تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر

ھن ڪتاب ۾ محمد جمن ڄامڙي مڊل ڪلاس جي اوسر، سنڌ ۾ تعليم جي اھميت، سنڌ ۾ بدانتظامي جي سببن، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اھميت، سنڌ جي زراعت، سنڌ جي سياسي ڪوتاھ نظري، قيادت جي فقدان، ڪراچيءَ جي اھميت، وفاق ۾ ملازمتن جي مسئلن، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي، سنڌ ۾ قدرتي وسيلن، سنڌ جي زمينن جي ڦرلٽ، سنڌ ۾ وڏيرا شاھي جي راڄ، سنڌي ڪاموري جي ڪردار، اسلام آباد ۾ سنڌي ملازمن جي مسئلن، ڪاپي ڪلچر ۽ تعليم جي فقدان، سنڌ ۾ فني تعليم جي اھميت، سميت کوڙ سارن مسئلن ۽ انھن جي حل تي لکيو آھي.

Title Cover of book سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر

سنڌي ڪامورا ۽ سياستدان هڪ ئي خاندان

جيئن ته اسين چڱي طرح واقف آهيون ته سنڌ جي ڌرتي صدين کان آسودي ۽ ٻاهرين طاقتن جي نظرن ۾ رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ سونهاري جي سرزمين جي رهواسين کي وقفي وقفي کان ڪنهن نه ڪنهن ظالم جي ظلم مان گذرڻو پيو آهي. ماضي قريب ۾ اهي ارغون هجن يا افغان جي ڪنهن به حصي سان تعلق رکندڙ هجن . تاريخي طور تي سنڌ تي گهڻي ڀاڱي ڏاڍايون ۽ سرزمين تي چڙهايون اتر اولھه ۽ اولھه طرف کان ٿيون آهن .جنهن لاءِ سنڌ جا قربدار آخر اهو چوندا ويا ته جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارون جوکو.
اهي ظالم جڏهن هتي آيا، جيڪا ڦرلٽ ڪئي باقي ساليانو ڏن وٺڻ جي بهاني هتان هليا ويندا هيا، يا انهي بهاني جي آڙ ۾ اچي ٻيهر ڪاه ڪري ايندا هيا. واپس وڃڻ مهل پٺتي ڪنهن نه ڪنهن کي ڏن ڏيڻ لاءِ جوابدار ڪري واپس ويندا هيا. هنن انهي ڏن پٽ لاءِ وقت جو حاڪم قبيلن يا پرڳڻن کي ورائي ڪنهن جي مٿان اهو ڪم رکندا هيا ته جيئن اهو شخص اتان جي رهاڪن کان ڏن وٺي مٿي پهچائي، باقي سڀ انجي ملڪيت هوندي هئي ايئن ڪندي چڱا مڙس يا علائقي جا رئيس پيدا ٿيندا ويا.
جڏهن انگريز بادشاهه آيو ته ان به انهي سسٽم ڪجهه تبديليون ڪري جاري و ساري رکيو . جنهن جي ڪري سنڌ ۾ واضع طور سوسائٽي ٻن طبقن ۾ ورهائجي وئي، هڪڙا حاڪم ته ٻيا محڪوم جيڪو سلسلو ٿوري گهڻي وقت جي تقاضائن تحت ڦير گهير ڪري هلايو پيو وڃي ۽ هلندو رهندو، جيستائين سنڌي قوم تعليم جي زيور سان مالا مال ڪون ٿيندي. جيئن اڳ ذڪر ڪري چڪو آهيان ته سنڌ جو عوام گهڻي ڀاڱي زراعت جي پيشه سان رهيو آهي تنهنڪري ايتري سجاڳي اچي ڪين سگهي آهي، ڇو ته آبادي جو گهڻو حصو ٻهراڙي ۾ رهائش پذير آهي ۽ ڪجهه شهري علائقن ۾ رهي ٿو. ٻهراڙي ۾ معياري تعليم جي نه هجڻ ڪري اتي عوام ۾ ايتري سجاڳي ڪانهي بنسبت شهري آبادي جي، ڇو ته شهر ۾ تعليم جي سهولت سان گڏ نوڪري ۽ واپار وڻج جا موقعا ملن ٿا ۽ اهي هڪٻئي جي زندگي ۾ دخل گهٽ ڏين ٿا بنسبت ٻهراڙي جي، ڇو جو انهن وٽ ايترو شعور ناهي. انهي ڪري تر جي زميندار جو اثر رسوخ ٻهراڙي جي روزمره زندگي تي نمايان طور واضع آهي.
سنڌ تي گهڻي عرصي کان گادينشينن، زميندارن ۽ ديوانن جو طبقو وقت جي حاڪمن جو کاٽائو پٽ هئڻ جي ڪري غريب ۽ ٻهراڙي جي آبادي تي حاوي ۽ جابر رهيو آهي ۽ غريب ۽ ٻهراڙي جو عوام انهي حالتن اندر رهندي انهي نظام کي قبول ڪندي زندگي گذارڻ تي مجبور رهيو آهي.
انهي مٿئين پسمنظر کي ذهن ۾ رکندي جيڪڏهن اسين انهي ڳالهه جو تجزيو ڪنداسين ته انهن خاندانن جو جيڪڏهن ڪو چشمه چراغ سرڪاري آفيسر ٿي ڪم ڪندو آهي ته سڀ کان پهريان ان آفيسر جي توجه انهي مرڪزي نڪتي جي ارد گرد پئي گهمندي آهي، ته ڪيئن اسين پنهنجي ابي ڏاڏي جي شان و شوڪت کي وڌائي ٻهراڙي ۽ غريب عوام تي دائمي ڪنٽرول رکون. انهي لاءِ هو سڀ طاقت ۽ قوت جو استعمال ڪندو آهي ۽ غريب ٻهراڙي جو عوام پنهنجي لاءِ اهو اعزاز سمجهندو آهي جڏهن انهن گادينشينن ۽ زميندارن جو لخت جگر جڏهن سرڪاري عملدار ٿيندو آهي، کين صرف اڌ نالو وٺي هنن کي سڏ ڪندو آهي ته هو پنهنجي ڪپڙن ۾ ڪين ماپندو آهي. انکان وڌيڪ غريب ويچارو تڏهن وڌيڪ خوش ٿيندو آهي جڏهن ننڍو شهزادو اتان جي ماڻهن مان ڪنهن کي ڪتن ڇڪڻ ۽ شڪار تي انهن سان گڏ وڃڻ لاءِ چوندو آهي. انهي حالتن ۾ اسانجو گهڻو ڪري عوام انهن مان صرف ايتري اميد رکندو آهي ته شل اهي شهزادا ناراض نه ٿين، جنهن جي ڪري انهن خاندانن مان ٿيل سرڪاري عملدار هميشه پنهنجي خاندان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀ طريقا استعمال ڪندا رهندا آهن. جنهن لاءِ هو بيجا سرڪاري استعمال ڪندا رهندا آهن، ڇو ته انهن جا چاچا، ماما ۽ ٻيا رشتيدار سرڪار جو حصو هوندا آهن، تنهنڪري مٿي تائين رسائي هوندي آهي جو انهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش ڪين ايندي آهي.
انهي کان اڳ ان رئيس، زميندار يا گادينشين کي هميشه سرڪاري ڪاموري مان خوف هوندو هيو ته متان ناراض ٿئي، يا منهنجي خلاف مٿي اهڙي رپورٽ ڏئي جنهن ۾ هن جي حيثيت ۾ فرق اچي، تنهنڪري هو ڪجهه عوام جي معاملي ۾ احتياط ڪندو هيو پر جڏهن سندن اولاد سرڪاري مشينري جو اهم پرزو ٿي ويو ته هاڻي هن کي ڪنهن به قسم جو خوف خطرو ڪين ٿيندو آهي ۽ اليڪشن ۾ کٽڻ لا۽ سڀ طريقا استعمال ڪرڻ ۾ هو ڪنهنجو محتاج ۽ ٿورائتو ٿيڻو ڪون ٿو پويس. باقي غريب اهوئي عذاب ۾.
اهڙي حالت ۾ جڏهن سياسي قيادت جي اولاد سرڪاري مشينري جو اهم پرزو هوندي آهي ته اهي آفيسر سياسي تقاضائن مطابق گورنمينٽ جا نوڪر ٿيڻ بجاء ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا آهن ۽ رياست جون ڏنل جوبداريون هنن لاءِ اهميت جون حامل ڪين هونديون آهن، پر سرڪار جي خدمت هنن لاءِ اهم هوندي آهي، ڇو ته نوڪري ته انهن کي ڪنهن محنت جي ڪري ڪون ملي هوندي آهي، پر اها ان سرڪار جي طرفان سياسي رشوت طور مليل هوندي آهي تنهن ڪري رياست جون ڏنل جوابداريون عوام واسطي انهن لاءِ ڪا حيثيت نٿيون رکن. جنهن ڪري خراب حڪمراني جي شروعات اتان ٿئي ٿي جيڪا اڄڪله سنڌ ۾ پنهنجي جوڀن تي آهي.