مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

ڪَــپــاڊوسِــيــا

ڪپاڊوسيا، جنهن کي ترڪي ٻوليءَ ۾ ”ڪپاڊوڪيا“ ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ڪپاڊوڪياه تلفظ سان اُچاريووڃي ٿو، اهو معروضي طور موجوده ترڪي رياست جي ايشيا واري ڀاڱي جي وچ ۾ واقع آهي. ان جي گهڻي ايراضي ترڪيءَ جي Nevsehir نيوِ سِهِر صوبي ۾ شامل آهي. جڳ مشهور يوناني تاريخدان هيروڊوٽس جي زماني ۾ ڪپاڊوسِيا نسل جا ماڻهون ٽائورس جبل کان وٺي اري سمنڊ جي آسپاس تائين واري سموري علائقي ۾ آباد هئا، اهڙيءَ طرح ڪپاڊوسيا وارو علائقو ڏکڻ طرف کان ٽائورس جبل جي قطار سان گهيريل آهي، اهو جبل ڪپاڊوسيا کي ترڪيءَ جي سليسا صوبي کان ڌار ڪري ٿو. ڪپاڊوسيا جي اوڀر طرف فرات نديءَ جو مٿيون ڀاڱو ۽ آرمينيا وارا مٿاهان پٽ موجود آهن. ڪپاڊوسيا جي اتر طرف پونٽس وارو علائقو ۽ اولهه طرف Lycaonia لائيڪائونيا يا لِڪائونيا وارو علائقو موجود آهي. ڪپاڊوسِيا جو نالو سڀ کان اڳ ڇهين صدي قبل مسيح جي پڇاڙيءَ ۾ ايراني بادشاهن دارا ۽ ايگزَرِڪِسِزِ طرفان ٽن ٻولين ۾ لکائيل سرڪاري ڪاغذن ۾ ايراني سلطنت جي مختلف فتح ڪيل مُلڪن مان هڪ مُلڪ طور لڌو ويو آهي. هيرو ڊوٽس لکي ٿو ته ايراني ماڻهو هن ملڪ کي ڪپاڊوڪياه ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪپاڊوڪياه جا ماڻهو سڏيندا هئا. يوناني کين شامي يا گورا شامي سڏيندا هئا. هو ڄاڻائي ٿو ته ڪپاڊوسيا ۾ رهندڙ قبيلن مان هڪڙي کي Moschoi موسچوئي سڏيندا هئا ۽ ٻئي قبيلي کي Mosocheni موسوچيني ٿي ڪوٺيائون. انهن توڙي ڪپادوسيا جي سموري علائقي ۾ رهندڙ سمورن مختلف قبيلن کي گڏيل حيثيت ۾ Cappadocians يعني ڪپاڊوسيائي سڏيندا هئا. ايراني سلطنت جي پوين بادشاهن جي حڪومتن دؤران ڪپاڊوسيا رياست کي ٻن سرڪارن ۾ ورهايو ويو هو. انهن مان هڪڙي سرڪار، جيڪا ڪپاڊوسيا ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ قائم ڪئي وئي، ان جو ساڳيو نالو ”ڪپاڊوسيا“ برقرار رهيو ۽ يوناني جاگرافيدانن انهيءَ ئي نالي کي ڪتابن ۾ لکيو. ٻي سرڪار کي Pontus ”پونِٽَس“ نالو ڏنو ويو. ڪپاڊوسيا جي اها ورهاست زينوفون بادشاه جي حڪومت کان اڳئي عمل ۾ اچي چڪي هئي ۽ دائمي صورت اختيار ڪئي هُئائين. جزوي طور آزاد رياست جي صورت ۾ مُؤرخ Strabo اِسٽرابو جي وقت تائين ڪپاڊوسيا جي رياست ۽ بادشاهت برقرار هئي. ملڪ جي راڄداني Caesarea قيصريا شهر ۾ قائم ڪئي وئي، جيڪو Cilicia سِلِيسِيا صوبي يا پرڳڻي ۾ واقع هو. اسٽرابو ڪپاڊوسيا رياست جا اهميت جي لائق فقط ٻه شهر ڄاڻايا آهن. انهن ۾ هڪڙو، ملڪ جي گاديءَ وارو شهر ”قيصريا“، جنهن جو اصل نالو ”Mazaca مزاڪا“ هو ۽ ٻيو شهر Tyana ”ٽيانا“ يا ”ٽائنا“ هو، جيڪو ٽائورس جبل جي اوٽ کان گهڻو پري ڪونه هو. ڪپاڊوسيا اصل اناطوليه جي اڀرندي ڀاڱي ۾ ۽ موجوده ترڪي رياست جي وچ واري ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جيڪا سراسري طور هڪ هزار ميٽر اوچي ٻرندڙ جبل جي صورت ۾ موجود آهي. Mount Erciyes اِرسِيئَس پهاڙي جنهن کي اڳي Argaeus آرگائيَس سڏيندا هئا، Kayserie قيصري شهر جي ويجهو، ان جي اوچائي 3916 ميٽر آهي. ڪپاڊوسيا جي ڏکڻ طرف، تائورس جبلن جي قطار سِلِيسِيا صوبي جي سرحد جوڙيندي، هن ڪوهستاني صوبي کي رومي سمنڊ کان گهڻو پري ڪريو بيٺي آهي. ڪپاڊوسيا جو علائقو چار سؤ ڪلوميٽر اولهه اوڀر ڊگهو ۽ اڍائي سؤ ڪلوميٽر اتر ڏکڻ ۾ ويڪرو آهي. هتي سراسري آبهوا، اونهاري جي مند ۾ گرم ۽ خشڪ آهي ۽ سياري جي مند ۾ تمام گهڻي ٿڌ ٿئي ٿي، ڇو ته هتي جي اوچي پهاڙي سلسلي ۾ برف باري ٿيندي آهي. هتي برسات تمام گهٽ وسندي آهي. هي علائقو گهڻو ڪري خشڪ ۽ غيرآباد آهي. ڪپاڊوسيا ڪانسي يعني پِتلِ ڌاتوءَ واري دؤر ۾ Hatti ”هاٽي“ سڏبو هو، جنهن جي اقتدار جو مرڪز Hattusa ”هاٽوسا“ شهر هو. هتي جي ماڻهن کي Hittite هٽائيٽ سڏيندا هئا. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ Lydia لائڊيا جي بادشاه Croesus ڪِروئِسَس هٿان کين مليل شڪست کان پوءِ سندن اقتدار زوال جو شڪار ٿي ويو ۽ ڪپاڊوسيا جي رياست، جاگيردار اميرن جي تسلط هيٺ رهي، جن پنهنجن محلن ۾ عياشيون ڪندي پنهنجي رعيت کي غلاميءَ واري ذلت آميز زندگي گهارڻ تي مجبور ڪري رکيو. هن رياست کي ايراني سلطنت جي ٽئين صوبي طور ايراني سلطنت ۾ شامل ڪيو ويو، پر انهيءَ تي حڪومت تڏهن به سندن جاگيردار طبقو ئي ڪري رهيو هو. انهن ۾ به ڪو اهڙو برجستو حاڪم ڪو نه هو، جيڪو سموري ملڪ تي حڪومت ڪري سگهي. سمورا ڏيهي حاڪم مڪمل طرح خودمختيار ڪو نه هئا ۽ يوناني بادشاه جا ڏن ڀرو هئا. ايراني سلطنت جو خاتمو آڻڻ کان پوءِ سڪندر اعظم پنهنجي فوجي جنرلن هٿان ڪپاڊوسيا تي حڪومت ڪرڻ چاهي، پر ڪنهن حيلي بهاني Ariarathes آرِيارَيٿِس نالي هڪڙو ايراني اميرزادو ڪپاڊوسيا جو بادشاه ٿي ويو. هن 332 ق.م. کان 322 ق.م. يعني ڏهه سال هڪ ڪامياب حاڪم طور حڪومت ڪئي ۽ ڪپاڊوسيا جون حدون ڪاري سمنڊ تائين وڌايون. سڪندر اعظم جي وفات تائين ڪپاڊوسيا ۾ امن امان قائم هو. سڪندر کان پوءِ يوناني سلطنت ٽُٽي ٽڪرا ٿي وئي ۽ ڪپاڊوسيا Eumenes يُومينِس نالي يوناني جنگي سردار جي قبضي هيٺ آيو، جنهن سن 322 ق.م. ۾ يوناني امير پرڊيڪاس هٿان ڪپاڊوسيا جي ايراني حاڪم آرياريٿس کي ڦاسي ڏياري مارايو، پر يومينس بادشاه جي حڪومت ۾ وڳوڙ ۽ فساد وڌي ويا، تنهنڪري بادشاه جو موت ٿيو ۽ آرياريٿس جو پٽ ڪپاڊوسيا جو بادشاه بڻيو ۽ پيءَ جي نالي سان شاهي گهراڻو قائم ڪيائين. سندس اولاد مان ڪيترائي ماڻهو ملڪ جا بادشاه ٿيا هئا. آرياريٿس چوٿين جي حڪومت ۾ ڪپاڊوسيا رومي سلطنت سان ۽ شهنشاه Antiochus the great اينٽيوڪس اعظم سان دشمني وارو رويو اختيار ڪيو، پر پوءِ مقدونيه جي بادشاه Perseus پرسيئس جي خلاف اينٽيوڪس جو جنگي اتحادي ٿي رهيو ۽ جن ملڪن کي اڳي ڏن ڏيندو هو، تن جو ڏن بند ڪري ساڻن وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ڪپاڊوسيا جو بادشاه آرياريٿس پنجون، روم جي سپهه سالار Pubius Licinius Crassus پِيُوبِيئَس لِسِينِيئَس ڪِراسَس سان گڏجي پرگامون جي حاڪم Aristonicus ارسٽونيڪَس تي ڪاهي ويو، پر سندن لشڪر سن 130 ق.م. ۾ تباه ٿي ويو. آرياريٿس پنجين جي وفات کان پوءِ، ملڪ وڏن وڳوڙن جي ور چڙهي ويو ۽ پونٽس رياست جي اُسرندڙ طاقت، حملو ڪري، ڪپاڊوسيا جي انتشار جو شڪار هن ايراني نسل جي شاهي گهراڻي آرياريٿس جو زوال آندو. تڏهن ڪپاڊوسيا جي حڪومت ۾ شامل اميرن، پونٽس جي بادشاه خلاف، رومي شهنشاه جي پٺڀرائيءَ سان، گڏيل راء موجب Ariobarzanes آريو بارزينس کي سن 93 ق.م. ۾ بادشاه بنايو پر ساڳئي سال Tigranes the great ٽگرينس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ آرمينيا جو لشڪر ڪپاڊوسيا ۾ داخل ٿي مڪمل قبضو ڪيو ۽ آريوبارزينس کي تخت تان لاهي، سندس هڪ جنگي سردار Gordios گورڊيئوس کي ڪپاڊوسيا جو نائب يا عبوري بادشاه بنايو ۽ رومي مداخلت کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ رومي سلطنت ۽ آرمينيا جي وچ ۾ ڪپاڊوسيا کي Buffer zone غير جانبدار علائقو بنايو، پر 63 ق.م. ۾ رومي سلطنت پونٽس ۽ آرمينيا وارن بادشاهن کي معزول ڪري آريوبارزينس کي وري ڪپاڊوسيا جي تخت تي ويهاريو پر ملڪ خانه جنگيءَ جو شڪار ٿي ويو ۽ پهرين Pompey پومپي جي قبضي هيٺ آيو. ان کان پوءِ مٿس Caesar قيصر قبضو ڪيو. بعد ۾ Antony اينتوني جي ور چڙهيو ۽ نيٺ ان کان به اقتدار کسيو ويو ۽ ڪپاڊوسيا تي Actavian ايڪٽيوِيئن تسلط قائم ڪيو. اهڙي طرح آريو بارزينس گهراڻي جو خاتمو آيو ۽ اول اينٽوني جي ۽ پوءِ ايڪٽيويئن جي حمايت سان ڪپاڊوسيا جي هڪڙي امير Archelaus آرڪيلائس کي تخت تي ويهاريو ويو ۽ ڪپاڊوسيا هڪڙي ڏن ڀرو رياست طور باقي رهي، تان جو سن 17 عيسويءَ ۾ آرڪيلائس رومي شهنشاه کي ڪاوڙائي وِڌو، جنهن ڏمرجي کيس روم جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو ۽ ڪپاڊوسيا جي هڪ آزاد رياست واري حيثيت ختم ڪري، ان کي رومي سلطنت جو هڪ صوبو بنايو ويو، جنهن تي رومي سلطنت طرفان مقرر ٿيل گورنر حڪومت ڪرڻ لڳو. ڪپاڊوسيا ۾ ڪيترائي زير زمين ننڍا وڏا ڳوٺ موجود آهن. عيسوي مذهب جيستائين رياست طرفان قبوليت جو درجو حاصل نه ڪيو هو، تيستائين آڳاٽا عيسائي مذهب اختيار ڪندڙ ماڻهو، غير عيسائي حاڪمن، ملن ۽ ماڻهن جي تشدد کان بچڻ خاطر انهن زير زمين ڳوٺن ۾ لڪل رهندا هئا. انهن ڳوٺن ۾ دشمن جي حملي کان بچڻ لاءِ، ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ وارن لنگهن يا دروازن تي تمام وڏا پٿر رکي ڇڏيندا هئا، جن کي ٻاهريان حمله آور هرگز هٽائي ڪو نه سگهندا هئا. انهن زير زمين ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مختلف سطحن تي ڪيترائي لنگهه ٺهيل هوندا هئا، جن کي بند ڪرڻ جي باوجود، اندر موجود ماڻهو ٻاهرين حمله آور ماڻهن کي لنگهن جي ويجهو اچڻ تي اندران نيزا يا ڀالا به هڻي سگهندا هئا. ڪپاڊوسيا جي چوٿين عيسوي صديءَ وارن عيسائي مذهبي پيشوائن جو، عيسوي مذهب جي اوائلي پيش ڪيل اصولن ۽ عقيدن سان نه ٽُٽندڙ ۽ گَهِرو رِشتو موجود هو. انهن پيشوائن ۾ قسطنطنيه جو هڪڙو بزرگ John of Cappadosia ڪپاڊوسيا وارو جان به هو، جنهن سن 517ع کان 520ع تائين وڏي پادريءَ جو عهدو سنڀاليو. باظنطيني اقتدار واري تقريباً سموري عرصي دؤران، ساساني شهنشاهت سان هن علائقي ۾ ٿيندڙ ٽڪرائن ۽ هلندڙ جهيڙن ۽ جنگين جي باوجود ڪپاڊوسيا ۾ عيسوي مذهب جي مروج نظام ۾ ڪو رخنو يا ڦيٽاڙو ڪو نه ٿيو، پر پوءِ اهو مسلمانن جي فتوحات خلاف بغاوت ۽ مزاحمت ڪندڙ سرحدي علائقو ٿي پيو. ستين عيسوي صديءَ کان وٺي ڪپاڊوسيا عيسائيت جي ٻن گروهن، جهڙوڪ هڪ اناطوليه واري فرقي ۽ ٻئي آرمينيا واري فرقي ۾ ورهائجي ويو. نائين عيسوي صديءَ کان يارهين عيسوي صديءَ تائين عيسائيت جا ٻه مختلف نظريا رکندڙ فرقا؛ هڪ ڪپاڊوسيا وارو عيسائي نطريو رکندڙ فرقو ۽ ٻيو Charcianon چارسِيئنون عيسائي نظريي جو پوئلڳ فرقو، موجود هئا. ڪپادوسيا پاڙيسري ملڪ آرمينيا سان سدائين ڦرندڙ گهرندڙ تعلقات رکندو رهيو ۽ ان جي شهنشاهت جو حصو به ٿيندو رهيو. هڪ عرب تاريخ نويس ابوالفارابي ڪپاڊوسيا جي شهر Sivas سِواس ۾ ڏهين عيسوي صديءَ دؤران اچي آباد ٿيندڙ آرمينيا جي باشندن جو احوال بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”ڪپاڊوسيا جو شهر سِواس آرمينيائي آبادڪارن جي غلبي هيٺ هو ۽ انهن آبادڪارن جو تعداد تمام گهڻو هو. اهي وڏي تعداد ۾ فوج ۾ به شامل هئا ۽ کين عربن کان کسيل قلعن ۽ ڪوٽن جي نگهبانيءَ تي مقرر ڪيو ويو هو. اهي پاڻ کي شاهي فوج جا نهايت تجربيگار سپاهي سڏائيندا هئا ۽ رومي فوجين سان يا باظنطيني فوجين جي ڀر ۾ وڏي بهادري ۽ شجاعت سان جنگ ڪندا رهندا هئا.“ باظنطيني فوجي مهمات ۽ ترڪيءَ جي سلجوق حاڪمن طرفان آرمينيا تي ڪاهه سبب آرمينيائي ماڻهو ڪپاڊوسيا ۽ اوڀر طرف Cilicia سليسيا مان اُتر شام جي جابلو علائقن ۽ ميسوپوٽيميا ۾ پکڙجي ويا جنهن جي نتيجي طور آرمينيائي ڀاڄوڪڙن جي حرفت سان سليسيا جي بادشاهت قائم ٿي. انهيءَ زوال ۽ چوٿين صليبي جنگ جي نتيجي طور، صليبي جنگيون ڪندڙ رياستن جي قيام سبب آمينيائي ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو. صليبي جنگيون ڪندڙ عيسائي ملڪن جي نظر ۾ ڪپاڊوسيا آرمينيائي ماڻهن جو ملڪ هو، ڇو ته اتي آرمينيائي ماڻهو وڏي تعداد ۾ موجود هئا. سن 1071ع ۾ Battle of Manzikert مانزيڪرٽ واري لڙائيءَ کان پوءِ ترڪيءَ جي سلجوق حاڪمن جي اڳواڻيءَ هيٺ مختلف ترڪ قبيلن ۽ ذاتين جا ماڻهو اناطوليه ۾ آباد ٿيڻ لڳا ۽ اتي سندن غُلبو ٿيڻ سبب ۽ ڪپاڊوسيا جي اوڀر توڙي اولهه طرف قائم ڪيل ترڪ رياستن جي قيام سبب، ڪپاڊوسيا آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو، نيٺ انهن ملڪن کي ڏن ڏيندڙ رياست ٿي پيو. ملڪ جي ماڻهن جي ڪجهه حصي اسلام قبول ڪيو. يوناني ۽ باظنطيني ماڻهن جي گهڻي تعداد، ايشيا مائينر جي علائقي Ionia آئيونيا جي ساحلي پٽيءَ ڏانهن ڪُوچ ڪيو. ٻارهين عيسوي صيءَ ۾، ٻئي يا ٽئين ڏهاڪي ڌاري اناطوليه ۾ آباد ٿيندڙ سلجوقي ترڪن هن سموري علائقي تي مڪمل غلبو اختيار ڪري ورتو، پر تيرهين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ ۾ قونيه وارا سلجوق ترڪ جڏهن انتشار ۽ زوال جو شڪار ٿيا ته انهن جي اقتدار تي Karaman ڪرامان علائقي وارن Beylik بِيلِڪ جنگي سردارن قبضو ڄمايو. وري انهن کان اقتدار پندرهين عيسوي صديءَ دؤران ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت کسي ورتو. اهڙيءَ ريت ڪپاڊوسيا جي رياست ايندڙ صدين ۾ سلطنت عثمانيه جو هڪ صوبو ٿي رهي ۽ اڃا تائين اها جديد ترڪي واري رياست جو هڪ ڀاڱو يا صوبو آهي ارڙهين عيسوي صديءَ جي اوائل ۾ نيوِ سهِر واري علائقي ۾ پيدا ٿيل ترڪ وڏي وزير Damat Ibrahim Pasha دامت ابراهيم پاشا ”نيوِ سهِر“ نالي سان هڪڙو نئون شهري مرڪز قائم ڪرايو، جنهن ڪري انهيءَ علائقي ۾ بنيادي سڌاري واري تبديلي رونما ٿي ۽ نيوِ سهِر هن علائقي جي راڄدانيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو اڃا تائين برقرار آهي. انهيءَ عرصي دؤران ڪپاڊوسيا جي اڳوڻن رهاڪن Karamanlica ڪرامانليڪا نالي سان ترڪ ٻوليءَ جو هڪ نرالو لهجو ڳالهائڻ اختيار ڪيو، جنهن کي يوناني الف بي ڪم آڻيندي لکبو هو. جتي يوناني ٻولي استعمال ۾ هوندي هئي: جهڙوڪ Sille سِل، Kayseri قيصري Pharasa فراسا ۽ ٻين آس پاس وارن واهڻن ۽ وستين ۾ ڳالهائي ويندي هئي، اتي يوناني ٻوليءَ تي انهيءَ علائقي جي چوڌاريءَ ڳالهائي ويندڙ مقامي ترڪي ٻوليءَ جو گهرو اثر ٿيو. يوناني ٻوليءَ جي انهيءَ لهجي کي Cappadocian Greek يعني ڪپاڊوسيا ۾ ڳالهائي ويندڙ يوناني ٻولي سڏيندا آهن. سن 1923ع ۾ ترڪي ۽ يونان جي وچ ۾ مختلف انساني قبيلن جي مٽ سٽ ٿي، ان جي نتيجي طور هاڻي اها ڪپاڊوسيا واري يوناني ٻولي ترڪيءَ مان لڏي يونان ۾ آباد ٿيندڙ ماڻهن جي پويَن يعني سندن موجوده چند خاندانن طرفان استعمال تائين محدود ٿي وئي آهي.
مختصراً ڪپاڊوسيا ترڪيءَ جي اناطوليه علائقي ۾ چنڊ وانگر بيمثال سهڻن قدرتي نظارن واري سرزمين آهي، جنهن ۾ زير زمين شهر، غارن ۾ ديول ۽ ٽڪرين کي تراشي گهر، وستيون ۽ واهڻ به ٺاهيل آهن. برساتي نالن ندين ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ وارن تيز وهڪرن جي نرم پٿر وارين پهاڙي وادين مان لنگهندي، کاڌ ڪرڻ جي نتيجي ۾ نرم پٿرن ۾ نهايت حيرت انگيز شڪليون پيدا ٿيل آهن، جو انهن کي Fairy Chimneys پرين جي مُلڪ جون سوکڙيون سڏيندا آهن. ڪپاڊوسيا ۾ تاريخ کان اڳ جون وسنديون Koskhoyuk ڪوسخويُڪ. Aksaray Asikli Mound اڪسري اَسِيڪِلي مائونڊ، Nev sehir civelek cave نيوِسِهِر سوليڪ ڪيوِ، Kultepe ڪُلٽيپ، Kanis ڪَينِس ۽ Alisar الِيسار آهن. هن ملڪ کي Seythian يعني اسڪائيٿيا جي ٻوليءَ ۾ Khepatukhe خيپاتوخ يعني مهاديوَ يا مُک ديوتا Hepat هيپات جي رعيت جو ملڪ سڏيندا هئا. فارسي شاعريءَ ۾ ڪپادوسيا جو نالو Katpatuka ڪتپتوڪا ڄاڻايو ويو آهي، تنهن جي معنيٰ سهڻن گهوڙن جي سر زمين آهي. قديم آثارن مان لڌل تختيون، يادگار صليب، هٽائيٽ فن پارا ٻه هزار سال قبل مسيح کان 1200 سال قبل مسيح جا پراڻا ڄاڻايا وڃن ٿا اسڪائيٿيا جي Khatti خٽي يا خاٽي نسل جي ماڻهن هن علائقي ۾ سڀني کان پهرين پنهنجي حڪومت Tobal Kingdom تبل بادشاهت قائم ڪئي. هٽي لوڪن ۽ ايراني دؤر حڪومت جي پوئواري ڪندي، ڪپاڊوسيا جي بادشاهت سن 332 ق.م. ۾ قائم ٿي. رومي دؤر حڪومت ۾هي علائقو آڳاٽن ڪرستان پناهگيرن جي حقيقي پناهگاه طور ڪم آيو.