گانڌي جي سيڪسي زندگي بابت سچ تپاس ۽ چڪاس هيٺ ايندڙ مهاتما موهن داس گانڌيءَ جي مذهبي پاڪيزگي حاصل ڪرڻ لاءِ تجربن ۽ اصولن بابت تحقيق تي مبني ڪتاب Thrill of the chaste جي ليکڪ جَيڊ ايڊمس Jad Adams مهاتما گانڌيءَ جي عريان عورتن ساڻ عريان ٿي گڏجي سمهڻ واري مشغلي تي روشني وجهندي کيس جنسياتي مستانو ڪوٺيو آهي. مهاتما گانڌيءَ جي غير معمولي ۽ نرالي جنسياتي زندگي ڪا ماڻهن کان لِڪَل يا ڳجهي ڳالهه هرگز ڪا نه هئي. هو پاڻ سدائين جنسيات متعلق ڳالهائيندو ۽ پنهنجن پوئلڳن کي اڪثر ڪري چِڙَ ڏياريندڙ هدايتون جاري ڪندو رهندو هو ته ا ُهي پنهنجي پاڪيزگي بهترين طريقي سان ڪيئن اختيار ڪن. جنسياتي پاڪيزگيءَ بابت سندس خيال سدائين غير مقبول رهيا. آزاد هندستان جي پهرئين وزير اعظم جواهر لعل نهروءَ، گانڌيءَ طرفان تازي شادي ڪيل جوڙن کي روحاني پاڪيزگيءَ خاطر جنسي عمل کان پري رهڻ واري صلاح کي هڪڙو نامعقول ۽ غير فطري خيال ڪوٺيو. گانڌيءَ جي روحاني پاڪائيءَ بابت عقيدن، پرچار ۽ سندس غير معمولي تجربن، جن دؤران هو برهنه عورتن سان برهنه ٿي گڏجي سمهڻ وسيلي چڪاس ڪندو هو ته پنهنجي نفس تي سندس ضابطو مڪمل آهي يا نه، جَيڊ لکيو ته گانڌيءَ بابت پنهنجي ڪتاب لاءِ گهربل مواد لاءِ ڪيل کوجنا دؤران سؤ کن ڪتابن ۽ ڪيترن ئي چشم ديد گواهن طرفان مهيا ڪيل مواد مان سندس جنسياتي زندگيءَ بابت عجيب غريب مواد مليو. سندس حياتيءَ دؤران سندس جنسياتي تجربن متعلق مواد ڪافي مقدار ۾ موجود هو، پر سندس وفات کان پوءِ کيس ”باباءِ قوم“ واري درجي تي رسائڻ خاطر، انهيءَ مواد کي سهيڙجڻ کان پري رکيو ويو ۽ گانڌيءَ کي انهيءَ مواد جي منفي اثرات کان بچائڻ خاطر حتيٰ الامڪان ڪوششون ڪيون ويون. جڏهن ته آزاديءَ کان اڳ سندس جنسيات متعلق عقيدا توڙي تجربا سدائين نامقبول ۽ تنقيد هيٺ رهيا. جهڙوڪ آزاديءَ کان اڳ واري هندستان ۾ موجود رياست ”ٽراونڪور“ جي وزير اعظم جي چوڻ موجب مهاتما گانڌي هڪڙو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ شخص ۽ نيم جنسياتي جيوڙو هو. گانڌي هندستاني رياست گُجرات ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 1883ع ۾ تيرهن سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي. سندس زال، ڪستورٻائيءَ جي ان وقت عمر چوڏهن سال هئي، جيڪا انهيءَ زماني جي رواج موجب شادي ڪرڻ لاءِ ڇوڪريءَ جي ڪا ننڍي ڄمار هرگز ڪا نه هئي. نئين جوڙي جي جنسياتي زندگي حسب معمول پنهنجي خاندان جي گهر جي هڪ جُدا ڪمري ۾ گذري پئي ۽ زال ترت ئي حامله ٿي پئي ٻه سال پوءِ جڏهن گانڌيءَ جو پيءُ بستر مرگ ٿي پيو هو، تڏهن به گانڌي پڻس واري بستري وٽان اُٿي وڃي پنهنجي زال سان همبستر ٿيو. عين انهيءَ گهڙيءَ سندس پيءَ جي حياتيءَ جا پل به پورا ٿيا. تڏهن گانڌيءَ ڏک ظاهر ڪندي چيو ته ”افسوس! جو آئون نفساني غلبي جو اهڙو ته شڪار ٿيس، جو بابا جي پوين پساهن وقت به وٽس حاضر رهي نه سگهيس! گانڌي ۽ ڪستورٻائيءَ جو آخري ٻار سن 1890ع تائين پيدا ڪو نه ٿيو هو. در حقيقت گانڌيءَ ٽيهن سالن جي عمر تائين جڏهن هن ڏکڻ آفريڪا ۾ قيام دؤران برطانوي سامراج جي ايمبولينس ڪور ۾ رضاڪار جي حيثيت ۾ خدمت ڪرڻ جي شروعات ڪئي، تيستائين هن جنسيات کي شهواني جذبات کي ختم ڪرڻ جو ذريعو ڪو نه بنايو هو. بوئرن يعني ڏکڻ آفريڪا ۾ ڌارين يورپي ماڻهن طرفان ڏکڻ آفريڪي ماڻهن سان جنگ ۽ زولو قبيلين جي بغاوتن دؤران مقامي ماڻهن جي ڀلائيءَ خاطر ڊگها پنڌ ڪندي، گانڌي انهيءَ نتيجي تي پهتو ته غريب عوام سان سچي همدردي ۽ اخلاقي پاڪيزگيءَ وسيلي انسان ذات جي بهترين خدمت ٿي سگهي ٿي. سن 1906ع ۾ 38 سالن جي ڄمار دؤران هن برهم آچاريه يعني روحاني زندگي گذارڻ جو وچن ڪيو، جنهن جو بنياد پاڪيزگيءَ تي مُبني آهي، يعني جنسياتي عمل جي مڪمل روڪ آهي، جنهن کان سواءِ هندو مذهب موجب روحاني زندگي گذارڻ ناممڪن آهي. گانڌيءَ غربت ۾ گذارڻ کي آسان چاتو، پر پاڪيزگيءَ کيس موهي وِڌو، تنهن ڪري هن پيچيده عقيدن ۽ اصولن جو هڪڙو سلسلو مرتب ڪيو، جنهن جي بنياد تي جنسياتي / شهواني رَوَيي توڙي گفتگو ۾ مشغول رهڻ جي باوجود به، پاڻ ڀرپور پاڪيزگيءَ جو حامل هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهندو هو. نفس ڪشيءَ جي جذبي ۾ سندس وچن جي هڪ سال اندر سندس اخبار ”اِنڊِيئن اوپِينِيئَن“ جي پڙهندڙن کي تلقين ڪئي ته هر ذي فهم هندستانيءَ جو فرض آهي ته هو شادي نه ڪري، پر جيڪڏهن هو شاديءَ جي سلسلي ۾ لاچار آهي، تڏهن به هو پنهنجي گهرواريءَ سان جنسياتي عمل ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي رکي. انهيءَ دؤر ۾ پاڻ کي روڪي رکڻ لاءِ گانڌي پنهنجو نرالو انداز اختيار ڪيو. هن نفس ڪشيءَ لاءِ ادارا جوڙيا، جن کي آشرم سڏبو هو. آشرمن ۾ رهندڙ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي هدايت ڪئي وئي ته اهي پاڻ ۾ گڏجي غسل ڪن ۽ گڏجي سمهن، پر جنسياتي عمل کان پاڻ کي روڪين ۽ پاڪيزه زندگي گذارين. جنسياتي عمل توڙي جنسياتي گفتگو ڪرڻ وارن کي سزا ڏني ويندي هئي. مرد توڙي عورتون آشرمن ۾ گڏجي رهندا هئا، پر کين هدايت ڪيل هئي ته زال ۽ مڙس پاڻ ۾ اڪيلا نه گڏجن ۽ پاڻ جڏهن جنسياتي جذبو اڀريل محسوس ڪن، تڏهن کين ٿڌي پاڻيءَ سان غسل ڪرڻ گهرجي. مهاتما گانڌي نفس ڪشيءَ لاءِ جيڪي اصول مرتب ڪيا هئا، هن پاڻ کي انهن کان آجو رکيو هو. سندس سيڪريٽريءَ جي پرڪشش ڀيڻ، سوشيلا، جيڪا سندس ذاتي طبيب ٿي پڻ رهي، اها ننڍپڻ کان وٺي گانڌيءَ جي خدمت چاڪريءَ ۾ رهي. هوءَ ساڻس گڏجي غسل ڪندي هئي ۽ ساڻس گڏجي سمهندي پڻ هئي. جڏهن گانڌيءَ تي سوشيلا سان سنجوڳ بابت تنقيد ٿيڻ لڳي، تڏهن هن وضاحت پيش ڪئي ته سندن گڏجي سمهڻ نفس ڪشيءَ جو تجربو آهي. جنهن وقت هوءَ غسل ڪندي آهي، تنهن وقت آئون پنهنجون اکيون بلڪل پوري ڇڏيندو آهيان ۽ خبر ڪا نه پوندي آهي ته هوءَ عريان آهي يا نه. البت آواز مان محسوس ٿيندو آهي ته هوءَ صابڻ استعمال ڪندي آهي. گانڌيءَ جي اهڙيءَ طرح ٿيندڙ خاص خدمت واري رعايت، آشرم ۾ رهندڙ جوڙن جي طنز حسد جو سبب بني. سندس زال ڪستورٻائيءَ جي وفات کان پوءِ، هُن پنهنجي پيريءَ دؤران، اهڙين گهڻين عورتن سان گڏجي سمهڻ جو عمل شروع ڪيو، جن کي گانڌيءَ جي مرتب ڪيل اصولن موجب، آشرم اندر پنهنجن مڙسن ساڻ گڏجي سمهڻ تي بندش پيل هئي. گانڌي انهن سان گڏجي سمهندو هو. انهن سان گڏجي سمهڻ دؤران، جنسياتي اصولن متعلق گانڌيءَ جا خط پڙهڻ، نچندي نچندي ڪپڙا لاهي عريان ٿيڻ ۽ سنجوگ کان سواءِ جنسياتي عمل وغيره جهڙا تجربا ٿيندا هئا. گانڌيءَ جي نفس ڪشيءَ ۽ روحاني پاڪيزگيءَ بابت اصولن ۽ تجربن بابت عام فهم مواد گهڻي ڀاڱي ضايع ڪيو ويو آهي. البت سندس لکڻين ۾ انهن تجربن بابت ڪٿي ڪٿي اهڙي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جهڙوڪ ”وينا جي مون سان گڏجي سمهڻ کي هڪ اتفاقيه عمل يا حادثو چئي سگجي ٿو. انهيءَ عمل کي ائين به چئي سگهجي ٿو ته هوءَ مون سان لڳي سُتي اهڙيءَ عبارت مان اهو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته گانڌيءَ وارن تجربن دؤران لڳي سمهڻ کان وڌيڪ عمل جو امڪان پڻ پيدا ٿيندو هوندو. گانڌي هندستان موٽي اچڻ کان پوءِ مسلسل غير رضاڪارانه انزال جي شڪايت ڪندو رهندو هو. کيس ماده توليد جي قوت ۾ تقريباً ساحرانه يقين هو ۽ چوندو هو ته جيڪو شخص پنهنجي ماده توليد جي مڪمل حفاظت ڪندو، انهيءَ شخص کي قدرت طرفان لافاني قوت حاصل ٿيندي. ماده توليد جي حفاظت ڪرڻ واري عرصي دؤران ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته روحاني طور صبر ۽ برداشت لاءِ ڪوشش وڏي پيماني تي درڪار آهي. انهيءَ آزمائش لاءِ وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ پرڪشش عورتون گهربل هيون. سن 1947ع ۾ سوشيلا 33 سالن جي ٿي وئي هئي. تنهن ڪري هاڻي 77 سالن جي پيرسن گانڌيءَ سان سمهڻ لاءِ انهيءَ دوشيزه کي چونڊيو ويو، جنهن جي عمر سوشيلاجي عمر کان تقريباً اڌ جيتري مَسَ هئي. آزاديءَ کي ويجهو ٿيندي، بنگال ۾ ٿيندڙ فرقيوار فساد ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجن پوئلگن ساڻ دؤرن جي وقت ۾، گانڌيءَ پنهنجي ڀائٽي جي ڀائٽيءَ مَنو کي پاڻ سان گڏ سمهارڻ خاطر گهرايو هو. هُن مَنوءَ کي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته پاڻ ٻئي مسلمانن هٿان ماريا وڃون، تنهن ڪري پاڻ تي فرض ٿو عائد ٿئي ته پاڻ پنهنجي پاڪيزگيءَ کي مڪمل ڪرڻ واري آزمائش شروع ڪريون ته جيئن پاڻ کي معلوم هجي ته اسين خالص ترين قرباني پيش ڪريون پيا، يعني پاڻ ٻنهي کي گهرجي ته هاڻ عُريان ٿي گڏجي سمهڻ شروع ڪريون. نفس ڪُشيءَ لاءِ گانڌيءَ جو اختيار ڪيل طريقيڪار، ڪو برهم آچاريه اصولن جو حِصو ڪو نه هو، پر هُن سندس نئين سِر جوڙيل اصول هن طرح بيان ڪيو ته جنهن شخص کي ڪڏهن به ڪو شهواني خيال پيدا نه ٿيو آهي ۽ اهو شخص سدائين ايشوَر جي حضُور ۾ حاضر آهي اهو شخص شعوري يا غير شعوري انزال ماده توليد خلاف هڪڙو ثبوت ٿي پوي ٿو. انهيءَ شخص ۾ هڪ اهڙي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي، جنهن سبب اهو شخص حسين ۽ عُريان عورتن سان عُريان ٿي گڏجي سمهڻ جي باوجود، شهواني جذبي جوشڪار نٿو ٿئي. اهڙو شخص مذڪور مستقل عمل ذريعي اشور کي ويجهو ٿيندو ٿو وڃي. اهڙي شخص جو هر عمل انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ وقف آهي. اهڙي شخص ۾ جيستائين چِٽو شهواني خيال پيدا نه ٿيندو، تيستائين اهو شخص جيڪي ڪجهه ڪرڻ گهُرندو، اهو ڪري پيو سگهندو. گانڌيءَ پنهنجي ذاتي عمل کي معقول هجڻ واري شرف خاطر، سندس پاڪيزگيءَ واري عقيدي يا اصول کي نئين سر ۽ وڌيڪ اثرائتي انداز سان واضح ڪيو. جڏهن هندستان غلاميءَ واري ڪُنَ مان آزاد ٿيڻ جي ويجهو آيو. تڏهن گانڌيءَ سندس جنسياتي تجربن کي قومي اهميت جو حامل بنائڻ واسطي، روحاني دليل بازي شروع ڪئي ۽ چيو ته منهنجو ايمان آهي ته وطن جي سچي ۽ حقيقي خدمت، هنن جنسياتي تجربن ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿي. هو جڏهن پنهنجن ذاتي تجربن کي بلڪل صحيح سمجهڻ ۽ وڌيڪ بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان انهن تي عمل ڪرڻ لڳو، تڏهن گانڌيءَ جي رَوَيي تي گهڻي ٽيڪا ٽپڻي ٿيڻ لڳي ۽ سندس خاندان جي افراد ۽ مکيه سياسي اڳواڻن طرفان مٿس سخت تنقيد ٿيڻ لڳي. سندس اخبار جي ٻن ايڊيٽرن، گانڌيءَ جي سمهڻ واري بندوبست بابت سندس تقريرن جي نامناسب ٽڪرن کي اخبار ۾ ڇپڻ کان انڪار ڪيو، ته گانڌيءَ مٿن سخت ڪاوڙ ڪئي، تنهن ڪري اهي ڪجهه ٻين ساٿين سميت کانئس رُسي ويا. اهڙي صورتحال ۾ به پنهنجن تجربن تي ٿيندڙ اعتراض ۽ تنقيدن مان به پنهنجن تجربن کي برقرار رکڻ لاءِ جواز پيدا ڪندي چيو ته ”جيتوڻيڪ مَنوء جو مون سان گڏجي سمهڻ تمام ضروري سمجهان ٿو، سو جيڪڏهن کيس پاڻ سان گڏجي سمهڻ کان روڪيان، ته پوءِ اها ڳالهه مون ۾ ڪمزوريءَ جي نشاني ڪا نه هوندي ڇا؟ گانڌيءَ جي ڀائيٽي جي اولاد مان هڪ فرد، ڪانُو گانڌيءَ جي ارڙهن سال عمر واري زال، اَڀا، سن 1947ع دؤران آزاديءَ جي تيز جدوجهد خاطر ٿيندڙ طوفاني دؤرن دؤران گانڌيءَ سان اچي شامل ٿي. آگسٽ جي آخر ۾ هو ٻنهي ڄڻين، يعني منو ۽ اڀا سان ساڳئي وقت گڏجي سمهندو هو. جنوري سن 1948ع ۾ جتي کيس قتل ڪيو ويو هو، اتي به اهي ٻئي ڇوڪريون وٽس موجود هيون. هي به ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو ته گانڌيءَ جي حياتيءَ جي پوين سالن دؤران، سندس مستقل ساٿي هجڻ جي باوجود، گانڌيءَ جي گهر ڀاتين نيٺ مَنُوء کي گانڌيءَ کان جدا ڪري ڇڏيو، تڏهن گانڌيءَ پنهنجي پٽ کي هڪ خط ۾ لکيو ته ”مون کيس (منوءَ کي) مون ساڻ گڏجي سمهڻ لاءِ خط ذريعي راءِ ڏيڻ لاءِ چيو آهي“ گانڌيءَ تي سندس جنسياتي تجربن تي ٿيندڙ ملڪ گير تنقيد سبب، سندس شخصيت جا حقيقي محافظ، سندس زندگي جي انهيءَ عنصر کي مڪمل طور خارج ڪرڻ لاءِ آتا هئا. گانڌيءَ جو پٽ ديو داس منوء سان دهليءَ جي ريلوي اسٽيشن تائين گڏجي ويو، جتي کيس منوء کي گانڌي جي سلسلي ۾ خاموش رهڻ جي هدايت ڪرڻ جو موقعو مليو. سن 1970ع ۾ سوالن جا جواب ڏيندي، سوشيلا زندگيءَ جي گانڌي واري مذڪوره بالا انداز کي برهم آچاريه تجربن جو نالو ڏئي مٿاهون يعني شاندار عمل قرار ڏنو ۽ انهيءَ رويي جي تنقيد جو رد عمل ڪوٺيو سوشيلا ٻڌايو ته جڏهن ماڻهو گانڌي جا عورتن سان طبعي تعلقات، منوء، اڀا ۽ مون سان سندس تعلقات بابت سوال پڇڻ لڳا، تڏهن برهم آچاريه تجربن وارو تصور ترقي ڪرڻ لڳو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته گانڌي پنهنجي مرضيءَ موجب زندگي گذاريندو هو. کيس جڏهن للڪاريو ويندو هو، تڏهن هو پنهنجي ترجيحات کي فائدن ۽ نيڪين جي عالمي نظام طور بيان ڪندو هو. ڪيترين ئي عظيم شخصيتن وانگر، هو پڻ جيئن ئي اڳتي وڌندو ويو، تيئن ئي پاڻ لاءِ گهربل اصول قائدا ۽ قانون مرتب ڪندو ويو. جيئري هوندي مٿس ٿيندڙ ٽيڪاٽپڻي، سندس شخصيت لاءِ نقصانڪار محسوس ٿيندي هئي، تنهنڪري سندس وفات کان پوءِ ڳچ وقت تائين سندس جنسياتي سِلُوڪَ کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو. اهو فقط هاڻي ممڪن ٿيو آهي ته گانڌيءَ واري ذاتي جنسياتي نفس ڪشيءَ وارن تجربن بابت هٿ ڪيل ذرن پرزن کي ڳنڍي ڪهاڻي مڪمل ڪريون. گانڌيءَ بابت اها به المئي تي مُبني هڪ حقيقت آهي ته آزاديءَ جي حصول وقت ڪانگريسي سياستدانن گانڌيءَ کي پويان ڌڪي ڇڏيو. سندس ماده توليد محفوظ هئڻ باوجود هندستان ورهاڱي کان بچي ڪو نه سگهيو ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ فيصله ڪن ڳالهيون ۽ مکيه فيصلا، ڪانگريس پارٽيءَ ۾ موجود اقتدار جي پوڄاري واپارين وڃي ڪيا! (لنڊن مان نڪرندڙ اخبار Independent جي ٿورن سان 2015-7-9 تي شايع ٿيو.)