الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

هيرن جي هار جو مشهور فراڊ

فرانس جي هن راڻيءَ کي ”هيرن جي هار“ به چڱو خوار ڪيو. ان هار جي پويان ڪيل ٺڳي ۽ غلط طريقن بابت ڪيترائي ناول لکيل آهن ۽ The affair of the Necklace نالي 2001ع ۾ آمريڪا ۾ ٺهيل مهانگي فلم ۽ ان کان گهڻو اڳ The Queen’s Necklace نالي يورپ ۾ ٺهيل فلم پڻ آهي. ڪنهن کي وقت گهٽ آهي ته هو وڌيڪ ناول پڙهڻ بدران فقط اليگزينڊر دُماس جو انگريزي ناول The Queen’s Necklace ئي پڙهي ڇڏي ته سمجهه ۾ اچي ويندس ته ملڪ جي راڻيءَ ڇا فراڊ پئي ڪيا ۽ ڇا يار پئي ٺاهيا!
فرانس جو آخري بادشاهه ”لُوئي سورهون“ جنهن جي ڏينهن ۾ فرينچ انقلاب آيو، ان کان اڳ هن جو ڏاڏو ”لُوئي پنڌرهون“ فرانس جو 1715ع کان مرڻ 1774ع تائين بادشاهه ٿيو. هن آفيشلي ته هڪ شادي ڪئي جنهن مان هن کي 8 ڌيئون ۽ ٻه پٽ ٿيا. انهن مان به هڪ پٽ ته ننڍي هوندي گذاري ويو. گذاري ته ٻيو به ويو جنهن جو نالو فقط لُوئي (Louis) هو، 36 سالن جي ئي ڄمار ۾ 1765ع ۾ (يعني بادشاهه لوئي 15 جي وفات کان 9 سال اڳ) گذاري ويو پر چڱو جو اهو ٽي پٽ ڄڻي ويو جن مان وڏو لوئي 16 هن بادشاهه لوئي 15 جي مرڻ تي 1774ع ۾ فرانس جو حاڪم ٿيو. سو لوئي 15 تخت و تاج جي وارث ۽ وليعهد جي پريشانيءَ کان آزاد هو- ڇو ته جتي بادشاهي راڄ آهي يا جتي جا سياسي حاڪم- پوءِ ڀلي اهي ڪنهن جمهوري ملڪ جا وزيراعظم يا صدر هجن، پاڻ کي عوام جا خدمتگار سمجهڻ بدران ذهني طرح جڏهن پنهنجو پاڻ کي بادشاهه سمجهن ٿا ته پوءِ هنن جي مٿي ۾ رڳو اها گهوماٽي رهي ٿي ته جلد از جلد وارث پيدا ڪريون جيئن منهنجي جاءِ سنڀالي ۽ پوءِ تاريخ شاهد آهي ته جڏهن چرين کرين وارثن کي حڪومت جون واڳون ڏنيون وڃن ٿيون ته ملڪ ۽ عوام جي ته تباهي اچي ٿي پر سندن انت به جيلن، ڦاهي گهاٽن يا دربدري جي حالت ۾ ڏورانهن ۽ ويران ٻيٽن تي ٿئي ٿو.
فرانس جي بادشاهه لوئي 15 کي وارث جي ضرورت يا فڪر ته نه هو جو سندس هڪ نه پر ٽي پوٽا موجود هئا سو هو به ٻين بادشاهن وانگر بي فڪر ٿي زندگي عيش عشرت ۾ گذارڻ لڳو. هن ٻي شادي نه ڪئي پر کيس رکيلن، ڪنيزائن، ساهيڙين ۽ ٻين جي زالن مان ڌڻ ٻارن جا ٿيا. ٻين جي زالن مان جيڪي غير قانوني ٻار ٿيا انهن جي عوام کي خبر انهن ٻارن جي مائرن کان پئي ٿي يا بادشاهه سلامت سان شڪل ملڻ تي يا انهن ٻارن جي مائرن جي مڙسن کي شاهي ڪورٽ ۾ ڪا نوڪري ملڻ تي عوام ۽ تاريخ لکڻ وارن کي پڪ ٿي ٿي. بادشاهه جا اهي غير قانوني ڄڻيل ٻار تخت ۽ تاج جا وارث ته نٿي ٿي سگهيا پر ڪيترا غير معمولي ذهانت ڪري ملڪ جي اهم پوسٽن تي ضرور رهيا. لوئي 15 جي اهڙن غير معمولي ۽ اهم ٻارن جي سندن مائرن سميت هڪ ڊگهي لسٽ آهي جيڪا توهان فرانس جي تاريخي ڪتابن ۾ به پڙهي سگهو ٿا.
فرانس جو هي بادشاهه لوئي به ٻين بادشاهن وانگر جوانيءَ ۾ ته ڌارين رنن پويان سرگردان رهيو. پر پيريءَ ۾ به صبر نه آيس. سندس آخري محبوبا- محبوبا ڇا ٻي جي زال ”ڪائونٽيس ڊُو بئري“ سان دل پشوري 1768ع ۾ ٿي جڏهن هن جي عمر 58 سال هئي- يعني مرڻ کان 6 سال اڳ. ڪائونٽيس بئري جو تعلق ڪنهن شاهي خاندان سان نه هو پر هوءَ گهٽيءَ جي هڪ عام ڇوڪري هئي پر پنهنجي مڙس ۽ ان جي دوستن جي مدد سان ۽ ڪجهه پنهنجي ناز نخري ۽ اعليٰ هار سينگار ذريعي هن شاهي محل ۾ پهچي راجا جي دل اهڙي ريجهائي جو هو هن تي ڇتو ٿي پيو. بادشاهه سلامت کيس محل ۾ ئي رهائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ هن جي خدمت چاڪري لاءِ ٻانهين کان علاوه زمور نالي هڪ شيدي غلام به ڏنو جنهن جو ذڪر مون ان ڪري ڪيو آهي جو آخر ۾ ٻه اکر هن غلام بابت به لکڻ چاهيان ٿو. بهرحال بادشاهه سلامت ڪشتا ۽ معجونون کائي ٻيو ڪو خير جو ڪم ڪري سگهيو يا نه پر هن چئن سالن جي رفاقت بعد 1772ع ۾ پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ، ڪائونٽيس بيري کي هڪ اهڙو مهانگو هار گفٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو جنهن جهڙو اڄ تائين ڪنهن يار ڪلو پترا کي به نه ڏنو هجي. ان لاءِ هن ملڪ جي هيرن جواهرن ۽ سونارن جي وڏي ۽ ناليري ڪمپنيءَ کي گهرائي ان نو لکهي هار لاءِ چيو. نو لکهو ته آئون ٿو چوان، ان هار جي ان وقت ئي ڪروڙها روپيا قيمت ڪَٿي وئي ۽ ڪمپني ان هار لاءِ سچا موتي ۽ هيرن (Diamonds) جي ڇِل گَهڙ شروع ڪري ڏني.
ٻن سالن کان هار تي ڪم هلندو رهيو ته اتي 1774ع ۾ بادشاهه سلامت لوئي 15 گذاري ويو ۽ ان جي جاءِ تي سندس وڏو پوٽو ”لوئي سورهون“ تخت تي ويٺو ۽ سندس زال مئري فرانس جي راڻي ٿي، جنهن جون ڪائونٽيس آف بئريءَ (مري ويل بادشاهه جي کانئس 33 سال جوان محبوبا) تي پهرين ڏينهن کان باهيون هيون، تنهن هن کي محل مان ڀڄائي ڪڍيو. گهٽ لالچڻ ۽ ٺڳ ته هيءَ راڻي صاحبه مئري به نه هئي جنهن ڪا قيمتي شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي مالڪ سان همبستري ڪرڻ ۾ به عيب نٿي سمجهو ۽ هتي هن جو ٽارگيٽ بي بها نيڪليس (هار) هو. راڻي صاحبه سندس مڙس جي ڏاڏي لوئي 15 جي هن آخري مسٽريس بئريءَ جي هن هار لاءِ جيڪي ٺڳيون، اٽڪلون، خواريون (پنهنجيون ۽ پنهنجي ملڪ جون) ڪيون ان جا داستان ڪيترن ئي ڪتابن ۽ ناولن ۾ آهن- جن مان ڪجهه ناولن ۽ فلمن جا نالا پهرين لکي چڪو آهيان.