مــانــسَــرووَر ڍنــڍ هيءَ تازي پاڻيءَ واري مانسَرووَر ڍنڍ ٿٻيٽ يعني Tibet تبت نالي هماليه جبل جي آزاد علائقي ۾ لاشا (Lasha) نالي ماڳ کان 940 ڪلوميٽر، برابر 580 ميل ڏور آهي. هن ڍنڍ جي اولهه طرف Rakshastal راڪشسِٽل ڍنڍ ۽ سندس اتر طرف ڪئلاش نالي برفاني ٽڪري آهي. مانسَرووَر ڍنڍ 4590 ميٽر يعني 15060 فوٽ سمنڊ جي سطح کان مٿاهين ماڳ تي واقع آهي. هيءَ ڍنڍ شڪل ۾ نسبتاً گول آهي ۽ سندس گولائي 88 ڪلوميٽر برابر 55 ميل آهي. سندس وڌ ۾ وڌ گهرائي 90 ميٽر يعني 300 فوٽ آهي ۽ سندس سطح واري پکيڙ جي ايراضي 320 چورس ڪلوميٽر برابر 120 چورس ميل آهي. هيءَ ڍنڍ قدرتي طور موجود Ganga Chhu گنگا ڇُو نالي واهُڙ وسيلي سندس ويجهي هڪ ڍنڍ، نالي Lake Rakshastal راڪشسٽل سان ڳنڍيل آهي. هيءَ ڍنڍ ستلج درياه جي مهاڙيءَ واري ايراضيءَ جي ويجهي آهي، جيڪو سنڌو نديءَ جو اوڀر طرف کان وڏو ڏاني درياه آهي. برهمپترا ندي، سنڌو ندي ۽ ڪرنالي نديءَ جا مُنهن به هن مانسرور ڍنڍ جي ويجها آهن. ڪرنالي ندي، جنهن کي گهاگهرا ندي به سڏيندا آهن، اها گنگا نديءَ جي هڪ اهم ڏاني ندي آهي. هن ڍنڍ جو نالو مانسَرووَر، سنسڪرت ٻوليءَ جي ٻن لفظن Manas مانس Sarovara سرووَر کي ڳنڍي ٺاهيو ويو آهي. مانس معنيٰ شعور يا عقل ۽ سَرووَرَ معنيٰ ڍنڍ. هندو ڌرم موجب مهاديو برهما، پهرين هن ڍنڍ کي پنهنجي تصور ۾ تخليق ڪيو ۽ پوءِ ان کي معروضي وجود ۾ آندو، تڏهن هيءَ ڍنڍ ڌرتيءَ تي مادي طور ڏسڻ ۾ آئي. هندو عقيدي موجب مانسَرووَر ڍنڍ صفائيءَ، پاڪيزگيءَ ۽ خالصپڻي جي معروضي صورت آهي. جيڪو به شخص هن پاڪ ڍنڍ جو پاڻي پيئندو، اهو مرڻ کان پوءِ مهاديو شِوَ جي رهائش گاه، سرڳ يعني جنت ۾ داخل ٿيندو، ڇو ته سندس هڪ سؤ حياتين جي برابر عرصي ۾ ڪيل سمورا گناه به هن ڍنڍ جي پوتر پاڻي پيئڻ سان معاف ٿي ويندا. ڪئلاش پهاڙيءَ وانگر مانسَرووَر ڍنڍ به هڪڙو پاڪيزه ماڳ ۽ زيارت گاه آهي، جتي هندستان، نيپال، تبت ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جا مذهب پرست ماڻهو، زيارت ۽ عبادت لاءِ سدائين ايندا رهندا آهن. هن ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ غسل ڪرڻ ۽ هن ڍنڍجو پاڻي پيئڻ سان هندو عقيدي موجب انسان جا سمورا گناه معاف ٿي وڃن ٿا. هتي جي زيارت لاءِ سير ۽ سفر جا سدائين بندوبست ٿيندا رهندا آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور ”ڪئلاش مانسَرووَر ياترا“ نالي سير سفر جو پروگرام آهي، جيڪو هر سال منعقد ٿيندو آهي ۽ زيارت ڪندڙ ماڻهو، هڪ قسم جي عبادت طور پنهنجا گناه ڌوئي پاڻ کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ خاطر هن ڍنڍ جي برفاني پاڻيءَ ۾ گهڙي غسل ڪندا آهن. هن ڍنڍ مان ايشيا کنڊ جون چار وڏيون نديون: 1. برهمپترا ندي، 2. ڪرنالي ندي، 3. سنڌو ندي ۽ ستلج ندي وهنديون آهن. انهيءَ ڪري هندو ڌرم موجب هيءَ ڍنڍ هڪ اهم زيارت گاه سمجهي وڃي ٿي ۽ هزارين سالن کان هتي زيارتي ايندا رهندا آهن. هندو مذهب موجب همسا هنس يعني هنج پکيءَ جو اونهاري جي مند ۾ رهڻ وارو ماڳ پڻ هيءَ مانسرور ڍنڍ آهي. هندو ڌرم موجب همسا هنج پکي، سياڻپ ۽ سونهن جي علامت ۽ مقدس پکي آهي. ٻڌ ڌرم ۾ هن ڍنڍ جو لاڳاپو هڪڙي ٻي ڍنڍ سان ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ ڍنڍ کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ Anavatapta اناوتاپت ۽ پالي زبان ۾ Anotatta انوتات سڏيو وڃي ٿو. ٻُڌ عقيدي موجب راڻي ماياوتيءَ کي هن ڍنڍ تي رهندي، گوتم ٻُڌ پيٽ ۾ سرجيو هو. هن مانسَرووَر جي ڪنارن تي ٻُڌ مت جون خانقاهون يا سنياسين جي عبادت جون مڙهيون ٺهيل آهن، جن مان اهم سمجهي ويندڙ خانقاه جو نالو Chiu Gompa Monastary چيو گومپا خانقاه آهي، اها هڪ اڀي ٽڪريءَ تي اهڙيءَ طرح اڏيل آهي، ڄڻ ته ان کي ٽڪريءَ مان ٽانڪي يا کوٽي اڏيو ويو آهي. ٻڌ مذهب ۾ هن ڍنڍ سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ واقعا منسوب آهن. مثلاً گوتم ٻڌ هن ڍنڍ تي ڪيترائي ڀيرا اچي ترسيو ۽ تپسيا ڪيائين. مانسَرووَر ڍنڍ جو ذڪر تبت علائقي جي فڪري ڌارا ۽ رسوم و ورايات ۾ جوڳي جڳهه والاري ٿو. مثلاً هن ڍنڍ کي (The Jewel of Tibet) تبت جو هيرو يا جوهر سڏيو وڃي ٿو. جين ڌرم موجب ڪئلاش مانسَرووَر جو لاڳاپو مهاديو Shri Rishabh Dev سري رشڀ ديو سان ڏيکاريو ويو آهي. اشتاپد جبل، جيڪو ڪئلاش جبل جي ويجهو آهي، اتي شري رشڀ ديو جي پنهنجن ڪروڙين پوئلڳن سان گڏ ڌڻيءَ سان روحاني طور وصال ماڻي ڇوٽڪارو ۽ آنند حاصل ڪيو.