پيش لفظ
جمن سائين، لڳاتار جستجو، جدوجهد ۽ جفاڪش جو هڪ زنده مثال آهن. پاڻ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ پئدا ٿيا، پاڻ هڪ عام رواجي ڳوٺاڻي وانگر هر ڪاٿا، جهار هڪلي، لابارا لاٿا، مال چاريو، ڏه واڙ ڪئي، پر ساڳئي وقت سرڪاري اسڪولن ۾ فرش تي ويهي الف، به پڙهي ۽ گرمين ۾ پيرين پنڌ وڃي گمبٽ جي اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي.
سندس چواڻي ته غربت ۽ مفلسي جي ڪري هن جا همعصر ترقي يا سٺي زندگي جا خواب به نه ڏسندا هئا. پر جمن سائين ان وقت به نه فقط اڳتي وڌڻ جا خواب ڏسندو هيو، پر انهن جي ساڀيان لاءِ ڀرپور جستجو به ڪندو رهندو هيو. پاڻ 1970ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ فوراً ايس وي ٽيچر سليڪشن ٿي وڃڻ کان بعد ٽريننگ لاءِ خيرپور هرروز ويندا هيا. ٽريننگ جي دوران فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿيا، 1971ع واري جنگي محاذ تي ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪئي. فوج جي سخت ٽريننگ ۽ ڊسيپلين، جنگي محاذ تي زندگي ۽ موت سان لڪ ڇپ کيڏڻ ڪري پاڻ هڪ بيخوف، بهادر ۽ انتها درجي جي ڊسيپلينر انسان ٿي اڳتي زندگي ۾ قدم رکيو.
پاڻ تقريباً چار سال فوج ۾ سپاهي ٿي رهيا، انکان پوء فارغ ٿي پاڪستان اسٽيل مل ۾ ڪلارڪي جي نوڪري ڪئي، ان عرصي دوران اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ قائدِاعظم يونيورسٽي ۾ داخلا جو فارم ڀرايو، پر ساڳئي وقت PIA ۾ جونيئر آفيسر ٿيڻ لاءِ به درخواست موڪلي. پر ٿيو ائين جو جڏهن ٽيسٽ ۽ انٽرويو جا نتيجا آيا ته کين ساڳئي وقت يونيورسٽي ۾ داخلا به ملي ۽ پي آئي اي ۾ نوڪري جا ليٽر هڪ ئي وقت مليا. پر پاڻ نوڪري جي فائدن ۽ سهولتن کي پاسيرو ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون ۽ ماسٽرز ڪرڻ خاطر يونيورسٽيء ۾ داخلا ورتائون.
يونيورسٽي مان ڊگري وٺڻ دوران CSS جي مقابلي جي امتحان جي تياري ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ پهرين ئي ڪوشش Attempt ۾ اهو امتحان پاس ڪري، سول سروس جي چوٽي واري گروپ DMG ۾ سليڪٽ ٿيا. اتان پوء سندن هڪ ڊگهو ڪيريئر شروع ٿيو، جنهن ۾ پاڻ مختلف جڳهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، صوبائي سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري جهڙن اهم عهدن تي فائز رهيا. جتان 2012ع جولاءِ ۾ رٽائرڊ ٿيا.
منهنجي جمن سائين سان هڪ ڇڊي دوستي سروس وارن ڏينهن ۾ به هئي، پر پنهنجي گهاٽائي تڏهن ٿي جڏهن اسان اسلام آباد جي ساڳئي سيڪٽر ۾ رهڻ شروع ڪيو. پوء ته پنهنجو اٿڻ ويهڻ، چانهه پارٽيون، ڊنر پارٽيون، شام جو واڪ مطلب ته هر روز جيستائين ڪنهن بهاني ملاقات نه ٿئي ته ڏينهن ڪونه گذرندو آهي..
اسلام آباد جي هن چوياري جا ٻه ٻيا محبتي ماڻهون، اڳوڻو سفير فيض کوسو ۽ انجنيئر مومن علي شاه آهن. اسان سڀني جي هفتي ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني هڪ ٻه گڏجاڻي ضرور ٿيندي رهندي آهي، ۽ جتي دنيا جهان جي ڳالهين سان گڏ هميشه اِهو سوال اٿندو رهندو آهي ته اسان پنهنجي ذاتي ۽ پيشيوراڻي زندگيء ۾ تمام نالو، ناڻو ۽ عزت ڪمائي ۽ هن وقت به هڪ آسائش واري پرسڪون زندگي گذاري رهيا آهيون، پر صرف اهو زندگيءَ جو مقصد هجڻ نه گهرجي. پر اسان کي گهرجي ته پنهنجي علم ۽ تجربي جي بنياد تي ڪجهه اهڙو ڪم ڪري وڃون، جيڪو اسان جو هن دنيا کان لاڏاڻي ڪرڻ کان پوء به ياد رکيو وڃي.
اسان سڀ دوست اهڙن محفلن دوران سنجيدگيء سان ويٺا ڪجهه ڪرڻ جا ڪجهه گس ۽ پيچرا واضح ڪندا هئاسين. ڪجهه دوستن جو خيال هيو ته سنڌ جي سياسيت تي غير سنجيده ۽ نااهل ماڻهن قبضو ڪيو آهي، ڇونه اسان جا ڪجهه ساٿي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي اتي ڪا تبديلي آڻين. پر گڏوگڏ اهو سوال اٿندو هئو ته پاڪستان جي ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياست ايتري ته بدبودار ٿي وئي آهي، ته جتي جيڪو به ان ۾ ويندو ته پاڻ به گندو ٿيندو ۽ ڪجهه خاص ڪنٽريبيوٽ به ڪري ڪونه سگهندو. تنهنڪري انهيءَ کان جيترو ونئون وڃجي ته ايترو بهتر. وري ڪجهه دوستن جو خيال هيو ته ڪو سماجي ڪم ڪجي، خاص طور تي تعليم جي ميدان ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارجي، جنهن سان اسان جي نئين نسل جي بهترين تعليم ۽ تربيت ٿئي، جيڪي اڳتي هلي پنهنجو نالو به روشن ڪن ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اوسر ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ساڳئي وقت اها به تجويز ايندي هئي ته ڇونه پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا سهيڙي ڪتاب لکجن، جيئن ڪجهه پردي جي پٺيان لڪل حقيقتون به واضح ٿين، جن کي پڙهي ماڻهن ۾ ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ اتساه به پئدا ٿئي ۽ انهن جي رهنمائي به ٿئي.
ان تجويز تي مومن علي شاه ۽ فيض کوسي صاحب ته فوراً عمل ڪري هڪ ٻه ڪتاب لکي پڌرا ڪيا. پر جمن ڄامڙو سائين ۽ مون وٽ اڃان ڪتاب لکڻ جو نه ڪو ڏانءُ هيو نه وري ڪو خاص موضوع هيو، تنهنڪري خواهش جي باوجود به ٻه سٽون به لکي ڪونه سگهياسين.
انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌويزن تنظيم حادثاتي طور وجود ۾ آئي . ٿيو ائين جو آڪٽوبر 2016ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جو آئيني بل هڪ ووٽ تان سوبه عمر ڪوٽ جي سيد ظفر شاهه جي ووٽ تان رد ٿيو، جنهنڪري سنڌي ساڃاهه وندن ۾ واويلا مچي وئي. مختلف سڄاڻ حلقن ۾ ان تي شديد ردعمل پئدا ٿيو، اهو مطالبو پئدا ٿيو ته اهو بل ٻيهر پيش ٿئي ۽ ان جي پٺيان پوري سول سوساٽي جي طاقت بيهارجي ته جيئن اهڙو بل منظور ٿي وڃي.
پر جيئن ته سڀ دوست اسلام آباد کان پري هئا ۽ جيڪي اسلام آباد ۾ به موجود هئا، اُهي به سرڪاري نوڪري ڪري ظاهر ظهور اهڙو بل وري پيش ڪرائڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا ڪري ڪونه پئي سگهيا. بلا آخر اها ذميداري اسان جي چوياري تي پئي ته اسان بل جي پيروي ڪيون ۽ ان لاءِ اسيمبلي ۽ سينٽ جي ميمبرن ۾ لابنگ ڪيون .اهو پهريون موقعو هيو، جو مون دوستن کي عملي ڪم ۾ سرگرم ٿيندي ڏٺو. اسان جي چوياري جا سڀ رڪن تمام گهڻو سرگرم هئا، پر جمن سائين سڀني کان ٻه هٿ مٿي هوندو هيو. جڏهن به هڪل ڪندا هئاسون ته هو جنهن حال ۾ هوندو هيو پر فورن لبيڪ چئي ٻاهر نڪري پوندو هيو. جنهن به سينيٽر يا MNA سان ملڻو هوندو هيو ته پاڻ ڪٿان به ٽيليفون نمبر هٿ ڪري انهن کان ٽائيم وٺي، اسان سڀني کي ساڻ ڪري وڃي پنهنجو موقف بيان ڪندو هيو. بلا آخر اهو بل ٻيهر پيش ٿيو، ان کي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي منظور ڪيو، ان تي سينيٽ جولاءِ 2017ع ۾ هڪ عوامي ٻڌڻي Public Hearing ڪرائي، جنهن ۾ پوري پاڪستان جي ٻولين جا ماهر ۽ سڀني سياسي جماعتن جا نمائندا شريڪ ٿيا. خود ظفر علي شاه جيڪو ف ليگ جو نمائندو هيو، اُهو به شريڪ ٿيو، جنهن علي الاعلان ڪيو ته اڄ کان پوء ٻوليء جي بل جي هو ۽ هن جي پارٽي مخالفت نه ڪندي. ساڳئي ڳالهه PTI جي نمائندي اعظم سواتي به ڪئي ۽ ٻين سياسي جماعتن جي نمائندن به ڪئي.
بهرحال، ٻوليء واري بل جي هلچل دوران سنڌ ويزن وجود ۾ آئي جنهن جا ٽي بنيادي مقصد طئي ٿيا ته اها هڪ غير سياسي تنظيم هوندي ۽ سوچڻ وراي مشين Think Tank، ۽ پريشر گروپ هوندي . اسان سڀ دوست ان جي بنياد وجهندڙن مان هئاسون. سڀني دوستن گڏجي مونکي ان تنظيم جو عبوري صدر مقرر ڪيو ۽ بعد ۾ اها تنظيم رجسٽرڊ ٿي ۽ ان ۾ باقاعده اليڪشن ٿي، جنهن ۾ مونکي ٻيهر صدر چونڊيو ويو ۽ جمن سائين ان جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
سنڌ ويزن جي ٻين سرگرمين سان گڏ هڪ سوشل ميڊيا يعني فيس بوڪ گروپ به ٺاهيو ويو، جنهن ۾ هن وقت 76000 ميمبر آهن . هن گروپ تي ٻين شين سان گڏ اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ کي خاص اهميت ڏيڻ لڳاسين، تنهنڪري اسان پاڻ تي خود ساخته پابندي وڌيسين ته سنڌويزن تي جيڪڏهن ڪابه پوسٽ لکبي ته اها سنڌيء ۾ ئي هوندي.
ايئن منهنجو ۽ جمن سائين جو سنڌيء ۾ باقاعده لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ايئن لکندي لکندي جمن سائين، سنڌ جي غلط طرز حڪمراني تي قسطوار پنهنجا ويچار ونڊڻ شروع ڪيا ۽ ان موضوع تي هر روز هڪ قسط لکي گروپ تي رکندو هيو. ائين سندس لکڻين، علم ۽ تجربي جي واکاڻ ٿيڻ شروع ٿي ۽ دوستن کيس صلاح ڏني ته انهن سڀني قسطن کي سهيڙي هڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ته جيئن اهو ذهني پورهيو محفوظ ٿي وڃي. سائين جن جي مهرباني جو دوستن جي مشوري تي عمل ڪيائين ۽ هي ڪتاب مرتب ڪري اوهان جي آڏو پيش ڪيو اٿائين، اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ هو ان ڪتاب مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
هي ڪتاب ادب جي ڪهڙي صنف تي پورو ٿو لهي، ۽ ان تي ادبي نقاد ڪهڙو تبصرو ڪندا، ان ڳالهه جي قطع نظر مان ايترو چوندس ته هن ڪتاب ۾ سنڌجي تاريخ جي تمام اهم پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ ان کي هڪ نئين پسمنظر ۾ پيش ڪيو آهي. مصنف جي تحقيق مطابق جيترو سنڌ سان هاڃو ڌارين ڪيو آهي، ان کان وڌيڪ اسان جي پنهنجي اشرافيه جو هٿ آهي. جڏهن برصغير جي تاريخ ۾ اٿل پٿل ٿئي پئي ۽ نئين تاريخ جُڙي پئي اُن وقت جيڪڏهن اسان وٽ دورانديش سياسي ۽ سماجي قيادت هجي ها ته يقيناً سنڌين ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙا نه لڳن ها ۽ اسان جي ٻولي، تهذيب، ثقافت ۽ سماجي قدرن جي اها لتاڙ نه ٿئي ها، جيڪا گذريل 73 سالن کان ٿي رهي آهي. پر وري به مصنف انگ اکر گڏ ڪري ثابت ڪيو آهي ته سڀني مشڪلاتن جي باوجود سنڌين پنهنجي قومي وجود، ٻولي ۽ ثقافت کي بچائي رکيو آهي ۽ اميد جو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن اسان هڪٻئي جي ڄُنڊا پٽ کان پاسو ڪري، هڪ ٻئي تي اعتماد ڪري، مڙي مُٺ ٿي ظالم ۽ استحصالي قوتن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين ته پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪري وينداسين.
اسان جمن سائين جي ڪوشش ۽ ڪاوش کي ساراهيندي، اميد ڪيون ٿا ته پاڻ لکڻ جو سلسلو جاري رکن ۽ هر ٽماهي هڪ نڪور ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪن، ۽ پڙهندڙن ۾ اُتساه، اميد ۽ اعتماد پئدا ڪندا رهن.
علي مردان راهوجو
سابق سفارتڪار،
صدر، سنڌ ويزن اسلام آباد