سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي نه اُسرڻ جا سبب
مڊل ڪلاس جي اڀرڻ يا وڌڻ لاءِ هڪ ماحول درڪار هوندو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم ۽ هنر جي ڄاڻ نهايت اهم هوندي آهي. جيئن ته عام سنڌي مسلمان تعليم جي زيور کان پري رکيو ويو هيو ۽ هنري تعليم جو سنڌ ۾ وڏو فقدان هيو. جنهن ڪري سنڌ ۾ مڊل ڪلاس مسلمانن ۾ اسري ڪين سگهيو، نتيجي ۾ سنڌ صرف سوسائٽي جي ٻن طبقن ۾ ورهايل هئي. هڪڙا حاڪم ته ٻيا محڪوم، ٽيون ۽ اهم طبقو بلڪل غائب. تنهنڪري اسين سنڌي آبادي کي قوم واري وصف ۾ نٿا آڻي سگهون. ان وقت اسين سنڌي صرف هڪ جٿو يا ماڻهن جو گروه هياسين. جيڪڏهن سولي سنڌي ۾ مان انجو مثال هڪ پيڊل سائيڪل سان تشبيهه ڏيان ته سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. جيئن پيڊل سائيڪل کي صرف ٻه پير هوندا آهن، تنهنڪري اها سائيڪل هميشه ڪنهن جي سهاري کان بغير نه بيهي سگهندي آهي، نڪي هلڻ جي قوت هوندي اٿس. افسوس ته اها سائيڪل جيڪا گهڻن هنڌن کان پنڪچر ٿيل هجي، اسين ته ماڳئي اهڙي سائيڪل وانگر هياسين . ڇو ته حاڪم يعني زميندار طبقو ڪڏهن به سنڌي آبادي کي انسان وانگر ڏسندو به ڪونه هو، تنهنڪري سنڌي سوسائٽي هڪ پنڪچر ٿيل سائيڪل مثل هئي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ جي سرزمين لڏ پلاڻ ڪري اچڻ وارن لاءِ سون جي کاڻ ثابت ٿي، سنڌي آبادي لاءِ وبال جان. ڇو ته سنڌ جي ان وقت جي ليڊرشپ سنڌي مسلمان آبادي کي هڪ قوم بڻجڻ ڪونه ڏنو نه وري مڊل ڪلاس اسرڻ لاءِ سازگار ماحول ڏنو . نتيجي طور هتي آيل اسان تي ڄڻ ته فاتح ٿي آيا، هر شيءِ تي قبضو ڪرڻ هنن جو حق ٿي ويو ۽ اسين اڳئي پنڪچر سائيڪل جي مثل هياسين، انهن جي رڪشائن جو مقابلو ڪرڻ جهڙا نه هياسين ته ڪٿي انهن جي يلغار کي منهن ڏئي ٿي سگهياسين .
جيڪڏهن پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ اسانجي سنڌي ليڊرشپ چاهي ها ته اسين سنڌي هڪ قوم ٿي انهي يلغار جو مڙس ماڻهون ٿي صرف مقابلو نه ڪيون ها پر اسان پنهنجيون رسمون، روايتون، ثقافت، ننڍن وڏن شهرن جو بچاءُ ڪري اڳتي ميدان ۾ اچون ها ۽ جيڪا اڄ صورتحال سنڌ ۾ آهي اهڙي ڪڏهن به ڪين هجي ها.هاڻي اسان کي سوچڻ گهرجي ته اِن لاءِ اڳتي ڇا ڪرڻ کپي.