ڀـنـڀـور يـاد ديـبـل بـنـدر
ڀنڀور جي کوٽائي 1930ع ۾ اين جي مجمدار جي ڏينهن ۾ شروع ٿي، تنهن کانپوءِ 1951ع ۾ مسٽر ليزلي الڪاڪ جي ڏينهن ۾ ٿي. انهيءَ کانپوءِ وري ڊاڪٽر ايف اي خان جي دؤر ۾ قديم آثارن جي کاتي 1958ع ۾ ان جي کوٽائي شروع ڪئي جيڪا 1963ع تائين جاري رهي.
يوناني جاگرافيدان بطيلموس جنهن سڀ کان پهريائين دنيا جو نقشو ٺاهيو هو، تنهن پڻ انهيءَ نقشي ۾ ڀنڀور کي ’باربريڪ ايمپريم ‘Barbarik Emporium ڄاڻايو آهي. جنهن جو مطلب آهي: واپار جي وڏي مارڪيٽ يا منڊي.
ايڇ ڊبليو اسڪوف (H.W. Schoff) سندس خيال ظاهر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ٻي صدي عيسويءَ جو برک جاگرافيدان ايلان پڻ ڀنڀور کي باربرڪ جي نالي سان سڏيو آهي
ڀنڀور جي واپار جي باري ۾ ”تاريخ تمدن سنڌ“ جو ليکڪ مولائي شيدائي چوي ٿو ته ڀنڀور هڪ تمام وڏو تجارتي مرڪز هو. جتان دنيا جي ڪيترن ملڪن سان واپار ٿيندو هو. هتي باقاعده ڪسٽم ورتو ويندو هو، جنهن کي گمرگ چئبو هو. مال جي روانگي وقت پنجوڻ جيترو معصول وصول ڪيو ويندو هو. ڀنڀور بندر تان ڪوڪن ملبار (سلون) سري لنڪا، ڪارومنڊل، ايراني نار، سوراشٽر، مشرقي ٻيٽن، چين، حضرالموت، مصر فنيقي، ڪلداني ۽ هندستان سان غورابن وسيلي وڏي پيماني تي واپار ٿيندو هو. انهن ملڪن ڏانهن، سنڌ مان جيڪو مال ويندو هو، تنهن مان ڪجهه جنسن جا نالا هي آهن: هيرا جواهر، سنگ مرمر، سليماني پٿر، عقيق، عقيق احمر، عقيق سليماني فيروزه، ياقوت، ياقوت ڪعبود، لعل، سچو بلور، نيلم، دوڌيو پٿر، ڳاڙها، ڪارا مرچ، ڦوٽا، سنڍ، عطر، کنڊ، کونئر، لاک، پنير، عاج، پستا، بادام، نيزا، ڪشمش، ڪپهه شيشم، ديال، ساڳ، چانور، جوئر، ڪڻڪ، ٻاجهر، داليون، تيلي ٻج، مشڪ، کٿوري، ريشم وغيره.
جيڪي شيون ٻاهرين ملڪن مان گهرايون وينديون هيون تن ۾ يورپي عورتون، مصري، ڪپڙو، چانديءَ جا ٿانوَ، هيرا، شيشو، سون، موتي وغيره اچي وڃن ٿا. (ڏسو ڀنڀور ديبل صفحو 263) تاريخ گزيده، ڪامل ابن اسير، تاريخ عزرالسير الثعالبي ۽ فارسي نامه جو مؤلف، ابن بلخي لکي ٿو ته ديبل بهرامگود، بن نردگود، بن شاپود ساسانيءَ کي ڏاج ۾ مليو هو.
ڀنڀور يا ديبل تنهن جو فيصلو تاريخ جا ڄاڻو ڪندا پر هي مقام، جتي دادا گوبند جي دوستن جو قافلو بيٺو آهي، انهيءَ مقام کي وري هڪ دفعو تاريخ ۾ زبردست شهرت ملي. سسئي ۽ پنهون جي داستان سبب، هي ماڳ هڪڙو دفعو وري به سڄي سنڌ جي توجهه جو مرڪز ٿي پيو. لطيف کان اياز تائين هر شاعر هن داستان تي خوب لکيو آهي. سنڌ جي عظيم شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ٽيهن سُرن مان، سڄن سارن پنجن سُرن ۾ انهيءَ داستان جو ذڪر ڪيو آهي. يعني (1) سُر آبري، (2) معذوري، (3) ديسي، (4) ڪوهياري ۽ (5) حسيني.
سسئي ۽ پنهون، ٻئي لفظ سنسڪرت ٻولي جا آهن. سسئي = شاسٽين = چنڊ ۽ پنهون = ڀنون = سج.
پيار جي داستان ۽ ڀنڀور جي ماڳ کي سنڌ جي شاعرن ڳائي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي شايد ئي ٻئي ڪنهن شهر ۽ داستان جو سواءِ ملير جي ايترو ذڪر سنڌي ادب ۾ ملندو. هيٺ ڪجهه مشهور شاعرن جا چند شعر هن باري ۾ پيش ڪجن ٿا.
ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪن نه نيا پاڻ سين،
سڪڻ سپرين کي، لاڳاپا سين لوڪ.
(قاضي قاضن)
مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين،
ولهيءَ جي وٿاڻ تي، توڏ نه تنوارين،
هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
(شاهه لطيف)
ڀينر هن ڀنڀور ۾، گهايل ٿي گهاريان،
سڄڻ جي سانگ ويا، سيئي ئي ٿي ساريان،
سي ڪيئن وساريان، جي وٽان مون واٽ ٿيا.
(شاهه لطيف)
ڪيچان آيو قافلو، کڻي عطر عنبير،
تنهين جي تاثير، واسيو شهر ڀنڀور کي.
(سچل سرمست)
پنهون! منهنجا پراڻ، ڪٿي ڇڏيئي سڃ ۾،
موٽان ته ڀنڀور جا مور نه وڻن ڀاڻ،
وڌان ته اهڃاڻ، ڪٿان آڻيان ڪيچ جا.
(اياز)
اڄ جو هي خاموش ويران، ڦٽل، اجاڙ ۽ اداس ڀنڀور، علامت بنجي ويو آهي پيار ۽ محبت جي، هن اداس ڀنڀور جي مٽيءَ ۾ پيار ۽ محبت جي ڪا ايڏي پيڙا آهي جو صديون گذرڻ بعد به منجهس رچيل عشق ۽ سرمستي جي خوشبو ائين واسيل آهي، جيئن پرهه ڦٽي جو ماڪ ۾ ڀنل رابيل جي سرهاڻ!
اسان جو هي قافلو، ڀنڀور جي محبت واري ماڳ ۽ سرهاڻ جي سرزمين کي نوڙت ڀرريو سلام ڪندو ڪراچي روانو ٿيو. جتي دادا گوبند کي گابا جي حوالي ڪري واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽياسين.