تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر

ھن ڪتاب ۾ محمد جمن ڄامڙي مڊل ڪلاس جي اوسر، سنڌ ۾ تعليم جي اھميت، سنڌ ۾ بدانتظامي جي سببن، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اھميت، سنڌ جي زراعت، سنڌ جي سياسي ڪوتاھ نظري، قيادت جي فقدان، ڪراچيءَ جي اھميت، وفاق ۾ ملازمتن جي مسئلن، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي، سنڌ ۾ قدرتي وسيلن، سنڌ جي زمينن جي ڦرلٽ، سنڌ ۾ وڏيرا شاھي جي راڄ، سنڌي ڪاموري جي ڪردار، اسلام آباد ۾ سنڌي ملازمن جي مسئلن، ڪاپي ڪلچر ۽ تعليم جي فقدان، سنڌ ۾ فني تعليم جي اھميت، سميت کوڙ سارن مسئلن ۽ انھن جي حل تي لکيو آھي.

Title Cover of book سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر

بي باڪ لکاري: محمد جمن ڄامڙو

سائين محمد جمن ڄامڙو جي ڪتاب ”سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر“ جو مسودو منهنجي سامهون آهي، هن ڪتاب ۾ شامل 50 کان مٿي مضمونن ۾ جتي سنڌي سماج، ريتن رسمن، اٿڻي ويهڻي، سماجي بيمارين، ناانصافين، زور آورين، ڏاڍاين، پنهنجن توڙي پراون جي ادا ڪيل ڪردارن توڙي ماروئڙن جي سورن جي بلڪل ايمانداري ۽ سچائي سان اپٽار ڪئي وئي آهي، اتي ئي بنا ڪنهن مصلحت ۽ ڊپ ڊاءُ جي وڏي دليري سان سنڌ کي ههڙي قيامت جهڙي صورتحال ۾ پهچائيندڙ ڪردارن کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بلڪل ننگو ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ هن وقت صرف ٻه طبقا آهن، هڪ امير ۽ ٻيو غريب، ٽيون طبقو جنهن کي مڊل ڪلاس چيو وڃي ٿو، اهو ته جهڙوڪر هن وقت وجود ئي نٿو رکي. سائين محمد جمن ڄامڙي هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ وچئين يعني مڊل ڪلاس واري طبقي جي اوسر نه ٿيڻ، وچئين طبقي کي پيڙهي کيس غريب طبقي ۾ شامل ڪرڻ، توڙي سنڌ مان ورهاڱي وقت يا ورهاڱي کان پوءِ انهيءَ طبقي کي مختلف حيلن بهانن سان سنڌ مان لڏائڻ وارن سمورن محرڪات جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ نه رڳو انهيءَ طبقي جو ذڪر ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي وئي آهي پر گڏوگڏ انهيءَ طبقي جي ٻيهر اوسر لاءِ گس ۽ پيچرا به ٻڌايا ويا آهن.
مون مٿي ذڪر ڪيو ته سائين محمد جمن ڄامڙي صاحب پنهنجي لکڻي کي روايتي مصلحتن جي ٽياس تي ڪٿي به نه ٽنگيو آهي، پر هن ته پنهنجن لکڻين ذريعي اهڙن سمورن ڪردارن کي وڏي دليري سان وائکو به ڪيو آهي، جن جو سنڌ کي موجوده ڪسمپرسي واري حالت ۾ پهچائڻ ۾ ذرو به ڪردار رهيو آهي، پوءِ انهن ۾ پير، مير، جاگيردار، ڀوتار، گادي نشين، سياستڪار، سر، خانبهادر ۽ ٻيا به ڇو نه هجن. هن پنهنجي لکڻي ذريعي سنڌ جي سرمائيدارن، پيرن، ميرن، جاگيردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن کي ڪيئن نه ڪميونسٽ اڳواڻ اسٽالن سان لاڳاپيل هڪ واقعي جو مثال ڏئي واضع ڪيو آهي. هو ”قومن جي ڪمال ۽ زوال جو تعلق تعليم سان آهي“ مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”اسٽالن هڪ ڀيري پولٽ بيورو جي گڏجاڻي ڪري رهيو هيو ته هن هڪ ڪڪڙ گهرايو، ۽ ان ڪڪڙ جي کنڀن کي هڪ هڪ ڪري پٽڻ شروع ڪيو، آخرڪار هن ڪڪڙ جا سڀ کنڀ پٽي ڇڏيا، ڪڪڙ جي اصل شڪل صورت يڪسر تبديل ٿي وئي. اسٽالن ڪڪڙ کي زمين تي ڦٽو ڪيو، ڪڪڙ زخمن ۾ چور پر مجبور ٿي نڪرڻ جي ڪئي. انهيءَ عمل دوران پولٽ بيورو جا ميمبر خاموش بيٺا پيا تماشو ڏسن. اسٽالن اناج جي داڻن مان هڪ داڻو زمين تي اڇليو، ڪڪڙ اهو داڻو چڳيو، پوءِ اسٽالن پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ اناج جا ڪجهه داڻا هٿ ۾ رکيا ۽ هلڻ شروع ڪيو، هلندي هلندي هڪ هڪ داڻو زمين تي اڇليندو ويو ۽ ڪڪڙ اهي داڻا چڳندو اسٽالن جي پٺيان پٺيان هلندو رهيو، جتي اسٽالن بيهي ڪڪڙ به اتي بيهي رهي.
اسٽالن پولٽ بيورو جي ميمبرن کي مخاطب ٿي چيو ”مون جيڪو عمل ڪڪڙ سان ڪيو آهي، اهيو ساڳيو عمل سامراجي قوتون غريب ملڪن سان ڪن ٿيون، پهريون هنن جي خام مال ۽ قدرتي وسيلن تي قبضو ڪري پوء انهن قومن ۽ رياستن کي مرڻ کان بچائڻ خاطر هڪ هڪ داڻو وجهن ٿا ته جيئن اهي انهن جي سهاري تي تڳن يا جيئن. اهڙيءَ طرح سنڌ جي سرمائيدارن يعني نوابن، سردارن، رئيسن، وڏيرن، پيرن، ميرن، خان بهادرن ۽ ديوانن سنڌي عام مسلمانن کي اسٽالن وانگر ڪڪڙ ڪري رکيو ته جيئن اهي ڪڪڙ انهن جي داڻن کي چڳن ۽ حياتيءَ جا ڏينهن گذارن. “
مٿين لکڻي ۾ ڪيڏي نه دليري سان سڀني ڪردارن کي وائکو ڪيو ويو آهي، اهڙي بي ڊپي ۽ بنا رک رکاءَ واري لکڻي ٻه ڏهاڪا اڳ دلير صحافي فقير محمد لاشاري ئي لکندو هو، وري هينئر سائين محمد جمن ڄامڙي صاحب جي اهڙي لکڻي پڙهڻ لاءِ ملي آهي. باقي ته اسان سڀ ڪيترين ئي مصلحتن جو شڪار آهيون. اهڙي صورتحال ۾ اسان وري جڏهن سنڌ جي آئيندي جي حوالي سان پنهنجن جي ڪردار جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي انهن ۾ به ڪاٿو نظر نٿو اچي، سنڌ جي بقا ۽ جياپو داءُ تي لڳل آهن، پر ان جا سڀئي ليڊر ويٺا پاڻ ۾ لڙايون لڙن، سياستدان ووٽ وٺڻ کان پوءِ عوام وٽ وڃڻ لاءِ تيار ناهي، استاد ويٺا پڙهائي جو ٻيڙو ٻوڙين، ڊاڪٽر اسپتالن کي ڪوس گهر بڻايون ويٺا آهن، پورهيت پيٽ گذر لاءِ پريشان آهي، مسڪين ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب پنهنجي معصوم ٻچڙن کي پالڻ جي سگهه نه ساري انهن ئي ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي هوڪا ڏيندا وتن، جڏهن ته ڪامورا تيستائين ڪو فائيل اڳتي وڌائڻ لاءِ قطعي تيار ناهن، جيستائين سندس کيسو گرم نه ٿئي، يعني سنڌ ۽ سنڌي عوام اڄ جنهن منزل تي پهتا آهن، تنهن ۾ صرف ڌارين جو ئي هٿ ناهي، پر اسان سڀ پاڻ به ان جا ذميوار آهيون.
اڳ۾ ته ائين چيو ويندو هو ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قندرائون جوکو“، پر هاڻي زمانو مٽجي ويو آهي، قنڌار کان ته جوکو آهي يا نه آهي اهو الڳ بحث آهي پر هاڻي پنهنجن جو ڪردار ڏسي انهيءَ ۾ ڪجهه هن طرح ترميم ڪرڻي پوندي ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي پنهنجن کان جوکو“. جنهن جو اظهار سائين محمد جمن ڄامڙي به پنهنجن لکڻين ذريعي ڪيو آهي. سندن لکڻي جو هيءُ انداز پڙهو:
”بدقسمتي سان سنڌ جي مسلمان عوام کي صفحي هستي تان مٽائڻ خاطر ڪوششن ۾ صرف ٻاهريان شامل ڪين هيا، پر ان تي عمل ڪرڻ لاءِ شروع کان وٺي پنهنجن اهم ڪردار ادا ڪيو. استحصالي قوتن انهي خاطر ڪنهن کي خانبهادر جو لقب ڏنو ته ڪنهن کي سر، پير، مير، نواب، رئيس ۽ ديوان وغيره وغيره جا خطاب ڏنا، ته جيئن هو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ خاطر انهن کي استعمال ڪري ۽ پاڻ ميدان ۾ کيس نه اچڻو پوي. انهيءَ پاليسي تي هلندي انگريز سرڪار سنڌ ۾ ڪوبه سرڪاري اسڪول يا هيلٿ جو ادارو قائم ڪو نه ڪيو.
1936ع کان 1947ع ۾ جڏهن سنڌ حڪومت جون واڳون نج سنڌين جي هٿ ۾ هيون ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هيا. انهيءَ دوران 1939ع ۾ پنجاب گريٽر ٿل ڪئنال سنڌو ڌريا مان ڪڍي پنهنجي لکين ايڪڙ زمين لاءِ پهريون سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو، پر انوقت جي سنڌ سرڪار مجرماڻي غفلت ڪئي، جنهنجي جيتري مذمت ڪجي اها تمام گهٽ ٿيندي. هي ڏه يارنهن سال سنڌي عوام لاءِ نهايت اهم هيا، جيڪڏهن سنڌ جي قيادت چاهي ها، تعليم و تربيت تي خصوصي ڌيان ڏئي ها. انوقت جيڪي تعليمي ادارا هيا، انهن کي وڌيڪ مضبوط بنيادن تي بيهاري ۽ پوري سنڌ ۾ علم پکيڙڻ گهربو هيوته جيئن ايندڙ وقت ۾ سنڌي پنهنجي رسم ۽ ثقافت جو تحفظ ڪري سگهن. جيڪڏهن اسان جا ليڊر ٿوري به دورانديشي کان ڪم وٺن ها ۽ انهن يارنهن سالن ۾ صرف صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پنهنجي پنهنجي علائقي ٻه يا ٽي ميٽرڪ پاس يا انکان ڪجهه هيٺ شاگردن کي سهولت ڏئي ڪراچي جي شهر ۾ پڙهائڻ ۽ آباد ڪرڻ جي لاءِ سهولت ڏين ها، جيڪر هڪ سال تقريباًسئو شاگرد اعليٰ تعليم جي زيور سان مالامال ٿي وڃن ها ۽ سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جو طبقو ٺهڻ شروع ٿي وڃي ها ۽ اهو مڊل ڪلاس سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ ۽ شهرن تي قابض ٿي وڃي ها. جيڪي شاگرد انهن يارهن سالن ۾ تيار ٿين ها، اهي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت چاهي انکان بعد جيڪي به سنڌ سان ويڌنون ٿيون، انهن جو مقابلو ڪرڻ وارا غازي هجن ها ۽ سنڌ جي اڄ جيڪا حالت آهي، اها ڪڏهن به ڪين ٿئي ها.“
مجموعي طور سائين محمد جمن ڄامڙي جو ڪتاب ”سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر“ سنڌ جي ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ سان ٿيل سمورين ويڌنن ۽ وارتائن جي سربستي تاريخ آهي، هڪ اهڙي تاريخ جنهن ۾ نه ڪنهن جي اجائي ڀر ورتي وئي آهي، نه ئي وري ڪنهن کي اجايو بخش ڪيو ويو آهي. هن تاريخ ۾ سنڌ جي ڏوهاري سمورن ڪردارن کي وائکو به ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي نئين نسل کي اڳتي وڌڻ لاءِ همت ۽ حوصلو به ڏنو ويو آهي، نوجوان نسل کي نوان گس به ڏنا ويا آهن ته ڀاڙين لاءِ بند به ٻڌو ويو آهي، ههڙي شاندار، بي ڊپي ۽ بنا ڪنهن رک رکاءُ واري لکڻي لکڻ تي آئون سائين محمد جمن ڄامڙي کي مبارڪون ڏيان ٿو.

وهاب جروار
ڪراچي
10 جولاءِ 2019ع