الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

فرح ديبا جي زندگيءَ جو احوال

پاڻ شهنشاهه ايران جي ٽين ۽ آخري زال فرح ديبا جي احوال ۾ هن جي والدين جو ذڪر ڪري رهيا هئاسين ته فرح جي پيءُ ڪئپٽن سهراب ديبا انگلينڊ جي رايل مليٽري اڪيڊمي جهڙي فرانس ۾ موجود اڪيڊمي ”سينٽ سر“ مان گرئجوئيشن ڪئي جيڪا نئپولين بونا پارٽ ٺهرائي هئي. نئپولين تان هن جي ڪيل جنگين ۽ آخر ۾ واٽرلو واري لڙائي ياد ٿي اچي جنهن ۾ هن هارايو ۽ هن کي هڪ ڏورانهين ٻيٽ سينٽ هيلنا ڏي نيڪالي ڏني وئي جتي هن جو موت ٿيو. ان سان گڏ فرانس ۾ بپا ٿيل فرينچ انقلاب جو احوال ڪيوسين جنهن ۾ ملڪ جي آخري بادشاهه لوئي سورهين ۽ هن جي راڻي مئريءَ جو گئلوتين تي سر قلم ٿي ويو.
بهرحال هاڻ فرح ديبا جي زندگيءَ جي احوال کي مڪمل ڪجي فرح پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته هوءَ پنهنجي والد سان تمام گهڻو attached هئي جنهن جو جڏهن 50 سالن جي ڄمار ۾ موت ٿيو ته فرح ان وقت ڏهن سالن جي هئي. پيءُ جي وفات تي فرح ديبا وارن کي پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ به تڪليف اچي وئي. بهرحال فرح بنيادي تعليم تهران جي اطالوي اسڪول ۽ فرينچ دي آرڪ اسڪول ۾ سورهن سالن تائين ورتي ان بعد فرينچ اسڪول Le Lycee Raza (دبيرستان رازي- يعني رازي هاءِ اسڪول) ۾ حاصل ڪئي. هن فرينچ اسڪول مان بعد ۾ راڻي فرح ديبا جي ننڍي پٽ شهزادي علي رضا پڻ 1976ع ۾ تعليم حاصل ڪئي. يعني هي زمانو امام خميني جي 1979ع واري اسلامي انقلاب کان ڪجهه سال اڳ جو آهي. مٿين اسڪولن جي نالن مان توهان کي لڳندو ته ايران ۾ انگريزي، اطالوي (Italian)، ٻين يورپي ملڪن جا اسڪول خاص ڪري فرينچ اسڪول ته تمام گهڻا هئا جو ايران جي اشرافيه، وڏا ماڻهو هڪ ٻئي سان ۽ گهرن ۾ فرينچ ڳالهائي ٿي. شهنشاهه ايران ۽ فرح ديبا به پاڻ ۾ فارسي نه پر فرينچ ڳالهائيندا هئا. ويندي شهنشاهه ايران جيڪو يادگيرين جو ڪتاب (Memoirs) لکيو آهي، اهو به فرينچ ۾ آهي جيڪو بعد ۾ انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ پهرين ترجمو ٿيو.
هڪ ٻي ڳالهه ته هن قسم جا يورپي اسڪول فقط شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ نه هئا. امام خمينيءَ اسلامي انقلاب ضرور آندو پر ائين نه ڪيو ته يورپين ۽ انگريزن جا اسڪول بند ڪريو اهي ڪافر آهن. هرگز نه. خمينيءَ بهتر تعليم قائم رکي جو انهن اسڪولن بهتر تعليم ڏني ٿي ڀلي سندن نالا ڇا به هجن. اڄ به اهي اسڪول ته قائم آهن پر ٻيا به ڪيترائي ٺهي پيا آهن جيئن انڊيا ۾ عيسائين، پارسين، سنڌين، فرينچن جا اسڪول هلندا اچن ۽ اعليٰ تعليم ڏيڻ ڪري انهن جا شاگرد دنيا ۾ نالو پيدا ڪري رهيا آهن.
”رازي هاءِ اسڪول“ ايران ۾ رهندڙ فرينچ ڪميونٽيءَ 1950ع ۾ ٺهرايو هو ۽ اڄڪلهه پهلوي اسٽريٽ (جيڪا هاڻ خيابان ولي عصر سڏجي ٿي) تي آهي. هي روڊ تهران شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. رستي جي ٻنهي پاسن تي گهاٽن وڻن جي قطار آهي. هي روڊ شهنشاهه ايران جي والد شهنشاهه رضا شاهه پهلويءَ 1925ع ڌاري ٺهرايو ۽ چيو وڃي ٿو ته سڄي مڊل ايسٽ ۾ هي وڻن سان جهنجهيل ڊگهو روڊ آهي، بهرحال هن اسڪول ۾ 3000 ٻار پڙهن ٿا. اهڙي طرح تهران جو هڪ ٻيو پراڻو اسڪول فيروز بهرام هاءِ اسڪول آهي جيڪو ايران ۾ رهندڙ آتش پرستن يعني زرتشتين (Zoroastarian) 1932ع ۾ فيروز بهرام نالي ٺهرايو جيڪو پهرين جنگ عظيم ۾ مارجي ويل ايراني آهي. جمشيد جم نالي تهران ۾ هاءِ اسڪول پڻ پارسين (زرتشتين) جو آهي جيئن ڪراچيءَ ۾ ماما پارسي اسڪول آهي جيڪو 1918ع ۾ ڪراچي جي پارسي ميئر جمشيد نسروانجي ميهتا ٺهرايو. هي تهران وارو پارسي اسڪول 1906ع ۾ ٺهيو هو. اهڙي طرح ان کان به هڪ آڳاٽو اسڪول البورز هاءِ اسڪول 1873ع ۾ ٺهيو جيڪو آمريڪي مشنرين- يعني عيسائي تبليغي جماعت وارن ٺهرايو. ڳالهه جو مطلب اهو ته امام خمينيءَ جي آمريڪن تي ڪاوڙ پنهنجي جاءِ تي پر هن هنن جو اهو ادارو ڊاهڻ صحيح نه سمجهيو جيڪو تعليم ٿو ڏئي- ڀلي کڻي انگريزيءَ ۾ ٿو ڏئي. ائين ته تهران ۾ نه فقط برٽش انٽرنيشنل اسڪول آهي پر آفريڪا ايوينيو (جيڪو هاڻ نيلسن منڊيلا بليوارڊ ٿو سڏجي) وٽ، ظفر ميٽرو اسٽيشن ۽ واحد دستگردي اسٽريٽ وٽ پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول ۽ ڪاليج آهي جتي ڪنڊرگارٽن کان ٻارهين ڪلاس تائين انگريزيءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ سڄي تهران ۾ هن اسڪول ۾ ڪئمبرج او ۽ اي ليول پڙهايو وڃي ٿي ۽ هي 1964ع ۾ ٺهيو. تهران ۾ هڪ جپاني انٽرنيشل اسڪول به آهي ۽ فرينچ اسڪول ته ڪيترائي آهن. ايران ۾ تعليمي نظام اسان سان ڪافي ملندڙ جلندڙ آهي ۽ يونيورسٽي يا ميڊيڪل، انجنيئرنگ ڪاليج ۾ وڃڻ لاءِ ٻارهن ڪلاس پڙهي پوءِ انٽري ٽيسٽ ڏيڻو پوي ٿو. پرائمري اسڪول جيڪو فارسيءَ ۾ دبستان سڏجي ٿو، 6 سالن جو ٿئي ٿو. ٻار ڇهن سالن جي عمر جا ٿي، جنهن ۾ هو ڪنڊر گارٽن ڪري وٺن ٿا، پهرين گريڊ ۾ پرائمري اسڪول ۾ اچن ٿا جتي هو ڇهين گريڊ تائين پڙهن ٿا. ان بعد هو ستين کان نائين گريڊ تائين مڊل اسڪول ۾ ٽي سال پڙهن ٿا. اهي اسڪول ”دوره اول دبيرستان“ سڏجن ٿا جن ۾ انگريزي به پڙهائي وڃي ٿي. ان بعد ٽي سال گريڊ ڏهين کان ٻارهين تائين پڙهن ٿا. اهي هاءِ اسڪول (دور دوم دبيرستان) سڏجن ٿا. ايران ۾ نائين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ان بعد ڏهين کان ٻارهين ڪلاس ۾ ٽيڪنيڪل تعليم به ٿئي ته يونيورسٽي ۽ پروفيشنل ڪاليج ڏي وڃڻ لاءِ اڪيڊمڪ به ٿئي. گذريل دفعي تهران جي جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس ان جي ويجهڙائي وارن ان قسم جي ٽيڪنيڪل اسڪولن ۾ هليو ويس. يارو! اسڪولن ۽ پڙهائي جي سسٽم مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. صاف سٿرا اسڪول، وقت جي پابندي، شاگردن سان ڀريل ڪلاس، ليٿ مشين کان ويلڊنگ، اليڪٽرڪ کان پلمبنگ جهڙا هنر سيکارڻ لاءِ هر شيءِ موجود.... ۽ اهي ٽيڪنيڪل هنر سکڻ لاءِ نه فقط ڇوڪرا پر ڇوڪرين جا به گروپ هئا. تڏهن ته چوان ٿو ته تعليم جي معاملي ۾ اسان رڳو پاڙي وارن (انڊين ۽ ايرانين) کي فالو ڪريون تڏهن به اسان سڌري وڃون.
بنيادي تعليم ختم ڪرڻ بعد ڪيترن شاگردن کي شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ توڙي امام خميني جي ڏينهن ۾، اڄ تائين اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر به موڪليو وڃي ٿو. آئون جڏهن مالمو (سئيڊن) جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ته سڀ کان گهڻا شاگرد (ڏهه کن) ايران جا هئا. دراصل هن يونيورسٽي ۾ يو اين او وارن دنيا جي هر ملڪ مان ٻن يا ٽن کي اسڪالرشپ تي گهرايو ٿي پر ايران وارن هر سال پنهنجي خرچ تي پنهنجي ملڪ جي وڌيڪ جهاز رانن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ خاطر موڪليو ٿي. نه فقط موڪليو ٿي پر سال ۾ هڪ ٻه دفعا هنن جو وزير مواصلات چڪر تي آيو ٿي جنهن هنن کي ڊنر تي گهرايو ٿي ۽ هنن کان پڙهائيءَ جو حال احوال ورتو ٿي ۽ همٿايو ٿي.
اهڙي ئي طرح 1959ع ۾ فرح ديبا تهران جي رازي اسڪول مان تعليم ختم ڪرڻ بعد، حڪومت جي خرچ تي پئرس ۾ آرڪيٽيڪچر جي اعليٰ تعليم وٺي رهي هئي ته هن جي ملاقات شهنشاهه ايران سان ٿي جيڪو فرانس آيل هو ۽ پئرس ۾ ايراني سفارتخاني ۾ سرڪاري خرچ تي پڙهندڙن کي مانيءَ تي گهرائي ملاقات ڪئي هئي. هو فرح ديبا جي سونهن ۽ ڳالهائڻ جي نموني مان بيحد متاثر ٿيو- بلڪه هن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. ان جو جڏهن شاهي محل ۾ ذڪر ٿيو ته سڀني کي ڳالهه وڻي جو هر هڪ آتو هو ته شهنشاهه ايران ثريا کي طلاق ڏني آهي ته ٻي ڪنهن سان يڪدم شادي ڪري جو شاهي خاندان انتظار ۾ هو ته هن سلطنت جو والي وارث جلد پئدا ٿئي. فرح ديبا سان شاديءَ جي معاملي ۾ شهنشاهه ايران جي پهرين زال فوزيا مان ڌيءَ شهناز پهلويءَ تمام گهڻي وٺ وٺان ڪئي ۽ ان ئي سال جي آخر تائين (نومبر 1959ع) ۾ سندس فرح ديبا سان مڱڻو به ٿيو ته مهيني اندر (ڊسمبر ۾) ڌوم ڌام سان شادي رچائي وئي ۽ سال اندر پٽ ٻار به ٿيو.
فرح ديبا کي چار ٻار ٿيا:
* وليعهد شهزادو رضا پهلوي (ڄم: 31 آڪٽوبر 1960ع)
* شهزادي فرح ناز پهلوي (ڄم: 12 مارچ 1963ع)
* شهزادو علي رضا پهلوي (ڄم: 1966ع، وفات: 2011ع)
* شهزادي ليلا پهلوي (ڄم: 1970ع، وفات: 2001ع)