان ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان براڊ ڪاسٽ ڪيو ويو. شهنشاهه ايران جي ثريا کي طلاق جي هيڊ لائين، هڪ فرينچ ليکڪ فرئنڪوئز سڄو نالو (Francoise Mallet Joris) کي اهڙو ته Inspire ڪيو جو هن هڪ پاپ گانو لکيو. هن جو هي فرينچ گانو Je Veux Pleurer Comme Soraya معنيٰ ”آئون ثريا وانگر روئڻ ٿو چاهيان“ اهڙو ته مشهور ٿيو ۽ اڄ به اهو يورپ توڙي آمريڪا ۾ عام آهي جو هن جون سٽون ۽ سوز سمجهڻ وارا عجيب ڪيفيت محسوس ڪن ٿا. ڪجهه اسان وٽ به اهڙا گانا آهن جن مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت ٻڌڻ واري کي غم ۽ ميلاپ جو احساس ڏياري ٿي ۽ سالن بعد به اهي گانا سدا بهار رهن ٿا، جيئن کڻي سمجهو ته فيض احمد فيض جو لکيل غزل جيڪو نورجهان پاڪستان جي 1962ع واري فلم ”قيديءَ“ لاءِ ڳايو ۽ شميم آرا تي فلمايو ويو ۽ تازو ٻه ٽي سال اڳ نوانوي سالن جي زهره سهگل به ڳايو:
مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ،
مين ني سمجها ٿا ڪي تو هي تو درخشان هي حيات،
تيرا غم هي تو غمِ دهر ڪا جهگڙا کيا هي... وغيره
هڪ ٻيو ان نوعيت جو گانو جيڪو اڄ تائين سدا حيات آهي جو بالي ووڊ جي فلم ”قرباني“ لاءِ ڪلياڻ جي آنند جي جي ميوزڪ ۾ زينت امان تي فلمائڻ لاءِ پاڪستاني ڳائڻي نازيه حسن 1980ع ۾ ڳايو:
آپ جيسا ڪوئي، ميري زندگي ۾ آئي...
تو بات بن جائي...
نازيه حسن کي ننڍي عمر ۾ ڦڦڙن جي ڪئنسر ٿي پئي ۽ 2000ع ۾ گذاري وئي.
هڪ انگريزيءَ جو گانو جيڪو مون 1960ع واري ڏهاڪي ۾ انگلينڊ ۽ يورپ جي ڪلبن ۽ ريسٽورنٽن ۾ ٻڌو، جيڪو سالن جا سال مشهور رهيو... اڄ به اڌ صدي گذرڻ بعد به اهو ٻڌجي ٿو ته هڪ عجيب سوز ۽ غمگيني محسوس ٿئي ٿي ۽ نه فقط منهنجي عمر جي ماڻهن لاءِ اهو اڄ به فئوريٽ آهي پر اڄ جو نوجوان به ٻڌندو ته مونکي پڪ آهي ته هن گاني جي ميوزڪ ۽ ميسيج هن کي گهائي رکندو...
Those were the days my friend,
We thought they’d never end,
We’d sing & dance forever & a day,
We’d live the life we choose
We’d fight and never lose
For we were young & sure to have our way…
La..La..La..
مئري هاپڪنس جيڪا هينئر ستر کن سالن جي پوڙهي آهي (بهرحال اسان کان وري به ڇهه سال ننڍي آهي) 18 سالن جي هئي ته هن ڳائڻ جي شروعات مٿئين گاني سان ڪئي. سندس ان گاني جو چون ٿا ته پهرين سال ئي فقط آمريڪا ۾ 15 لک رڪارڊن جو وڪرو ٿيو ۽ سڄي دنيا ۾ 80 لک. انهن ڏينهن ۾ يعني 1968ع ۾ نه يوٽيوب، USB، سي ڊي يا ڊي وي ڊي هئا ۽ نه ڪمپيوٽر ۽ ٽيپ رڪارڊر. گانا ٻڌڻ لاءِ پلاسٽڪ جا رڪارڊ خريد ڪري گراموفون تي ٻڌبا هئا. ٽيپ رڪارڊر جپاني ڪمپني اڪائيءَ جا وڏا پول وارا هئا جيڪي ريڊيو اسٽيشن تي نظر ايندا هئا. پهريون ڪئسٽ رڪارڊر مون ممباسا بندرگاهه مان 1970ع ۾ يا 1971ع ۾ خريد ڪيو هو. انهن سالن ۾ اسان جي هر جهاز تي مئري هاپڪنس جي ان گاني ”دوز ور دي ڊيز...“ جو رڪارڊ هوندو هو جيڪو ڏينهن رات ٻڌندا هئاسين. جهاز يورپ يا آمريڪا- ويندي آفريڪا جي بندرگاهه ۾، پهچندو هو ته ائنٽورپ، راٽرڊم، لنڊن، ڊنڊي، لورپول يا هيوسٽن، بالٽيمور، فلڊليفيا، ڊڪار وغيره جي ڪلبن ۽ سپر اسٽورن ۾ اهو گانو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. بقول منهنجي ڪئبن ميٽ ففٿ انجنيئر بديع الزمان جي هي گانو طوفاني راتين ۽ ڇتين ڇولين جي خوف کان اڻ ڄاڻ ڪريو ڇڏي... جهاز جي انجڻين جي مسئلن جي پيدا ٿيل ٽينشن ختم ڪريو ڇڏي... هي پاپ گانو تڏهن (توڙي اڄ) ٻڌڻ سان پراڻيون يادون، پراڻا يار، محبتن ۽ ميلاپن جا قصا ياد ٿو ڏياري.... ٻڌڻ وارو هڪ سحر اندوز ماحول ۾ گم ٿيو وڃي... چاهي گانو واقعي اهڙو جادو ڀريو آهي يا يورپ جو اهو ماحول جادو ڀريو هو جنهن ۾ اسان هي گانو يورپي نوجوان ڇوڪرين کي نيم اگهاڙن ڪپڙن ۾، مختلف ڪلبن ۾ ان گاني تي دانهون ڪندو نچندي ڏٺو... جنهن خوشبودار ماحول اسان کي منڊي رکيو. بهرحال فرينچ همراهه جو ايران جي راڻي ثريا لاءِ لکيل پاپ گانو “I want to cry like Soraya” به ڪجهه ان ئي فريڪئنسي تي پهتو هو جيڪو ٻڌي اسان کي ثريا جو غم پنهنجو ٿي محسوس ٿيو. ثريا جي پيار ۽ وڇوڙي جي احساس اسان کي گهائي ٿي رکيو. طلاق بعد ايران جي عوام لاءِ جرمنيءَ مان پنهنجي والدين جي گهران ثريا جيڪو بيان جاري ڪيو، ان ۾ لکيو ته:
“Since His Imperial Majesty Mohammad Reza Shah Pahlavi has deemed it necessary that a successor to the throne must be of direct descent in the male line from generation to generation to generation, I will with my deepest regret in the interest of the future of the state and of the welfare of the people in accordance with the desire of His Majesty the Emperor sacrifice my own happiness and I will declare my consent to a separation from His Imperial Majesty