الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

حضرت موسي عليه السلام جي ڏينهن وارو فرعون ۽ ٻيا

پاڻ ڳالهه جي شروعات مصر جي شهزادي فوزيا سان شروع ڪئي هئي جيڪا سڪندر اعظم جي ٻَڌرايل شهر سڪندريا جي شاهي محل ”قصر راس تين“ ۾ ڄائي نپني. هوءَ مصر ۽ سوڊان جي بادشاهه فواد جي ڌيءَ هئي. پيءُ جي وفات بعد سندس ڀاءُ فاروق مصر ۽ سوڊان جو بادشاهه ٿيو. فوزيا جي شادي ايران جي شهنشاهه ”محمد رضا شاهه پهلوي“ سان ٿي. هوءَ ڏهاڪو کن سال ايران جي شهنشاهه جي پهرين راڻي ٿي رهڻ بعد هن کان طلاق وٺي پنهنجي ملڪ مصر موٽي آئي ۽ مرڻ تائين سڪندر اعظم جي ٺهرايل شهر سڪندريا ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري تي سندس وڏن جي ٺهيل مٿئين محل ۾ وقت گذاريو. سندس وڏن جو واسطو ترڪي، البانيا (يورپ) ۽ قفقاني (ڪوه قاف واري) علائقي سان هو- ۽ اهو ئي سبب سندس سونهن جو چيو وڃي ٿو. مصر جي تاريخ ۾ سونهن سوڀيا ۽ ملڪ جي راڻي ٿيڻ ۾ فوزيا جو نالو ضرور ورتو وڃي ٿو پر ڏٺو وڃي ته ٻيون به ڪيتريون عورتون- شجرالدر سميت (جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي) ٿي گذريون آهن. فرعونن جي زماني ۾ به ڪيتريون عورتون حاڪم (Monarch) بڻجي چڪيون آهن جيڪي سونهن ۾ به پنهنجو مَٽ پاڻ هيون. مصر جي ماڻهن کان يا دنيا کان پڇندائو ته هو جنهن عورت (راڻيءَ) لاءِ مشهور ۽ سهڻو چوندا اها بنا شڪ جي قلوپطرا (Cleopatra) آهي! اسان قلوپطرا کي ته ڏسي نه سگهياسين پر سندس نالي واري 1963ع واري فلم Cleopatra جيڪا C.M Franzero جي ناول “The life & Times of Cleopatra” ۾ ان وقت جي جوان ۽ حسين فلمي ائڪٽريس ايلزبيٿ ٽيلر کي قلوپطرا جو پارٽ ادا ڪندو ڏسي دل مڃڻ لڳي ته قلوپطرا واقعي پنهنجي وقت جي حسين ترين عورت هوندي. فلم ۾ ”جيوليس سيزر“ جو پارٽ ان وقت جي مشهور هالي ووڊ اداڪار ”رچرڊ برٽن“ ڪيو آهي ۽ ”مارڪ ائنٽونيءَ“ جو ”ريڪس هئري سن“. مون هيءَ فلم 1964ع يا 1965ع ۾ چٽگانگ ۾ ڏٺي هئي. ان ئي سال هن فلم ۾ ڪم ڪندڙ ايلزبيٿ ٽيلر ۽ رچرڊ برٽن فلم کان ٻاهر پڻ پاڻ ۾ شادي ڪئي. ان وقت ايلزبيٿ 32 سالن جي هئي ۽ هن پهرين نه پر هيءَ ٻي يا ٽي شادي ڪئي هئي. شاديءَ جي معاملي ۾ اسان جي ترڪ سلطانن، اسپين جي اُميه خليفن، مغل بادشاهن ۽ ٻين سان مڙيئي ايلزبيٿ ٽيلر چڱو مقابلو ڪيو. مرڻ گهڙيءَ تائين هن اَٺ ته ڌوم ڌام سان شاديون ڪيون. رچرڊ برٽ سان هن ٻه دفعا شادي ڪئي. بهرحال اها ته هن جي ذاتي زندگي ٿي. سندس جنهن ڳالهه جي آئون هتي تعريف ڪندس اها سندس انسان ذات سان همدردي جو پهلو آهي. هن غريب، بيمار ۽ ڏتڙيل ماڻهن لاءِ وڏا خير خيرات ڪيا. Charity ۾ سندس جواب ناهي ۽ دنيا هن کي اڄ به ياد ڪري ٿي. سندس وفات تي سندس سخي دل هجڻ جي ڳالهه تي آمريڪا جي سابق صدر ڪلنٽن چيو: Elizbeth’s legacy will live on in many people around the world whose lives will be longer & better because of her work & the ongoing efferots of those she inspired.” بهرحال مصر جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي نه پر فلم ۾ ايلزبيٿ ٽيلر کي قلوپطرا جو پارٽ ادا ڪندي اسان جي دل قبول ڪيو ته قلوپطرا پنهنجي دور جي ضرور حسين ترين راڻي هوندي. منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ جن تاريخي ڪردارن تي سڀ کان گهڻيون فلمون ۽ ناول لکيا ويا آهن انهن مان قلوپطرا هڪ آهي. 1970ع ۾ ويندي جپانين به قلوپطرا تي فلم Kureopatora ٺاهي. هيءَ هڪ مزاحيه فلم هئي جيڪا انگريزي ۽ فرينچ فلمن وانگر هِٽ نه ٿي سگهي هئي.
چٽگانگ ۾ تعليم دوران هفتيوار Quiz جي سوالن ۾ ڪڏهن ڪڏهن قلوپطرا بابت به پڇيو ويندو هو ته مصر جي حاڪمن ۾ آخري فرعون ڪير هو؟ يا سوال پڇندڙ جنهن شخصيت جو نالو پڇڻ چاهيندو هو ان لاءِ گهڻي ڀاڱي پڪ هوندي هئي ته ”قلوپطرا“ جو پيو پڇي پر تاريخ کان اڻ واقف هجڻ ڪري غلط سوال پڇي پنهنجو پاڻ کي منجهائي رکبو هو.... ”مصري عورت آهي؟“ .... نه.
”مسلمان آهي؟“ جواب ”نه“. ”ڀلا عيسائي؟“.... ”نه“.
قلوپطرا هڪ حسين عورت هئي... اها ته خبر پئجي وئي هئي پر اها حيرت جي ڳالهه هوندي هئي ته قلوپطرا عورت ٿي ڪري ڪيئن فرعون ٿي. اسان سمجهندا هئاسين ته فرعون نالي فقط هڪ مرد بادشاهه هو جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت موسيٰ ڄائو.... پهريون دفعو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسانجو جهاز پورٽ سعيد ۾ اچي لنگر انداز ٿيو ته مصر جي مقامي آفيس وارن اسان جي جهاز جي ڪجهه ماڻهن کي بس ۾ وٺي مصر جا اهرام Pyramid ڏيکاريا. اهو ڏسي مونکي حيرت ٿي جڏهن گائيڊ ٻڌائيندو هليو ته هي پرئمڊ فلاڻي فرعون جو آهي ۽ هي فلاڻي فرعون جو... جنهن ۾ هو دفن ٿيل آهن. تاريخ کان اڻ واقف، يا بنهه گهٽ ڄاڻ رکندڙ مون لاءِ ماڳهين مونجهه ٿي پيو ته گائيڊ ڪهڙي ڳالهه ڪئي! فرعون ڇا ٻين بادشاهن جو به نالو هو ڇا؟ اسان ته هڪ ئي فرعون ٻڌو آهي جنهن وٽ حضرت موسيٰ عليه السلام ويو هو. پوءِ ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ وقت گذارڻ لاءِ جڏهن تاريخ جا ڪتاب به پڙهيم ته خبر پئي ته فرعون هڪ نه ٻه، هتي ته ڊگهي لانڍ هئي. مصر جي تاريخ کان جيڪي واقف نه آهن انهن پڙهندڙن لاءِ فاسٽ فارورڊ ۾ بيان ڪندس ته مصر ۾ شهنشاهي نظام تمام آڳاٽو آهي. اسان ”موهن جو دڙو“ کي آڳاٽو سمجهون ٿا، ان کان به وڌيڪ يا ان جيترو پراڻو حڪومتي نظام مصر جو آهي، ڇو جو رڪارڊ تي جيڪو پهريون بادشاهه (فرعون) آهي اهو مينس (Menes) آهي جنهن کي عرب مينا بن سڏين ٿا جنهن جي حڪومت چون ٿا ته 3200 ۽ 3000 ق-م واري ڪنهن عرصي ۾ رهي. اهو وقت سمجهو ته حضرت موسيٰ عليه السلام جي ڄمڻ کان به صديون اڳ جو ٿيو. سو ظاهر آهي ان وقت ڪو به عيسائي يا مسلمان چئي نٿا سگهون. بلڪه ڪو يهودي به نه هو، جو ان وقت تائين حضرت موسيٰ به نه ڄائو هو. حضرت موسيٰ جو جنم ان پهرين فرعون مينس کان اٽڪل 1800 سال پوءِ، جنهن فرعون جي ڏينهن ۾ ٿيو ان جو نالو رامسس دوم (Ramesses II) هو جيڪو “Ramesses the Great” به سڏجي ٿو جو هن رامسس کان اڳ ۽ پوءِ اٽڪل ڏهه کن فرعون (بادشاهه) ٿيا جن جو نالو پڻ رامسس هو. جيئن هن رامسس دوم (رامسس اعظم) جي پيءُ جو نالو ته ”سيتي يڪم“ هو پر ڏاڏي جو نالو ”رامسس اول“ هو. اهڙي طرح پنج ڇهه (پٽ، پوٽي، پڙ پوٽي ۽ تڙ پوٽي جي) فرعون ٿيڻ بعد جيڪو ٻار ٿيو ان جو نالو رامسس ٽيون (سوم) رکيو ويو. ان بعد ان جو جيڪو پٽ فرعون ٿيو ان جو نالو رامسس چوٿون هو. ان بعد لڳاتار ست فرعونن جا نالا رامسس پنجين کان رامسس يارهن ٿيا. سو حضرت موسيٰ عليه السلام جو جنهن فرعون سان واسطو ٿيو اهو رامسس ٻيو (Ramesses II) يعني ”رامسس اعظم“ هو. هن فرعون ۽ مٿي بيان ڪيل پهرين فرعون مينس جي وچ وارن 1800 کن سالن ۾ به مختلف پنجاهه کن فرعون ٿيا. رامسس اعظم 1303 ق-م ۾ ڄائو هو ۽ نوي ورهين جي ڄمار ۾ 1213 ق-م ۾ وفات ڪيائين. پاڻ 1279 ق-م کان 1213 ق-م تائين 66 سال مصر جو حاڪم ٿي رهيو.
بهرحال مصر تي مقامي فرعونن جي وڏو عرصو حڪومت رهي تان جو يونان جي سڪندر اعظم 332 ق-م سال ۾ ايران ۽ مصر تي حملو ڪري فتح حاصل ڪئي. سڪندر اعظم ته جلد گذاري ويو پر هن جي سپاهين مان هڪ بطليموس (Ptolemy) مصر جو حاڪم ٿيو ۽ پنهنجي گهراڻي جو بنياد رکيو. هن گهراڻي اٽڪل ٽي صديون 305 ق-م کان 30 ق-م تائين مصر تي حڪومت ڪئي جنهن جي آخري حاڪم قلوپطرا ٿي. 30 ق-م ۾ هنن يونانين جي حڪومت ختم ٿي ۽ مصر رومن سلطنت جي قبضي ۾ آيو.
ڇا آهي جو مصري مقامي بادشاهه ته پاڻ کي ”فرعون“ سڏائيندا هئا پر بعد ۾ سڪندر اعظم جي فتح بعد جيڪي يوناني حاڪم ٿيا اهي به پاڻ کي فرعون سڏرائڻ لڳا، ويندي قلوپطرا جيڪا جيتوڻيڪ عورت هئي پر اها به پاڻ کي فرعون سڏرائيندي هئي. ٻي ڳالهه ته قلوپطرا جي ڏينهن ۾ مصر يا اوسي پاسي ۾ حضرت موسيٰ جا پوئلڳ يهودي ته ضرور هئا پر عيسائي يا مسلمان نه هئا، ،جو قلوپطرا جي مرڻ کان به 30 سال پوءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام جن پيدا ٿيا. سو اهو سوچڻ ته قلوپطرا مسلمان هئي يا عيسائي اجايو آهي جو قلوپطرا جو سن وفات 30 ق-م يعني 30 سال قبل مسيح- يعني حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ولادت کان 30 سال اڳ هو. ٽي ڳالهه ته قلوپطرا نه عرب هئي نه ايراني يا مصري. هوءَ يوناني هئي جنهن جا وڏا سڪندر اعظم سان گڏ يونان کان آيا هئا. باقي اها ٻي ڳالهه آهي ته قلوپطرا پنهنجي مادري زبان يونانيءَ کان علاوه رومن ۽ مصري به ڳالهائي ٿي ۽ هن پنهنجو سيٽ اپ، نمونو ۽ ڪلچر مقامي مصري شهزادين جهڙو رکيو ٿي. ان ڪري اڄ به ڪيترا اهو سمجهن ٿا ته قلوپطرا عرب يا مصري هئي. هڪ ٻي ڳالهه ته جيتوڻيڪ قلوپطرا جي ڏينهن ۾ يهودي ضرور هئا جو حضرت موسيٰ عليه السلام قلوپطرا جي ڄمڻ کان 1200 کن سال اڳ ڄائو. رامسس فرعون اعظم مصر تي 1279 کان 1213 ق-م حڪومت ڪئي ۽ هن جي دور حڪومت ۾ سمجهو ته حضرت موسيٰ 1250 ق-م ڌاري ڄائو ۽ وڏو ٿي نبي ٿيو ۽ وقت جي فرعون رامسس اعظم وٽ پهتو ۽ هن کي سمجهايو ته سندس ۽ ٻين جو پروردگار هڪ الله آهي. ان وقت تائين ته هر فرعون پاڻ کي خدا ٿي سمجهيو ۽ هنن پاڻ کي ديوتائن جو اولاد ٿي سمجهيو. تڏهن ته حضرت موسيٰ جي اها ڳالهه ٻڌي فرعون (راميس اعظم) حيرت مان درٻارين کي چيو ته هڪ وڏو منارو ٺاهيو جنهن جي مٿان چڙهي ڏسان ته موسيٰ جو خدا ڪٿي آهي! پر پوءِ حضرت موسيٰ جي ڳالهين مان فرعون جا جادوگر ۽ ٻيا درٻاري اهڙو ته متاثر ٿيا جو هنن وقت جي طاقتور حاڪم (فرعون)کي خدا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. فرعون 1213 ق-م ۾ نيل نديءَ ۾ حضرت موسيٰ جو پيڇو ڪندي ٻڏي مئو پر سندس لاش عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ قاهري جي مويزيم ۾ موجود آهي. سو 1213 بعد جن حضرت موسيٰ کي فالو ڪيو ۽ اسلام قبول ڪيو، اهي يهودي سڏجن ٿا پر اهو به آهي ته ان وقت جي سڄي دنيا اسلام قبول ڪري نه چڪي هئي. اٽڪل 1200 سالن بعد جڏهن قلوپطرا (ڄم جو سال 69 ق-م) مصر جي حاڪم (فرعون) ٿي ته مصر جي وڏي آدمشماريءَ، ويندي سڪندر اعظم جي ملڪ يونان جا حڪم (بطليموس) قلوپطرا مصري ديوتائن، ديوين، جانورن کي مڃيو ٿي ۽ انهن جي پوڄا ڪئي ٿي. انهن مان هڪ جانور واڳون (Crocodile) به آهي جيڪو سوبيق (Sobek) نالي ديوتا جي نمائندگي ڪري ٿو. سوبيق مندر جي ٻاون کان روايت آهي ته اوائلي فرعون جنهن مٿئين ۽ هيٺين (نيل نديءَ جي ڊيلٽا واري) حصي کي ملائي هڪ ڪري پاڻ ان جو حاڪم ٿيو، ان تي شڪار دوران جڏهن سندس ئي ڪتن حملو ڪيو ته هن کي واڳونءَ پنهنجي پٺيءَ تي وهاري موئرس ڍنڍ پار ڪرائي. واڳونءَ جي ان ٿوري مڃڻ لاءِ فرعون مينيس نئون شهر اڏرايو جنهن جو نالو City of Crocodilopolis رکيو. واڳونءَ فرعونن جي دور ۾ ته وڏي اهميت رکي ٿي پر پوءِ مصر جا يوناني حاڪم ٿيا ته اهي به واڳون، ان جي ٻچن- ويندي ان جي بيضن کي اهميت ڏيندا رهيا، هي سڀ ڳالهيون اڄ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ کي حيرت ۾ وجهن ٿيون ته ان وقت جي ماڻهن واڳن کي ديوتا ڪري پوڄيو ٿي. اهي ڳالهيون ممڪن ته نٿيون لڳن پر پوءِ منگهو پير (ڪراچيءَ) ۾ واڳن جي سالياني ميلي تي جيڪي ڪم ٿا ڏسجن ته ان کان وڌيڪ حيرت ٿي ٿئي ته اسان جي مسلمانن کي ڇا ٿيو آهي!
بهرحال مصر جي فرعونن سالن- بلڪه صدين تائين، پاڻ کي Sobek ديوتا سان ڳنڍيو ٿي جنهن جي شڪل توهان کي ماڻهوءَ جهڙي ملندي پر منهن نيل نديءَ جي واڳونءَ جهڙو هوندو. فرعونن جو اهو ئي عقيدو هوندو هو ته هنن جي طاقت پويان ۽ هنن کي بچائڻ وارو سوبيق (Sobek) ديوتا (واڳون مهانڊو) آهي. ڪيترن فرعونن ته پنهنجي شاهي نالي ۾ سوبيق ديوتا جو نالو به ڳنڍيو ٿي جيئن پهرين فرعون عورت پاڻ کي ”سوبيق نيفيرُو“ (Sobekneferu) سڏرايو ٿي. پاڻ 1806 ق-م کان 1802 ق-م تائين مصر تي حڪومت ڪئي. سندس نالي جي معنيٰ آهي ”سوبيق ديوتا جي سونهن.“ پاڻ فرعون آمنمهات سوم (Amenemhat 3) جي ٻيو نمبر ڌيءَ هئي. سندس اهرام قاهري کان 40 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ”دهشور“ شهر وٽ آهي. فرعونن جي ان اوائلي دور ۾ ٻيون به پنج عورتون مصر جون حاڪم (فرعون) ٿيون. فرعونن جي دور حڪومت ۾ توڙي يونانين جي حڪومت ۾ آخري فرعون قلوپطرا جي ڏينهن تائين به مصر جي آڳاٽي شهر مدينته الماديءَ ۾ فرعونن جي ٺهيل مندر ۾ پوڄا لاءِ نيل نديءَ جو هڪ واڳون رکيو ويو ٿي جنهن کي ماڻهن پير ڪري پوڄيو ٿي ۽ ان کي گوشت جا سٺا حصا ۽ مال مکڻ کارايا ٿي. هڪ واڳونءَ جي مرڻ بعد نيل نديءَ مان ٻي واڳوءَ کي ڦاسائي گلن جا هار پارائي هن مندر جي تالاب ۾ اچي رکيو ٿي. سو ڪاليج جي ڏينهن ۾ اسان جو اهو پڇڻ ته قلوپطرا مسلمان هئي يا عيسائي بيوقوفيءَ جو سوال هو. هوءَ ته يهودي به نه هئي پر هن انهن ڏينهن جي سوبيق (واڳو ديوتا) ۽ ٻين يوناني ۽ مصري ديوتائن ۽ ديوين کي پوڄيو ٿي.
ڏٺو وڃي ته نه فقط مصري فرعونن پر ان بعد يوناني جيڪي حاڪم ٿيا جنهن جي آخري حاڪم عورت (قلوپطره) ٿي، مصري حاڪمن وانگر نه فقط پاڻ کي فرعون سڏائيندا هئا پر اهي به ساڳيا ۽ ڪجهه کڻي ٻيا ديوتا ۽ ديويون پوڄيندا هئا جن جو تعداد سون ۾ هو. پوءِ ڪي بيحد اهم هئا جيئن واڳونءَ مهانڊو سوبيق، يا باز (سرڻ) مهانڊو ديوتا وغيره. ان کان علاوه هي سڀ مصري فرعون ۽ ان بعد هي يوناني حاڪم به پاڻ کي انهن ديوتائن جو اولاد يا اوتار سڏرائيندا هئا ڇو ته ان ڳالهه ۾ سندن بهتري ان ڪري هئي جو عوام خوف کاڌو ٿي ۽ هنن حاڪمن ڪو غلط ڪم ڪيو ٿي ته عوام جي دماغ ۾ اها ئي ڳالهه وهاري وئي ٿي ته ديوتائن ۽ انهن جي نمائندن (حاڪمن) کي هر ڳالهه جي اجازت آهي. ڪيترن فرعونن ۽ ويندي قلوپطره سلطنت حاصل ڪرڻ خاطر پنهنجي ڀاءُ سان شادي ڪئي ۽ ماڻهن جو منهن بند رکڻ لاءِ اهو ئي چيو ويو ته هو ديوتا آهن ۽ مشهور ديوتا ازيريس (Osiris) ۽ مشهور ۽ طاقتور ديوي ايزيس (Isis) به پاڻ ۾ شادي ڪئي جيڪي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ هئا. ايران جي تاريخ ڏٺي وڃي ته اتي جي حاڪمن جو به ڪافي آڳاٽو سلسلو آهي. رڪارڊ موجود ايراني شهنشاهه سائرس (Cyrus) جيڪو ”سائرس دي گريٽ“ به سڏجي ٿو ايران ۾ ”هخامنشي“ نالي 553 ق-م ۾ سلطنت قائم ڪئي. يعني حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به 553 سال اڳ جي ڳالهه آهي. ايران جو اهو نالو ته هاڻ رکيو ويو آهي نه ته اڄ وارو ايران صدين کان پرشيا سڏبو آيو پئي.
۽ هوڏانهن مصر ۾ فرعونن جي حڪومت ٿي ڏسجي ته ان اڳيان ايران به ڪجهه نه آهي. مصر جي پهرين فرعون جي حڪومت جو رڪارڊ حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 3000 کن سال اڳ شروع ٿيو. ايران ۾ 553 ق-م ۾ جڏهن سائرس پهريون شهنشاهه ٿيو ته ان کان اڳ مصر ۾ 2500 سالن ۾ هڪ سئو کان مٿي فرعون حاڪم ٿي گذريا هئا جن ۾ ”رامسس دوم“ فرعون اعظم به اچي وڃي ٿو جنهن جي دور حڪومت ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جنم ورتو. پرشيا جا شهنشاهه مون کي فرعونن (حاڪمن) کان تيز ٿا لڳن جو ”سائرس“ ۽ ان بعد ان جي پٽ ”قمبيز ثانيءَ“ (Cambyses II) 539 ق-م ۾ بابل ۽ 530 ق-م ۾ سنڌو ماٿريءَ تي قبضو ڪري ورتو. ان بعد پنجن سالن بعد 525 ق-م ۾ قمبيز ثانيءَ مصر به فتح ڪري ورتو. ان بعد ٽن سالن بعد 522 ق-م ۾ سندس وفات بعد ان جو پٽ ”دائرس دي گريٽ“- جيڪو اسان وٽ دارا جي نالي سان مشهور آهي پرشيا جو شهنشاهه ٿيو. 486 ق-م ۾ هن دارا اول جي وفات تي دارا اول جو پٽ ”خشايارشا اول“ (Xerxes) پرشيا جو شهنشاهه ۽ مصر جو فرعون ٿيو، ڇو جو مصر هن گهراڻي ”هخامنشي“ جي قبضي ۾ اچي چڪو هو ۽ مصر جا ماڻهو هن خشايارشا اول توڙي هن جي پيءُ دارا کي فرعون سڏڻ لڳا هئا. بلڪه بابل (Babylon) تي قبضو هجڻ ڪري هي ايران جا آتش پرست (باهه جا پوڄاري) بادشاهه بابل جا به شاهه (King) سڏبا هئا.
”خشايارشا اول“ جي حڪومت 465 ق-م تائين هلي ۽ وفات تي سند سپٽ ارد شير اول (Artaxerxes) مصر ۽ پرشيا جو حاڪم (فرعون ۽ شهنشاهه) ٿيو جيڪو 424 ق-م تائين مصر ۽ پرشيا جو حاڪم ٿي رهيو ان بعد سندس پٽ ”خشايارشا دوم“ حاڪم ٿيو جنهن کان پوءِ 45 ڏينهن بعد سندس ڀاءُ سغد يانوس (Sogdianus) حاڪم ٿيو پر هن کي عوام طرفان مڃتا نه ملي سگهي جو هو ارد شير اول جو سڳو پٽ نه هو پر هن جي هڪ رکيڪ جو غير قانوني پٽ هو. بهرحال پوءِ سگهوئي ارد شير جو ننڍو پٽ ”دارا دوم“ مصر ۽ پرشيا جو 423 ق-م کان 404 قم-۾ تائين حاڪم ٿيو جنهن جي وفات تي سندس پٽ ”ارد شير دوم“ 404 ق-م کان 358 ق-م تائين فقط ايران جو شهنشاهه رهيو. هوڏانهن مصر جون واڳون هڪ دفعو وري مقامي فرعونن حوالي ٿي ويون ۽ دارا دوم بعد مصري فرعون اميرتايوس (Amyrtaeus) ۽ ان بعد نفريتس اول (Nayfaurud) ان بعد هاڪور (Hakor) پوءِ نفريتس ثاني، پوءِ نخت انبو اول، تيوس ۽ آخر ۾ 360 ق-م کان 342 تائين مصر تي حڪومت تخت انبو ثاني فرعونن ڪئي جنهن کان هڪ دفعو وري پرشيا جي هخامنشي سلطنت حڪومت کسي ورتي ۽ هخامنشي سلطنت جو يارهون شهنشاهه ارد شير سوم مصر ۽ پرشيا جو حاڪم ٿيو. 338 ق-م ۾ وفات ٿيڻ تي سندس پٽ آرسس (جنهن جو شاهي نالو ارد شير چوٿون هو) مصر ۽ ايران جو حاڪم ٿيو. 336 ق-م ۾ وفات تي ”دارا سوم“ (ڄم جو سال 380 ق-م، وفات 330 ق-م) مصر جو فرعون ۽ پرشيا جي هخامنشي گهراڻي جو حاڪم ٿيو. مٿي جيڪي پرشيا جي شهنشاهن ۽ مصر جي فرعونن جا نالا ۽ سن لکيا اٿم اهي پڙهندڙن کي بور ضرور ڪندا، پر مون کين هن ”دارا سوم“ تائين وٺي اچڻ ٿي چاهيو ته اهو ڪهڙو ”دارا“ هو جهن جي ڏينهن ۾ تاريخ پلٽو کاڌو ۽ هڪ ڏوراهين ڏيهه يونان جو مصر ۽ پرشيا (ايران) تي قبضو ٿي ويو ۽ سالن- بلڪه صدين کان هلندڙ مقامي فرعونن ۽ مقامي شهنشاهن جي حڪومتن کي ٻنجو اچي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته 300 کن سال جيڪي يوناني حاڪم ٿي ويٺا انهن جي ويندي عورت حاڪم (قلوپطره) به پاڻ کي فرعون ٿي سڏرايو) سو پڙهندڙ هاڻ آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا ته سڪندر اعظم جو ڪهڙي پرشن شهنشاهه ”دارا“ سان آمنو سامنو ٿيو- ڇو جو هن دارا (سوم) کان اڳ دارا نالن وارا ٻه حاڪم ٿي گذريا هئا. دارا اول ۽ دارا دوم، دارا اول ته سائرس ۽ سڪندر اعظم وانگر ”عظيم“ يعني The Great سڏيو ويو ٿي، دنيا جي تاريخ ۾ مختلف سلطنتن ۾ ساڳي نالي وارا ڪيترائي حاڪم (بادشاهه توڙي راڻيون) ٿي گذريا آهن. چاهي فرعون هجن يا زار، سلطان هجن يا خاقان، برطانيا جا بادشاهه ۽ راڻيون هجن يا عرب سلطنت جا خليفه ۽ سلطنت عثمانيه جا سلطان- ساڳي نالي وارا ڪيترائي حاڪم ملندا، جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام جي ولادت جنهن فرعون جي دور حڪومت ۾ ٿي ان جو نالو رامسس هو. پر ڏٺو وڃي ته رامسس نالي يارهن کن فرعون ٿي گذريا آهن. انهن ۾ ”رامسس ٻيو“ اهو فرعون هو جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام پيدا ٿيو ۽ هن فرعون ”رامسس ٻئي“ جي ميڻ لڳل باڊي (ممي) عبرت لاءِ اڄ به موجود آهي جنهن کي 1881ع ۾ سندس قبر (اهرام) مان ڪڍي قاهري جي ميوزيم ۾ Display لاءِ Royal Mummies chamber ۾ رکيو ويو.
سو اهڙي طرح سڪندر اعظم جڏهن ايران ۽ مصر تي حملو ڪيو دارا سوم- يعني ”ٽيون“ ايران جو شهنشاهه ۽ مصر جو خليفو هو ۽ اسان جنهن دارا لاءِ ڳايون ٿا... ”ٿيا هزار سڪندر دارا، ويا پنهنجا وڄائي وارا...“ وارو دارا اهو ”دار سوم“ هو جنهن جي سلطنت تي سڪندر اعظم سن 333 ق-م حملو ڪيو. دارا مقابلو ڪري نه سگهيو. سڪندر بابل، سوسا (Susa) جنهن کي ايراني شوش (شهر باستاني) ۽ پرشيا جي گادي تخت جمشيد (Persepolis) تي قبضو ڪري ويو. سڪندر اعظم فتح جو يڪدم اعلان ڪرڻ بدران دارا کي جهلي سندس اڳيان پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو. دارا ڀڄي ويو. سڪندر پنهنجي لشڪر سان دارا جي ڪڍ لڳو. هڪ هنڌ مقدونيا جي سپاهيءَ دارا جي نشاندهي ڪئي جيڪو مرڻينگ حالت ۾ڍڳي گاڏيءَ ۾ ليٽيل هو. سڪندر اعظم کي اهو ڏسي افسوس ٿيو. هن دارا سان زنده حالت ۾ ملڻ چاهيو ٿي پر هي آخري پساهن ۾ هو. سڪندر دارا جي لاش تي جهڪي هن جي آڱر مان شاهي منڊي لاهي پنهنجي آڱر ۾ وڌي ۽ حڪم ڪيو ته دارا جي لاش کي شاهي قبرستان تخت جمشيد ۾ ٻين شهنشاهن جي ڀر ۾ شان شوڪت سان دفن ڪيو وڃي. اهو سال 330 ق-م هو.
دارا کي شڪست ڏيڻ بعد سڪندر اتي جي هڪ ڇوڪري رخسانا (جنهن کي ايراني ”روشنڪ“ جي نالي سان پڻ سڏين ٿا) سان شادي ڪئي. هوءَ اڄ واري بلخ جي علائقي باختر (Bactria) جي رهاڪو هئي، جيڪو علائقو پڻ افغانستان ۽ پاڪستان جي اتراهين علائقي وانگر ايران ۾ آيو ٿي. سڪندر اعظم جي هن پهرين زال رخسانا تي ڪيترائي ناول فلمون ۽ ٽي وي سيريز آهن. ”مارشل مونرو ڪِرڪمن“ جي انگريزي ناول “The Romance of Alexander & Roxana” ۾ سندس تفصيلي احوال آهي. “The Person boy” ناول جيڪو ”ميري رينالٽ“ لکيو آهي، ان ۾ پڻ سندس ڪجهه احوال آهي. تازو گذريل سال ”پورس“ نالي انڊيا ۾ فلم ٺهي جنهن ۾ ٽي وي ائڪٽريس“ اپارنا ڊڪسٽ“ ”رخسانا“ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
سڪندر جي رخسانا سان شادي سياسي نه پر پهرين نظر ۾ عشق ٿيڻ واري هئي. سن 324 ق-م ۾ سڪندر اعظم دارا سوم جي ڌيءَ ”استاتيرا دوم“ سان شادي ڪئي ۽ ان ئي ڪاڄ ۾ هن جي سوٽ ”پروشات“ Parysatis سان پڻ شادي ڪئي جيڪا ارد شير سوم جي ڌيءَ هئي. رخسانا کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي سگهي جنهن 323 ق-م ۾ هن جو قتل ڪيو جيڪو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان.