الاظهر مسجد ۽ يونيورسٽي، قاهره مصر
هن عظيم اداري تي اهو نالو رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي پياري نياڻي حضرت بيبي فاطمه الرهزه جي نالي تان اخذ ڪيو ويو. هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود الله پاڪ جي فضل و ڪَرم سان الاظهر اسلامي تعليمات خصوصاً فقھ ۽ عربي ٻوليءَ جو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مستحڪم مرڪز ۽ مکيه ادارو آهي، جتان اسلام ۽ سمورن مسلمانن جي ڀلائيءَ خاطر سمورن اسلامي ملڪن ۾ اسلامي عِلوم جي اشاعت جاري آهي، جنهن ۾ اسلامي ثقافتي ورثو، اسلامي تعليمات جو اڀياس، اشاعت ۽ تبليغ شامل آهي. الاظهر يونيورسٽيءَ مان مذڪوره علوم جي اشاعت دهريت، غير اسلامي مذهبي، تبليغي مهمات، گمراهي، آپيشاهي، پسماندگي ۽ تباهي ڦهلائيندڙ تحريڪن سان مسلسل نبردآزما آهي. هن اداري انسان ذات جي وڌ کان وڌ ڀلائيءَ ۾ ڪار فرما افراد ۽ ارڪان جي نشاندهي ڪئي ۽ اسلام جي مکيه مقصد کي ڀليءَ ڀت بيان ڪيو، اهو انهيءَ لاءِ ته اسلام اهو دين آهي، جنهن موجوده دنيا جي مسئلن ۽ آخرت جي مسئلن کي گَڏي انهن جي حل لاءِ حقيقي اصول بيان ڪيا آهن، انهيءَ سبب اهو حقيقي عبادت جو ادراڪ ڪري ٿو، جنهن تي زندگيءَ جي مسائل جي حَلَ جو دارو مدار ٿئي ٿو، ڇو ته اسلام مڪمل ظابطه حيات آهي جيڪو حقيقي عدل ۽ انصاف تي مبني معاشرو قائم ڪري ٿو.
الاظهر يونيورسٽي عالمي سطح تي مختلف مُلڪن ۾ پنهنجي طرفان قائم ڪيل اسلامي تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن، جتي الله پاڪ جي حقيقي دين جي حقيقي تبليغ ۽ اشاعت ٿئي ٿي. مثلاً معياري منتخب اسلامي ادب، قرآن مجيد جا معياري نسخا ۽ اعليٰ معيار جا حامل مبلغ جيڪي ڌڻيءَ جي راهه ڏانهن گامزن ٿيڻ لاءِ معاشري ۾ مذهب ۽ زندگيءَ کي مربوط ۽ منسلڪ هجڻ بابت اصولي تربيت ڪن ٿا ۽ رهبرانه تلقين ڪن ٿا.
الاظهر اسلام جو اهو روحاني پناهگاهه آهي جنهنجي حيثيت ۽ اهميت عالمي سطح تي ڀليءَ ڀَتِ تسليم ٿيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن اداري جو وقار سموري مسلم امت جي دلين ۾ موجود آهي، تنهنڪري سمورن مسلم ملڪن جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي هزارن جي تعداد ۾ اسلامي تعليمات حاصل ڪرڻ خاطر الاظهر يونيورسٽي موڪليندا آهن، جتي کين کُلي ذهن سان غور ۽ فڪر ڪرڻ، آزاديءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ عقلي ادراڪي ۽ منطقي طور تي قائدن، قانونن ۽ اصولن کي قبول ڪرڻ لاءِ جديد طريقه تعليم مهيا ڪيو وڃي ٿو، جينئن ته اهي قابل احترام فارع التحصيل علماء بڻجي سگهن ۽ پوري دنيا ۾ حق، سچ ۽ پر اَمن بقاءِ باهمي تي مبني الله تعاليٰ جي ڏسيل ضابطه حيات واري سنئين واٽ ڏيکاريندڙ علم جا عظيم مينار محسوس ٿين.
الاظهر يونيورسٽيءَ جا مختلف شعبا:
1. سپريم ڪائونسل: هن اداري جو اڳواڻ الاظهر يونيورسٽيءَ جو مکيه امام، شيخ الجامع الاظهر هوندو آهي. ان جي ماتحت نائب امام، سمورن شعبن جا ڊين ۽ ڊائريڪٽر ۽ اسلامي تحقيق واري اڪيڊميءَ جي اهلڪارن مان چار ميمبر، وقف، تعيلم، انصاف ۽ ماليات وارن سرڪاري کاتن مان هڪڙو اَنڊر سيڪريٽري، ثقافت ۽ پرڏيهي ملڪن لاءِ اسلامي تبليغي و فوڊ جو ڊائريڪٽر، الاظهر يونيورسٽيءَ جي سمورن شعبن جو ڊائريڪٽر ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم ۽ ان سان واسطيدار عام معاملن وارن شعبن مان ٽي اهلڪار الاظهر سپريم ڪائونسل جا ميمبر هوندا آهن.
هن سڀ کان مکيه اداري کي يونيورسٽيءَ جي مڪمل نصب العين جي حصول لاءِ منصوبه بندي، طريقه ڪار ۽ واضح عام اصول ۽ قائدا قانون مرتب ڪرڻ ۽ اسلامي ثقافت ۽ عربي ٻوليءِ جي عالمي سطح تي پرچار ڪرڻ، يونيورسٽيءَ جي نصاب جي سُڌاري، ترميم توڙي واڌاري بابت تجويزون مرتب ڪرڻ ۽ يونيورسٽيءَ جي سمورن شعبن جي ڪارڪردگيءَ جي نگهباني ڪرڻ وارو اهمترين ڪم سونپيل آهي. هن ڪائونسل کي يونيورسٽيءَ ۾ وقت سر گهربل وڌيڪ نوان شعبا قائم ڪرڻ ۽ سمورن شعبن جي مالياتي معاملن بابت فيصلا ڪرڻ جو به اختيار آهي.
دنيا جي هن قديم ترين يونيورسٽيءَ الاظهر جو نصب العين ته اسلام جي سني فرقي جي تعليمات جنهن ۾ قرآن شريف ۽ احاديث نبوي ۽ سني فرقي وارن جي قائم ڪيل ثقافت جي تدريس ۽ اشاعت آهي، پر انهيءَ سان گڏ اڄڪلهه هن عظيم مادر علمي ۾ وقت جا جديد علوم جهڙوڪ جديد طب، طبعيات، ڪيميا، رياضي، حياتيات وغيره پڻ سيکاريا وڃن ٿا. يونيورسٽيءَ جي آئين جي فقري 103 موجب سن اوڻيهه سؤ ايڪهٺ ۾ جديد سائنس جي ٻن مکيه شعبن طب ۽ انجنيئرنگ لاءِ الاظهر ۾ ٻه الڳ ڪاليج قائم ڪيا ويا. مصري شاگردن کان سواءِ اڪثر مسلم ۽ يورپي ملڪن کان آيل هزارين مسلم شاگرد هتي پڙهن پيا.
الاظهر يونيورسٽي اصل ۾ الاظهر مسجد جي معروضي توسيح آهي، جيڪا روء زمين تي سمورن اسلامي تعليمي ادارن ۾ قديم ترين درسگاهه آهي ۽ پنهنجو مثال فقط پاڻ ئي آهي. هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي دؤران الاظهر يونيورسٽي اوڀر توڙي اولهه جي سموري مسلم امت لاءِ هڪ اُتساهيندڙ اسلامي ثقافتي مرڪز طور سرگرم عمل و فڪر رهي آهي. هن عظيم يونيورسٽيءَ جي تعليمي پاليسي هيٺين مکيه اصولن تي مبني آهي.
اول ته هيءَ مادر علمي انهن سمورن مسلم شاگردن لاءِ هميشه کُليل آهي، جيڪي ڪنهن مخصوص علم جو اڀياس ڪرڻ گهرن ٿا يا اهي اسلامي تعليمات جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪرڻ چاهين ٿا. هيءَ عظيم درس گاهه سدائين سموري اسلامي دنيا ۾ علمي ايڪي لاءِ حتي المقدور ڪوششون ڪري پئي. نه فقط ايترو پر اها مسلم اُمت جي تعلقات کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۽ دين اسلام لاءِ وفاداريءَ لاءِ سخت جاکوڙ ڪري رهي آهي. سندس سموري نصاب ۽ پنهنجي عالمانه سرگرمين ۾ اها اسلام جي روحاني تعلقات کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي ۽ عوام ۾ قومي خودداريءَ جي احساس کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشان آهي.
هي مادر علمي اسلام جي رهبرانه روشني ۽ عرب قوم جو مضبوط قلعو، مسلمانن جي دلين ۽ دماغن ۾ اسلامي تعليم حقيقي طور پهچائڻ جو مکيه وسيلو، عربي ٻوليءَ جي محافظ، اسلامي، ثقافتي ورثي ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪندڙ، انهيءَ کي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ وڌيڪ اجاگر ڪندڙ ۽ پنهنجن اغراض و مقاصد جي حِصول لاءِ جاکوڙيندڙ ادارو آهي. تنهنڪري اها سموري مسلم دنيا ۾ اسلامي تعليمات جي تبليغ ۽ اشاعت واري عمل واسطي رهبرانه ڪردار جي ڀلي ڀت لائق آهي. اهڙي ريت هيءَ مادر علمي خواهان آهي ته اها مصر، عرب دنيا ۽ سموري اسلامي دنيا لاءِ بهترين عالم ۽ ماهر مهيا ڪري جيڪي اسلامي اخلاقيات ۽ ثقافت بابت عبور رکندا هجن ۽ پنهنجن معاشرن جي خدمت لاءِ تيار هجن ۽ پنهنجن ملڪن کي اسلامي ۽ سائينسي بنيادن تي تعمير ڪرڻ ۾ پنهنجو مڪمل مثبت ڪردار ادا ڪن.
عظيم ۽ ماهر تعليمدان ۽ سائينسدانن جي عاليشان کيپ پيدا ڪرڻ، جينئن ته اهي ايندڙ نسلن لاءِ تعليم جي سمورن شعبن ۾ گهربل مهارت مهيا ڪري سگهن، جيڪا زندگي جي روحاني ۽ مادي پهلوئن ۾ گهربل هوندي. انهي اعليٰ مقصد جي حصول خاطر هيءَ يونيورسٽي اعليٰ تعليم جي همٿ افزائي ۽ مدد ڪندي رهي ٿي.
مختلف تعليمي شعبن ۾ اعليٰ تعليمي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپس يعني علم جي حصول لاءِ وظيفا مهيا ڪيا ويا آهن، جينئن ته مصر۽ سموري اسلامي دنيا کي فائدو رسي سگهي. اڄڪلهه پوري دنيا ۾ ٿيندڙ سائينسي تحقيقي سرگرمين مان لاڀ حاصل ڪرڻ واسطي الاظهر يونيورسٽيءَ دنيا جي تقريباً سَمُورِين مشهور يونيورسٽين سان باهمي تعاون ڪارڻ ڪافي عرصي کان گهاٽا تعلقات قائم ڪري رکيا آهن ۽ يونيورسٽيءَ جي سمورن شعبن لاءِ عالمي ماهرن جي اچڻ وڃڻ جو بندوبست ٿيل آهي، جيڪي ايندا ويندا رهندا آهن ۽ تقريباً سمورن شعبن جو معائنو ڪندا آهن، مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندا آهن ۽ تحقيقي ڪارگذارين جو جائزو وٺي گهربل رهنمائي ڪندا آهن.
يونيورسٽيءَ پنهنجي سمورن تحقيقي شعبن مان اهلڪار تازه ترين تحقيق ۽ ايجادن جي سلسلي ۾ گهربل ماهرانه علم واسطي ٻاهرين يورپي ۽ آمريڪي ملڪن ڏانهن موڪليندي رهي ٿي، جينئن ته سندس شاگرد جديد ترين علوم سان بهره ور ٿي سگهن ۽ پوئتي رهجي نه وڃن.
الموئظ، فاطمي خليفي سن 358 هجري مُطابق 969ع ۾ پنهنجي سالار، جواهر کي مصر فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، تنهن ملڪ فتح ڪرڻ کانپوءِ قاهره شهر ۽ مسجد الاظهر جي تعمير شروع ڪرائي. مسجد شريف تقريباً ٻن سالن جي قليل عرصي ۾ جُڙي راس ٿي ۽ ستين رمضان سن 361 هه مطابق 22 جون 972ع ۾ اتي پهريون ڀيرو نماز پڙهڻ شروع ٿي. انهيءَ زماني کان وٺي اڄ تائين هيءَ مسجد ۽ يونيورسٽي سموري دنيا ۾ پنهنجي ديني توڙي دنيوي علوم جي عظيم درسگاهه طور مشهور آهي.
الاظهر مسجد جي تعمير کان ساڍا ٽي سال پوءِ اتي ديني تعليم لاءِ مدرسو قائم ڪيو ويو. سن 365 هجري جي رمضان شريف ۾ مطابق آڪٽوبر 975ع فاطمي خليفي الموئظ جي خواهش موجب امام ابو حنيفه جي پٽ ابو الحسن قاضي القضات يعني چيف جسٽس جي حيثيت ۾ سندس والد امام ابو حنيفي جو فاطمي شيعه فرقي جي اسلامي قانون يعنيٰ فقه بابت لکيل اختصار مسجد شريف ۾ منعقد ٿيل پهرئين مذهبي/سياسي جلسي ۾ منبر تي چڙهي پڙهي ٻڌايو. انهيءَ کانپوءِ اهڙا ڪيترائي جلسا منعقد ٿيندا رهيا. خليفي العزيز باالله جي حڪومت جي شروع ۾ الاظهر مدرسي تعليمي ڏس ۾ ڪافي ترقي ڪئي.
خليفي الموئظ ۽ بعد ۾ خليفي العزيز باالله جي وزير يعقوب ابِن خِلس خليفي جي خواهش موجب شيعه فقعھ بابت پنهنجو لکيل الرساله العزيزيه مدرسي ۾ منعقد جلسي ۾ پڙهي ٻڌايو. بعد ۾ هن مدرسي ۾ مروج تعليم کي ترقي ڏياري ۽ هن اتي ٽيهه فقه جا ماهر قانون دان مقرر ڪيا. کين عاليشان پگهار ڏياريائين ۽ کين الاظهر جي ويجهو گهر پڻ ٺهرائي ڏنائين. فاطمي دؤر خلافت ۾ الاظهر علم ۽ دانش جو مکيه مرڪز هو. مذڪور جلسن کان سواءِ فقط عورتن لاءِ پڻ اخلاقيات بابت جلسا منعقد ٿيندا هئا. نه فقط ايترو پر ڪن ڪن ڏينهن دؤران الاظهر مدرسي ۾ ڪورٽون قائم ٿينديون هيون ۽ محتصب يعني احتصاب ڪندڙ عملدار جي ٻن صدين تائين آفيس الاظهر ۾ قائم رهي. بغداد ۽ اندلس ۾ قائم عربي ٻوليءَ ۽ اسلامي تعليمات جا مرڪز جڏهن برباد ٿي ويا ته الاظهر ۾ اهڙا مکيه مذهبي تعليمي مرڪز قائم ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح الاظهر پوري دنيا ۾ اسلامي تعليمات ۽ عربي ٻوليءَ جو سڀني کان وڏو ادارو ٿي اُسريو. انهيءَ وقت کان وٺي سمورا جلسا خالص طرح تعليم ۽ تدريس موافق منعقد ٿيڻ لڳا، جتي آزاديءَ سان جديد سائينسي علمن تي بحث مباحثا ٿيڻ شروع ٿيا ۽ ڏيساور کان اعليٰ تعليمي ماهرن جا وفد اچڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ لڳا. اهڙين سرگرمين ۾ واڌاري سبب هتي يونيورسٽيءَ واري نظام تعليم جا بنياد پيا ۽ بعد ۾ انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ اوڀر توڙي اولهه ۾ پکڙجي ويئي ته الاظهر دنيا ۾ قديم ترين مذهبي يونيورسٽيءَ آهي.
البت صلاح الدين ايوبي جي دؤر حڪومت کان وٺي اٽڪل هڪ صديءَ تائين الاظهر مسجد توڙي يونيورسٽيءَ جي حيثيت سان پنهنجي ڪارڪردگي ۾ طعطيل جو شڪار رهي، پر تعليمي اڀياس فاطمي دؤر حڪومت وانگر جاري رهيو. ان جو دائرو خالص ديني ۽ عربي ٻوليءَ تائين محدود رهيو.
مملوڪ دؤر حڪومت يعني سن 648هه کان 922 هه مطابق سن 1250ع کان 1517ع واري طويل عرصي دؤران الاظهر يونيورسٽيءَ کي اسلامي دنيا طرفان نيون ذميواريون سونپيون ويون. وچ ايشيا جي ملڪن تي مغلن جي حملن ۽ اندلس ۾ اسلامي رياست جي خاتمي سبب مسلم عالمن ۽ محققن واسطي فقط هڪڙو پناهگاهه الاظهر يونيورسٽي هئي جتي پهچي جيئدان حاصل ڪيائون. انهن علماء ۽ محققين جي مدد ۽ محنت سان اٺين ۽ نائين هجري صدين ۾ الاظهر يونيورسٽي تعليمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ ترقي ڪري ڪمال تي پهتي. انهيءَ دؤران الاظهر يونيورسٽيءَ قدرتي سائينس يعني خالص سائينس جي مختلف علمن جي کوجنا ۽ ترقي ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. سائينسدانن يونيورسٽيءَ ۾ ڪيميا ۽ دواسازي، رياضي، فلڪيات، تاريخ، جاگرافي، طب ۽ طبعيات جي شعبن ۾ قابل تعريف تحقيق ۽ ترڪي ڪئي. انهن علماء ڪرام حڪومتن جي عدم استحڪام ۽ تعليم ۽ تدريس ۾ عدم دلچسپيءَ جي باوجود مذڪور علوم ۾ پنهنجي تدريس ۽ تحقيق جاري رکي.
سلطنت عثمانيه جي ماتحت عرصي دؤران ڪافي وقف جي ملڪيت حاصل ڪرڻ سبب الاظهر يونيورسٽي مالياتي طور آزاد رهي. جنهن سبب عالمن کي پنهنجي پسنديده علمي شاخ ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ مڪمل آزادي حاصل هئي، جنهن سبب اسلامي ۽ عربي علوم ۾ اها پوري دنيا ۾ واحد رهبرانه ڪردار جي حامل مادر علمي ٿي پئي، ۽ اها سموري اسلامي دنيا جي شاگردن توڙي استادن لاءِ باعث ڪشش ٿي پئي. اها پڻ ڳڻڻ جوڳي ڳالهه آهي ته عثماني خليفن مان ڪنهن به حڪمران الاظهر ۾ پنهنجي طرفان ڪو به امام يا هن عظيم اداري جو اڳواڻ مقرر ڪونه ڪيو. اها آسامي فقط مصري ماڻهن لاءِ مخصوص ڪيائون. جڏهن فرينچ بادشاهه نيپوليئن بونا پارٽ سن 1789ع مطابق 1213 هجري ۾ مصر تي قبضو ڪيو ۽ الاظهر جو معائنو ڪيو، تڏهن انهيءَ کي سموري اسلامي دنيا جي عظيم ترين درسگاهه ڪري تسليم ڪيائين. سينٿ هيلينا جزيري ۾ جلاوطنيءَ دؤران لکيل ڊائري ۾ هن الاظهر يونيورسٽيءَ کي پيرس شهر ۾ موجود عظيم فرينچ يونيورسٽيءَ جي برابر بيان ڪيو. هن الاظهر جي علماء اساتذه ۽ محققين کي حقيقي علماء ۽ محققين ۽ مصري قوم جا اڳواڻ ڪري ليکيو. هن قاهره شهر تي قبضو ڪري شهر جي انتظام واسطي نون ميمبرن تي مشتمل هڪڙي اسپيشل ڪائونسل جوڙي جنهن جو اڳواڻ الاظهر جو امام شيخ عبدالله الشرڪلوي ۽ سمورا ميمبر الاظهر جا استاد هئا. جيتوڻيڪ ساڳئي وقت فرينچ مخالف انقلابي ماڻهو به الاظهر ۾ اچي گڏجاڻيون ڪندا هئا. انهن انقلابين جو اڳواڻ شيخ محمد السادات هو. جڏهن فرينچن خلاف انقلابي جدوجهد شروع ٿي ته الاظهر جي استادن سمجهيو ته هن صورتحال ۾ تدريسي عمل مشڪل آهي تنهنڪري انهن مسجد بند ڪري ڇڏي، ٽن سالن کانپوءِ جڏهن فرينچ ملڪ مان نڪري ويا تڏهن الاظهر نئين سر کوليو ويو ۽ تدريسي عمل بحال ڪيو ويو.
سن 1805ع مطابق 1220هه ۾ محمد علي مصر تي قبضو ڪيو ته هن مصر کي جديد رياست بنائڻ لاءِ منصوبه بندي ڪئي.
مذڪوره مقصد جي حصول خاطر بادشاهه مکيه انحصار الاظهر يونيورسٽيءَ تي ڪيو. الاظهر جي ڪيترن ئي شاگردن کي وظيفا ڏيئي ڏيساور جديد اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ موڪليو. انهن جديد اعليٰ تعليم يافته ماڻهن موٽڻ بعد مصر ۾ علمي ادبي ۽ سياسي سُجاڳيءَ جي تحريڪ برپا ڪئي. اوراٻي تحريڪ جي انقلابين جي اڪثريت الاظهر جي گريجوئيٽ هئي سن 1919ع واري انقلاب جو اڳواڻ سعد زغلول محمد عبده ۽ المتفالوطي وغيره الاظهر ۾ تعليم مڪمل ڪئي.
انهي جديديت واري عمل دؤران مذهبي رواداريءَ جو وڏو واقعو به الاظهر يونيورسٽي ۾ رونما ٿيو، جڏهن مسلم ۽ ڪرستان علماء مسلمانن ۽ ڪرستانن جي گڏيل جلسي عام کي الاظهر يونيورسٽيءَ جي جلسه گاهه ۾ خطاب ڪري مذهبي رواداريءَ جو مثال قائم ڪيو.
جڏهن سن 1952 ۾ مصر ۾ انقلاب برپا ٿيو ته الاظهر يونيورسٽيءَ کي جديد علوم سان بهره ور ڪري کيس ترقي ڏني ويئي، جينئن ته اها نه فقط مصر ۽ عرب ملڪن لاءِ پر پوري اسلامي دنيا جي فلاح ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو اصل عالمانه ڪردار ادا ڪندي رهي.