الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

عشق چوي آئون بادشاھ

ملائيشيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن کان اسان جا ماڻهو ڪافي حد تائين واقف آهن. ملائيشيا جون ڪيتريون ئي شيون- اليڪٽرونڪ کان چونئرن (Peanuts) ۽ اٺڻيءَ جي پائوڊر مِلڪ جي شاشي تائين اسان جي شهرن- ڪراچيءَ کان اسلام آباد جي ننڍن وڏن اسٽورن تي وڪامن ٿيون. ملائيشيا جون ٺهيل شيون چين ۽ تائيوان جي شين کان به بهتر ۽ وثوق واريون سمجهيون وڃن ٿيون. اسانجو ملڪ تعليم ۾ اڳيان اڳيان هو پر هاڻ ملائيشيا بهتر تعليمي درسگاهن کان اهڙو ته مشهور ٿي ويو آهي جو اسان جا شاگرد ملائيشيا وڃن ٿا ۽ هو ان کي تعليم، رهائش ۽ کاڌي پيتي تي ايندڙ خرچ جي ليکي ۾ انگلينڊ ۽ آمريڪا کان بهتر سمجهن ٿا. گهمڻ ڦرڻ لاءِ به اسان جا ماڻهو ته ڇا جپان ۽ يورپ جا به ملائيشيا اچن ٿا. ملڪ ۾ سخت قانون، انصاف، کاڌي خوراڪ جي هائيجن تي حڪومت جي ڪرڙي نظر هجڻ ڪري ٽوئرسٽ پُرسُڪون محسوس ڪن ٿا. اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ملائيشيا جي ترقي ۽ جدت تي فخر ڪن ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ ڪو ته مسلمانن جو ملڪ آهي جيڪو ٽيڪنالاجي ۽ جدت ۾ اڳيان آهي. هتي جي سياسي نظام جي تعريف ڪن ٿا. بادشاهي نظام هجڻ جي باوجود هر هڪ ملڪ جي ڀلي لاءِ سوچي ٿو- چاهي بادشاهه هجي يا وزيراعظم ۽ جيڪڏهن ڪو حاڪم ملڪ ۽ ان جي ماڻهن کي ڪو نقصان ٿو پهچائي ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٿو پوءِ ڀلي هو وزيراعظم نجيب هجي. ملائيشيا جو بادشاهه هڪ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو پر ڏٺو وڃي ته ملائيشيا جو بادشاهي نظام دنيا ۾ نرالو آهي. اسان وٽ هڪ سياسي نمائندو پاور ۾ اچڻ بعد پاڻ کي عوام جو خدمتگار سمجهڻ بدران هو پاڻ کي مغل بادشاهه سمجهي ٿو ۽ ان ئي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو ته پاڻ ئي حڪومت ڪندو رهي. مرڻ يا مرڻينگ ٿيڻ بعد به ٻيو ڪو نه پر سندس پٽ يا ڌيءَ ان تخت ۽ تاج تي رهي. ان خيال کان ڏٺو وڃي ته ملائيشيا جو بادشاهه جيڪو هڪ امير ۽ ماڊرن ملڪ جو مالڪ بنجي ٿو، قانون جو ايڏو پابند رهي ٿو جو ٺهيل قانون مطابق پنج سال پورا ٿيڻ تي چُپڙي ڪري پنهنجي ڳوٺ هليو وڃي. ائين به نه ته سندس لهڻ يا مرڻ تي سندس ڀاءُ يا پٽ کي تخت تي وهاريو وڃي- جيئن عرب ملڪن يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي بادشاهي نظام آهي، پر ملائيشيا لاءِ لکي چڪو آهيان ته هتي دنيا جو بنهه نرالو بادشاهي سسٽم آهي، جنهن مطابق پنج سال پورا ٿيڻ تي هڪ بادشاهه لهيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي ماڳهين هڪ ڌاريون جنهن جو واسطو ٻي رياست/صوبي سان آهي، اهو اچيو وڃي. ملائيشيا ۾ گهڻو عرصو رهڻ ڪري، اڄ به ملائيشيا جي خبر چار معلوم ڪندو رهان ٿو. انٽر تائين ته سياست جي نه خبر ٿي پوي نه دلچسپي رهي ٿي- خاص ڪري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هجڻ ڪري. ان بعد منهنجو ٻاهر ئي رهڻ ٿيو- تعليم خاطر به ته نوڪري خاطر به. نوڪري به سمنڊ واري جتي اسان جي ڏينهن ۾ نه انٽرنيٽ هو نه واٽس ائپ، جو دنيا جي خبر پوي. سمنڊ تي فقط اها اخبار پڙهڻ جو موقعو ملندو هو جنهن ۾ ڌوٻي وڳو ويڙهي ڏيندو هو. 15 سال کن جهاز هلائي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ ۾ اخبار پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ ان ملڪ جي سياست سان ئي دلچسپي رهي. ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان سان ته تڏهن ئي ملاقات ٿي جڏهن پيٽاڙو ۾ هئاسين. پنهنجي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس سان موڪلن ۾ ڪراچي آيا هئاسين جتي هن جو دوست تنڪو عبدالرحمان ملائيشيا (ڪوالالمپور) کان لنڊن ويندي ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ايئرپورٽ تي ترسيو هو ۽ اسان جي پرنسپال کي گهرايو هئائين.
ملائيشيا کي آزادي ملي ٽي سال کن ٿيا هئا. ملائيشيا تي اسان وانگر انگريزن جي حڪومت هئي ۽ اسان وارو پرنسپال ڪرنل ڪومبس ملايا ۽ سنگاپور ۾ اهم عهدي تي هو.
1968ع کان منهنجو ملائيشيا اچڻ شروع ٿيو. پهرين جهاز جي ڊيوٽيءَ ذريعي ۽ پوءِ ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪري ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿيڻ بعد به منهنجو ملائيشيا هڪ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو. مونکي پنهنجي ملڪ جي سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جي ايتري ڄاڻ ناهي جيتري ملائيشيا جي. ملائيشيا جي اڳوڻن وزيراعظمن: احمد بداوي ۽ تُن نجيب رزاق سان اڄ کان ٽيهارو سال اڳ فوٽ بال کيڏيسين. ملاڪا جي گورنر احمد شهاب الدين ۽ ڊپٽي وزيراعظم غفار بابا سان گولف کيڏيوسين. اڄ جي ڪيترن ئي ادارن جي چيئرمينن، اهم فوجي آفيسرن، ويندي ڪجهه رياستن جي چيف منسٽرن ۽ سلطانن سان ته تڏهن کان ڄاڻ سڃاڻ آهي جڏهن هو منهنجن ٻارن کان به ننڍا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ تائين ملڪ جو بادشاهه سلطان محمد پنجون (اصل نالو تينگڪو محمد فارس پترا ابن تينگڪو اسماعيل پترا) جيڪو ٻه سال اڳ تخت تي ويٺو، انهن مان هڪ هو. ويندي سندس والد سلطان اسماعيل پترا به مونکان پنج سال ننڍو آهي جو هو 11 نومبر 1949ع تي ڄائو. هنن جو واسطو ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ ”ڪيلنتان“ سان آهي جيڪو سمجهو ته ڪوالالمپور جي ٻئي پاسي آهي، ڪوالالمپور، ملاڪا، پينانگ وارو پاسو ”ملاڪا نار“ واري سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ هيءَ ڪيلنتان رياست ڏکڻ چيني سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ اتر ۾ ٿائلينڊ جو ”ناراٿي واٽ“ صوبو مليس ٿو. ڪجهه عرصي لاءِ ملائيشيا جي هيءَ رياست ڪيلنتان ٿائلينڊ جي به قبضي ۾ رهي هئي. 1941ع کان 1943ع ۾ مٿس جپانين جو به قبضو رهيو. ان بعد وري انگريزن جو جن کان هن ملڪ کي 1957ع ۾ خودمختياري ملي. ڪيلنتان جو گاديءَ وارو شهر ”ڪوٽا بارو“ آهي. 1968ع ۾ جهاز ذريعي پهريون دفعو پينانگ اچڻ تي اسان جهاز جا ڪجهه آفيسر بس ذريعي ڪوٽا بارو آيا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ ڪيلنتان جو سلطان هينئر واري بادشاهه ”سلطان محمد پنجين“ جو ڏاڏو ”سلطان يحيٰ پترا“ هو، جيڪو بعد ۾ 1975ع ۾ ملائيشيا جو ڇهون بادشاهه ٿيو. بادشاهيءَ جا پنج سال پورا ڪرڻ کان سال کن اڳ 1979ع ۾ گذاري ويو، سندس پٽ سلطان اسماعيل جو بادشاهه ٿيڻ جو وارو نه آيو. واري اچڻ کان اڳ 14 مئي 2009ع تي کيس اڌرنگ (Stroke) ٿي پيو هو جنهن لاءِ اڃان تائين زير علاج آهي. ڊسمبر 2016ع ۾ جڏهن ڪيلنتان جي سلطان جو بادشاهه ٿيڻ جو وارو آيو ته ”بادشاهن جي ڪائونسل“ سلطان اسماعيل جي بيمار هجڻ ڪري سندس پٽ ”سلطان محمد پنجين“ کي پڳ ٻڌرائي تخت تي وهاريو. هو ان وقت کان صحيح طرح بادشاهت هلائي رهيو هو. ٻن سالن بعد- يعني نومبر 2018ع ۾ اوچتو خبر پئي ته بادشاهه سلامت ملڪ مان غائب آهي. افواهن مٿان افواهه- جيڪي اسان تائين به پهتا. ظاهري طرح ته هو ميڊيڪل چيڪ اپ جي سلسلي ۾ ٻن مهينن جي موڪل تي هو. ملڪ جو ڪاروبار ڊپٽي بادشاهه هلائي رهيو هو. اتي سوشل ميڊيا تي ۽ ٻاهر جي اخبارن ۾ پهرين فقط خبرون ۽ پوءِ ته فوٽا به اچڻ لڳا ته ملائيشيا جي بادشاهه محمد پنجين نه فقط شادي ڪئي آهي پر هڪ اهڙي روسي ڇوڪريءَ سان، جيڪا 2015ع جي بيوٽي ڪُئين هئي ۽ اهي افواهه به گرم ٿيڻ لڳا ته بادشاهه لاءِ بهتر آهي ته ان صورت ۾ تخت ۽ تاج جي پچر ڇڏي. ملائيشيا جي سلطانن، بادشاهن ۽ سندن ٻارن جون گهڻو ڪري پنهنجن ۾ ئي شاديون ٿين ٿيون پر آئون نٿو سمجهان ته شاهي خاندان کان ٻاهر شادي ڪرڻ تي شاهي خاندان جو ماڻهو سلطان يا بادشاهه ٿيڻ لاءِ (Disqualify) ٿيو وڃي. ڪيترن ئي ملائيشيا ۽ برونائي جي سلطانن ۽ بادشاهن عام ماڻهن (Commoners) سان شاديون ڪيون آهن. ڌارين جي ڇوڪرين سان شاديون ڪيون اٿن. ويندي هن بادشاهه سلطان محمد پنجين جي پهرين زال تينگڪو زبيده ٿائي شهزادي پپٽ پاڪدي جي ڌيءَ هئي جنهن سان هن 2004ع ۾ شادي ڪئي پر چئن سالن بعد 2008ع ۾ هن کي طلاق ڏئي ڇڏي. هن مان کيس ڪو اولاد نه ٿيو. ملائيشيا جي هڪ ٻي رياست ڪيداح جي سلطان تئانڪو عبدالحليم جيڪو ٻه دفعا بادشاهه ٿي چڪو آهي، هن ٻي شادي هڪ عام ڇوڪري حَمينا سان ڪئي جيڪا کانئس 27 سال ننڍي هئي.
برونائي جو ملڪ سائيز ۾ کڻي ملائيشيا کان ننڍو آهي پر دنيا جو امير ترين ملڪ جنهن جو سسٽم ملائيشيا سان ملي ٿو. بادشاهي نظام آهي ۽ ساڳي ملئي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ملڪ جو اسلام مذهب آهي ۽ بادشاهه کي عوام پير ڪري ٿي سمجهي/ يا کڻي چئجي ته سمجهڻو ئي پوي ٿو جو هو عام ماڻهوءَ لاءِ ابو امان آهن. نه نه ته به عوام جو وڏو خيال ڪن ٿا پر شان ۽ رتبي ۾ عوام گهٽ سمجهيو وڃي ٿو ان ڪري هنن جون شاديون هڪ ٻئي جي ملڪن ۽ رياستن جي بادشاهن ۽ سلطانن جي ٻارن سان ئي ٿين ٿيون، جيئن اسان وٽ پير، مرشد، سيد مخدوم پنهنجي خاندان کي اعليٰ سمجهي ٿو ۽ عام ذات ۾ شاديون ڪرڻ کي عيب سمجهي ٿو. هنن سلطانن، بادشاهن جو مقابلو ته اسان جي پيرن، سيدن کان به وڌيڪ ٿيو جيڪي سڄي سڄي رياست يا ملڪ جا والي وارث آهن، پر ڏسان پيو ته پيار ايڏو پاور فل آهي جو ڪيترن ئي شاهي خاندان جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون- يعني شهزادن ۽ شهزادين جون شاديون عام رعيت ۾ ٿينديون رهن ٿيون. اهو آهي ته هتي جو عام ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل آهي ته شاهي خاندان جا ماڻهو- ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون انهن کان به وڌيڪ تعليم يافته آهن ۽ ٻارن جي عشق يا ضد کي انهن جا وڏا ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچين ٿا ۽ ڪارو ڪاري جي خونريزيءَ جي خوف کان هو اسان جي وطن جي شائسته ۽ بلخ مهر وانگر ناروي جهڙي ڏکئي ۽ برفاني ملڪ ۾ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ نٿا اچيو نڪرن.
برونائيءَ جو بادشاهه ته ڏٺو وڃي ته ملائيشيا جي بادشاهه کان به پئسي ۽ رتبي ۾ وڌيڪ طاقتور ٿيو جو ملائيشيا جو بادشاهه ته فقط پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿو ٿئي ۽ ان بعد هن کي ٻي رياست جي سلطان لاءِ تخت ۽ تاج ڇڏڻو پوي ٿي. عمر جي وڏي رهيس ٿي ته هن جو وارو وري 40 سالن بعد اچي ٿو نه ته سندس پٽ بادشاهه ٿئي ٿو. ڇو جو ملائيشيا جي نون رياستن جا سلطان واري واري تي پنج سالن لاءِ سڄي ملائيشيا جا بادشاهه ٿين ٿا، پر برونائي جو بادشاهه مرڻ تائين هلندو رهي ٿو. جيئن اڄڪلهه برونائيءَ جو بادشاهه حسن البلقيھ آهي جيڪو 1967ع کان جڏهن هو 21 سالن جو هو ته بادشاهه ٿيو ۽ اڃان تائين هلندو هلي. هيڏو وڏو طاقتور ۽ مان مرتبي وارو ٿي ڪري هن عام ڇوڪرين سان شادي ڪئي، سندس ٻي زال عائشه مريم سندس ملڪ جي قومي هوائي جهاز ڪمپني ”رايل برونائي ايئر لائين“ جي هڪ ايئر هوسٽس هئي. ڪجهه سالن بعد هن کي طلاق ڏيڻ بعد جيڪا ٽي شادي عذريناز سان ڪئي اها ملائيشيا ٽي وي RTM جي هڪ عام ائنڪر هئي. ڏٺو وڃي ته اها ته عمر ۾ کانئس 33 سال ننڍي هئي.
اسان وٽ جيڪو خاندان قبيلو پاڻ کي اهم ۽ اتاهون سمجهي ٿو اهو ٻئي قبيلي سان جي ڳانڍاپو ڪري ٿو ته وڌ ۾ وڌ هن جون ڇوڪريون کڻي ٿو پر پنهنجي خاندان جي ڇوڪري ٻئي کي سڱ ڏيڻ ۾ بي عزتي سمجهي ٿو. ڪوشش ته اها ڪري ٿو ته نياڻي ٻار جي شادي ئي نه ڪرائجي. کانئس حق بخشرائي گهر ۾ وهاري ڇڏجي- جنهن کي قرآن سان شادي ڪرڻ (توبهه نعوذ باالله) سڏين ٿا پر ڏٺو وڃي ته برونائي جي بادشاهه ته پنهنجن ڌيئرن جي به عام ماڻهن سان شادي ڪرڻ ۾ بي عزتي نه سمجهي. برونائي جي بادشاهه حسن البلقيھ جي ڌيءَ شهزادي مجيدان نور البلقيھ (ڄم جو سال 1976) جنهن برونائيءَ جي يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪئي ان بعد انگلينڊ مان به تعليم حاصل ڪئي، هڪ عام نوجوان (آفيس ۾ نوڪري ڪندڙ) خيرل الخليل سان شادي ڪئي. هيءَ شادي عمر علي سيف الدين مسجد ۾ 2007ع ۾ ٿي جنهن جو احوال مون پنهنجي هڪ سفر نامي ”برونائيءَ کان برازيل“ ۾ ڏنو آهي، کين ٻه ٻار آهن: پٽ عبدالحفيظ ۽ ڌيءَ ريحانا حِنا.
بهرحال اهڙا ڪيترائي مثال ملندا جن ۾ شاهي خاندان جي ٻارن عام رعيت مان شادي ڪئي. ويندي جپان جي شاهي خاندان جي ڇوڪرين - جن جي خاندان کي عوام سج جو اولاد سمجهن ٿا ۽ ٻي جنگ عظيم تائين ته عوام جپاني بادشاهه اڳيان ڪنڌ مٿي کڻي ڏسڻ کي به گناهه سمجهندو هو. اهڙي طرح برطانيه جي سلطنت جا مثال آهن پوءِ ڪن شهزادن، شهزادين يا بادشاهن عام ماڻهو (Commoner) سان شادي ڪرڻ تي تخت ۽ تاج تان هٿ کڻي ڇڏيو، ڪِن کي ڪورٽ، صلاحڪارن يا شاهي خاندان جي مائٽن پريشر وڌو جنهن ڪري هنن بادشاهت ڇڏي ڏني پر ڪيترا ته ان قسم جي شاديءَ بعد راجا يا راڻيون ٿي ملڪ تي حڪومت به ڪنديون رهيون.