ڪانگريس واري لائبرري
ملڪ آمريڪا جي گادي فِلاڊيلفيا شهر مان کڻي واشنگٽن شهر ۾ قائم ڪرڻ بابت آمريڪا جي صدر جان ايڊمس 24 اپريل سن 1800ع تي هڪڙي ”ايڪٽ آف ڪانگريس“ نالي قانون تي صحيح ڪئي، تڏهن ڪانگريس واري لائبرري به قائم ڪئي وئي. انهيءَ ايڪٽ تحت ڪانگريس لاءِ گهربل ضروري ڪتابن خريدڻ ۽ لائبرريءَ لاءِ عمارت واسطي پنج هزار ڊالر منظور ڪيا ويا. 740 ڪتاب ۽ ٽي نقشا لنڊن مان خريد ڪيا ويا ۽ ڪانگريس جي عمارت جي هڪ ڪمري ۾ ڪتب خانو قائم ڪيو ويو. آمريڪا جي صدر ٿامس جيفرسن هن لائبرري جي قيام بابت پهريون بنيادي قانون 26 جنوري 1802ع تي ڪانگريس کان پاس ڪرائي صحيح ڪيو، جنهن ۾ لائبرريءَ لاءِ عمارت جي تعمير، لائبرريءَ جو سمورو انتظام سنڀاليندڙ هڪ جوائنٽ ڪميٽيءَ جي تشڪيل، ”لائيبرَريئَن آف ڪانگريس“ نالي ڪتب خاني جي مُکُ ملازم جي آساميءَ جي قيام، جنهن کي صدر مقرر ڪندو ۽ ڪتابن جي حصول لاءِ صدر ۽ نائب صدر کي اختيار ڏيڻ بابت قاعدا ۽ قانون درج ٿيل هئا. آگسٽ سن 1814ع ۾ برطانوي حمله آور فوج ڪانگريس واري عمارت کي باهه ڏني، جنهن ڪري لائبرريءَ ۾ رکيل ٽي هزار کن ڪتاب سڙي ويا. انهيءَ واقعي کان پوءِ هڪ مهيني اندر ئي سابق آمريڪي صدر ٿامس جيفرسن پنهنجي ذاتي لائبرري ڪانگريس کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. سندس انهي آڇ کي قبول ڪندي ڪانگريس جنوري 1815ع ۾ جيفرسن جي ڪتب خاني ۾ گڏ ڪيل سمورا ڪتاب، جن جو ڪل تعداد ڇهه هزار، چار سؤ ستاسي هو، ٽيوِيهه هزار، نَوَ سؤ پنجاهه ڊالرن ۾ خريد ڪيا. ڪتابن جي انهيءَ ذخيري ۾ پرڏيهي ٻولين ۾ خالص ادب کان سواءِ فلسفي، سائنس، عمارت سازي، قانون ۽ لطف واري ڳالهه ته رڌ پچاء بابت به ڪجهه ڪتاب شامل هئا. آمريڪا واري گهرو لڙائيءَ کان اڳ واري عرصي دؤران هن لائبرريءَ لاءِ ڏکيا ڏينهن هئا. 1850ع واري ڏهاڪي دؤران اِسمِٿِسَنِيئَنِ اِنسٽِيٽِوُٽِ واري لائبرريئن چارلس ڪافن جوئيٽ جارحانه نموني سندن اداري کي آمريڪا جي قومي لائبرري بنائڻ واسطي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندن اداري جي سيڪريٽريءَ جوزف هينري سندس انهيءَ مقصد کي رد ڪرائي ڪانگريس لائبرريءَ جي ترقي ۽ انهيءَ کي آمريڪا جي قومي لائبرري بنائڻ جي حمايت ڪئي ۽ جولاءِ 1854ع ۾ چارلس ڪافن جوئيٽ کي پنهنجي اداري مان ئي ڪڍائي ڇڏيو. بعد ۾ سن 1866ع ۾ جوزف هينري سندن اداري اِسمِٿِسَنِيئَن اِنسِٽِيٽِيُوٽِ واري لائيبرريءَ چاليهه هزار ڪتابن جو بهترين ذخيرو ڪانگريس جي لائبرري کي ڏيئي ڇڏيو. 24 ڊسمبر 1851ع ۾ لائبرريءَ کي سندس قيام واري تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڀيانڪ باهه لڳي، جنهن ڪري ڪتابن جي ڪل ذخيري يعني پنجونجاهه هزار ڪتابن مان تقريباً پنجٽيهه هزار ڪتاب سڙي ويا، انهن ۾ سابق صدر جيفرسن جي ڪتابن جو به وڏو حصو باهه جي نذر ٿي ويو. تنهنڪري سن 1852ع ۾ ڪانگريس، ساڳين سڙي ويل ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ هڪ لک، اَٺهٺ هزار، ست سؤ ڊالر منظور ڪيا. انهن پراڻن ڪتابن کان سواءِ ڪي ٻيا نوان ڪتاب يا ڪو نئون گهربل سامان خريد ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪوشش ڪا نه ٿي، اهڙيءَ رَوَش لائبرريءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪ جي شروعات ڪئي. انهيءَ رَوَشَ جو ڪارڻ، دقيانوسي سوچ جا حامل عامل، هڪ لائبرريئن جان سِلِوا مِيهَنِن ۽ ٻيو لائبرريءَ جو انتظام هلائيندڙ اداري جوائنٽ ڪميٽيءَ جو چيئرمين جيمسِ اي پيئرسِ هو، جن لائبرريءَ جي ترقي توڙي اتي ٿيندڙ تدريسي ۽ تحقيقاتي عمل ۾ رنڊڪون ۽ رُخنا وجهڻ شروع ڪيا. سن 1857ع ۾ ڪانگريس سرڪاري دستاويزات جي اشاعت ۽ ورهاست جون ذميواريون گهرو معاملن واري کاتي کي سونپيون ۽ لائبرريءَ طرفان ٿيندڙ عالمي پيماني تي ڪتابن جي ڏي وٺ وارو پروگرام به ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ جي حوالي ڪيو ويو. سن 1861ع ۾ آمريڪي صدر اَبراهامِ لِنڪَن طرفان سياسي بنيادن موافق جان جِي اِسٽِيفَنسَن جي لائبرريئن آف ڪانگريس طور مقرريءَ هن ڪتب خاني کي ويتر وڌيڪ ڪمزور ڪيو، ڇو ته ان شخص لائبرريءَ بابت ڪجهه به نه سوچيو ۽ ڪيو. هو ملڪ ۾ جاري گهرو ويڙهه دؤران پنهنجي پارٽيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ وفادار رضاڪار طور مشغول رهيو. مذڪور گهرو ويڙهه جي اختتام تي لائبرريءَ ۾ اسي هزار ڪتابن جا جلد موجود هئا، پر انهن جي سار سنڀال خاطر فقط ست ملازم مقرر ٿيل هئا. سن 1859ع ۾ ڪاپي رائيٽ آفيسن يعني اشاعت ۽ نقل يا اُتارڻ جي حق وارن دفترن کي آمريڪا جي پَيٽَنٽ آفيس يعني ڪنهن به قدرتي يا ايجاد ڪيل جنس يا شيءِ جي تحفظ استعمال ۽ واپار جو اختيار ڏيندڙ اداري جي حوالي ڪرڻ سان، انهن سمورن ڪاپي رائيٽيڊ ڪتابن ۽ پمفليٽن کي هن ڪتب خاني ۾ سنڀالي گڏ ڪري رکڻ وارو گذريل تيرهن سالن کان ٿيندڙ ڪردار ختم ٿي ويو. اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ دؤران خصوصي طور سن 1865ع کان 1897ع واري عرصي ۾ هڪ لائق انسان، لائبرريئن، آئِنس وَرِٿِ رَينڊ اِسپافورڊ جي ايامڪاريءَ دؤران هن ڪتب خاني کي وري ترقيءَ جي راهه تي آندو ويو. انهيءَ وقت وفاقي حڪومت جي سڀ طرفي توسيع ۽ سازگار سياسي وايومنڊل ۾، آمريڪا جي قومي ڪتب خاني ۽ قانون سازيءَ لاءِ مکيه ۽ مفيد مواد مهيا ڪندڙ اداري جي حيثيت سان، ممڪن امداد حاصل ڪرائيندي مسٽر اسپافورڊ نيڪ نِيَتِي، ڪُشاده دِلِي ۽ اوِرِچائيءَ سان آمريڪي ادب تي مشتمل نوان توڙي پراڻا ڪتاب، نُسِخا، مُسَوَدا، ڪتابچا پفليٽ، پرچا، مصوريءَ جا جديد توڙي قديم شاهڪار فن پارا ۽ فرنيچر جا عناصر ڳولي گڏ ڪرڻ ۽ سهيڙڻ شروع ڪيا، ڪتب خاني لاءِ گهربل نئين عمارت اڏائڻ لڳو ۽ لائبرريئن کي هڪ بااختيار ۽ خود مختيار حيثيت جو حامل عملدار بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سن 1865ع ۽ 1870ع جي وچ ۾ آمريڪي ڪانگريس سابق صدر ٿامس جيفرسن جي نالي سان عمارت جي تعمير لاءِ پئسا منظور ڪيا. ان عمارت ۾ ڪاپي رائيٽ تي مشتمل سمورا ڪتاب، نسخا ۽ دستاويز رکيا ويا، انهيءَ سلسلي ۾ ٿيندڙ سموريون سرگرميون، توڙي عالمي پيماني تي ڪتابن جي ڏيتي ليتيءَ جا اختيار ڪتب خاني کي سونپيا ويا. آمريڪي تاريخدان پيٽرفورس جون عاليشان لائبرريون پڻ هن لائبرريءَ کي مِليون، جنهن ڪري هن لائبرريءَ جي سائنسي توڙي خالص ادب ۽ ٻين فنون لطيفه جي فن پارن جي تعداد ۾ خاطر خواهه اضافو ٿيو. سن 1876ع ۾ بوسٽن پبلڪ لائبرريءَ کي هن لائبرري سان ملايو ويو ته هيءَ آمريڪا جي سڀني کان وڏي لائبرري ٿي پئي ۽ منجهس ڪتابن جو ذخيرو ٽن لکن کي وڃي رسيو. جڏهن سن 1897ع ۾ لائبرريءَ کي پنهنجي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو، انهيءَ وقت منجهس اٺ لک اسي هزار ڪتاب موجود هئا، جن ۾ چاليهه سيڪڙو ڪتاب ڪاپي رائيٽ ڊپازٽ تي مشتمل هئا. لائبرريءَ جي نئين عمارت ۾ منتقليءَ کان اڳ انهيءَ جي مستقبل ۾ سڌاري، واڌاري ۽ ترقي بابت جوائنٽ لائبرري ڪميٽي جون چند گڏجاڻيون ٿيون، جنهن ۾ آمريڪن لائبرري اَيسوسيئيشن طرفان ڇهه ماهر نمائندا شريڪ ٿيا، انهن ۾ هڪڙو مسٽر هربرٽ پٽنيم، جيڪو مستقبل ۾ هن لائبرري جو لائبريريئن مقرر ٿيڻ وارو هو ۽ نيويارڪ اسٽيٽ لائبرريءَ وارو ميلوِل ڊِيُوئي به شامل هو. مزڪور ڪميٽيءَ جي فيصلن ۽ تجويزن جي روشنيءَ ۾ سينيٽرن: جَسِٽِن مارِل ۽ ڊينِيئَل وورِهِيز جي مدد سان ڪانگريس لائبرريءَ جي ملازمن جو تعداد، جيڪو ان وقت ٻائيتاليهه هو، وڌائي هڪ سئو اَٺ ڪيو ۽ گهربل نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا. لائبريريئن جا اختيار وڌايا ويا، جنهن موجب هو گهربل وڌيڪ ملازم به مقرر ڪري سگهيو ٿي. اهڙيءَ طرح سن 1897ع ۾ نئين انتظامي جوڙجڪ تحت هن ڪتب خاني تيزيءَ سان ترقيءَ جي راهه تي هلڻ شروع ڪيو. اسپافورڊ جي جاءِ نشين لائبريريئن جان رُسل يَنگِ، پنهنجي فقط ٻن سالن جي نوڪري دؤران ٻاهريَن ملڪن کان امداد حاصل ڪري لائبرريءَ طرفان نابين ۽ معزور ماڻهن جي امداد بابت هڪڙو پروجيڪٽ قائم ڪيو. مسٽر ينگ جي جاءِ نشين لائبريريئن هربرٽ پُٽنَيمِ لڳاتار چاليهه سال انهيءَ عهدي تي رهيو. هن ٻن سالن اندر ڪتابن جو تعداد ڏهه لک تائين پهچايو. هن لائبرريءَ کي عوام توڙي ٻين ڪتب خانن لاءِ فائديمند بنايو ۽ لائبرري لون سروس قائم ڪري انهيءَ کي تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ سائنسدانن جي تحقيق ۽ تجربن واسطي ڪارگر بنايو. عالمن ۽ دانشورن جي ڀلائيءَ خاطر ڪتب خاني ۾ موجود بنيادي مواد جي اشاعت شروع ڪئي. هن صاحب صدر ٿيوڊور روز ويلٽ کي دليلن سان راضي ڪري کانئس آرڊر ڪرائي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ رکيل ڪانگريس ۽ ان جي لائبرريءَ متعلق اصل ڪاغذ پٽ ۽ ٻيو رڪارڊ هن لائبرريءَ ۾ منتقل ڪرايو. سن 1904ع ۾ اِنڊيڪا واري لائبرريءَ جا چار هزار ڪتاب خريد ڪيا، سن 1906ع ۾ جي وي يوڊِن واري روسي لائبرري خريد ڪئي جنهن ۾ اسي هزار ڪتاب هئا. سن 1908ع ۾ اوپيرا ۽ بيليٽ بابت ڪتابن جو ذخيرو خريد ڪيو ويو. سن 1930ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ رومانوف ڪٽنب جي ڪتب خاني ۾ رکيل روسي شاهي خاندان جي گڏ ڪيل ناياب ڪتابن جو ذخيرو، جنهن ۾ ٻه هزار ڇهه سؤ انمول نسخا هئا، خريد ڪيو ويو. عبراني، چيني ۽ جپاني ڪتاب پڻ خريد ڪيا ويا. سن 1929ع ۾ ڪانگريس پنهنجي ميمبر راس ڪولنس جي رٿ بحال ڪندي آڳاٽي ادب جا ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ پندرهن لک ڊالر لائبرريءَ کي منظور ڪري ڏنا، جنهن تحت اوٽو وولبهر وارو آڳاٽي ادب جو ناياب ذخيرو خريد ڪيو ويو، جنهن ۾ انجيل ۽ تورات جو گڏيل نسخو جيڪو اصلي چمڙي مان ٺهيل ڪاغذ تي لکيل هو موجود هو. سن 1914ع ۾ پُٽنَيمِ ليجسِليٽِوِ رِفَرَنسِ سروس نالي لائبرريءَ ۾ هڪ جدا انتظامي دفتر قائم ڪيو، جنهن تحت ڪانگريس طرفان ٿيندڙ انڪوائرين ۾ گهربل مواد مهيا ڪيو ويندو آهي. سن 1965ع ۾ ڪانگريس هڪ ايڪٽ پاس ڪيو، جنهن موجب لائبرريءَ ٽرسٽ فنڊ بورڊ نالي هڪ نئون دفتر قائم ڪيو ۽ جيڪو چندي، امداد ۽ بخشش طور مليل رقم حاصل ڪري مختلف علوم و فنون جي سرپرستي ڪري ٿو. مخير حضرات ۾ راڪ فيلر، وِلبَر ۽ هنٽنگٽن شامل آهن. ڪِلارِڪ وِٽال پنج وايولن (ساز) ڏنا. ايلزابيٿ اِسپِرَيگ ڪُولج راڳ جي محفلن لاءِ هال ٺهرائڻ لاءِ گهربل رقم ڏني. اهڙيءَ طرح هن فند جي نسبت مختلف عملن لاءِ گهربل دفتر قائم ڪيا ويا. لائبرريءَ ۾ ڪتابن جو ذخيرو عمارت جي گنجائش کان وڌي وڃڻ سبب ڪانگريس سن 1928ع ۾ لائبرري جي عمارت جي ڀرسان زمين لائبرريءَ لاءِ گهربل وڌيڪ جڳهه ٺهرائڻ لاءِ وٺي ڏني، جتي گهربل عمارت 1938ع ۾ جُڙي راس ٿي ۽ عوام لاءِ 1939ع ۾ کولي وئي. سن 1939ع ۾ مسٽر پُٽنَيم جي رٽائر ٿيڻ بعد صدر فِرَينڪِلِن رُوزويلٽ، آرڪِيبالڊ مَيڪلِيش کي لائبرريئن مقرر ڪيو، جيڪو ٻي عالمي جنگ دؤران پنهنجي عهدي تي نهايت سرگرم رهيو. هن ملڪ جي ٻين لائبريريئنس يعني ڪتب خانن جي مک عملدارن کي جمهوريت جي حمايت ۽ مطلق العناني جي مخالفت خاطر ڀرپور نموني ترغيب ڏني. هن لائبرريءَ جي ايڊمِس بِلڊنگ وارو ڏاکڻيون ريڊنگ روم سابق جمهوريت پرست صدر ٿامس جيفرسن جي نالي منسوب ڪيو، هڪ پينٽر عزرا وِنٽر کان ان جي ديوارن تي جمهوريت جي تصور موافق نقاشي ڪرائي ۽ منجهس ”ڊيموڪريسي اَلڪووِ“ نالي هڪڙو جارو يا ديوار ۾ ٺهيل ڪٻٽ ٺهرايو، جنهن ۾ آمريڪا جي آئين، وفاق ۽ آزاديءَ جي اعلان وارو مسودو ۽ ٻيا تمام اهم سرڪاري ڪاغذ محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. ٻي عالمي جنگ دؤران اهي اهم دستاويزات فورٽ ناڪس نالي قلعي ۾ محفوظ ڪيا ويا هئا. ميڪ ليش کان استعيفا ڏياري کيس سن 1944ع ۾ صدر هيري ٽِرُومين اَسِسِٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ مقررڪيو ۽ سندس جاءِ تي لُوٿر ايوانِس کي لائبرريئن بنايو. 1953ع تائين انهيءَ عهدي تي رهندي هن ڪتبخاني معرفت ڏيساور علمي، ادبي توڙي سماجي ۽ عالمي سطح تي سياسي مشاورتي وفد موڪليا. انهن جي نتيجي طور اقوام متحده جي قيام، نيشنل ڊائيٽ لائبرريءَ جي قيام لاءِ ۽ لائبرري آف ڪانگريس توڙي آمريڪا جي ٻين ڪتب خانن واسطي يورپي پَبلِيڪيشن جي ادارن طرفان تعاون حاصل ڪيو. ايوانس جي جانشين ڪُئِنِسي ممفورد 1974ع تائين لائبرريئن جو عهدو سنڀاليو. سندس ايام ڪاريءَ ۾ هن ڪتب خاني لاءِ گهربل ٽِئين عمارت جيمس مَيڊِيسَن ميموريئَل بلڊنگ ٺهي ۽ ڪاهره ۽ نئين دهلي شهرن ۾ اڪُئِيزيشن سينٽر قائم ٿيا. ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪڙو سيل يا دفتر قائم ڪيو ويو جيڪو سڄي آمريڪا ۾ پنهنجي نوعيت جو حامل واحد ادارو هو. سن 1970ع ۾ هڪ ايڪٽ پاس ڪيو ويو، جنهن تحت هن لائبرريءَ جي ماتحت هلندڙ اداري ليجسليٽِوِ رِفَرَنسِ سروس جو نالو بدلائي ”ڪانگريسنل ريسرچ سروس“ مقرر ڪيو ممفورڊ جي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ صدر جيرالڊ فورڊ، 1974ع ۾ ڊينيئل بورسٽِن کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو، جنهن لائبرريءَ کي 82 1981ع جي وچ ۾ نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو. هن لائبرريئن جي ايامڪاريءَ ۾ 1975ع ۾ لائبرريءَ جي بجيٽ وڌائي 116 مليئن ڪئي وئي ۽ 1987ع ۾ اها وڌائي اڍائي سؤ مليئن ڪئي وئي ته بورسٽن عالمن، اديبن، ثقافتي ۽ سماجي اڳواڻن اشاعتي ادارن ۽ تاجران حضرات سان خوشگوار تعلقات قائم ڪيا ۽ لکين ڪتاب، مسودا، دستاويزات ڪتابچا ۽ ٻيا اهم ڪاغذات شائع ۽ محفوظ ڪرايا. سندس ريٽائيرمينٽ تي مشهور جريدي نيويارڪ ٽائيمس پنهنجي تاثر ۾ لکيو ته هو قوم جو هڪ عظيم دانشور عملدار هو. سندس آساميءَ تي صدر رونالڊ ريگن جَيمِس بلنگِٽَن کي تيرهين لائبريريئن طور مقرر ڪيو. هن 1991ع ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال وسيلي ملڪ جي ٻين لائبررين ۽ تعليمي ادارن سان انٽرنيٽ سان پنهنجي لائبرري کي ڳنڍي سمورن ادارن کي باهمي فائدو ڏنو. سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ اوڀر يورپ جي ملڪن سان باهمي تعاون جي بنياد تي تعلقات قائم ڪيا ۽ انهن ملڪن کي سندن پارليامينٽن جا ڪتب خانا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 1990ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ”ورلڊ ڊِجيٽَل لائبرري“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن وسيلي ڪتابن کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. سن 2010ع ۾ ٽيوِٽَر آرڪائيو سسٽم تحت پڻ مختلف علوم کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. هن عظيم ڪتب خاني ۾ 470 ٻولين ۾ ٽي ڪروڙ ويهه لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن. تنهن کان سواءِ هتي 6 ڪروڙ، ڏهن لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ ڪتابن جا هٿ سان لکيل مسوَدا، نسخا، آمريڪا جي آزادي جو اعلان يا پڌرنامون اصل حالت ۾ ۽ چمڙي جي ڪاغذ تي لکيل گوٽِن برگ بائيبل جي دنيا ۾ باقي بچي ويل فقط چَئين نُسخن مان هڪڙو نسخو به موجود آهي. ڏهن لکن کان وڌيڪ آمريڪي سرڪاري ڇپيل دستاويز، گذريل ٽن صدين دؤران شايع ٿيل اخبارن جون ڏهه لک ڪاپيون ۽ بائينڊ ٿيل يعني جلد ٺاهيل اخبارن جا ٽيٽيهه هزار واليوم، پنج لک مائيڪروم فلمن جا ريل، ڇهه هزار ڪامڪ بڪ ٽائيٽل فلمون، ٽيونجاهه لک نقشا، سٺ لک موسيقيءَ جون شيٽون، ٽيهه لک سائونڊنگ رڪارڊ، هڪ ڪروڙ، ستيتاليهه لکن کان به زياده انگ ۾ فوٽوگراف، فائين آرٽ ۽ پاپيولر آرٽ جا فن پارا ۽ تعميراتي ڊرائنگ تصويرون ۽ ڪيترائي ساز به هن لائيبرريءَ جي ضخيم ذخيري ۾ موجود آهن.
لائبرريءَ طرفان پنهنجي ڪتابن کي مضمونن، عنوانن نظريئن، اصولن، قائدن ۽ قانونن، علائقن ۽ مختلف علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تهذيبي دؤرن جي نسبت سان تحقيق واسطي ترتيب جو هڪڙو ڏاڍو ڪارائتو سرشتو جوڙيو آهي جنهن مان ملڪ جي سڀني ڪتب خانن توڙي تعليمي ادارن کي وڏو لاڀ حاصل ٿئي ٿو. هيءَ لائبرري آمريڪا جي ڪاپي رائيٽ آفيس سان گڏ ڪاپي رائيٽ رجسٽريشن جي رڪارڊ ۽ واسطيدار دستاويزن جي محفوظ بئنڪ وارو ڪردار پڻ ادا ڪري ٿي. مذڪور مقصد جي حصول واسطي ملڪ جا سمورا رجسٽر ٿيل توڙي رجسٽر نه ٿيل پَبِلشَر پنهنجي شايع ڪرائيل هر ڪتاب، پمفليٽ توڙي ٻئي چپيل مواد جون گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪاپيون هِن لائبرريءَ کي ڏيندا آهن. انهيءَ عمل کي مَينِڊيٽَرِي ڊِپازِٽ يعني اصولي طور لازمي جمع بندي چوندا آهن، جنهن موجب آمريڪا ۾ ڇپجندڙ نون ڪتابن توڙي ٻين دستاويزن جون هر ڪم واري ڏينهن تقريباً ٻاويهه هزار ڪاپيون لائبرريءَ ۾ جمع ٿين ٿيون. عام تاثر جي ابتڙ هتي جمع ٿيندڙ سموريون ڪاپيون لائبرريءَ جي مستقل ذخيري واري ڪيٽالاگ ۾ داخل نَٿيون ٿين. البت سرسري طور ڏهه هزار ڪاپين جي داخلا ٿئي ٿي. داخلا کان بچيل ڪاپيون ٻاهرين ملڪن جي لائبررين کي، آمريڪا ۾ وفاقي ايجنسين، اسڪولن ۽ ٻين علمي ادبي ۽ فلاحي ادارن کي عطئي طور ڏنيون وڃن ٿيون. ڪانگريس واري هن عظيم لائبرريءَ ۾ ڪتابن جي ڪٻٽن جي ڪل تعداد جي مجموعي ڊيگهه 833 ميل کن ٿيندي، جڏهن ته بربش لائبرريءَ ۾ ڪٻٽن جي مجموعي ڊيگهه 388 ميل کن ڄاڻائي وئي آهي. هن ڪانگريس واري لائبرريءَ ۾ مجموعي طور تقريباً چوڏهن ڪروڙ، ستر لک ائٽم يعني شيون موجود آهن، جن۾ اٽڪل ٽي ڪروڙ، ٽيهه لک ڪتاب پڻ شامل آهن. هن لائبرريءَ جي ويب سائيٽن تي هر موضوع بابت تقريباً سموري معلومات موجود ملندي. ڪانگريس جي لائبرري ڪانگريس بلڊنگ جي ويجهو ٺهيل ٽن عمارتن تي مشتمل آهي، جيڪي زير زمين گذر گاهن وسيلي ڳنڍيل آهن. گهٽ استعمال ٿيندڙ شين ۽ ڪتابن جو ذخيرو ورجينيا رياست جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪ معقول ماڳ تي، هڪ سٺي عمارت ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. هي ڪتب خانو عموماً عوام ۽ سياحن جي گهمڻ لاءِ کليل آهي پر ريڊنگ رُومن ۾ داخلا جي اجازت فقط ريڊنگ سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن کي آهي. اهڙا ڪارڊ لائبرريءَ جي ميڊيسن بلڊنگ ۾ اهڙن ماڻهن کي ملي سگهندا جيڪي گهٽ ۾ گهٽ سورهن سال عمر جا هوندا ۽ وٽن سرڪاري سڃاڻپ ڪارڊ يا ڊرائيونگ لائسنس يا پاسپورٽ هوندو. باقي ڪانگريس جا ميمبر ۽ اهلڪار، سپريم ڪورٽ جا جج ۽ اهلڪار، هن لائبرريءَ جا اهلڪار ۽ ٻيا سرڪاري ڪامورا لائبرريءَ جي مڙني شين کي استعمال ڪرڻ جا مجاز آهن. ڪتاب پڙهڻ وارو ڪارڊ رکندڙن کي به ڪتاب ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت ڪانهي. اهي فقط ريڊنگ رومن ۾ ئي ڪتاب پڙهي سگهن ٿا.