شاه فاروق کي ناول نگارن ۽ فلمسازن به بدنام ڪيو
اڳتي هلي، بلڪ ان ئي سال هن جي روم ۾ رهندڙ هڪ سئيڊن جي ائڪٽريس برجٽا اسٽينبرگ تي دل آئي جيڪا سندس هڪ يورپي دوست جي مسٽريس هئي. فاروق هن دوست کي وڏو پئسو ڏئي برجٽا حاصل ڪئي. ٻين لفظن ۾ سمجهو ته ”خريد“ ڪئي. سال کن کانپوءِ اها ڀڄي وئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هن پنهنجي هڪ دلپسند خدمتگار مصري امين فهيم کي به ڪڍي ڇڏيو جنهن لاءِ هن کي خبر پئي ته هو سندس 14 سالن جي ڌيءَ شهزادي فيرئل کيSeduce ڪري رهيو آهي. شاه فاروق جي پيءُ فواد اول کي هڪ انڊين جوتشيءَ چيو هو ته هن لاءِ ”ف“ جو اکر ڀاڳ وارو آهي. ان ڪري فواد پنهنجن سڀني ٻارن جو نالو ف سان رکيو جيئن ته فاڪيا، فاروق، فوزيا، فائزه، فائقه ۽ فاتحا. اهڙي طرح فاروق جڏهن پهرين شادي ”صفيناز ذوالفقار“ سان ڪئي ته هن به پنهنجي زال جو نالو بدلائي ف سان فريده رکيو جنهن مان ڄاول ٽن ڌيئن جا نالا ف سان فيريال، فازيه (پڦيءَ جو نالو) ۽ فاديا رکيو. اهو ته مٿي لکي آيو آهيان ته شاه فاروق کي پُٽ جو اولاد نه ٿيڻ تي کيس ڳالهه نه وڻي ۽ پنهنجي بي عزتي سمجهڻ لڳو جو انهن ڏينهن ۾ ان تَرَ جي ماڻهن جي اها سوچ هئي ته شهوتي طرح ڪمزور مرد کي ڌيئرون ئي ڄمن ٿيون سو پنهنجي شهوتي طاقت کي وڌائڻ لاءِ گرم ۽ طاقتور شيون کائڻ لڳو. جيئن ته مڇيءَ جا بيضا (آنيون (Caviar، اوٻاريل بيضا، لابسٽر (وڏا گانگٽ)، ڪڪڙيون ۽ ڪبوتر ۽ اهو ته پهرين به لکي آيو آهيان ته هو طاقت وڌائڻ لاءِ نيرن تي 600 کن Oyster (سپن ۾ موجود ڪينئان) کائيندو هو. ان کان علاوه حڪيمن کان ڏسيل ڪشتا ۽ معجونون (گينڊي جي سڱ جو پائوڊر) به شامل هو.
فاروق تي لکيل ڪتاب ٿا پڙهجن ته هن جي ڳالهين ۽ ڪمن مان عجب ٿو لڳي. مصر جو بادشاهه هوندي هن کي چوريءَ جي ايڏي عادت هئي جو عام ماڻهو به پنهنجيون قيمتي شيون لڪائيندا وتندا هئا. کيس سندس پيءُ طرفان ياچون (Yatches)، هڪ سئو کان مٿي ڪارون، هڪ هوائي جهاز مليل هو ته به هن کي هر وقت وڌيڪ کان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جو اونو لڳو رهيو ٿي. هن پنهنجي سڀني ڪارن کي ڳاڙهو اسپري ڪرائي ڇڏيو هو ۽ عوام لاءِ اهو ئي حڪم نامو هو ته ڪنهن جي به ڪار، لاري، وئن جو رنگ ڳاڙهو نه هجڻ کپي. پاڻ سگنل جي پرواهه ڪرڻ بنا گاڏي هلائيندو هو ۽ ماڻهو پري کان ئي ڳاڙهي رنگ جي ڪار ڏسي پاسو ڪندا هئا. ان هوندي به ڪنهن کي ٽڪر ٿيندو هو ته ان لاءِ بادشاهه سلامت جي پٺيان هلندڙ ايمبولينس ان جو علاج ڪرڻ جي ڪندي هئي.
بادشاهه سلامت- يعني شاه فاروق جون ڳالهيون ته سوين آهن جيڪي اسان گذريل صديءَ جي سٺ، ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ ڏاڍيون پڙهيونسين. هڪ ٻي ڳالهه به هن وقت ياد اچي رهي آهي ته گرم گرم مال کائڻ تي يعني جن جو تاثير گرمي پيدا ڪرڻ ٿئي ٿو... يعني جڙيون ٻوٽيون کائڻ بعد بادشاهه کي اچي خوفناڪ خوابن (Night Mares)واسو ڪيو. هن کي خواب ۾ هر رات شينهن نظر اچن لڳا. آخر هڪ ڏينهن اٿڻ سان هن قاهري جي چڙيا گهر (Zoo) جو رُخ اختيار ڪيو ۽ سڀني شينهن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو... پر افسوس جو شينهن خوابن ۾اچڻ بند نه ڪيو.
شاه فاروق جي مٿين مسٽريس باربرا جيڪو بعد ۾ ناول A Young Girl’s Touch لکيو ان ۾ هن فاروق کي خوب خوار ڪيو آهي. اهڙي طرح Gore Vidal جو ناول“Thieves Fall Out” جيڪو فاروق کي تخت تان لاهڻ بابت آهي ان ۾ به هن بادشاهه کي چڱو خوار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح 1954ع جي انگريزي فلم “Abdulla the Great” به شاه فاروق جي ڪهاڻي آهي. فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مشرق وسطيٰ جو هڪ ٿلهو، گنجو بادشاهه، انگريز ماڊل ڇوڪرين پويان خوار آهي. اگاٿا ڪرسٽي جا جاسوسي ناول اسان جي ڏينهن ۾ ڏاڍا مشهور هئا. سندس هڪ ڪهاڻي “The Adventure of the Chrisman Pudding” به هن بادشاهه جي زندگي بابت آهي جنهن ناول ۾ هن هڪ بادشاهه کي هيرن جو هار چوري ڪندي ڏيکاريو آهي. هينئر ڏهه ٻارهن سال اڳ 2007ع ۾MBC ٽي وي چئنل وارن ”المالڪ فاروق“ نالي هڪ ٽي وي سيريز ڏيکاري جنهن ۾ شاه فاروق جو ڪردار شامي فلم ائڪٽر نيعم حسن ادا ڪيو آهي.
Noel Barber فاروق بادشاهه جو محلاتي اسڪئنڊلن ۽ اٽڪل بازين تي لکيل ناول “A Woman of Cairo” فاروق جي عياشين سان ڀريو پيو آهي. فاروق وٽ ڇوڪرين جي ڪا کوٽ نه هئي ۽ هن سان رهندڙ ڇوڪريون هن جي رازن کان اڻ واقف نه هيون ۽ اهي راز- خاص ڪري Sex واري زندگيءَ جا، شايد عام ماڻهن تائين نه پهچن ها پر انهن رنڊين ۾ هڪ باربرا جيڪا ناول نويس هئي تنهن مصر جي بادشاهه کي پنهنجي ناول ذريعي ائين خوار ڪيو جيئن برونائي جي شهزادي جيفري کي Jillian پنهنجي ناول“Some Girls: My Life in Harem” ناول ۾ ڪيو آهي. باربرا اهو به لکي ٿي ته ٿلهي ۽ ڦيڦي شاه فاروق کي فقط چمي ڏيڻ آئي ٿي، باقي ٻي ڳالهه ۾ ٽپڙ ٽيشن تي هئا. هوءَ اهو به لکي ٿي ته فاروق پئسو وڏو خرچ ڪندو هو پر افعال نه هوس. هو Sex جون ڪسرون کاڌي مان پوريون ڪندو هو. هن کي هر وقت زال ۽ رنڊين اڳيان اهو احساس شرمسار ڪندو رهيو ٿي ته هن جي خاص عضوي جي سائيز ننڍڙي آهي جنهن لاءِ جتي ڪٿي ٽائني(Tiny) لفظ استعمال ٿيل آهي ۽ اهو به ته فني خرابي هجڻ ڪري کيس انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ ۾ مسئلو پيش آيو ٿي.
برونائي جي حاڪمن جي عياشي، اسڪئنڊل ۽ شاهه خرچيون ڏسي مون کي فاروق بادشاهه تي لکيل ناول ۽ ڪهاڻيون ياد ٿي آيون. خاص ڪري برونائي جي بادشاهه حسن البوليقه جي ننڍي ڀاءُ شهزادي جيفري جون.
شهزادو جيفري 1954ع ۾ ڄائو. يعني اسان جي سابق صدر آصف زرداريءَ جي عمر جو آهي. اسان کان ڏهه سال کن ننڍو. هن آفيشلي پنج شاديون ڪيون. پهرين نور حياتي، ٻي فاطمه بنت عبدالله، ان بعد جيفريدا، جنهن کي طلاق ڏنائين ۽ ان بعد پئان ايين منجي. ان کي به طلاق ٿي وئي سو هاڻ ٽي زال پئان سِلوا آهي. (ملئي ٻوليءَ ۾ پئان شادي شدهه عورت کي سڏجي ٿو ۽ چِڪ ڪنواري ڇوڪريءَ کي). کيس انهن نڪاح وارين زالن مان 18 ٻار آهن جن جون عمرون 8 کان 40 سال آهن.
زالن کان علاوه شهزادي جيفري جو حرم به مشهور آهي جنهن ۾ هو 40 کن دنيا جي مختلف ملڪن جون عورتون رکندو رهيو آهي. انهن ۾ هڪ مشهور ليکڪا جِليان لورين به هئي جنهن شهزادي جي حرم ۾ گذاريل ٻه سال کن جا تجربا ۽ مشاهدا پنهنجي هڪ ڪتاب “Some Girls: My Life in Harem” ۾ بيان ڪيا آهن. ان ڪتاب ۽ مٿن بين الاقومي ڪيسن هنن برونائي جي سلطانن کي چڱو خوار ڪيو آهي. هڪ ته حسن جي مقابلي جي مِس آمريڪا ”شئنان مارڪيٽڪ“ جو ڪيس هو جنهن برونائي جي سلطان ۽ سندس ڀاءُ شهزادي جيفري تي اهو الزام هنيو ته هن کي برونائيءَ ان آسري تي گهرايو ويو هو ته هن کي حرم جو حصو بڻايو ويندو پر اتي پهچڻ تي هن سان شاهي خاندان جي عهديدارن جبرن زنا ڪئي. ڪيس ڪجهه وقت هلڻ بعد ڪورٽ کان ٻاهر حل ڪيو ويو ۽ برونائي جي شاهي خاندان هن کي وڏو ناڻو ڏئي چپ ڪرائي.
اهڙي طرح ٻيا به انيڪ مشهور ڪيس آهن جن جو تفصيلي احوال برونائي واري سفر نامي ۾ لکيو اٿم. ڳالهه جو مطلب فقط اهو آهي ته ائين ڀلا ڇو آهي جو اسان جا مسلمان حاڪم اهڙا ڪم ڪن ٿا جن تي دنيا کلي ٿي. برونائي ته ڪري گهٽ آدم شماري وارو ملڪ آهي ۽ عوام سکي آهي پر مصر جهڙو ملڪ جنهن ۾ اڄ به غربت آهي ۽ شاه فاروق جي ڏينهن ۾ ته غربت اوج تي هئي جنهن کان سڄي دنيا واقف هئي پر حاڪم عياشي ۽ پئسي وڃائڻ ۾ پورا هئا. دنيا کِلي ٿي ته هي ڪهڙا بادشاهه آهن جيڪي عوام کي بکيو رکي ملڪ جو پئسو وتن يورپي ڇوڪرين پٺيان ضايع ڪندا، ڌارين ملڪن ۾ ملڪيتون ٺاهڻ ۾ پاڳل، وِت کان وڌيڪ Sex پويان آهن. ڏٺو وڃي ته اڄ اهي مڻين مٽيءَ هيٺ دفن ٿيا پيا آهن. غريب عوام دعائن بدران کين گاريون ٿو ڏئي. جن ڇوڪرين پٺيان ملڪ جي ملڪيت ضايع ڪيائون، انهن ئي سندن محل جي رازن کان دنيا کي واقف ڪرايو. پڙهڻ جي حد تائين اسان به Enjoy ڪيو پوءِ جڏهن دنيا ۾ نڪتاسين ته جتي ڪٿي دنيا کان اهو ٻڌي شرمندگي ٿي ته توهان مسلمانن جي بادشاهن کي ڇا آهي جو رڳو عوام جي پئسي پويان آهن، ٺڙڪو عيش، شراب ۽ شباب پويان آهن. اها شرمندگي ائين ئي آهي جيئن اڄ جا اسان جا هم وطني دنيا جي ملڪن ۾ ويندي شرمندگي محسوس ڪن ٿا، جڏهن دنيا کان اهو ٻڌن ٿا ته اسان جا بادشاهه ته بادشاهه عوام جي نمائندن به ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي. عوام کي غريب بڻائي ڪرپشن جي پئسي مان وتن محل ماڙيون اڏيندا ۽ عياشيون ڪندا.