مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

قـرطـبـه خـلافـت جـو عـروج

جڏهن عبدالرحمان ٽئين پنهنجي ڏاڏي کان پوءِ اسپين ۾ اسلامي حڪومت جون واڳون سنڀاليون تڏهن هو فقط 23 سالن جو ڳڀرو جوان هو ۽ سندس رياست پنهنجي وسعت ۽ قوت وڃائي فقط راڄداني قرتبه ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن تائين محدود ٿي وئي هئي پر، هن نو عمر اميرالمؤمنين پنهنجي رياست جي اصل وسعت، شان ۽ شوڪت ٻيهر حاصل ڪري پاڻ کي وقت جو عظيم ۽ ڪامياب حڪمران ثابت ڪري ڏيکاريو ڇو ته هن ۾ مستقل مزاجي، جرئت ۽ شجائت واريون حقيقي خوبيون قدرتي طور تي اڳ ۾ ئي موجود هيون جيڪي ڪنهن ڪامياب ۽ عظيم حڪمران لاءِ نهايت ضروري هونديون آهن.
هن ڌيري ڌيري پر نهايت يقين محڪم سان پنهنجي رياست جا سمورا وڃايل علائقا ۽ صوبا ٻيهر حاصل ڪيا. اهڙيءَ طرح هن هر طرف فتوحات حاصل ڪيون ۽ سن 912ع کان 961ع تي مشتمل اڌ صديءَ جي طويل عرصي تائين خوش اصلوبيءَ سان حڪومت ڪئي. ايسيجا Ecija وارن ته سندس حڪومت جي پهرئين سال جي آخري ڏينهن تي آڻ مڃي. ايلويرا وارن پڻ ايسيجا وارن جي تقليد ڪندي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ جين وارن به ڪو مقابلو ڪو نه ڪيو. آرڪيڊونا وارن ڏن ڏيڻ قبول ڪيو. ڏورانهين صوبي سيول سن 913ع ۾ خليفي لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا.

ريگيو Ragio وارن جي پهاڙي جهان پناهه سبب مضبوط مزاهمت به آهستي آهستي گهٽائي ۽ ختم ڪئي وئي. باقي فقط ٽوليڊو Toledo وارن جي ارڏائي برقرار هئي اهي به سن 932ع ۾ ڏڪار ۽ مُحاصري سبب پيش پيا، اهڙيءَ ريت سموري اصل وسيع رياست تي اسلامي حڪومت بحال ڪئي وئي ۽ انهيءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون.
انهيءَ سموري عرصي دوران ڌارين عسڪري طاقتن جو خطرو برقرار رهيو. انهن ۾ ڏکڻ طرف فاطمي مسلمان حاڪم ۽ اتر ۾ ليئن Leon وارا عيسائي بادشاهه وڌيڪ طاقتور ۽ خطرناڪ دشمن موجود هئا. 909ع ۾ تيونس ۾ فاطمي گهراڻي جي حڪمراني قائم ڪندڙ بادشاهه عبيدالله المهدي ريگيو واري دشمن حڪمران ابن هفسون سان سازباز ڪري قرتبه جي حڪومت ۾ پنهنجا جاسوس موڪليا هئا ۽ قرتبه شهر جي هڪڙي فيلسوف کي عبدالرحمان جي خلاف سازش ۾ شامل ڪيو. انهيءَ صورتحال جي پيشنظر عبدالرحمان ڪيوٽا Ceuta ۽ ان سان متصل علائقن تي قبضو ڪري بربري ساحل تي آباد سرڪش حڪمرانن کان ڏن وصول ڪيو. عبدالرحمان پنهنجي بحري ٻيڙي کي رومي سمنڊ ۾ طاقتور ترين بحريه بنائي ۽ ان جو مکيه بندر الميريا هو. فرانس ۽ اسپين جي اسلامي حڪومت جي وچ تي باسڪو Basques جو عيسائي حڪمرانن جو علائقو حائل هو. جيڪي دائمي طور اسلامي رياست جي مد مقابل رهيا. اوڀر طرف تي نواري ۽ اريگن جا مخالف ملڪ پڻ موجود هئا. اهي سمورا ملڪ اسلامي ملڪن جي باهمي اختلافن مان ناجائز فائدو وٺندي انهيءَ تي وقتاً فوقتاً حملا ڪندا رهندا هئا. ليئن جو بادشاهه آرڊونو ثاني عبدالرحمان جي هڪڙي سالار کي قيد ڪري سين ايسٽيبان ڊي گورمز نالي سرحدي قلعي جي ديوار تي ڪلن سان مارائي ڇڏيو. انهيءَ سالار مذڪور قلعي جو محاصرو ڪيو هو.
سن 920ع ۾ عبدالرحمان خود فوجي اڳواڻي ڪندي انهيءَ قلعي سان گڏ دشمن جا بيا به ڪيترائي مضبوط ڳڙهه تباهه ڪيا ۽ ليئن ۽ نواري عيسائي ملڪن جي بادشاهن آرنوڊو ۽ سينڪو جي لشڪرن کي للڪاري کين سخت شڪست ڏيئي اسلام کي سر بلند ڪيو.
عبدالرحمان پنهنجي باقي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ امن امان ۽ نظم و ضبط قائم ڪيو ۽ ڪيترائي انتظامي سُڌارا آندا. انهن ۾ سندس نمايان ڪارنامو 16 جنوري 929ع وارو سندس فرمان آهي. جنهن تحت هن پاڻ کي اميرالمؤمنين بدران دين الاهيءَ جو محافظ خليفو سڏائڻ شروع ڪيو. سن 939ع ۾ ليئن ملڪ جي بادشاهه راميرو ۽ نواري ملڪ جي راڻيءَ جيڪي عيسائي هئا، عبدالرحمان جي لشڪر تي اُلهندي گهاٽ وٽ هڪڙو خطرناڪ فوجي حملو ڪيو، جيڪو عبدالرحمان جي 27 ساله دور حڪومت ۾ عيسائين جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ حملو هو. جنهن سبب بادشاهه پنهنجي جان بچائي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ترت ئي پوءِ هنن کي ماري مات ڪيائين، جنهنڪري نواري جي راڻي ٽوٽا پنهنجي پٽ ۽ پوٽي سميت عبدالرحمان جي دربار ۾ اچي حاضر ٿي ۽ علاج معالجي ۽ پنهنجي پوٽي جي تخت نشينيءَ لاءِ مدد لاءِ عرض ڪيو. انهيءَ وقت عبدالرحمان جي حڪومت عروج تي هئي، جنهن جو حڪم ايبرو کان ايٽلانٽڪ ۽ فِرينچ پائرينيز کان جبل الطارق تائين نافذ هو. پوري يورپ ۾درٻار جي عظمت جو چرچو هو. اسلامي اسپين جي گاديءَ جي هنڌ قرتبه ۾ انهيءَ وقت پنج لک انسان آباد هئا. شهر ۾ ست سؤ مسجدون ۽ ٽي سؤ حمام موجود هئا ۽ هن شهر سان فقط مسلم شهر بغداد ۽ قسطنطنيه مشابهه هئا.
شاهي محل ۾ ڪُل چار سؤ ڪمرا ٺهيل هئا. اهو شهر جي اتر اولهه ڀاڱي ۾ هڪڙي ٽڪريءَ تي اڏيل آهي. بادشاهه اهو محل سن 936 ۾ اڏائڻ شروع ڪيو هو. جنهن تي خرچ ڪيل رقم سندس داشته جي ملڪيت هئي.
هن جو اول ۾ خيال هو ته انهيءَ رقم عيوض عيسائي حڪمرانن وٽ قيد مسلمان آزاد ڪرائجن پر جڏهن اهڙن قدين بابت جڏهن خبر ڪا نه پئي ته هن سندس ٻي داشته جي صلاح موجب اهو محل اڏائڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ تي انهيءَ داشته زهره جو نالو رکيو.

هن محل ۾ ڪم آيل سنگمرمر نيو ميڊا ۽ ڪار ٿيج کان گهرايو ويو.
ڪالم ۽ بيسبن قسطنطنيه مان تحفي طور مليا. انهيءَ کان سواءِ ڏهه هزار مزورن ڏيڍ هزار بار ڍوهيندڙ جانورن سان گڏ سانده ڏهه سالن تائين پورهيو ڪيو بعد ۾ هن محل ۾ پوءِ وارن حڪمرانن به توسيع ۽ تزعين ڪرائي هئي.
سن 1910ع ۽ ان کانپوءِ هن محل جي کوٽائي ڪرائي وئي هئي. الزهره جي هن شاهي محل ۾ بادشاهه پنهنجي 3750 محافظن ساڻ چڪر لڳائيندو هو. جتي سندس سلاميءَ واسطي هڪ لک لشڪر حاضر بيٺو هوندو هو.
عبدالرحمان جي دؤر حڪومت ۾ اسپين جي اسلامي رياست ۾ زراعت ۽ تجارت ٻنهي اقتصادي شعبن ۾ خاطر خواه ترقي ٿي جنهن سبب پيدائش وڌي ۽ سرڪاري محصول ٻاهٺ لک پنجيتاليهه هزار دينارن کي وڃي پهتو. هن سرڪاري آمدنيءَ جو ٽيون حصو فوج تي خرچ ڪيو ويندو هو ۽ ٽيون حصو عام ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪبو هو ۽ باقي رقم بيت المال ۾ جمع هوندي هئي. اسپين ۾ اسلامي رياست جنهن کي اندلس سڏيندا هئا. ۽ سندس دارالخلافه قرتبه اُنهيءَ وقت کان اڳي اُن عروج تي ڪونه هئا. اهو سڀ ڪُجهه فقط هڪڙي فرد يعني بادشاهه عبدالرحمان ٽئين جي عقل ۽ عمل جو نتيجو هو جيڪو 73 ورهين جي طويل عمر ۾ گذاري ويو. پڇاڙيءَ ۾ سموري حياتي ۾ خوشي جا کيس فقط چوڏهن ڏينهن نصيب ٿيا.