مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون

منهنجي ننڍي ڀيڻ جي شادي وقت پهريون ڀيرو شاديءَ جي ريتن رسمن کي ڏسڻ جو موقعو مليم. ان کان اڳ منهنجي وڏي ڀيڻ جي شادي ٿي هئي پر آئون انوقت ننڍو هئس. پر هينئر مون کي انهن رسمن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو صحيح طريقي سان موقعو مليو. هن وقت ته شهرن ۾ شادي جي هر رسم مصنوعي ۽ ڦڪي ڦڪي پئي لڳندي آهي. گهوٽ / گهوٽيتا به شادِي هال ۾ ٻين وانگر مهمان پيا لڳندا آهن. شهري شادين ۾ پنهنجون سنڌي رسمون رواج بلڪل نظر ڪو نه اچن. اها شادي نه پر صرف رسمي دعوت هوندي آهي. جنهن ۾ ڪنوار اسٽيج تي هڪ ڊيڪوريشن پيس وانگر نظر ايندي جيڪا ميڪ اپ جي تَهنِ ۾ هڪ ڀوت لڳندي آهي. وڊيوڪئميرا ۽ ڪئميرائن جي روشني ۾ ڪنوار جو ميڪ اپ لهندو ويندو آهي. جنهن کي سڀني جي سامهون ٽشو پيپر سان پيا صفا ڪندا آهن نه ڳيا نه سهرا، نه لانئون، نه سرگس نه دهل دمام صفا رُکي ۽ ڦِڪِي تقريب، جيڪا ڪلاڪ اڌ ۾ ختم، اڳ ۾ ونوا جي ستن ڏينهن کان وٺي ويندي شاديءَ تائين گهوٽ جا مٽ مائٽ پيا مينديءَ ۽ ٻڪيءَ جون رسمون ڪندا ۽ راڄ جي مڱڻهاري سڄو هفتو پئي ڪنوار کي پيٺيءَ جي مالش ڪندي ۽ ست ڏينهن سندس مُنهن اکئي ۾ ڍڪيو پيو هوندو. انهيءَ دوران ڪنوار جي رنگت ئي تبديل ٿي ويندي هئي. شاديءَ ۾ ڪُنوار کي سڀ ڳهه پيل هوندا هئا. خاص ڪري ڪُنوار نٿ پائيندي هئي. جيڪا سڄي زندگي کيس پهريل هوندي، جيسين وڃي سندس مڙس وفات ڪري. ڪُنوار کي گهر ۾ ڪنوار ٻائي جي نالي سان سڏبو هو جيسين وڃي کيس اولاد ٿئي. پر هينئر شهري شاديءَ ۾ ڪنوار نٿ ڪا نه پائي نه ته اڳ ۾ بولو، بينسر، ڦلي، ڪلي، ڪوڪو، لونگ، سري مورائو وينڍو نڪ جا زيور هئا. مطلب ته:
1. مڱڻي.
2. شاديءَ جا ڏينهن ٻڌڻ.
3. مينڌي جي رسم.
4. پڙي جا گيت.
5. ونواهه.
6. شادي جي رسم.
7. نکيٽيءَ جي رسم.
8. ۽ ستاڙي جي رسم.
ڪنواريتا ۽ گهوٽيتا وڏي ڌام ڌوم سان ملهايئدنا هئا ۽ هر تقريب ۾ سهرا، هيرا ۽ گيت ڳايا ويندا هئا. ڪي ڳيا ۽ ڳيچ ڏاڍا وڻندڙ ۽ دلچسپ هوندا هئا جيڪي مون کي اڃان تائين ياد آهن ۽ توهان کي به ٿو ٻڌايان.

موڙ ادل جا مان لاڙئون گهرايان
ڇَٽ جهلي آيو لاڏل بني تي
کهنبا ادل جا مان لاڙئون گهرايان
ڇَٽ جهلي آيو لاڏل بني تي
ڀيڻون لاڏل جون مان لاڙئون گهرايان،
ڇَٽ جهلي آيو لاڏل بني تي

سهڻي دهري جوڙائي ادل تنهنجيءَ شاديءَ ۾ پايان،
منهنجي ادل کي شوق، مور مومل ماڻي آيو،
سيڻ سڄڻ سالا تنهنجا ڪاڄ ڪري آيو،
منهنجي ادل کي شوق، مور مومل ماڻي آيو،
سهڻي نٿ جوڙائي ادل تنهنجي شاديءَ ۾ پايان،
منهنجي ادل کي شوق مور مومل ماڻي آيو.


ڏند ادل جا ماڻڪ موتي
ڪجل جوڙ بنايو ادل جو ٿيو لايو سجايو

”هاڻ ته ڏند ادل جا ماڻڪ موتي نه پر پانن جي ڪاٿي ۽ چن جي راڳي سان سونهن پيا.“
مڱڻيءَ جي موقعي تي چاندي جي وَٽيءَ ۾ کير وجهي ان ۾ منڊي وجهي پوءِ مڱڻيءَ جي رسم مهل اها منڊي کير وٽي مان ڪڍي ڪنوار کي پهرايو ته معنيٰ مڱڻي ٿي وئي. مڱڻيءَ کان پوءِ ونواه جي رسم جنهن ۾ نياڻين جي ڪوٺ ڪري ڪنواريتا پنهنجي حيثيت مطابق ونوا ڪندا. جنهن ۾ ڳيا سهرا، ڳيچ ڳايا ويندا ۽ ڪنوار کي ساٽ سوڻ ڪري وِينڍو ويڙهيو ۽ پوءِ ست ڄڻيون اهو کولينديون ۽ پوءِ اکيو ٻڌبو آخر ۾ ڪُنوار کان پليٽ ڀڃرائي پوءِ مينديءَ جي رسم ٿيندي. جيڪي گهوٽ جون مائون، ڀيڻون ڪنديون تنهن کانپوءِ شاديءَ جي رسم ٿيندي جنهن ۾ ڪنوار کي چپن تي مساڳ لڳل، هٿن پيرن تي ميهڙ جي ميندي لڳل، اکين ۾ ڪجل پاتل نڪ ۾ سهاڳ جي نشاني نٿ پاتل ۽ ڊيل جهڙي ڳچيءَ ۾ ست سري دُهري پاتل، سينڌ ۾ چوٽي ڦل ڳچيءَ سان لڳل هار جنهن کي ڳل پٽا چئبو ۽ ٻانهن ۾ ٻائهيون پير ۾ ڇير، ور وڇوئڙا پاتل هوندا هئا. مطلب ته بدن جي هر حصي ۾ ڪنوار کي زيور پهريل هوندا هئا. ان کان پوءِ رات جو دير سان ڀيچ ڀنيءَ مهل لائون لهڻ ٽڪ ۾ هڪ ٻئي جو مُنهن ڏسڻ گهوٽ طرفان ڪُنوار جو هٿ کولڻ آخر ۾ ساليون گهوٽ جي نڪ ۾ جهلينديون ۽ جتولڪائينديون ۽ پوءِ گهوٽ سالين کي پيسا ڏيندو ته نڪ مان هٿ نڪرندو ۽ جتو به واپس ملندو، تنهن کانپوءِ گهوٽ ڪنوار ڪجهه وقت لاءِ هڪ تمام سهڻي نموني سينگاريل ڪمري ۾ ويهندا ۽ پوءِ گهوٽ هليو ويندو ۽ ڪنوار کي سندس سهيليون پيون ٺاهينديون جوڙينديون اڄڪلهه شادي ختم ٿيڻ شرط گهوٽيتا ڪنوار وٺيو وڃن. پر اڳ ائين ڪو نه هوندو هو ڇو ته هينئر شادي جي ماني هڪ ويلو ٿئي، پر اڳ ۾ شاديءَ ۾ ٽي وقت ماني کارائبي هئي، رات جي ماني صبح جو ناشتو ۽ ٻنپهرن جي ماني، تنهن کانپوءِ سج لٿي مهل گهوٽيتا، ڳيتن، سِهرن، دُهلن، شَرناين سان ڪنوار کي وٺي ويندا هئا. اڳ ۾ وَنوَا ڪنواريتا ۽ شادي گهوٽيتا ڪندا هئا. پر هينئر شهرن ۾ وَنوَا، مينڌي ۽ شادي ڪنواريتا ڪن ۽ گهوٽيتا صرف وليمون ڪن، اهي رسمون شهرن ۾ رهڻ ڪري خالص هندو رسمون آهن نه ته سنڌي مسلمانن ۾ اڳ ۾ ائين ڪو نه هوندو هو. سنڌي مسلمانن جون سڀ رسمون عربن ۽ مسلمانن جون رسمون آهن. جيڪي اڄ به عربن ۾ سواءِ ڪن تبديلين سان قائم آهن. اڄڪلهه شاديءَ جو ڪاڄ ڪرڻ بلڪل آسان آهي، هر ڳالهه فون تي ٿئي مثلاً:
1. جيولري وارو.
2. ڪپڙن وارو.
3. ماني ۽ ڊيڪوريشن وارو.
4. هال بڪنگ.
5. اسٽيج ٺاهڻ.
6. بيوٽي پارلر وارو.
7. فوٽوگرافر ۽ وڊيو وارو.
8. ڪارڊن ڇپائڻ لاءِ ماڻهوءَ کي رڳو فون ڪري پنهنجي گهر گهرائڻ جي دير آهي. اڄڪلهه ته ماڻهو وڏي تعداد ۾ دعوتون به فونن ۽ موبائيلن تي ڏين ۽ گهوتيتا به شاديءَ کان اڌ ڪلاڪ اڳ هال ۾ پهچن،پر پهرئين شادين جون تياريون مهينا اڳ شروع ٿينديون هيون. ۽ ڪم ڪار ورهائي کڻبا هئا ڪو ڪاڄ جي ڀت لاءِ ڪاٺين جو انچارج ته ڪو ڇنهي جو انچارج، ڇنهون به اڳ پهريائين ٿليون ڪاٺيون کوڙي پوءِ مٿان ۽ پاسي کان لئين جي سنهين ڪاٺين سان ڍڪبو ۽ پاسا ٻڌبا هئا. پوءِ وچئين دور ۾ ڇنهون ٽُوئَن ۽ پکن سان ٺاهبو هو پر هاڻ ته اهڙا شاميانه ۽ تنبو ۽ فرنيچر وجهن جو ان ۾ گهڙڻ سان ائين پيو محسوس ٿيندو آهي جو ڄڻ ته ماڻهو ڪنهن فائيواسٽار هوٽل ۾ داخل ٿي رهيو آهي. باقي خود فائيواسٽار هوٽلن ۾ شادي ته عام ڳالهه آهي نه ته اڳ ۾ ڇنهون، ڪاٺيون، ديگيون راڄن مان گڏ ڪرڻ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ، ڦنڊرون، ڇيلا، ڪم ڪار لاءِ ڍڳي گاڏيون، چرون، سيڌو خريد ڪرڻ ۽ راڄن تائين دعوتون پهچائڻ ۽ خود ڪنهن شاديءَ ۾ پهچڻ وڏو مسئلو هوندو هو. وڏين شادين ۾ ڳائڻ، گهوڙا ڊوڙائڻ ملاکڙو عام ڳالهه هوندي هئي. منهنجي شادي فيبروري 1977ع ۾ اليڪشن دوران ٿي انهيءَ شاديءَ ۾ رئيس محمد يوسف چانڊئي عام جلسن جيان تقريرون ڪري ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اپيل ڪئي. شاديءَ ۾ کاڌي پيتي لاءِ ڦيليون، مٽ، دلا، ڪرا، چليمچيون، ،ڇلون، ناديون راڄ جو ڪنڀار ٺاهيندو هو. جيڪو ان سامان ٺاهڻ لاءِ هڪ پئسو به ڪو نه وٺندو هو، پر آخر ۾ گهوٽيتا کيس مينهن ڏيندا هئا. ائين طُهرن مهل حجام کي به مينهن ڏني ويندي هئي. باقي مڱڻهارن جا ته ونواه، ميندي، شادي، سرگرس لانئون هر وقت پئسا ئي پئسا لڳا پيا هوندا هئا. شادين ۾ وڏي سرنديءَ وارا ماڻهو سنڌ کان ٻاهران به گويا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون گهرائيندا هئا. جيئن لاهور واري بالي ڳائيندي ڳائيندي خيرپور رياست جي راڻي ٿي وئي.
آئون ممبئي ويس ته دادا گوبند سان گڏجي ماسٽر چندر سان به ملڻ ويس تمام گهڻي ڪچهريءَ کانپوءِ پڇيائين توهان جي اوطاق ۾ جيڪو نم بيٺل هو اهو اڃان بيٺو آهي يا نه، مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ڪٿ ممبئي ڪٿ ٻنون ۽ ان ڳالهه کي به ڪئين سال ٿي ويا هوندا، پر کيس ٻني جا ماڻهو ته ٺهيو پر وڻ به ياد آهن. واقعي! مٽيءَ جي محبت جهڙو ٻيو ڪو به رشتو ڪونهي. مونکي پوءِ پاڻ سربستو احوال ٻڌايائين ته آئون ۽ بسنت فقير شرنائي نواز ڪوٽڙيءَ وارو لائقپور ۾ڪنهن ديوان جي شاديءَ تي ڳائڻ لاءِ آيا هئاسين. پوءِ شاديءَ جي ٻي رات مون کي توهان جو والد صاحب ارباب نور محمد ٻني وٺي آيو هو. ۽ اسان توهان جي اوطاق ۾ نم هيٺان سڄي رات راڳ رنگ جي محفل ڪئي هئي. پاڻ ٻڌائين ته اسان لائقپور کان ٻني ٻيڙيءَ ۾ آيا هئاسين، ٻني کانپوءِ هڪ وڏي ٻيڙي جنهن کي ڪٽار ٿي چئون، ان ۾ چڙهي گدو بندر پهتا سين. سانوڻ درياء جي موج مستي ۽ درياء جي ٻنهي ڪپرن تي ٻيلن جي وڏن وڏن وڻن جا ديدار ڪندا درياء ۾ ٻُلَهڻِينِ جا ٺينگ ٽپا ڏسندا اچي پنهنجي منزل تي پهتا سين. اُهي درياهه جون موجون ۽ گجگوڙون جڏهن ياد ٿيون پون ته ويهي درياء شاهه جا بيت جهونگاريندو آهيان. سڄي سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون گهڻو ڪري هڪجهڙيون هونديون آهن پر لاڙ، اُتر، ٿر ۽ ڪوهستان جي شادين جي رسمن ۾ ٿورو فرق به هوندو آهي. اسان جي سڄي تر يعني ٻنون، لائقپور، دڙو، بلڙي شاه ڪريم جي شادين جي رسمن کان اسان جي ڳوٺ سان لڳو لڳ راهوٺ ڳوٺ جون رسمون ڪجهه مختلف آهن. ڇو ته راهوٺ انهن سڀني شهرن ۽ ڳوٺن کان تمام گهڻو قديم آهي جنهن جو سنڌ جي ڪافي پراڻن ڪتابن ۽ تاريخن ۾ به احوال آهي. جنهن ۾ تحفة الڪرام به شامل آهي. اڄڪلهه امير ماڻهن جون شهرن ۾ ٿيندڙ شاديون اسان جي تهذيب ثقافت ۽ ورثي کان بلڪل مختلف آهن. انهن شادين تي سنڌ کان وڌيڪ يوپي، سي پي ۽ دهليءَ جي ثقافت جو رنگ چڙهيل آهي. خاص ڪري ڪنوار شادي جي ڪپڙن ۾ ته ڪنوار صفا هندستاني لڳندي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به اهي قديم رسمون ۽ رواج قائم ۽ دائم آهن.
مون ڏٺو آهي ته شهري ۽ امير سنڌي ماڻهو اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کان پري ٿيندو وڃي. خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ان جي مقابلي ۾ ٻهراڙي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ ٻوليءَ کي قائم رکيو اچن.