مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

جِپسِي يا خانه بدوش ماڻهو

ڌرتيءَ جي سمورن کنڊن ۾ ڪنئين صدين کان وٺي، گهر ڪُلهي تي رکي هلندڙ رول ماڻهن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Gypsy جِپسِي چوندا آهن. اُنهن ماڻهن جي اصل نسل يا قوميت ۽ اصل وطن جي ته اڃا تائين ڪابه يقيني ۽ قابل فهم ڄاڻ مُيَسر ڪانه آهي، پر انهن جي اڪثريت يورپي مُلڪن ۾ موجود آهي. روايتي طور اهي رول ماڻهو چوپايو مال چاريندڙ، گهوڙن تي سوار ڌراڙن جي قافلن جي صورت ۾ تقريباً چوڏهين ۽ پندرهين عيسوي صدين دوران يورپ کنڊ ۾ ٻن طرفن ۽ واٽن تان هلندي اچي داخل ٿيا. منهجانئن جيڪي قديم ايران مان پنهنجي منزل کڻي اچي مصر ۾ ويٺا ۽ اُتان پوءِ اُتر آفريڪا جي ٻين ملڪن ڏانهن اولهه طرف پنهنجا گهر گهاٽ ڪُلهن تي رکي رمندا اچي يورپ کنڊ جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ وٽ سهڙيا، جتان پوءِ اُهي نيٺ يورپ کنڊ ۾ داخل ٿي ويا. خانه بدوشن جي ڪن ٻين گروهن وچ ايشيا مان يورپ ڏانهن ويندڙ واٽن تان هلندي روس ۽ ٻين اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ داخلا حاصل ڪئي. يورپ ۾ موجود هنن خانه بدوش قبيلن ۽ گروهن کي ڪيترن ئي نالن سان ڄاتو ۽ سُڃاتو وڃي ٿو، پر اُنهن مان ڪنهن به نالي وسيلي، سندن اصل نسل توڙي اصل وطن جي ڪا به سُڃاڻپ ۽ ڄاڻ معلوم ٿي نه سگهي آهي. انگريزن هنن رولاڪ ماڻهن کي مصري نسل سان وابسته ڀانئيندي پنهنجي نسل ۽ علمي برتريءَ واري فرسوده سوچ ۽ عمل موجب، سندن طرفان مصر جي ماڻهن لاءِ مقرر ڪيل لفظ Egyptian جي تلفظ يعني اُچار کي بِگاڙي هنن خانه بدوش ماڻهن کي Gypsy جِپسِي سڏڻ لڳا. فرينچن هنن رول ماڻهن کي بوهيمِيئن جو نالو ڏنو، اِسپين ملڪ جا ماڻهو کين ٻن نالن سان يعني هڪ فِليمِش يعني اُتر بيلجئم جا رولاڪ ماڻهو ۽ ٻيو، گِٽانو ڪري به سڏيندا آهن. انهيءَ لفظ جو مطلب آهي ته اهي اصل ۾ مصري نسل جا ماڻهو آهن سوئيڊن ۽ اتر يورپ جي ڪن ملڪن ۾ انهن کي تاتاري نسل جا ماڻهو تصور ڪيو ۽ سڏيو وڃي ٿو. نيدرلينڊس، هالينڊ، جرمني ۽ ڪن ٻين ملڪن ۾ هنن خاندبدوش ماڻهن کي عموماً ڪافر نسل سمجهيو ۽ سڏيو ويندو آهي. دراصل سندن ٻوليءَ ۽ تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن رولاڪ ماڻهن جو اصل وطن هند/سنڌ ٿي سگهي ٿو، پر انهن ماڻهن سندن اصل وطن مان هجرت ڇو ڪئي، هنن اها لڏپلاڻ ڪهڙي ريت ڪئي ۽ هنن پنهنجي اصل وطن جا وڻ ڪڏهن ڇڏيا، تنهن بابت ته ڪا به تاريخي يا قابلِ يقين ڄاڻ عدم موجود آهي. البت سندن موجودگي سن هڪ هزار عيسوي ڌاري قديم ايران ۾ ڄاڻائي وڃي ٿي. چيو وڃي ٿو ته هنن رولو ماڻهن ايران مان ئي آفريڪا، يورپ ۽ ٻين کنڊن ۽ ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ اختيار ڪئي ۽ ويهئين صدي عيسويءَ دوران آمريڪا توڙي آسٽريليا کنڊن ۾ وڃي پهتا. اهي پاڻ کي يورپ ۾ هڪ نسلي نالي Rom روم سان واڳيل بيان ڪن ٿا. جنهن جي معنيٰ ”ماڻهو“ يا ”انسان“ ڄاڻائي وڃي ٿي. هنن کي باقي سمورن غير خانه بدوش قبيلن، نسلن ۽ ماڻهن کي ڄٽ يا وحشي سڏيندي ڪا به هٻڪ ۽ کُٽڪو ڪونه ٿو ٿئي. هي رولاڪ ماڻهو گهڻو ڪري سمورن ماڳن، مڪانن ۽ ملڪن ۾ اصل رهواسين جي وچ ۾ رهندي، سدائين حالتن مطابق قربانيءَ جي ٻڪري طور استحصال جو شڪار ٿيندا رهندا آهن. ۽ هند سنڌ ۾ رهندڙ هندن جي گهٽ ذاتين يعني شودرن جهڙا ڀائيندي، سڄي دنيا جا ماڻهو ساڻن نامناسب ۽ ناانصافيءَ تي مُبني رويو برقرار رکندا اچن. اڳي ته مٿن سڀني سماجي بڇڙائين ۽ سماج دشمن حرڪتن ۽ ڏوهن ۾ مُلوِث هئڻ جا الزام لڳايا ويندا هئا ۽ کين بيجا سزائون ڏنيون وينديون هيون. ٻي عالمي لڙائي دوران جرمنيءَ ۾ حڪمران نازي پارٽيءَ جي دهشتگردن جي هٿان يهودين سان گڏ، چَئين لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ جِپسِين کي پڻ ملياميٽ ٿيڻو پيو! انهي ڳنڀير صورتحال جي پيش نظر خاندبدوشن پاڻ کي واسطيدار ملڪن جي ماڻهن ۽ قومن ۾ ضم ٿيڻ واري ڪوشش جي شروعات ڪئي ۽ يورپ جي ملڪ اسپين ۽ برطانيه جي رياست ويلز ۾ انهن پنهنجي دائمي سڪونت اختيار ڪري ورتي ۽ سمورن ٻين ملڪن ۾ پڻ مستقل بستيون بنائي، مقامي ماڻهن سان مٽي مائٽي ۽ رت جو رشتو قائم ڪرڻ چالو ڪري ڏنو آهي. خانه بدوشن ۾ اڳي اهڙو رجحان بلڪل ڪونه هوندو هو. گذرسفر خاطر سندن ڌنڌا ۽ روزگار جا طريقا پڻ غيرفعال هوندا هئا. سندن اصل نسل جي مزاج مطابق مستقل طور ڪم ڪرڻ، يعني لڳاتار محنت مزوري ڪرڻ جو منجهن ڪو به رُجحان ڪونه هوندو هو مقامي يا اصل ماڻهو جن ڪمن کي سُٺو نه سمجهي، انهن ڪمن ڪرڻ کان لوائيندا هئا، خانه بدوش ماڻهو اهي ڪم خوشيءَ سان ڪندا هئا. جهڙوڪ: ماڻهن کي کل ڀوڳ ۽ ٽوٽڪن تي مشتمل ڪهاڻيون ٻُڌائي سندن دل وندرائڻ، ڀڳل ٽُٽل شين جي مرمت ڪرڻ، ميلن ملاکڙن ۾ مسخرن ۽ بازيگرن وارا ڪرتب ڏيکارڻ، مجلسن ۽ محفلن ۾ ڳائي وڄائي ماڻهن کي وندرائڻ، غلامن کي گهربل مختلف ماڳن تي رسائڻ، ڪتا پالڻ، قسمت سانگي جلاد جي حيثيت ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ لڳاتار نه پر ڪڏهن ڪڏهن، ڇٽو پاٽو ۽ مجبوراً بُک مَرندي ڪم ڪرڻ وغيره سندن سُست مزاج مطابق هو.
منجهائن ڪي لوهارڪو ڪم به ڪندا هئا ۽ ڪي موسيقار ۽ ڳائڻا فنڪار هوندا آهن. انهن مان ڪي ماڻهو گهوڙن جو واپار پڻ ڪندا آهن. سندن عورتون بازيگرياڻيون، قسمت ٻڌائيندڙ نجومڻيون، جوڳياڻيون، فقيرياڻيون ۽ ڳائي وڄائي ماڻهن کي وندرائيندڙ فنڪارائون ٿي پنهنجو گذرسفر ڪنديون آهن. گهر ۾ سندن خدمت چاڪري ڪرڻ واري ڪردار باوجود خانه بدوش عورتون محنت ۽ پورهيو ڪرڻ ۽ روزي ڪمائڻ ۾سدائين چُست ۽ ڦُڙت هونديون آهن. ڌرتيءَ تي ٻين نسلن جي ماڻهن وانگر ئي رهندي، کين پڻ ڪنئين جُڳ گذري چڪا آهن، پر هنن خانه بدوش ماڻهن مان ڪنهن نه ڪنهن ماڳ کي وطن قرار ڏيندي ڪو ٻنيءَ ٻارو آباد ڪونه ڪيو ۽ اهي ڪِٿي به هاري ۽ ڪُڙمي ٿي نه رهيا، اُهي فقط سادا سودا لوهار، ٺاٺارا ۽ اڻپورا ڪاريگر ۽ هنرمند ئي مس ٿي سگهيا. هنن خانه بدوش قبيلن ۾ سياسي طور تي ڪنهن به ٻڌي اتحاد ۽ تنظيم بابت ماضيءَ ۾ ڪابه روايت يا اهڃاڻ موجود ڪونهي، هنن مان ڪجهه باشعور ماڻهن ماضي قريب ۾ يورپ ۾ جپسين جي عالمي ڪانگريس منعقد ڪئي ۽ پنهنجي جِپسِي برادريءَ جو هڪڙو چڱومڙس چونڊيو ويو تنهن کي جپسي برادريءَ جو بادشاهه سڏڻ لڳا آهن ۽ ان جي تاجپوشيءَ پڻ ٿي هئي. پاڻ کي سماجي طور سڌارڻ ۽ سماج ۾ بهتر ورتاءُ حاصل ڪرڻ لاءِ جِپسِين طرفان خاطرخواه ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، پر اُنهن ڪاوشن کي جپسين جي تمام ٿورن ذِي فَهم فردن مڃتا ڏني ۽ قبول ڪيو آهي. هي خانه بدوش يورپي قبيلا اڃا تائين سماجي، سياسي ۽ تنظيمي طور تي ڪنهن گڏيل مرڪز يا پليٽفارم تي اچي گڏ ٿي نه سگهيا آهن ۽ هڪٻئي کان ته انهي حوالي سان، اڃا گهڻو پري پيا گذارين.