مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

عـراق تـي آمـريـڪـا جـو حـمـلـو

سنڌ تي عربن جي حملي بابت تاريخ ۾ لکيل آهي ته سيلون مان ڪئين ڪنيزون ٻيڙن ۾ خليفي جي خدمت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڃي رهيون هيون ته رستي ۾ ويندي انهن عورتن جي ٻيڙن تي سنڌ ۾ حملو ٿيو، ۽ انهن عورتن آهه و پڪار ڪئي جيڪا خليفي ٻڌي ۽ پنهنجي لشڪر کي انهن کي بچائڻ لاءِ موڪليو جن اچي سنڌ فتح ڪئي پر جنگ کانپوءِ جيڪي به تاريخون لکيون ويون انهن ۾ ڪٿي به انهن عورتن جو ذڪر ڪو نه ٿو ملي ته هيتري ساري فوج جيڪا انهن عورتن کي بچائڻ لاءِ ڪٿان کان سنڌ پهتي تنهن انهن عورتن جو ڇا ڪيو. سو هينئر به بظاهر ته آمريڪي فوجون عراق ۾ مُهلڪ ڪيميائي هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ آيون آهن پر ٿيندو ائين جو اهي ڪيميائي هٿيار پيٽرول جي خزاني ۾ گم ٿي ويندا.
مون 30 مارچ 2003ع جي ڪاوش ۾ پنهنجي ڪالم ۾ لکيو هو ته عراق کان پوءِ ايران، شام ۽ پاڪستان جو وارو ايندو ۽ ان لاءِ انهن ملڪن کي هينئر کان ئي ڪا جامع ۽ مضبوط حڪمت عملي جوڙڻ کپي. ان ئي ڏينهن جي اخبار ۾ ايران ۽ شام جي حڪومتن لاءِ ڌمڪيون ۽ پاڪستان جي ايٽمي پلانٽ سان هر قسم جي ڏيتي ليتي تي آمريڪي پابنديءَ جون خبرون به نمايان طور تي ڇپيون. آئون ڪو جنگي تجزيه نگار ڪو نه آهيان جو دعويٰ ڪريان ته منهنجو تجزيو صحيح ثابت ٿيو پر، جيڪو ماڻهو پڙهي ۽ پروڙي ٿو سو اها ڳالهه سمجهي سگهي ٿو ته هاڻ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪرڻ وڃي رهيون آهن. ڏاهن جو اندازو هو ته ملڪ جي سٺ سيڪڙو شيعا آبادي پنج سيڪڙو عيسائي آبادي ۽ پندرهه سيڪڙو ڪرد باقي بچيل عرب سني آباديءَ جي حڪومت جي خاتمي لاءِ آمريڪي فوجن کي اڇا جهنڊا کڻي، گلن جا هار پارائي، ٽئنڪن تي ٿڌا مٺا شربت پياري استقبال ڪندا ڇو ته افغان جنگ ۾ آمريڪا اتر اتحاد معرفت افغانن کي ورهائي ۽ پنهنجي منظور نظرن کي حڪومت ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر عراق ۾ سندن سڀ تجربا، اندازا ۽ دليل غلط ثابت ٿيا ۽ هيتري ساري فوج ۽ هٿيارن هوندي به منجهي پيا آهن ۽ ڪيترا دفعا هڪ ٻي تي حملا ڪري ڪيترو جاني نقصان ڪيو اٿن.
آئون سمجهان ٿو ته بغداد آمريڪا لاءِ ائين ثابت ٿيندو جيئن ٻي عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ لاءِ اسٽالن گراڊ، ڇو ته عراق ۾ عراقي فوج سان گڏ عراق جو عوام جنگ ۾ وڏي دليريءَ سان آمريڪا جي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيو آهي جنهن ۾ مرد هٿياربند، عورتون علمبردار ۽ ٻار پر اميديءَ سان پنهنجي وطن جي عزت ۽ ناموس لاءِ شان مان سان سِر تي ڪفن ٻڌي موت جي پرواهه ڪئي بغير شهرن ڳوٺن ٻنين ٻارن گهرن گهٽين ۾ وڙهي پنهنجي بهادري ۽ وطن سان محبت جو اڻ موٽ ثبوت ڏيئي رهيا آهن جنهن آمريڪين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن ۽ سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته هي جنگ برابري ۽ سراسري جي نه پر دنيا جي واحد سپرپاور جي آهي جنهن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان دنيا ڪنبي رهي آهي ته ٻئي پاسي اهو ملڪ چئجي ها پر هت ته هڪ جي مقابلي ۾ سؤ جي تناسب جو تفاوت آهي، آمريڪا ته پري ٿيو پر سندس منظور نظر اسرائيل سان به عربن جا ٽي اهم ملڪ مصر شام ۽ اردن چند ڏينهن به جنگ وڙهي نه سگهيا ۽ اڃا تائين شام جو ڪيترو حصو اسرائيل جي قبضي هيٺ آهي سو عراق جي عوام جو آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائڻ جو ڏسي دنيا حيران ٿي وئي آهي نه ته جنگ کان اڳ آمريڪا جي وزير دفاع آمريڪي ڪانگريس کي يقين ڏياريو هو ته هن جنگ ۾ صرف ستر هزار آمريڪي فوجون هڪ ٻن ڏينهن ۾ بنا ڪنهن جاني نقصان جي سڄي عراق تي قبضو ڪري وٺنديون پر اڄ عراق جي سر زمين تي ٽي لک اتحادي فوجون موجود آهن ۽ هڪ لک ٽيهه هزار وڌيڪ فوج روانو ٿيڻ شروع ٿي ويئي آهي ۽ رَمسفِيلڊ تي ملڪ ۾ ڇتي تنقيد شروع ٿي ويئي آهي ته جنگ جو غلط اندازو لڳائڻ جي ڪري آمريڪا کي دنيا ۾ وائکو ٿيڻو پيو هيترا سارا جهاز هيليڪاپٽر ۽ ٽينڪون تباهه ٿيون ۽ ڪيترا آمريڪي فوجي مئا ۽ گرفتار ٿيا باقي رهيو آمريڪي وزير خارجا ڪولن پاول، ان جو ميڊيا تان گم ٿيڻ به گهڻن سوالن کي جنم ڏئي ٿو. ايڏن ڌچڪن کانپوءِ اڃا به جنگ جي ميدان ۾ جيڪڏهن ٽي هزار آمريڪي فوجون پنهنجون جانيون وڃائين ته جنگ ۽ طويل بيٺڪ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪجهه وقت به پير ڄمائي نه سگهندا.
آزاد ميڊيا جا چميپئين سڏائيندڙن کي جڏهن پنهنجا فوجي گرفتار ٿيندي ۽ انهن جي لاشن جون تصويرون نظر آيون ته الجزيره ٽي وي کي ڌمڪايو ويو ته اهو ميڊيا ۽ انساني قدرن جي خلاف آهي ۽ ان جا اگرا نتيجا نڪرندا ڪيڏانهن وئي آزاد ميڊيا ۽ ڪيڏانهن وئي غير جانبداري! بقول رضا علي عابدي، جيڪو پنجويهه سال BBC اردو سان وابسته رهڻ کانپوءِ به چوي ٿو ته غير جانبداري نالي سان ڪا شيءِ دنيا ۾ ٿئي ئي ڪو نه، باقي متوازن خبرن هلائڻ کي ديانتداري ڪوٺي سگهجي ٿو.
اڄ ڪلهه هڪ ٻيو موضوع به ڏاڍو بحث هيٺ آهي ته صدام ته خود وڏو ظالم آهي ۽ عراقي شيعن جو ۽ ڪردن جو وڏو قاتل آهي. اهي ٻارهن چوڏهن سال پراڻيون حقيقتون اڄ ياد پيون اچن. واقعي حاڪميت ۽ دولت وڏيون بي رحم شيون آهن جن جي حصول لاءِ اصولن جي لتاڙ ڪرڻي ٿي پوي ۽ دولت جي ڍڳ ۽ حڪومت جي ڪرسيءَ ڏانهن ڪابه چڱائيءَ جي واٽ ڪانه ويندي آهي. غير جمهوري پٺتي پيل ملڪ ته پري ٿيا خود آمريڪا ۾ گذريل صدارتي اليڪشن ۾ ڇا ٿيو الگور ۽ بش جون رزلٽون هر لمحي هڪ نئين اعتراض سان ڪورٽن ۾ چيلينج ٿيون ۽ نيٺ تيل جي وڏين ڪمپنين ميدان ۾ لهي پنهنجا تماشا ڏيکاريا ۽ تيل سان لڳاپيل ليڊرن کي حڪومت ۾ آندو. سو سائين صدام به نيٺ واقعي حاڪم آهي ان به وڏا ظلم ڪيا هوندا خود ايران عراق جنگ ۾ آمريڪا جي اشاري تي ميدان ۾ لٿو پر اڄ صورتحال مختلف آهي. پاءَ صدي پراڻي ڳالهين جا فيصلا اڄ ڪو نه ٿيندا ۽ پوءِ جيڪڏهن صدام ملڪ بدر ٿي هليو به وڃي ته آمريڪي فوج عراق جو تيل ڇڏي واپس هرگز ڪو نه ويندا ۽ صدام جي جڳهه تي عراق جي عوام جي اڳواڻي ڪرڻ وارو ڪير به ڪو نه هوندو پوءِ انهي صورتحال ۾ صدام حسين جو قوم لاءِ ڀڄڻ صحيح ٿيندو يا فوج ۽ قوم جي ڪمان سنڀالي آخر ۾ سر ڏِيَڻ قبول ڪرڻ صحيح فيصلو هوندو.
عراق جي قيادت ۽ عراقي عوام جنهن بهادري سان آمريڪن فوجن سان وڙهي رهيو آهي انهي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي آئون سمجهان ٿو ته بغداد ۾ ٻنهي ڌرين جي وڏي رتوڇاڻ ٿيندي جيڪو شايد هلاڪو جي حملي جي ياد تازي ڪري ڇڏي هن جنگ ۾ جيئن ته اقوام متحده کي بي اثر ۽ نظر انداز ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هاڻ اقوام متحده به پنهنجي حيثيت وڃائي ويهندي ۽ دنيا ۾ آمريڪا پنهنجو نيو ورلڊ آرڊر هلائيندو، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي جنهن جا تمام خراب سياسي ۽ معاشي اثر سڄي دنيا تي پوندا.