الطاف شيخ ڪارنر

دنيا رنگ رنگيلي

الطاف شيخ ڪتاب ۾ لکيل مضمونن ۾ دلچسپ ۽ تاريخي عنوانن کي ڇُھيو  آھي. ھن شھنشاھن جي عشق تي بہ لکيو آھي جن ۾ انڊونيشيا جي بادشاھ، شھنشاھ ايران وغيرھ شامل آھن، ھن تاريخي شھرن تي پڻ لکيو آھي جيئن سڪندر اعظم، قلوپطرہ ۽ راڻي فوزيہ جو شھر اسڪندريہ. ھن اسپين ۽ عرب دنيا، عثمانيہ سلطنت جي مصري سلطان علي پاشا، مصر جي حڪمران عورتن، مصري فرعونن، سڪندر اعظم سميت ڪيترن ئي دلچسپ عنوانن تي مضمون لکيا آھن.  سندس هر مضمون ۾ اوهان کي هڪ آس، اميد، امنگ ۽ روشني نظر ايندي تہ ڪوتہ سجاڳ ٿيندو، جيڪو سوسائٽي کي جديد بنيادن تي بيھاريندو! سندس ڪردار اُهي آهن، جن دنيا کي بدلايو، پنھنجي قوم ۾ جيئڻ جي امنگ پيدا ڪئي.

  • 4.5/5.0
  • 19
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا رنگ رنگيلي

قلوپطره مصر جي حسين ترين عورت ۽ آخري فرعون بادشاهه هئي

سن 323 ق-م ۾ سڪندر اعظم وفات ڪئي. سڪندر اعظم جي وفات بعد ڪجهه عرصي لاءِ سڪندر اعظم جو رخسانا مان پٽ ”سڪندر چوٿون“ نالي ماتر حاڪم ٿيو ان بعد سلطنت جون واڳون سڪندر اعظم سان گڏ آيل سندس دوست ۽ تاريخ نويس ۽ فوجي جنرل پتولمي اول سوتير (جيڪو ايران ۽ عرب دنيا ۾ بطليموس جي نالي سان سڏجي ٿو) سنڀاليون. بطليموس اول (Ptolemy I Soter) پنهنجي نالي سان Ptolemaic Dynasty (گهراڻي) جو بنياد رکي پاڻ مصر جو حاڪم ٿيو. هن به مقامي مصر جي حاڪمن وانگر پاڻ کي ”فرعون“ سڏرايو. يعني هي پهريون يوناني فرعون ٿيو. هن 305 کان مرڻ 282 ق-م تائين مصر تي راڄ ڪيو. ان بعد سندس پٽ بطليموس دوم 285 ق-م کان 246 تائين مصر جو فرعون ٿيو. يوناني فرعونن جو هي سلسلو 30 ق-م تائين هلندو رهيو جنهن جو آخري فرعون قلوپطره هئي. هتي اهو به لکندو هلان ته يوناني نالي Ptolemy بدران ايراني ماڻهو يعني فارسي ڳالهائڻ وارا ”بطلميوس“ استعمال ڪن ٿا پر عرب دنيا ۾ توڙي اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ اسان ان کي بطليموس“ سڏيون ٿا. هتي مون عربي وارو لفظ بطليموس استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. قلوپطرا جي ڄاڻ ڏيڻ آئون ان ڪري به ضروري سمجهان ٿو جو مون ڏٺو آهي ته اسان جي نوجوانن کي قلوپطره بابت معلومات فقط هالي ووڊ جي فلم قلوپطره تائين محدود آهي ته هوءَ ايلزبيٿ ٽيلر جهڙي سهڻي هئي، جنهن به جهاز کي قلوپطره جي وڏن جي ٺهيل بندرگاهه سڪندريه ۾ وٺي آيس يا پورٽ سعيد ۾، يا وري سئيز ڪئنال مان لنگهندي پنهنجن جونئرن کان قلوپطره جو پڇندو هوس ته ڪو جواب نه ملندو هو. وقت جي حسين ترين ۽ طاقتور راڻي جيڪا بادشاهه جي زال هجڻ جي ناتي به راڻي هئي ته رضيه سلطانا وانگر حاڪم راڻي به هئي، ان کان اسان جا ماڻهو ڪيڏو اڻ واقف آهن! قلوپطره 69 ق-م ۾ مصر ۾ ڄائي ۽ مصر جي آخري فرعون هئي. قلوپطره هڪ شهزاديءَ جي حيثيت ۾ بطليموس ٻارهين (Ptolemy 12) جي گهر ۾ ڄائي جيڪو سن 80 ق-م کان 51 تائين مصر جو فرعون يعني حاڪم هو. قلوپطره ننڍي هوندي کان سهڻي، سمارٽ ۽ شاطر قسم جي هئي. هوءَ پنهنجي بادشاهه پيءُ جو دلپسند ٻار هئي ۽ ملڪ جي حاڪم ٿيڻ کان اڳ هن ملڪ کي هلائڻ جون اٽڪلون سکي ورتيون هيون. قلوپطره جي پٽولمي (مصري ۽ فارسي ٻولين ۾ ”بطلميوس“) خاندان هن ملڪ تي 300 سالن کان حڪومت ڪئي هئي. هي گهراڻو سڪندر اعظم جي مصر فتح ڪرڻ بعد وجود ۾ آيو جنهن جو پهريون حاڪم (فرعون) بطليموس اول سڪندر اعظم جو دوست ۽ فوجي جنرل هو. جيتوڻيڪ هنن مصر تي حڪومت ڪئي ٿي پر هو نسل ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان يوناني هئا. قلوپطره ننڍي هوندي ٻين مائٽن وانگر يوناني پڙهي لکي ۽ هڪ ٻئي سان يونانيءَ ۾ ڳالهايو ٿي پر قلوپطره ٻيون ٻوليون به سکي- خاص ڪري لاطيني (Latin) جيڪا ٻولي روم ۽ اوسي پاسي جي علائقن ۾ ڳالهائي وئي ٿي. اٽليءَ کان علاوه فرانس ۽ اسپين ۾ به ڳالهائي وئي ٿي. اهڙي طرح آڳاٽي زماني ۾ مصر ۾ جيڪا مصري ٻولي ڳالهائي وئي ٿي اها اڄ جي عربيءَ کان بيحد مختلف هئي.
قلوپطره ارڙهن سالن جي ٿي ته سن 51 ق-م ۾ سندس پيءُ گذاري ويو. هو پنهنجي تخت و تاج لاءِ وصيت ڪري ويو ته سندس ڌيءَ قلوپطره ۽ هن جي ننڍي ڀاءُ ”بطليموس تيرهين“ کي ملڻ کپي. ان وقت هن جي عمر ٻارهن سال هئي ۽ رسم موجب گڏ حڪومت ڪرڻ لاءِ بطليموس تيرهين ۽ قلوپطره کي شادي ڪرڻي پئي. ماڻهن جو اعتقاد هو ته سندن حاڪم (فرعون) جيئن ته سندن ديوتائن سان واسطو رکن ٿا سو هو به ديوتائن ۽ ديوين وانگر ڀاءُ ڀيڻ شادي ڪري سگهن ٿا. انهن مان ٻن ديوتائن جو مثال شروع ۾ لکي چڪو آهيان. جيئن ته قلوپطره پنهنجي ڀاءُ بطليموس کان وڏي هئي ۽ چالاڪ پڻ. سو هن جلد حڪومت جو ڪنٽرول پنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو- بطليموس هن جي پٺيان ڇيلو ٿي پئي هليو. پر پوءِ جيئن ئي هو وڏو ٿيو ته ڪجهه پنهنجي عقل موجب ۽ ڪجهه درٻارين جي بڇ تي ته ”تون ڪهڙو مرد آهين، جنهن جي ڪجهه نٿي هلي“ هن وڌي پاور حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قلوپطره کي محل مان ڌڪي ڪڍيو ۽ پاڻ فل فرعون ٿي ويٺو.
سن 48 ق-م ۾ جوليس سيزر Julius Caeser روم کان مصر آيو. جوليس سيزر هڪ رومن سياستدان ۽ مليٽري جنرل هو. هن جي ڪيترين لڙائين ۾ حاصل ڪيل سوڀ ڪري هو رومن ريپبلڪ جو هڪ طاقتور سياستدان هو. قلوپطره جنهن کي سندس ڀاءُ تازو تخت تان لاهي شاهي محل مان ڀڄائي ڪڍيو هو سا پنهنجي داد فرياد لاءِ جوليس سيزر سان شاهي محل ۾ ملڻ لاءِ آئي. ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڏٺل “Cleopatra” فلم جي ڪجهه Scenes مان هڪ اها به چٽيءَ طرح ياد آهي ته ايلزبيٿ ٽيلر جنهن قلوپطره جو پارٽ ادا ڪيو، تنهن ڪيئن شاهي محل جي چوڪيدارن کي رشوت کارائي پاڻ کي پرشن غاليچي ۾ ويڙهايو. پوءِ حبشي غلامن ان غاليچي جو ويٽو جوليس سيزر اڳيان، ڪلهن تان لاهي ان کي هڪ پاسي کان ڇڪيو ته اهو رول ٿيندو کلندو ويو ۽ آخر ۾ ان ۾ ليٽيل قلوپطره اٿي کڙي ٿي. جوليس سيزر کان غاليچي جي سونهن ته وسري وئي، هو قلوپطره جي حسين چهري کي ئي ڏسندو رهيو. قلوپطره جوليس سيزر وٽ ئي محل ۾ ترسي پئي ۽ سيزر قلوپطره سان وعدو ڪيو ته هو هن کان کسيل تخت و تاج واپس ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو.
سيزر قلوپطره جي ڀاءُ بطليموس 13 جي لشڪر کي نيل نديءَ جي ڪناري واري لڙائيءَ ۾ شڪست ڏني ۽ بطليموس (Ptolemy) پويان پير ڪري ڀڄڻ دوران نيل نديءَ ۾ ٻڏي مري ويو. ان بعد قلوپطره پنهنجو تخت و تاج حاصل ڪري مصر جي حاڪم (فرعون) ٿي. قلوپطره کي بطليموس 14 نالي هڪ ٻيو به ننڍو ڀاءُ هو. قلوپطره ملڪ جي دستور موجب ته اڪيلي عورت کي حڪومت ڪرڻ بدران ڪنهن مرد سان گڏ ڪرڻي آهي، سو قلوپطره پنهنجي هن ننڍي ڀاءُ بطليموس چوڏهين (Ptolemy 14) سان گڏ ڪجهه وقت حڪومت ڪئي. بطليموس چوڏهين جي مرڻ بعد هن پنهنجي پٽ ”بطليموس 15 سزاريون“ سان گڏ حڪومت هلائي. قلوپطره روم جي جوليس سيزر سان سن 48 ق-م ۾ سڪندريا ۾ ملي ۽ ٻئي سال 47 ق-م ۾ قلوپطره کي جڏهن هوءَ 22 سالن جي هئي ته هي وڏو پٽ ”سزاريون بطليموس 15“ ڄائو هو. شاديءَ بعد قلوپطره جيوليس سيزر سان گڏ روم گهمڻ لاءِ آئي پر پوءِ پاڻ روم ۾ ئي ٽِڪي پئي. جيتوڻيڪ قلوپطره جو جوليس سان معاشقو رهيو پر هن اهو نٿي چاهيو ته ڪو مصر روم جي اثر هيٺ رهي. هوءَ روم ۾ رهي پنهنجي ملڪ مصر کي Independent رکندي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي ترقيءَ جو سوچيندي رهي. هن مصر جي ايڪانامي بيحد سڌاري ڇڏي ۽ ڪيترين ئي عرب قومن سان واپار قائم رکيو. قلوپطره مصر جي ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول حاڪم رهي ڇو جو هڪ ته يوناني نسل جو هجڻ جي باوجود هن مصر جي مقامي ثقافت ۽ رسم و رواج قائم رکي ۽ ٻيو ته هن جي ڏينهن ۾ مصر ۾ تمام گهڻي خوشحالي آئي هئي.
سال 44 ق-م ۾ جڏهن قلوپطره جو پٽ ”سزاريون“ (Caesarian) ٽن سالن جو هو ته جوليس سيزر جو قتل ڪيو ويو ۽ قلوپطره مصر موٽي آئي. سيزر جي موت بعد روم جو حاڪم ٿيڻ لاءِ جن هٿ پير هلايو انهن ۾ مارڪ ائنٽوني مٿاهين ليول تي رهيو. سن 41 ق-م ۾ قلوپطره سٺ سينگار ڪري مارڪ ائنٽونيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ هن کي گهائي رکيو. هن قلوپطره سان نه فقط شادي ڪئي پر هن قلوپطره سان فوجي معاهدو ڪيو ته هنن جون گڏيل فوجون روم جو حاڪم ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري آگسٽس (Octavian) جو مقابلو ڪنديون. آگسٽس جيڪو ان وقت ٻاويهه سالن جو هو جوليس سيزر جو نپايل (Adopted) پٽ هو ۽ وصيت موجب سيزر هن کي پنهنجو وارث بڻائي ويو هو. قلوپطره چاهيو ٿي ته هن جو پٽ سزاريون ئي سيزر جو وارث ٿئي جيئن اڳتي هلي روم جو اهو ئي حاڪم ٿئي. قلوپطره مارڪ ائنٽونيءَ مان اها ئي اميد رکي ٿي ته هو هن جي اها مراد پوري ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.
قلوپطره ۽ مارڪ ائنٽونيءَ آگسٽس سان وڙهڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي لشڪر کي تيار ڪيو ۽ ٻنهي ڌرين جو اڪتيوم وٽ مقابلو ٿيو. ائنٽوني ۽ قلوپطره کي شڪست نصيب ٿي ۽ ٻنهي کي مصر ڏي ڀڄڻو پيو ۽ انهي دوران هنن جو موت ٿيو. قلوپطره جي موت لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
“The death of Cleopatra is shrouded with mystery and romance.”
قلوپطره جو مصر ڏي رخ ڪرڻ بعد مارڪ ائنٽوني هڪ دفعو وري جنگ جي ميدان ڏي آيو ان اميد تي ته جيئن هو ڪجهه ڪري ڏيکاري ۽ دشمن کي شڪست ڏئي پر هن جلد ئي محسوس ڪيو ته هن ۾ حال ناهي ۽ آگسٽس جو لشڪر کيس سوگهو ڪري وٺندو. اتي هن جي ڪنن تي اها ڪوڙي خبر پهتي ته سندس محبوبا قلوپطره قتل ٿي وئي آهي. اهو ٻڌي مارڪ ائنٽونيءَ به پاڻ کي ماري ڇڏيو. قلوپطره جڏهن اهو ٻڌو ته مارڪ ائنٽونيءَ پاڻ کي ماري ڇڏيو آهي ته هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن واسينگ نانگ ذريعي پنهنجو پاڻ کي ڏنگ لڳرائي پنهنجو انت آندو. هيءَ سال 30 ق-م جي ڳالهه آهي.
قلوپطره جي مرڻ بعد آگسٽس مصر جو به ڪنٽرول سنڀاليو ۽ ان کي روم جو هڪ صوبو بڻائي پنهنجي رومن سلطنت ۾ شامل ڪيو. قلوپطره جي مرڻ تي سمجهو ته مصر ۾ يونانين جي بطليموس سلطنت جو خاتمو ٿيو. ان سان گڏ مصر جي فرعونن جو پڻ، جو قلوپطره مصر جي فرعونن جي ڊگهي لسٽ جي آخري فرعون هئي. ساڳي وقت آگسٽس سوڀ حاصل ڪرڻ بعد روم جو پهريون شهنشاهه (Emperor) ٿيو ۽ ان وقت کان پنهنجو نالو آگسٽس (Augustus) رکرايو نه ته ان کان اڳ هو Octavian جي نالي سان سڏيو ويو ٿي.
بهرحال سڪندر اعظم جي 332 ق-م ۾ سوڀ بعد يونانين جي مصر تي 300 سال سن 30 ق-م تائين حڪومت رهي ان بعد مصر رومن سلطنت جو ڄڻ ته صوبو ٿي رهيو. رومن مصر تي 640ع تائين حڪومت ڪئي. ان دوران چوٿين صدي ۾ روم ۾ ورهاڱو آيو ۽ مصر ”ايسٽرن رومن ايمپائر“ جو حصو ٿي رهيو جيڪو بيزانتيوم (Byzantium) سڏجڻ لڳو. هي سلسلو 330 کان 1453 تائين هليو پوءِ سلطنت عثمانيه شروع ٿي ۽ قسطنطنيه گاديءَ واري شهر جو نالو استنبول رکيو ويو.