مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

ٽيڪسلا هڪ تاريخي ماڳ

سير سياحت جتي روح ريجهائيندڙ وندر آهي. اتي ڄاڻ ۽ علم پرائڻ جو به وڏو وسيلو اهي. سير و سفر سان ملڪن جي جاگرافيائي بيهڪ، قومن جو عروج ۽ زوال تهذيب، ثقافت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مختلف قومن جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي اوسر کي اکين سان ڏسي علم ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ عبرت به حاصل ڪري سگهجي ٿي. قدرت جون لک مهربانيون جو مون کي ڪيترن ملڪن ڏسڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ دنيا جا اميرترين ملڪ جهڙوڪ سينگاپور، جپان، آمريڪا، يورپ، ايشيا ڏٺم. جپان کي گهمندي جپاني ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي اٿڻي ويهڻي ۽ تيز تر صنعتي ترقي کي ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليم. سچ ته هيءَ قوم عجيب و غريب صلاحيتن جي مالڪ آهي. فونيڪسل پکي وانگي پنهنجي رک مان نئون جنم ماڻيندڙ هيءَ قوم ڏسڻ پرکڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهي. جتي ٻاهرين دنيا جا ڪيترا سارا ملڪ ڏٺم. اتي پاڪستان ۽ هندستان جا تاريخي اهميت جا پڻ ڪيئي ماڳ مڪان ڏٺم شروعات ۾ بابا مرحوم سان گڏ اسان جي زمين جي ويجهو تاريخي ماڳ ٻڌڪا ٽڪر پوءِ مڪلي، حيدرآباد جو قلعو، ڪلهوڙن جا مقبرا، قلندر جي درگاهه، رني ڪوٽ، چؤڪنڊي جا آثار، مورڙي جي قبر ۽ برساتن جي موسم ۾ ٿر جا حسين منظر، محمد طور، سونڍن جو تاريخي قبرستان، ڀنڀور، اروڙ، ڪوٽ ڏيجي جو تاريخي قلعو، موهن جو دڙو. ڪينري ڪيوز، اجنتاالورا جون غفائون، اورنگ آباد جو تاريخي قلعو ۽ پٽنا ديوي، پنهنجي ٻارن سان گڏ، درگاهه شاهه عنايت شهيد، شاهه عبدالڪريم، شاهه عبداللطيف، مخدوم نوح، لاکو لطف الله ۽ ڪراڙ جي ڍنڍ، پليجن جو تاريخي قبرستان، دولهه درياخان، ڄام نظام ۽ ڄام تماچي جي مزار، ڪينجهر جي ڍنڍ ۽ اتي ئي نوريءَ جي قبر، گنجو ٽڪر منوڙو ۽ سسئي جو ماڳ ڀنڀور انهن سان گڏ سنڌ جا ٽيئي بئراج ۽ پاڪستان جا مشهور ڊيم تربيلا، منگلا وارسڪ ۽ راول ڏٺم. لاهور جي بادشاهي مسجد، شاهي قلعو، جهانگير جو مقبرو، شالامار باغ، نورجهان جو مقبرو ۽ لاهور جا تاريخي ماڳ ڏٺم. مطلب ته ترخم کان منوڙي تائين شايد ئي ڪو هنڌ رهيل هجي، پر پاڪستان ۾ ئي هڪ اهم تاريخي ماڳ يعني ٽيڪسيلا ڏسڻ جو موقعو ئي نه مليو. جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڪيترا ڀيرا آيس ۽ واپس هليو ويس. راولپنڊي جي ويجهو سهالا پولس اڪيمڊمي ۾ ته سڄا سارا ست مهينا رهيس ۽ پوليس جو ڪورس ڪيم ۽ اتي ئي پاڪستان ۽ ون يونٽ ٽوڙيندڙ صدر يحيٰ خان ڏٺم. جيڪو انهيءَ وقت سهالا پوليس ريسٽ هائوس ۾ نظربند هو. پر ٿوري ئي پنڌ تي ٽيڪسيلا ڏسي نه سگهيس.
غلام حسين رنگريز ڪنهن ڪورس سانگي اسلام آباد ويو ۽ اتان ڪورس دوران ٽيڪسيلا ڏسي آيو ۽ مون کي ٻڌايائين ته ٽيڪسيلا تمام تاريخي اهميت جي جڳهه آهي ۽ ٻيو ته دنيا جي قديم ترين يونيورسٽي جا کنڊرات ته ڏسڻ وٽان آهن. سال گذرندي دير ڪا نه ٿي. وري به غلام حسين رنگريز کي ڪنهن ڪورس لاءِ اسلام آباد هڪ مهيني لاءِ وڃڻو پيو. سو اتان خط لکيائين ته هن ڀيري ضرور اچ. آئون به تيار ٿي ڪراچيءَ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي اسلام آباد روانو ٿي ويس اسلام آباد هوٽل تي پهچي تيار ٿي غلام حسين وارو خط ڳوليم (جنهن ۾ سندس ائڊريس لکيل هئي) ته خط ملي نه. شايد ڳوٺ رهجي ويو يا واٽ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو. هاڻ غلام حسين کي ڪٿ ڳولجي. دل جي دؤڙ تي ٽيڪسي ڪري چار پنج ڪلاڪ ڳولا ڪيم پر ڪا به خبر ڪانه پيئي، واپس اچي هوٽل ڀيڙو ٿيس، ماني کائي لت کوڙي سمهي رهيس. خيال ڪيم ته صبح جون خبرون صبح ساڻ، صبح جو تيار ٿي نيشنل اسيمبليءَ جو اجلاس هلندڙ هو. هاسٽل ۾ اسان جي ٺٽي ضلعي وارو اسيمبلي ميمبر بابو غلام حسين گڏيو جنهن کان غلام حسين رنگريز جو پڇيم تنهن جواب نهڪر ۾ ڏنو. رنگريز جي پوءِ پڇا ٿا ڪريون تون هل ۽ هلي اجلاس ڏس. سو آئون به بابو غلام حُسين سان گڏ اچي اجلاس ڀيڙو ٿيس. بينظير جي حڪومت جا آخري ڏينهن هجن.
اسيمبلي اڳ به ڪئين ڀيرا ڏٺل هئي. اجلاس هلندڙ هو. ولي خان ۽ مولانا فضل الرحمان منهن ۾ ئي گڏيا، بابو غلام حسين ساڻن ڪو نه مليو. اندر اجلاس ۾ مائي عابده حسين انگريزي ۾ تقرير ڪري رهي هئي. انگريزي تمام سٺي ٿي ڳالهايائين. اڌ ڪلاڪ کن اجلاس ڏسي بابو غلام حسين کان موڪلائڻ کانسواءِ ٻاهر نڪري ٽيڪسي ڪري اچي نبي بخش کوسي ڀيڙو ٿيس. نبي بخش ٻڌايو ته ڪالهه ئي غلام حسين رنگريز مون وٽ آيو هو ۽ ائڊريس به ڏئي ويو آهي. پاڻ ٻڌايائين ته غلام حسين رنگريز وارن جي هاسٽل بلڪل يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي آفيس جي ڀر سان آهي. مون ٻڌايس ته يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن وارن جي ته آفيس مون ڪالهه به ڏٺي هئي. چيئين ته هاسٽل ته اتي ئي آهي. آئون سڌو ٽيڪسي ڪري يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي آفيس پهتس انهن جو ته وڏو بورڊ لڳل هو. پر ڀر سان غلام حسين رنگريز وارن جي هاسٽل تي ڪو به بورڊ لڳل نه هو. چوڪيدارن کان گيٽ تي معلوم ڪيم ته واقعي هي ٽرينر وارن جي هاسٽل آهي. چئون ته ها. مون کي ڪالهه رلڻ جو سبب معلوم ٿي ويو. ڇو ته جيڪر هاسٽل جي ٻاهران بورد هڻي ڇڏين ها ته شايد آئون ڪالهه ئي پهچي وڃان ها. غلام حسين ڪمري ۾ ويٺو هو. مون کي ڏسي خوش ٿيو. ٻڌايومانس ته خاص ٽيڪسيلا ڏسڻ لاءِ آيو آهيان، تيار ٿي ته هلون. چيئين ته اڄ دير ٿي ويئي آهي، سڀاڻي هلبو ٻي ڏيهاڙي ٽيڪسي ڪري اسان سڌا ٽيڪسيلا لاءِ روانا ٿياسين.
ٽيڪسيلا پنجاب جي راولپنڊي ضلعي ۾ ۽ راولپنڊيءَ کان تقريبن 32 ڪلوميٽر پري ٿيندي، ٽيڪسيلا ڏانهن ويندڙ رستو سرسبز وڻن ۾ ڍڪيل ڪشادو ڊبل وي آهي. رستي تي ٽرئفڪ تمام گهڻي هئي. هي رستو پنڊي کان پشاور ڏانهن ٿو وڃي پر ڪجهه پنڌ کان پوءِ پشاور پندي هاءِ وي کي ڇڏي ٻيو رستو ٽيڪسيلا لاءِ نڪري ٿو. ٽيڪسيلا ويندي ويندي رستي تي مون ٻه ڳالهيون نوٽ ڪيون. هڪ ته جيئن ٺٽي کان ڪراچي ويندي ڪيترن هنڌن تي ماڻهو مڇيون وڪڻڻ لاءِ جهليو بيٺا هوندا آهن تيئن هت ڪيترا ماڻهو ماکيءَ جا شيشا ۽ ڏٻا ماکيءَ مان ڀريل هٿن ۾ جهليو هر گاڏيءَ واري کي وڪڻڻ جو اشارو ڏيئي رهيا هئا. ٻيو ته مون پنجاب جي ٻهراڙين ۾ عام غريب مردن ۽ عورتن کي سنڌي اجرڪ پر ريشمي ڪپڙي تي ڇريل پهريندي عام جام ڏٺو پر شهرن ۾ تمام گهٽ يا ڪنهن کي ايڪڙ ٻيڪڙ اجرڪ ۾ ڏٺو پر اهو به غريب طبقي وارن کي اسان جي ٽيڪسي ريلوي ڦاٽڪ وارو رستو پار ڪري اچي ٽيڪسيلا جي ميوزم وٽ بيٺي. ميوزم جي ٻاهران ڪافي دڪان هئا. جن ۾ ڪتابن ۽ ويوڪارڊن جا دڪان به شامل هئا. اسان ڪجهه ڪتاب ۽ ويوڪارڊ خريد ڪري ميوزم اندر روانا ٿياسين ميوزم جي اڳيان ۽ پٺيان عاليشان باغ پڻ هو. ميوزم اندر ٽيڪسيلا کندرات مان جيڪي شيون لڌيون ويون آهن. سي رکيل آهن. ٽيڪسيلا جي کوٽائي پهريائين شروع ٿي پر هي ميوزم ڪافي بعد ۾ ٺهرايو ويو. جنهن ڪري هن خطي مان لڌل نوادرات مان ڪيترا اهم نوادرات هن وقت برٽش ميوزم لنڊن، ڪراچي واري قومي عجائب گهر ۽ لاهور واري عجائب گهر ۾ پڻ رکيل آهن. هن شهر جي کوٽائي پهريائين سر اليگزينڊر ڪننگهم 1863ع ۾ شروع ڪئي. جيڪا يارهن سال يعني 1874ع تائين جاري رهي. کوٽائي دوران هن کي هڪ چاندي جو سِڪو مليو، جنهن تي هن شهر يعني ٽيڪسيلا جو نالو لکيل هو. انهيءَ سڪي ملڻ تي هن کي پڪ ٿي ته دنيا جي قديم تهذيب گنڌارا جي گاديءَ جو هنڌ ٽيڪسيلا هتي ئي دفن آهي. 1874ع کان 1912ع تائين جي هيڏي وڏي عرصي ۾ کوٽائي جو ڪم بند ٿو نظر اچي. 1912ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي جي مهندار ۽ موهن جي دڙي تي هڪ ناياب ڪتاب جي ليکڪ سر جان مارشل هي ڪم وري نئين سر شروع ڪيو. سر جان مارشل پنهنجي سرڪاري ريٽائرمينٽ تائين انهيءَ جستجو ۾ لڳو رهيو. هن کي ڄڻ ته ٽيڪسيلا جي هنن کنڊرن ۽ هن وادي سان پيار ٿي ويو جو ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ به ڪافي وقت هت رهيو، سر جان مارشل پهريون ماڻهو هو جنهن ٽيڪسيلا بابت هڪ ناياب ڪتاب لکيو. ڪتاب جو نالو هو ٽيڪسيلا گائيڊ. هي ڪتاب پوءِ سڀني لاءِ هڪ مشعل راهه ثابت ٿيو. وري 1944ع ۾ سرمارٽيمر وهيلر (Morimer Wheeler) ٽيڪسيلا جي کنڊرات جي کوٽائي شروع ڪرائي جيڪا هندستان جي ورهاڱي يعني 1947ع تائين جاري رهي. 1947ع کان 1967ع تائين يعني سڄا سارا ويهه سال کوٽائي جو ڪم مڪمل طور بند رهيو. پاڪستان آثار قديم جي کاتي 1967ع ۾ محمد شريف جي نگراني ۾ وري کوٽائي ڪرائي، جيڪا 1968ع تائين جاري رهي. (Taksha Sila) کي پنهنجي نالي پٺيان گادي جو هنڌ ڪيو. جيڪو نالو بگڙي ٽيڪسيلا ٿيو ۽ گنڌارا جو نالو شوي آرين جي پري جي شوٽ رهيو آرين جي هڪ حاڪم گانڌرا جي پٺيان گنڌار پيو پر پاڪستان آثار جو محقق محمد ولي الله خان جو چوڻ آهي ته گنڌار جو نالو ڪورُن جي ماءُ يعني راڻي گنڌاري جي ڪري پيو. (گنڌارا صفحو 96) الائي ڇو هي حوالو ڪنهن به محقق نه ڏنو آهي جيڪو پڻ ڪافي دلچسپ آهي. راڳ جا بنيادي ست سر آهن جيڪي عام طرح سان هيئن، سڃاتا وڃن ٿا. ”ساري گم پ ڌني“ جيڪو ستن سرن جو مخفف آهي. هي مخفف هيئن جوڙيو.
(1) شڌ ’سا‘
(2) رشڀا ’ري‘
(3) گنڌار ’گا‘
(4) مڌيم ’م‘
(5) پنچم ’پ‘
(6) ڌئوت ’ڌ‘
(7) نشاد ’ني‘
هي سر قديم زمانن ۾ رشين، منين، جانورن، پکين ۽ ٻين قدرتي آوازن مان جوڙيا يعني:
(1) سا: مور جي رڙ سان مشهابت رکي اٿن.
(2) ري: ڳئون جي آواز سان منسوب آهي.
(3) گ: ٻڪريءَ جي آواز جهڙو آهي.
(4) م: سانئين پکيءَ جي آواز يا پاڻي جي آواز مان ورتل.
(5) پ: ڪوئل جي آوازتان کنيل.
(6) ڌ: گهوڙي جي هڻڪار مان ورتل.
(7) ني: هاٿيءَ جي آواز مان ورتل.
هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته سُر نمبر ٽي ”گا“ جيڪو گنڌار جو مخفف آهي. انهيءَ تان گنڌار تي نالو پيو يا سُر تي قديم وادي گنڌار جي ڪري کيس گنڌار سڏيو ويو. ٽيڪسيلا جي وادي ڪيترا ڀيرا آباد ٿي ۽ ڪيترائي ڀيرا برباد ٿي. ڪڏهن ڌارين جي حملي ڪري ڪڏهن قدرتي حملن ڪري، پر قدرتي حملن ڪري گهٽ ۽ حاڪمن جي حملن ڪري زياده تباهه ۽ برباد ٿي. ڪيترا دفعا ته خود جن تباهه ڪيس ۽ وري نئين سر تعمير ڪري وري پاڻ ئي حاڪم ٿي هتي رهڻ لڳا. ٽيڪسيلا جي کوٽائي مان چئين پراڻن شهرن ۽ ڪيترن ئي قلعن ۽ اسٽوپائن جي ڄاڻ پئي جن جا نالا هي آهن:
(1) سرکولا.
(2) ڀڙ (جنهن کي هاڻ ڀڙ مائوند چيو ٿو وڃي)
(3) سر ڪپ.
(4) سر سک.
(1) سرکولا: (Sir Khula) سرکولا جا آثار هڪ ڊِٻِ تي آهن. آثار قديم جي ماهرن جي خيال موجب هي شهر ٽي دفعا مختلف حادثن ۾ تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي.
آخري دفعو هيءَ وسندي اٺين عيسوي صديءَ ۾ ڪجهه وقت وري آباد نطر اچي ٿي، پر جلد ئي ختم ٿي وئي. جيڪا اڄ تائين اسان وٽ صرف کنڊرن جي شڪل ۾ آهي. سرکولا جي کنڊرن مان لڳي ٿو ته هتي جا ماڻهو فن تعمير ۽ ڌاتو کان بلڪل اڻ واقف هئا. هتي جا ماڻهو پٿر ۽ هڏن کي اوزار طور استعمال ڪندا هئا. آثار قديم جي ماهرن جي راءِ مطابق هتي جا اصل رهاڪو مهذب نه هئا. هنن جا گهر بلڪل بي ترتيب ٺهيل هئا. جن ۾ صحت صفائي جو ڪو به خيال نه هو ۽ نه وري شهر کي ٻاهران ڪا چوديواري هئي. کوٽائيءَ دوران پٿر ۽ هڏن جي اوزارن سان گڏ مٽي جا ٿانوَ، ٺڪريون ۽ عورتن جون مورتيون هٿ آيون آهن. کوٽائيءَ دوران هتان تمام گهٽ سامان هٿ آيو.
(2) ڀڙ (Bhir Mound) جنهن کي هاڻ ڀڙ مائونڊ سڏيو ٿو وڃي. اڄ جو ٽيڪسيلا قديم شهر ڀڙ مائونڊ جي کنڊرن مان هڪ کنڊر شاهه ڍيري تي آباد آهي ۽ اسان جنهن ميوزم ۾ بيٺا آهيون. اهو پڻ انهيءَ قديم ايراضي تي ئي قائم ڪيو ويو آهي. ڀڙمائونڊ جو قديم شهر ٽي دفعا تباهه ٿيو ۽ ٽي دفعا آباد. هي شهر به ڪنهن منصوبابنديءَ کانسواءِ ئي ٺهيل آهي. سوڙها ڦڏا رستا جنهن کي جت آيو اتي گهر ٺاهي ويهي رهيو. نه هوا جو خيال نه صفائي جو بندوبست هر گهر جو غسل خانو ۽ بورچي خانو سواءِ پلاننگ سان ٺهيل. جيئن جيئن آبادي وڌندي ويئي تيئن تيئن گهٽيون سوڙهيون ٿينديون ويون هن شهر جي هيڏي وڏي آبادي ۾ صرف ڪجهه گهر جيڪي شايد ان وقت جي امرائن جا هوندا تن جي بناوت ۾ ڪجهه ترتيب نظر اچي ٿي. هي گهر گهڻو ڪري ٻه ماڙ آهن. شايد مٿي هو خود پاڻ رهندا هئا ۽ هيٺ ٻانهيون غلام ۽ نوڪر. ڀڙ مائونڊ جي اُلهندي حصي ۾ هڪ تمام وڏي عمارت جا آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جنهن ۾ هڪ هال پڻ آهي. هي وسيع عمارت شايد حاڪمن جي رهائش گاهه هوندي. يا ڪو وڏو مندر شهر جي چوڌاري سرن جي ڪوٽ جا آثار مليا آهن پر ڪوٽ تمام ڦٽل حالت ۾ آهي. جنهن ڪري درن جي ڪا به خبر نه آهي ته ڪهري هنڌ هئا ۽ گهڻا هئا. هن قديم شهر جو پايو وجهندڙ هنجا منشي هو، راجا امڀي جي گاديءَ جو ماڳ پڻ هي شهر ئي هو. هن شهر سڪندراعظم، اشوڪ اعظم ۽ چندرگپت جي عظمت ۽ شان شوڪت کي پڻ ڏٺو. دنيا جون قديم ۽ عظيم درسگاهون جيڪي موريا دؤر ۾ ٺهيون سي پڻ هن ئي شهر ۾ قائم هيون. جتي دنيا جي عظيم فيلسوف ”چانڪيا ڪوتليا“ فِلسَفي جي تعليم ورتي ۽ مشهور قانوندان ۽ ٻوليءَ جو ماهر پانني مني هن شهر ۾ ڄائو ۽ تعليم پرائي، جنهن جو سنسڪرت ۾ ٺاهيل گرامر ”اشٽا ڌيائي“ اڄ به مشهور آهي. انهن سڀني عظمتن ۽ خوبين هوندي به هي شهر انتها ئي گندو ۽ غليظ هو، جنهن جو ذڪر سرمور ٽيمر وهيلر ۽ سر جان مارشل هن ريت ڪيو ته ”سڪندراعظم ان وقت جي گنڌارا جي گاديءَ جي هنڌ ٽيڪسيلا ۽ اڄ جي ڀڙمائونڊ ۾ جڏهن داخل ٿيو ته سندن استقبال شاهاڻي نموني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر هن شهر جي آڏين ڦڏين ۽ سوڙهين گهٽين مان جڏهن سڪندر لنگهيو ته چؤ طرف ڌوڙ سندس استقبال ڪيو. هر هنڌ مٽيءَ جا ڍير لڳا پيا هئا، جنهن مان ڌپ اچي رهي هئي. گهر جهڙو ڪَرَ مال جا وٿاڻ، شهر ۾ چؤطرف سوين رولو گڏهه رلي رهيا هئا. شهر جي مٿان ڳجهون لامارا ڏيئي رهيون هيون.“
(ڏسو ٽيڪسيلا ڪا تهذيبي سفرناما ص46)
پر ٽيڪسيلا جي مقابلي ۾ موهن جو دڙو جيڪو ٽيڪسيلا کان هزارين سال قديم آهي. جنهن جي کوٽائي پڻ سرجان مارشل ڪرائي آهي. تنهن لاءِ سرجان مارشل لکي ٿو: ”موهن جي دڙي ۾ جيڪو پاڻي جي نڪاسيءَ جو انتظام ٿيل هو تهڙو بندوبست يورپ جي ڪنهن به شهر ۾ اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. موهن جي دڙي مان کوٽائي سان لڌل زيورن جي باري ۾ لکي ٿو ته اُھي زيور اهڙا ته سهڻا ۽ نفيس هئا جو اڄ جي لنڊن جي مشهور زيورن، جي بازار بانڊاسٽريٽ (Bond Street) ۾ رکيل زيورن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. آئون ۽ غلام حسين ميوزم ۽ ڀڙمائونڊ جا کنڊر ڏسي اڳتي سرڪپ جا قديم آثار ڏسڻ لاءِ گاڏي ۾ چڙهي روانا ٿياسين.
(3) سرڪپ (Sir Kap): سرڪپ ڀڙمائونڊ کان اڌ، ميل کان به گهٽ پنڌ تي آهي. سر ڪپ شهر ٻن حصن۾ ورهايل آهي. هڪ هاٿيال پهاڙي وارو حصو ٻيو ڪنال (Kunal) اسٽوپا وارو حصو، ڪنال، اشوڪ جو پٽ هو. باختري يونانين جڏهن ٽيڪسيلا فتح ڪيو، تڏهن ڀڙمائونڊ جهڙي گندي شهر جي عيوض ڀڙمائونڊ جي ويجهو هڪ مٿانهين پهاڙي تي سرڪپ نالي هڪ نئون شهر تعمير ڪيو. جنهن جو نقشو شطرنج بورڊ جهڙو آهي. هي شهر ڪشادو ۽ نقشي مطابق ٺهيل آهي پر اها اوائلي منصوبا بندي هئي هن شهر جو بنياد ڊميٽريئس (Demitrius) رکيو ۽ شهر جي چوڌاري ڪوٽ، شاڪا بادشاهه ڏياريو جيڪو ساڍا ٽي ميل ڊگهو آهي. شهر جي مٿئين پهاڙي واري حصي ۾ هڪ وڏي محل جا کنڊرات آهن جيڪي شايد حاڪمن جون رهائش گاهون هيون غلام حسين ۽ مون کي گهڻي دير هنن ئي کنڊرن کي ڏسندي لڳي. هيءَ محلات ڏاڍي سهڻي ترتيب سان ٺاهيل نظر آئي. ديوان عام ۽ ديوان خاص، زناني خاني واريون رهائش گاهون، سڀني جي اڳيان وڏا اڱڻ، جتي باغيچن جي لاءِ ناليون ٺهيل هيون. چون ٿا ته پارٿين بادشاهه گندو فارس، عيسائي درويش، طامس جي هن محلات ۾ دعوت ڪئي. (ٽيڪسيلا ڪا تهذيبي سفرناما) هندستان جو وائسراءِ لارڊ ويول 16 نومبر 1945ع ۾ سرڪپ جو هي محل ڏسڻ آيو. انگريزن نه صرف هندستان، پاڪستان جا قديم آثار کوٽائي دنيا اڳيان ظاهر ڪيا. جنهن ۾ موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا، اجنتا ۽ الورا ته سڄي دنيا جي توجهه ۽ تفريح جو مرڪز بڻجي پيا آهن، پر انگريز حاڪم انهنءَ قديم آثارن کي وڏي اهيمت ڏيئي خود به ڏسڻ ايندا هئا، پر اڄ جا حاڪم انهن تي ڪو خاص توجهه نه ٿا ڏين. سر ڪپ جي کوٽائي دوران هتان ڪافي شيون مليون جنهن ۾ سون ۽ چاندي جا زيور، چاندي جا ٿانوَ، ٽامي ۽ پتل جا قلمدان عطر دانيون، پيالا، لوهه جا هٿيار، پٿر جا ٿانوَ، مٽيءَ جون مورتيون، ٻارن جا رانديڪا ۽ وڏا وڏا مٽ قابل ذڪر آهن. ڪن ٿانون تي شراب جي ديوتا ڊايوناس جون تصويرون حسن ۽ محبت جي يوناني ديوي ايفروڊائيٽ جو سون جو ننڍڙو مجسمو، عشق جي ديوتا ڪيو پڊ جو ننڍڙو سونو مجسمو هٿ آيو آهي. ٽيڪسلا وادي جو هي شهر 30 عيسوي سال ۾ هڪ وڏي زلزلي ۾ اڌ کان به مٿي تباهه ۽ برباد ٿي ويو. وري 78 عيسوي سال۾ پليگ جي بيماريءَ ۾ شهر جي هڪ وڏي آبادي موت جو شڪار ٿي ويئي ۽ نئين فاتح حاڪم ماڪيڊ فيسنرز هن شهر کي نڀاڳو سمجهي وڃي سر سک نالي شهر 78ع ۾آباد ڪيو.
(4) سر سک: ٽيڪسيلا واديءَ جو آخري ۽ چوٿون شهر سر سک، سِر ڪپ کان صرف ڏيڍ ميل پري آهي هن قديم شهر جي قديم آثارن جي کوٽائي تمام گهٽ ٿي سگهي آهي. ڇو ته هنن آثارن جي وڏي حصي تي هاڻ ٽي ڳوٺ (1) توفڪيان، (2) پنڊ گاکڙا ۽ (3) پندورا آباد ٿي ويا آهن. باقي رهيل حصي زمين تي باغ ۽ پوک ٿيندي آهي جنهن ڪري کوٽائي نه ٿي سگهي آهي. صرف ٿوري حصي جي کوٽائي ڪرائي ويئي آهي پر ٿوري کوٽائي مان به اهو تاثر ٿو ملي ته هي شهر ٻين سڀني شهرن کان وڌيڪ منصوبا بندي سان ٺهرايو ويو هو. شهر جي چوگرد جيڪا ديوار ڏنل هئي. انهيءَ جا آثار پڻ نالي ماتر وڃي بچيا آهن. پر انهي نالي ماتر حصي مان به اندازو لڳائي ٿو وٺجي ته هن شهر جي چؤديواري ٻين شهرن جي چؤديواري کان وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ نظر ٿي اچي. جيڪا ڪشان حاڪمن منجهان هڪ حاڪم ڪانشيڪا ٺهرائي هئي. هي ساڍا ارڙهن فٽ ٿلهي آهي ۽ هن ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر وڏا ۽ گهڙيل آهن. جڏهن ته سرڪپ واري چؤديواري ننڍن ۽ اڻ گهڙيل پٿرن جي ٺهيل آهي.جيڪا گهٽ محفوظ آهي.
سر سک جي چوديواري ۾ نوي فٽن جي فاصلي تي بُرج ٺهيل آهن جن کي ٺاهڻ ۾ ريتيءَ سان گڏ چن به استعمال ڪيو ويو. ٽيڪسيلا جي سڀني شهرن جي کوٽائي ۾ هي پهريون ڀيرو چن استعمال نطر ٿو اچي. جيڪا هڪ بلڪل نئين ڳالهه آهي. تيرن جي استعمال لاءِ سوراخ ڏنا ويا آهن. جيڪي اندران ننڍا ۽ ٻاهران وڏا آهن. توفڪيان ڳوٺ۾ کوٽائي مان هڪ وڏي عمارت ظاهر ٿي. جنهن جي بناوت به سرڪپ جي جڳهين جهڙي ئي بي ڊولي آهي، پر تڏهن به چنائي ۾ ڪجهه خيال رکيو ويو آهي. جنهن ڪري سرڪپ وارين جڳهين کان ڪجهه مختلف ٿي نظر اچي. ٽيڪسيلا واديءَ جو هي آخري شهر پنجين صدي عيسوي کان پوءِ ”سفيد هن“ نالي قومن جي مسلسل حملن جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويو. هن شهر جي تباهي کان پوءِ هت وري ڪو شهر آباد ٿي نه سگهيو. چيني سياح هسوان تسنگ (Huswan Tsang) پڻ 629ع کان 645ع ڌاري گنڌارا ۽ ٽيڪسلا جا کنڊر ئي ڏٺا. جنهن جو پاڻ سندس سفرنامي ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ آهستي آهستي هن عظيم تهذيب جا کنڊر زمين هيٺ دفن ٿيندي ويا ۽ ٽيڪسيلا جو نالو گمنامي جي اونداهين ۾ غرق ٿيندي ويو. سوين صديون گذري ويون پر تاريخ جي ورقن ۾ ڪٿي به ذڪر نٿو ملي. کوٽائي دوران درما راجڪا جي بت ڪده مان مليل هڪ چاندي جي ٽڪري تي لفظ ٽيڪسيلا لکيل نطر آيو ۽ ائين وري هڪ دفعو ٽيڪسيلا سڄي دنيا اندر مشهور ٿي ويو ۽ سڄي دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز ٿي ويو ۽ اسين به هت پهچي وياسين.