جــيــل يــا تــرا
رات جو اسان وٽ مخدوم اعجاز آيو جنهن چيو ته توهان کي جيڪا به شيء کپي ته ٻڌايو اسان توهان کي آڻي ڏيون. اسان سندس مهرباني مڃيندي فقط هي عرض ڪيو ته هنن ٽيليفون نمبرن تي اسانجي والدين ۽ واسطيدارن کي اطلاع پهچائي ڇڏجو. اهو ڪم مخدوم اعجاز وڃڻ شرط ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڪيترن ڇوڪرن جا والدين صبح سوير پهچي ويا. هن اسان لاءِ رات جي ماني به موڪلي. لاڪپ ۾ اسان سان گڏ ٻه ٻيا ماڻهو به هئا، جن کي چوريءَ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، ٻئي ڏينهن صبح جو مختيارڪار هالا کان اسانجو چوڏهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو ويو. اڌ رات جو جڏهن سارو لوڪ سپنن جي سنسار ۾ کوئيل محو خواب هو اسان کي هڪ بند ٽرڪ ۾ هالا کان کڻي حيدرآباد سٽي ٿاڻي جي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو. اسان کي آڻڻ لاءِ پوليس جو وڏو اٽالو موڪيلو ويو هو، جنهن مان سرڪار جي سراپ جو پتو پيو ٿي. اسان جي منتقليءَ واري ڳالهه کي ڳُجهه ڳوهه ۾ رکيو ويو هو، جنهن ڪري اسان جا رشتيدار ۽ ساٿي شاگرد ملاقات لاءِ ٻه ٽي ڏينهن هالا جا چڪر ڪاٽيندا رهيا. ٻه ٽي ڏينهن بعد ۾ کين خبر پئي ته اسان سٽي ٿاڻي حيدرآباد جي لاڪپ ۾ مهمان آهيون، اسانجي گرفتاريءَ خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسان وٽ لاڪپ تي دوستن، شاگردن، ساٿين ۽ ورڪرن جون قطارون لڳيون پيون هونديون هيون، جنهن ڪري انتظاميه لاءِ اسين اُتي به مٿي جو سور بنجي پياسين ۽ هنن جند ڇڏائڻ لاءِ اسان کي سينٽرل جيل موڪليو جتي ڪجهه ڏينهن بعد ڄام ساقي به گرفتار ٿي اچي ملاقاتي ٿيو. جيل اندر اسانجي روز جي ريت هوندي هئي ته صبح سوير اُٿي وهنجي سهنجي ويهندا هئاسين ته رضو ڀنڀرو ۽ سندس ساٿي اسان لاءِ چانهه تيار ڪري ايندا هئا. چانهه گهڻو ڪري کير بنا يعني سليماني هوندي هئي، پر ڏاڍي مزيدار هوندي هئي، مون کي ته حياتيءَ ۾ وري اهڙي مزيدار چانهه نصيب نه ٿي.
مون مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”غبارِ خاطر“ ۾ چانهه بابت تعريف پڙهي هڪ ڀيرو سوچيو هو ته ڇا چانهه به ڪا اهڙي شيءَ آهي؟ جنهن جي مولانا صاحب جهڙو ماڻهو ايتري تعريف ٿو ڪري، اها چانهه پي ان تي چريو ٿي پيس، ڳوٺن ۾ اڳي چانهه کي دوا طور استعمال ڪيو ويندو هو يعني ڪنهن کي ٿڌ ۽ تپ ٿي پيو ته سليماني چانهه ۾ ليمي جو رس وجهي پياربو هو ته طبيعت بحال ٿي ويندي هئي، هڪ دفعو پوءِ مون هڪ ميڊيڪل جرنل ۾ چانهه تي هڪ مضمون پڙهيو هو تنهن ۾ به لکيل هو ته Tea is rather a medicine چانهه ته هڪ دوا آهي، پر سنڌ اندر اَپر سنڌ جي ڀيٽ ۾ لوئر سنڌ (لاڙ) ۾ چانهه جو استعمال زياده آهي، ڇو ته اها گهُميل آبهوا جي ڪري پيدا ٿيندڙ جسماني ٿڪاوٽ ۽ سُستِيءَ کي دؤر ڪري ٿي. جيل ۾ چانهه وارن کان پوءِ حجام ايندو هو ۽ اسان سڀني جي شيوِ Shave ڪندو هو، هونئن گهر ۾ ته پهريائين شيوِ پوءِ غسل پوءِ ماني کائبي آهي، پر هتي جيل ۾ ته سڀ سلسلا اُلٽا اُبتا ٿي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته هيء دنيا ئي ٻي هئي. پاڻ جهڙن ٻن ڪنن، ٻن هٿن، ٻن اکين ۽ ٻن پيرن وارن ماڻهن اڳيان بي وس ۽ لاچار هئاسين، شايد اهو ڪيتو انهيءَ جو لوڙي رهيا آهيون جو جڏهن اسان (عوام) روسو جي معاهدي عمراني تحت پنهنجي مرضي Will ٻين اڳيان ڦٽي يعني (Surrender) ڪئي هئي. اسان عوام قانون ، حڪمران ۽ آئين جي تقدس ۽ زوراوريءَ اڳيان ذهني طور ايترا هيڻا ۽ هيسيل ٿي ويا آهيون جو اُٿندي ويهندي پيا ڊڄون، پر ڏاڍ سان ٽڪرڻ لاءِ ڏاڍو ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته لوهه ئي لوهه کي ڪٽيندو آهي، ڪامريڊ مائوزي تنگ لکيو هو ته ”توهان جيڪڏهن بندوقن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهُرو ٿا ته بندوقون کڻو“. ملاقاتن جو سلسلو به روزانو هوندو هو، ٻنپهرن جي ماني سڀني لاءِ شفيق صديقيءَ جي گهران ايندي هئي. ماني ست رڇي ۽ بنهه لذيذ هوندي هئي، ماني کائڻ کان پوءِ ڪجهه وقت مطالعي ۾ مصروف هوندا هئاسين ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي بحث مباحثو ڪندا هئاسين، رفيق صفي جيڪو ان وقت جو تمام سٺو مقرر هو ۽ آل پاڪستان يونيورسٽيز ڊبيٽ يعني تقريري مقابلي ۾ جيڪو ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو هو، پهريون نمبر انعام کٽي آيو هو، سو ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو تيز هوندو هو. (رفيق صفي 10 سال ٽيپ ڪٽي تازو هاڻي آزاد ٿيو هو ۽ پيپلز پارٽيءَ سان وابسته آهي، ايمنيسٽي انٽرنيشنل کيس ضمير جو قيدي قرار ڏنو هو. پاڻ هن وقت انساني حقن جي حفاظت لاءِ به سرگرم آهي) شاگرد اڳواڻ مهر حسين شاهه به تقرير جو ڀلوڙ هوندو هو ۽ مطالعو به هئس، ڄام ساقيءَ جو به مطالعو سٺو هو پر تقرير ۾ ايتري روزاني نه هيس. سياستدانن وانگي توري تڪي ڳالهائيندو هو ۽ سندس گفتگو ۾ استد لال هوندو هو. ڄام جهڙو هو سياسي بحث ۾ ڀڙ، تهڙو ئي پهرئين نمبر جو چرچائي، کلائي کلائي پيٽ ۾ ڳڍون وجهي ڇڏيندو هو. اڪثر سياسي لطيفا جام ٻڌائيندو هو. اسان جيل ۾ اڳ آيا هئاسين ۽ ڄام پوءِ سانگهڙ مان گرفتار ٿي آيو. اسان ويٺا هئاسين ته پريان ئي ٽهڪ ڏيندو آيو، ملياسين خوش خير آفيت ڪئي سين ۽ پوءِ پاڻ سندس گرفتاريءَ جو سربستو احوال ڏيندي ٻڌائين ته انور نظاماڻيءَ کان موڪلائي ٽانگي مان سانگهڙ جي بس اسٽاپ تي اڃا پير مس رکم ته پريان هڪڙي همراه جيڪو C.I.D پوليس جو سپاهي هو، تنهن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته ”ڄام صاحب! آپ سے مل کر بہت خوش ہوئے ڏٺم ته پريان پوليس جو وڏو اٽالو بيٺو هو. يڪدم جواب ڏنو مانس ”جناب! مجھے تو آپ سے مل کر بلکل خوشی نہیں ہوئی ! بهرحال اهو احوال دير تائين جاري رهيو.
شاگرد دؤر ۾ منهنجو ڄام ساقيءَ سان ڪافي وقت تائين واسطو رهيو، آخري وقت ۾ ذهني طور تي قومي لاڙي وڌڻ ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان تعلق قائم ٿيو، منهنجي پهرين ملاقات ڄام ساقيءَ سان مسلم هاسٽل جي ڊائننگ هال جي ٻاهران ڇٻر تي ٿي. اُنهيء وقت مون ۽ مراد جوڻيجي گڏجي يونائيٽيڊ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ٺاهي هئي، پاڻ اها خبر اخبار ۾ پڙهي هئائين ۽ چيائين ته مون ٻين دوستن سان به ڳالهايو آهي. اچو ته گڏجي ڪم ڪريون، مون کيس چيو ته ٻين ساٿين سان صلاح بعد کيس جواب ڏئي سگهندس، ساڻس هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا منهنجي جڳهه تي يا سندس جڳهه تي ملاقات ٿيندي هئي، جتي مختلف ڪتابن تي راءِ زني ٿيندي رهندي هئي، ڄام جي معرفت منهنجي مرحوم ڪامريڊ عنايت ڪاشميري، هدايت حسين، مير ٿيٻو، مرحوم منير احمد ميمڻ (جيڪو ادبي دنيا ۾ ماڻڪ جي تخلص سان معروف ڪهاڻيڪار ٿيو ۽ جوڀن ۾ ئي لاڏاڻو ڪيائين) سان واسطا ٿيا، انهن سان به سياسي ۽ نظرياتي بحث مباحثا ٿيندا هئا. ڄام سان بعد ۾ قومي سوال تي ۽ مٿس مهاجر پنجابي ڪامريڊن جي ذهني ڇاپ جي ڪري اختلاف ٿي ويا، پر ان دؤر کان اڄ تائين اسان ياريء جو رشتو نه ڇنيو آهي، ملندو آهي ته روايتي چُمي ضرور ڏيندو آهي، ۽ ڏاڍي اُڪِيرَ ڏيکاريندو آهي. پاڻ هينئر آزاد ٿيڻ کان اڳ جڏهن جناح اسپتال ڪراچيء ۾ زير علاج هو ته ساڻس ملاقات ٿي، عجيب اتفاق هو ته ساڳئي ڏينهن ۽ ساڳئي اسپتال ۾ سائين جي ايم سيد ، رسول بخش پليجو ۽ ڄام ساقي زير علاج هئا. ياد ٿو اچيم ته جڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ جي دوري تي نڪتو هو ته ڪينجهر تي عبدالحڪيم شاهه مرحوم سونڊن واري سائينءَ جي دعوت ڪئي هئي ۽ آئون ڄام سان گڏ آيو هوس. اسان ڪجهه وقت سائين وٽ رهڻ بعد واپس هليا وياسين پر بابا صاحب (ارباب نور محمد پليجو) دوري ۾ سائين سان گڏ هو. منهنجي والد صاحب جا سائين جي ايم سيد سان تمام سُٺا واسطا هئا، تمام پراڻا ۽ نياز منداڻا واسطا هوندا هئا ۽ سائينء جي ڪيترن ئي ڪتابن جو ڇپائيندڙ بابا سائين هو. ذاتي نوعيت جا ڪم هجن يا سياسي معاملا بابا هر وقت، هر حال ۾ سائين جو ساٿي رهيو، سائين به ڪيترائي ڀيرا پنهنجا ڀال ڀَلائي اسان جي تڏي تي آيو. سنڌ جي هن يڪتا بي لوث خادم ۽ محب وطن جي قرب ۽ آمد کي اسان هميشھ پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهيو آهي. اسان سياسي ميدان ۾ نوان ۽ جونيئر هئاسين، ڄام اسان ۾ نسبتاً پختو هو. مير ٿيٻو قد جو ڇوٽو پر ذهين ۽ هوشيار هوندو هو ۽ نظرياتي ماڻهو هوندو هو. انهن جي ڀيٽ ۾ آئون، مسعود پيرزادو، شفيق صديقي ۽ شبير نوراني (پويان ٽيٽي هينئر انجنيئر آهن) بحث مباحثي ۾ گهٽ حصو وٺندا هئاسين. شبير ته اڪثر مون سان ڪچهري ڪندو هو ۽ چوندو هو ته يار هي همراه ته ڪي چريا آهن، سڄو وقت سياست جو ڀوت سوار اٿن، جهڙوڪر سياست کان سواءِ ٻيو ڪو ڌنڌو ئي نه هجين! شفيق ۽ مسعود ڏاڍي سلجهيل ۽ سلڇڻي سڀاءِ وارا هئا، ڪڏهن به ڪنهن سان تيز نه ٿي ڳالهائون. شفيق جو چاچو حنيف صديقي جيڪو هڪ سٺو اديب آهي ۽ انگريزيء مان ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس: مثلاً ڊاڪٽر جيمس برنس جو ڪتاب ”سنڌ جي دررٻار“ ، اهو به شفيق سان ملاقات لاءِ آيو هو، جيل جا اهي ڏينهن، اُهي ڪچهريون ۽ مارڪا ۽ اهي يار ڏاڍا ياد اچن ٿا.
سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙا، مٿي ماڙين مِينهن،
نِيئر منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو.
جيل سياسي ورڪر لاءِ سکيا جو گهر آهي، خصوصاً ان وقت، جڏهن ٻيا سياسي ورڪر يا ساڃهه ڀريا ماڻهو گڏ هجن، جيل ۾ پڙهڻ جو موقعو به موچارو ملي ٿو. بحث ته پيا هلندا هئا. رات جو ننڊ اچڻ تائين اهو سلسلو پيو هلندو هو. رات جو اسان کي ڪوٺين ۾ بند ڪندا هئا، سو به ٻَڌيء ۾ نه پر اِڪِي جي حساب ۾، يعني ٻه، چار، ڇهه، اَٺ نه، پر ٽي، پنج ، ست وغيره، اهڙيء ريت هر رات هڪ ساٿيء کي اڪيلو رهڻو پوندو هو. اڪثر همراه اڪيلائيء کان نٽائيندا هئا. بشير نوراني يا ڄام ئي اڪثر اڪيلا بند ٿيندا هئا. مسعود پيرزادو به هڪ با مُرَوَت، با اخلاق، يار ويس ۽ هٿ جو کليل هوندو هو. انهن ڏينهن هيسباڻي درگاه جي فقيرن کي به گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو هو. انهن جو ڏوهه هي هو ته اهي روزانو يحيٰ خان تي لعنت جا نعرا هڻندا هئا.