مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

ننگر ٺٽي جون خماريل هوائون

دادا گوبند پنجابي، جنهن جي ڪري مون کي بمبئي ۾ ڪيترن ئي سنڌي ڀائرن سان ملاقات جو موقعو مليو، مثلاً پروفيسر رام پنجواڻي، سندري، اتم، ڪلياڻ آڏواڻي، ٽهلرام آزاد، برصغير جو مهان فنڪار ماسٽر چندر، سندس گهرواري ۽ پڻ ٻين ڪيترن سنڌين سان ملاقاتون ڪرايائين ۽ ڪيتريون ئي تاريخي جڳهيون گهمايائين؛ تنهن کي جڏهن مون هندستان ڇڏڻ مهل سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني ته کلي چيائين ته گذريل ڪيترن سالن کان انهيءَ ڪوشش ۾آهيان ته پاڪستان جي ويزا ملي ته سنڌ ڏسان ۽ پنهنجو پراڻو ماڳ شڪارپور ۽ ڪوئيٽا ڏسان پر اڃا شايد منهنجيءَ انهيءَ تمنا ۾ ايتري سڪ پيدا نه ٿي آهي جو مونکي ويزا ملي.
آئون هندستان مان ٿي آيس، تنهن کي سڄا سارا چار سال گذري ويا پر دادا گوبند نه آيو، هڪ ڏينهن ٻني ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺو هوس ته اوچتو جهوڪ وارو ڪاڪو نٿو مل اچي سهڙيو. خبر چار ڪندي ٻڌايائين ته بمبئيءَ وارو گوبند پنجابي ڪراچي آيو آهي ۽ اوهان لاءِ نياپو ڏنائين ته ڪراچيءَ ۾ آئون سيٺ گابا جي گهر رهيل آهيان. ٻئي ڏينهن تيار ٿي محمد صابر پليجوسان گڏ سندس ڪار ۾ ڪراچيءَ روانو ٿيس. ڪراچيءَ ۾ سيٺ گابا جو گهر اڳ ۾ ئي ڏٺل هوم، تنهن ڪري تڪليف نه ٿي. بنگلي تي سيٺ گابا پاڻ ويٺو هو. جنهن خاطر تواضع ۽ خبرن چارن وٺڻ کان پوءِ ٻڌايو ته دادا گوبند پنجابي کي بمبئي کان آئي ٻه ڏينهن ٿيا آهن پر اڄ صبح جو کيس محبوب ۽ مهتاب محبوب حيدرآباد وٺي ويا آهن. هاڻ توهان کي حيدرآباد ۾ مهتاب محبوب جي جڳهه تي ملندو. اسان ڪراچي مان سڌا انهيءَ وقت حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين. رات جو اٽڪل نوين وڳي حيدرآباد ۾ پهتاسين. مهتاب محبوب جي جڳهه مون پنج سال اڳ ڏٺي هئي. جنهنڪري جڳهه ڳولهڻ مسئلو ٿي پيو. هڪ ته رات جو وقت ٻيو انهيءَ دوران حيدرآباد ۽ خاص ڪري لطيف آباد جتي مهتاب محبوب جي جڳهه هئي سخت سنڌي مهاجر جهيڙا ٿيا هئا ۽ ڪيترا سنڌي حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ شهيد ٿي ويا هئا. هر ٻئي ٽئين ڏهاڙي ڪرفيو هڪ عام ڳالهه ٿي ويئي هئي سو رات جي وقت الله الله ڪري وڃي مهتاب محبوب جي گهر پهتاسين. محبوب، مهتاب محبوب ۽ دادا گوبند اڳئي اسان جي انتظار ۾ ويٺا هئا ڇو ته ڪراچيءَ مان اسانجي رواني ٿيڻ شرط سيٺ گابا کين فون تي ٻڌائي ڇڏيو هو ته عبدالحئي توهان ڏانهن، هتان کان روانو ٿي ويو آهي. دادا گوبند تمام گهڻي سڪ ۽ اڪير سان مليو. بمبئيءَ جي دوستن ۽ اسان جي ڳوٺ وارن جا کوڙ سارا سلام ڏنائين. اڃا اهي ئي حال احوال پئي اوريا سين ته مٿان حميد سنڌي ۽ سائين محمد ابراهيم جويو جن پڻ اچي پهتا. ٿوري دير ۾ ماني به ميز تي رکي ويئي. ماني کائيندي کائيندي رات جا ٻارهن ٿي ويا. اسان ڳوٺ وڃڻ واري ڪئي. محبوب ۽ دادا گوبند گهڻو ئي جهليو ته رات ڪافي ٿي ويئي آهي، حالتون ٺيڪ نه آهن. سو ايڏي دير سان ايڏي لاءِ وڃڻ ٺيڪ نه آهي پر اسان دادا گوبند کان ٻني جو پروگرام وٺي ڳوٺ روانا ٿي وياسين.
هڪ ڏينهن ڇڏي پروگرام موجب اسان ڪراچيءَ پهچي وياسين.اتان سيٺ گابا واري ڪلفٽن واري بنگلي تان دادا کي ساڻ ڪري شام جو ستين وڳي روانا ٿياسين ۽ رات جو ڏهين وڳي ٻني پهچي وياسين ٻني ۽ آسپاس جا دوست جنهن ۾ منهنجي هندستان جي سفر وارو ساٿي ڊاڪٽر راڄو جنهن کي هندستان ۾ ڊاڪٽر راجو Dr Rajoo چوندا هئا. اهو به نظر آيم. ڊاڪٽر گولاڙچي کان خاص هتي دادا جي پروگرام جو ٻڌي آيو هو. سندس پٽ وزير به ساڻس گڏ آيل هو. سمورن ويٺل دوستن دادا جي گهڻي سڪ ۽ پنهجائپ سان آڌر ڀاءُ ڪيو. سمورن دوستن سان گڏ دادا به ماني کاڌي. ڪچهري ۽ رهاڻ جو شوق ته سڀني کي تمام گهڻو هو پر منهنجي ٻڌائڻ تي ته دادا سڀاڻي ۽ سڀان رات به پاڻ وٽ آهي ۽ پرينهن ڪراچي واپس ويندو. اڳ ئي گهڻي سفر سبب ڪافي ٿڪل آهي. سو اڄ رات کيس آرام ڪرڻ ڏيو، وري سڀاڻي صبح حال احوال وٺبس. ائين چئي دادا کي سندس ڪمري ڀيڙو ڪري اسان به وڃي کٽ ڀيڙا ٿياسين.
صبح جو رات وارن ساٿين کانسواءِ ٻين به ڪيترن دوستن، کي دادا جي اچڻ جي خبر پيئي، سي سڀ دادا سان ملڻ لاءِ پهچي ويا. صبح انهن سڀني سان گڏ ناشتو ڪري ۽ کين رات جي مانيءَ جي دعوت عرض ڪري، اسان پروگرام تحت ڏهه ٻارهن دوست ٽن گاڏين ۾ پهريائين بلڙي شاهه عبدالڪريم جي درگاهه لاءِ روانا ٿياسين. جتي پهچي دادا شاهه عبدالڪريم کي نوڙت ڀريو سلام ڪيو ۽ درگاهه جي مجاورن کان شاهه عبدالڪريم جي ڪلام ۽ سندس مقبري ۽ ڪرامتن جي باري ۾ معلوم ڪيو.
پوءِ بلڙيءَ جي شهر جو چڪر هڻندا سمورا ساٿي شاهه شهيد عنايت صوفيءَ جي درگاهه ڏانهن روانا ٿياسين. بلڙي ۽ جهوڪ جي وچ ۾ مفاصلو فقط ٽي ميل آهي. جنهن ڪري اسان چند منٽن ۾ جهوڪ شريف شاهه شهيد جي ماڳ تي پهچي وياسين. جهوڪ ۾ پهريائين درگاهه جي گادي نشين ۽ صوفي علي اڪبر جي پڇا ڪئي سين پر معلوم ٿيو ته ٻئي همراهه حيدراباد ويل آهن ۽ درگاهه مئنيجر، ڪاڪو نٿو مل به ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. پوءِ اسان سڀ درگاهه ۾ شاهه شهيد جي سلام لاءِ حاضر ٿي کيس عقيدت ۽ احترام ساڻ سؤ سؤ سلام ڪندي دعا گهريسين. دادا گوبند اتي مجاورن کان درگاهه بابت ڪافي سوال پڇيا. درگاهه جي ڀر سان مسجد شريف جو ڪم هلندڙ هو. جتي مستري ۽ مزدور ڪم ۾ مصروف نظر آيا. اسان ڪجهه وقت مسجد شريف ۽ درگاهه جو ديدار ڪري پروگرام موجب ميرپور بٺوري روانا ٿياسين. بٺوري ۾ پهريائين ڊاڪٽر عبدالڪريم پليجي ۽ پوءِ غلام حسين رنگريز وٽ وياسين. رنگريز وٽ بٺوري جا ٻيا به ڪافي دوست داداگوبند جو ٻڌي پهتا هئا. اتي ئي غلام حُسين رنگريز سنڌي ادبي سنگت بٺوري پاران ايندڙ ڏينهن تي دادا سان رهاڻ جي دعوت کيس ڏني. دادا اها شڪرئي ساڻ قبول ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن ڏهين بجي اچڻ جو واعدو ڪيو. مون ٻني ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت رنگريز کي عرض رکي ۽ کيس سنڌ جي سٺي راڳيندڙ علي محمد خاصخيلي ۽ سندس پٽ الهڏني کي به ساڻ آڻن لاءِ عرض ڪيو، جيئن ته رات جو راڳ جي محفل ڪريون.
اسان اتان موڪلائي بٺوري شهر جو چڪر لڳائيندا ۽ واٽ مان دڙي شهر مان مختصر خريداري ڪندا شام ڌاري واپس ٻني پهچي وياسين. پروگرام موجب اسان ٿوري دير ۾ چانهه پيئڻ کانپوءِ ٻني شهر ڀرسان پڃاريءَ واهه واري قديم ڦاٽ مان ٿيندا، مولچند ٻيلي جو چڪر لڳائيندا اچي سنڌو نديءَ جي ڪناري ڀيڙا ٿياسين. ڪلاڪ کن درياهه جو سير ڪري واپس پنهنجي جڳهه تي پهتاسين. دادا گوبند سنان ڪري، ڪپڙا بدلائي ٻاهر اچي ويٺو جتي ٻيا سڀئي سفر جا ساٿي سڄي ڏينهن جي مسافريءَ ڪري ٿوري دير آرام ڪري وري تازا توانا ٿي اڱڻ ۾رات جي محفل لاءِ رکيل ڪُرسين تي پنهنجي پنهنجي جڳهه والاري ويهي رهيا. رات جي ماني ۽ راڳ جي محفل لاءِ جن دوستن کي عرض ڪيل هو سي پڻ آهستي آهستي اچڻ لڳا جن ۾ گولاڙجي، بٺورو، در ملوڪ شاهه، دڙو، بلڙي شاهه ڪريم، قادر ڏنو شاهه، اسماعيل پليجو ۽ ٻني شهر جا ڪافي دوست ۽ مهربان شامل هئا.
غلام حسين رنگريز پڻ سڄي ساري سوزوڪي مهربان دوستن ۽ فنڪارن سميت ڀري پوري ٽائيم تي ٻني پهچي ويو. ريڊيو ۽ ٽي وي جا فنڪار علي محمد خاصخيلي، الهڏنو خاصخيلي ۽ ماسٽر محبوب علي خاصخيلي ۽ مقامي فنڪارن ۾ استاد گلشير خاصخيلي راڻو مير بحر، ملهار لاشاري ۽ بهادر مڱڻهار شامل هئا. ٻني جي نمن جي ٻُور جي سرهاڻ ۽ بوگن ولا ول جي هزارين ڳاڙهن، اڇن ۽ گلابي گهاٽن گلن جي ڇڳن به انهيءَ رات دادا کي جهومي ڀليڪار ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت هن سرهي محفل جي شروعات دادا جي اجازت ساڻ ٿي. راڳ رهاڻ جي هيءَ حسين محفل ساڍي اٺين وڳي شروع ٿي ۽ رات جو ٻه وڳي پوري ٿي. سڀني فنڪارن پاڻ ملهايو، هر ڪنهن پنهنجي وس آهر ڪا به گهٽتائي ڪا نه ڪئي ۽ محفل جي سامعين کان خوب داد وصول ڪيو، جيئن جيئن رات ماڪ ۾ ٺرندي ويئي تيئن تيئن ماسٽر محبوب جي آواز ۾ سوز ۽ مٺاڻ وڌندو ويو. محفل جي پڄاڻيءَ تي بهادر مڱڻهار الغوزي تي راڻو وڄائي سمورن جي دل موهي محفل کي ائين مست ڪري ڇڏيو ڄڻ ته سڀني تي اڻپيتي نشي جا کيپ چڙهي ويا هجن ۽ اهڙي طرح هن راڳ رهاڻ جي پڄاڻي ٿي.
ماني کائي ڪي دوست ترسي پيا ۽ ڪي واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا. صبح جو ننڊ مان اٿڻ تي دل ئي نه پئي چاهيو پر دادا جو سڄي ڏينهن جو پروگرام اڳ ۾ ئي تيار ٿيل هو.تنهن ۾ تر برابر به گهٽ وڌائي جي گنجائش نه هئي سو تيار ٿي ناشتو ڪري سڄي ٻني شهر جو دادا گوبند کي سير ڪرائي خاص ڪري سندس دوست ڪُندن ٽيڪواڻيءَ جي اڳوڻي جڳهه وارو هنڌ جتي هينئر به هڪ هندو ڀاءُ رامچند جو گهر آهي، اتي سندس فوٽو گراف ڪڍرائي شهر وارن کان موڪلايو. ان مهل سنڌي روايت مطابق ادا غلام رسول، سندم ڀاڻيجي ڊاڪٽر عبدالڪريم ۽ بين شهر وارن دادا گوبند کي اجرڪون پهرايون تنهن کان پوءِ هي قافلو دادا سان گڏ دڙو لائقپور روڊ کان ٿيندو ميرپور بٺوري، جتي دادا جي مان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو پاران آجياڻو منعقد هو، اُتي پهتو ته ادبي سنگت ۽ ميرپور بٺوري جي معزز شهرين سندس مان ۽ مرتبي مطابق هنجو کليءَ دل سان زبردست استقبال ڪيو.اهڙي پيار ۽ پاٻوهه سان ڀليڪار ڏسي دادا گوبند جون اکيون به آليون ٿي پيون. اسٽيج سيڪريٽري غلام رسول پرهياڙ جڏهن دادا گوبند کي مٿي اچي اسٽيج تي ويهڻ لاءِ گذارش ڪئي تنهن مهل هال ۾ موجود سمورن سڄڻن اٿي بيهي تاڙيون وڄائي سندس مرحبا ڪئي. تاڙين جي گونج ڳچ گهڙيون جاري رهي جنهن دؤران دادا گوبند هٿ ٻڌيو سڀني جا ٿورا مڃيندو رهيو. حاضرين جي چهرن تي پيار ۽ پنهنجائپ وارو منظر ڏسڻ وٽان هو. دادا گوبند جي ويهڻ بعد ئي سمورا ساٿي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويٺا. دادا سنڌي ٻوليءَ جو وڏو اديب آهي. هن ورهاڱي کان به اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ اڃا به لکندو اچي. کيس ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترا ڀيرا ايوارڊ ۽ انعام به مليا آهن. پاڻ 1947ع کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌ آيو ۽ هتي سڄيءَ سنڌ ۾ کيس زبردست مڃتا ملي ۽ سندس مان ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي يادگار ادبي تقريبون ۽ محفلون منعقد ڪيون ويون. انهن جو احوال اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. هيءَ تقريب سنڌ جي ڄاتل ۽ مڃيل سنڌي ادبي سنگت جي بٺورو شاخ طرفان رٿيل هئي. سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽدري محترم غلام حسين رنگريز جيڪو سنڌ جو مڃيل اديب ۽ دانشور آهي، اهو پڻ هن بٺوري واري شاخ سان واڳيل آهي. هن آجياڻي جي شروعات سڀ کان اول اجرڪن پهرائڻ واري رسم سان ٿي. سنگت بٺوري طرفان غلام رسول پرهياڙ، خواجه اعجاز ۽ شهرين طرفان گرمک داس اجرڪون اوڍايون. دادا کي اجرڪ پهرائڻ وقت، هر اجرڪ پهرائيندڙ جي، دادا وٽ پهچڻ ۽ کيس اجرڪ اوڍائڻ تائين تاڙين جي گونج سان آجيان ڪئي ٿي ويئي.
اجرڪن پهرائڻ جي تقريب کانپوءِ غلام حسين رنگريز سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل طور تقرير ڪئي. پهريائين دادا گوبند جو تعارف ڪرايائين. انهيءَ کانپوءِ سندس ڪيل ادبي ڪارنامن کان واقف ڪرايائين. کانئس پوءِ قاسم پٿر، اعجاز خواجه، پرويز ميمڻ، سائين اڪبر شاهه ۽ ٻين ڪيترن دوستن تقريرون ڪري دادا گوبند پنجابيءَ جي سنڌ اچڻ تي کيس ڀليڪار چئي ۽ سندس ادبي خدمتن جي مڃتا ڏني.
هتي دادا گوبند اعلان ڪيو ته هو هاڻي پنهنجي نالي پويان ’پنجابي‘ نه پر ’سنڌي‘ لکندو. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان مهمانن کي ٽي پارٽي ڏني ويئي، جنهن کانپوءِ دادا ۽ سندس قافلي جا سڀئي ساٿي بٺوري جي دوستن کان موڪلائي اڳتي روانه ٿيا. پهريائين دادا جو هي قافلو سنڌ جي قديم ۽ سرمد جي محبوب اڀيچند جي شهر ننگر ٺٽي پهتو ته مون کي اياز جو شعر:
”ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،
ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون.“
۽ دکن جي درٻار جي شاعر عثمان جو هي شعر دکني زبان ۾ ياد اچي ويو جيڪو هن پنهنجو مثنوي ”چتراولي“ ۾ ٺٽي شهر جي سونهن کان متاثر ٿي لکيو هو.
مطلب ته ٺٽو ننگر هيري جهڙو خوبصورت آهي منجهس سارين جون سايون پوکون، هرڻ ۽ ڪشادا ۽ سهڻا جهنگل موجود آهن.
ٺٽي شهر جي قدامت ۽ سونهن جي باري ۾ ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن پر آئون هتي صرف ٻه حوالا ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. هڪ ته تازو سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي سڀني شهرن ۾ مون کي ٺٽو ٿو وڻي پاڻ چئي ٿو ته جيڪر صحت ٺيڪ هجي ها ته گهر ٺهرائي وڃي ٺٽي ۾ رهان ها. ٻيو واقعو هن ريت آهي ته دارا شڪوه جڏهن سندس پيءُ شاهجهان سان ڪاوڙ جي ٺٽي آيو هو ته (بقول صاحب مقالات الشعرا) کيس ٺٽو نه وڻيو ۽ هڪ دروازي کان ٿيندو، ٻئي دروازي کان هليو ويو. قاضي ابراهيم ٺٽوي سندس مصاحب هو. تنهن کي حڪم ڏنائين ته ٺٽي کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. حاڪم جي حڪم جي بجا آوري خاطر گهاٽ واري پاسي، ڪجهه ڀونگين کي باهه ڏني ويئي. مير علي شير قانع جي دؤر تائين انهي باهه جا نشان موجود هئا ۽ عرف عام ۾ انهيءَ جڳهه کي ”سوخته گهاٽ“ يعني سڙيل پتڻ سڏيندا هئا.
29 مئي 1658ع تي سامو ڳڙهه جي ميدان جنگ ۾ جڏهن دارا شڪوه شڪست کاڌي ۽ پاڻ زنده بچي ويو تڏهن هن ٺٽي ڏانهن منهن ڪيو.
اورنگزيب سندس پٺيان صف شڪن خان، دلير خان ۽ شيخ مير جي ڪمان هيٺ پندرهن هزار فوج سميت دارا جي گرفتاريءَ لاءِ روانو ڪيو. دارا شڪوه مختلف شهرن کان ٿيندو، آخر 13 نومبر 1658ع تي ٺٽي پهتو. اتي ٺٽي جي باري ۾ نه معلوم ته ڇا سوچيو هوندائين ته هي اهو سندس ساڙايل شهر ٺٽو آهي يا ڪو ٻيو ٺٽو؟ بهرحال پاڻ نيٺ بولان ويندي 9 جون 1659ع تي ملڪ جيوڻ جي هٿان گرفتار ٿي دهليءَ لاءِ روانو ٿيو. ۽ اڄ هي اسان جو قافلو دادا گوبند جي سربراهيءَ ۾ قديم تاريخي جڳهين جي سير لاءِ مڪليءَ پهتو مڪلي، کير ٿر جبل جي هڪڙي تمام پري واري ٽڪريءَ جو ٽڪرو آهي جيڪا اتر کان ساموئي وٽان شروع ٿي ڏکڻ طرف يارهن ميل هلي ڪلان ڪوٽ وٽان ٿيندي پير پٺي وٽ ختم ٿئي ٿي. مڪلي جي چاڙهيءَ وٽ مڪلي کي ڪراچي ويندڙ رستو ڪٽي ٻه اڌ ڪري ٿو. ڏاکڻي اڌ ۾ عيد گاهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابو قاسم نقشبندي، مخدوم آدم، سيد محمد يوسف بکري، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جون قبرون آهن. انهيءَ پاسي ڇيڙي تي ڪلان ڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ ڦٽل عمارتن جا آثار موجود آهن. اترئين حصي ۾ ترخانن جا مقبرا، مغلن جون رانڪون ۽ هُجرا آهن. سراُتر جي ڇيڙي تي ڄام نظام الدين، دولهه دريا خان، ڄام تماچي ۽ ٻين سمن حاڪمن جا مقبرا آهن. انهيءَ طرف جامع مسجد مڪلي، پير مراد، شيخ جيئو، حماد جمالي، عيسيٰ لنگوٽي، مراد پليجو (مڪلي نامون صه 703) ۽ شڪرالاهي سيدن جا مقبرا ۽ قبرستان آهن. اسان به سنڌ جي انهيءَ ڇهن سو ورهين جي تاريخي جڳهه مڪلي جو سير ڪيو.