نـيـچـرل هـسـٽـري مـيـوزم اسان جي گائيڊ ڊاڪٽر رابعه جي هدايتن مطابق ميوزم گهمڻ جي شروعات ڪئيسين. هي نيچرل هسٽري ميوزم لنڊن شهر جي ڪينسنگٽن علائقي ۾ ايگزيبيشن روڊ تي قائم ٽِن شاهي عجائب گهرن مان هڪڙو آهي. ٻين عجائب گهرن جا نالا آهن: 1. سائينس ميوزم، 2. وڪٽوريا ائنڊ البرٽ ميوزم. نيچرل هسٽري ميوزم ٽيڪسن کان آجو ڪيل فلاحي ادارو آهي، جيڪو انگلينڊ جي خبر رسائيندڙ اداري، راندين واري اداري ۽ ثقافت واري کاتي جي سهڪار سان هلندڙ آهي. هن عجائب گهر ۾ گڏ ڪيل پنجن سائنسي علمن سان واسطو رکندڙ شين، جِنسُن، تقريباً سمورن ساهوارن، جيتن جَڻِيَن، وڻن ۽ ٻوٽن تي مشتمل عناصر جو تعداد اٽڪل ست ڪروڙ کن ٿيندو. هي ميوزم عالمي شهرت جو حامل تحقيقاتي ادارو به آهي، جتي مختلف شين، وڻن ٻوٽن، سمورن ساهوارن ۽ جيتن جَڻيَن جي سُڃاڻپ، درجه بندي ۽ حفاظت ڪرڻ جي وڏي مهارت حاصل ڪئي وڃي ٿي. مشهور سائنسي عالم چارلس ڊارون جي گڏ ڪيل شين، جيتن ۽ ٻوٽن وغيره وانگر هن عجائب گهر ۾ رکيل لکين شيون تاريخي ۽ سائنسي طور تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهن. هتي قائم ڪيل ڪتب خاني ۾ مختلف سائنسي علمن متعلق ڄاڻ ۽ تحقيق واسطي لکيل ڪتاب، رسالا، ميگزين، اخبارون، هٿ سان لکيل مُسودا، فنپارا وغيره به لکن جي تعداد ۾ گڏ ڪيل آهن. ڪتب خاني ۾ رسائي يا داخلا فقط واسطيدار عملدارن کان اجازت وسيلي ٿئي ٿي. قديم جانورن يعني ڊئنوسارس جي هڏائين پڃري جي نمائش سبب هن ميوزم کي عالمي شهرت ملي. اسان کي فقط هن ئي هڏائين پڃري کي ڏسڻ ۾ پورو هڪ ڪلاڪ لڳو. اها واقع حيرت انگيز شيءِ آهي. سن 181ع ۾ الفريڊ واٽر هائوس نالي گهربل عمارت جوڙي، بِڙٽش ميوزم مان نرالي خاصيت وارين مخصوص شين کي آڻي هن عمارت ۾ نمائش لاءِ آويزان ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن نمائش گاهه کي جيالاجيڪل ميوزم جو نالو ڏنو ويو. هن ميوزم ۾ ڊارون سينٽر گهڻو وقت پوءِ قائم ڪيو ويو. ڊارون جا لکيل ڪتاب ننڍي هوندي ڏاڍو بور ڪندا هئا، پر پوءِ اهي وري وري پڙهڻ سان جيڪا سمجهه ۽ سُرت هاصل ٿي تنهن دماغ جا سڀ پردا هٽائي ڇڏيا ۽ سموريون دقيه نوسي ۽ مُدي خارج سوچون دماغ مان هميشه لاءِ نڪري ويون، ڪوڙ ۽ سچ ۾ تميز ٿي، هر ڳالهه عقلي بنياد تي سمجهه ۾ اچڻ لڳي ۽ صدين جي مصنوعي ڪوڙن مان زندگيءَ کي نجات ملي. هن ميوزم ۾ سڀ کان پهرين ڊاڪٽر سر هينس سِلون جا گڏ ڪيل سُڪل ٻوٽا، جانورن ۽ انسانن جا سُڪايل هڏاوان پڃرا رکيا ويا، جيڪي هن کان اڳي بِرٽش ميوزم جي مونٽيگ هائوس نالي عمارت ۾ سن 1756ع ۾ رکيا ويا هئا. سرهينس جا گڏ ڪيل اهي نوادرات برطانوي سرڪار لاٽريءَ وسيلي خريد ڪيا هئا. اُوڻِيهَئين عيسوي صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن دؤران انهن نوادرات جي گهڻائي گم ٿي وئي. ميوزم جي زولاجي واري شعبي جي سن 1826ع تائين رهندڙ انچارج عملدار ڪيتريون ئي شيون رائيل ڪاليج آف سرجنس کي وڪڻي ڏنيون. هُن کان پوءِ مقرر ٿيل عملدار وليئم ايلفورڊليچ ميوزم جي هيٺئين ڀاڱي ۾ باه لڳارائي. سن 1833ع جي رپورٽ موجب ڊاڪٽر سِلون جي ٺاهيل فهرست ۾ ڄاڻايل 5500 جيتن جا ڍانچا تباهه ٿي ويا. اهڙيءَ ريت ميوزم جي عملي جي نااَهلِي پڌري ٿي پئي، ڇو ته عملي کي اقربا پروريءَ جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو هو. مثلاً هڪڙي ٽُرَسٽِيءَ جي داشته جي ڀائٽي کي اينٽامالاجيڪل اسِسِٽَنٽ طور مقرر ڪيو ويو، جنهن کي هڪ پوپٽ ۽ ڪِينئين ۾ فرق به معلوم نه هو. زولاجي واري شعبي جي انچارج عملدار جي.اي گِري ميوزم جي عملي ۾ ذهني ناچاڪيءَ جي شڪايت ڪئي. هڪڙي ملازم نالي جارج شا محفوظ ڪيل ڪوڏا ڀڃڻ جي ڌمڪي ڏني. هڪ ٻئي ملازم جيتن وارين پيتين تان نمبر ۽ ليبل لاهي ڇڏيا. ڪوڏن ۽ سپين جي گڏ ڪيل ذخيري مان گِري جي زال ڪوڏن وارا اگهاڙا ٽِري کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي ته ان وقت واچوڙي لڳڻ سبب ڪوڏن تي لڳل سمورا ليبل لهي اڏامي ويا. انهيءَ وقت لائبرريءَ جي مکيه انچارج ملازم اينٽونيو پانيزي کي سائنسي علمن ۽ نيچرل هسٽري ميوزم جي مڙني شُعبن کان سخت نفرت هئي. عوام کي نيچرل هسٽري ميوزم ۾ لڳل نمائشون ڏسڻ لاءِ ڪا به ترغيب ڪا نه ٿي ڏني وئي. سن 1835ع ۾ سر هينري ايلِس پارليامينٽ جي سليڪٽ ڪميٽيءَ اڳيان بيان ڏنو ته ميوزم جي ڪتب خاني جو مکيه عملدار ۽ سندس ساٿي اهلڪار مذڪور ناجائز رَوَيي کي مڪمل طور روا رکيو اچن. نيٺ سن 1856ع ۾ رچرڊ اووِن کي برٽش ميوزم جي نيچرل هسٽريءَ وارن شعبن جو سُپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، تنهن اچي مذڪور اُڻائِين کي ختم ڪيو. سندس آندل سڌارن کان متاثر ٿي هڪ عالِم بِل بِرائِسَن لکيو ته نيچرل هِسٽري ميوزم کي هر شخص جي ڏسڻ لاءِ تيار ڪري مسٽر اووِن اسان جي انهن توقعات کي وڌايو آهي ته هڪ عجائب گهر قائم ڪرڻ جو مقصد ڇا هوندو آهي! اووِن محسوس ڪيو ته نيچرل هسٽريءَ وارن شعبن کي حقيقي طور تي موجود ايراضيءَ کان اڃا وڌيڪ ايراضي گهربل آهي، جڏهن ته برٽش ميوزم وٽ ايتري وڌيڪ گهربل ايراضي ڪانهي. تنهن ڪري انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ ڏکڻ ڪينسنگٽن علائقي ۾ گهربل ايراضي خريد ڪئي وئي ۽ سن 1864ع ۾ اتي ميوزم جي عمارت اڏڻ لاءِ ان جي نقشي ۽ پلان واسطي وقت جي ناميارن معمارن ۾ چٽا ڀيٽ ڪرائي وئي، جن مان سِوِل انجينئر ڪَيپٽَن فرانسز فائوڪ جو نقشو پاس ڪيو ويو. اهو انجنيئر ٿوري ئي وقت اندر گذاري ويو ته پوءِاهو منصوبو الفريڊ واٽر هائوس جي حوالي ٿيو، تنهن نقشي ۾ پنهنجي سوچ آهر جيڪا تبديلي آندي اها ساراهي وئي. اڏاوت جو ڪم سن 1873ع ۾ شروع ٿيو ۽ سن 1880ع ۾ مڪمل ٿيو. نئون ميوزم جُڙڻ کان پوءِ 1881ع ۾ عوام جي ڏسڻ لاءِ کوليو ويو، جيتوڻيڪ سمورا نوادرات نئين عمارت ۾ آڻي رکڻ جو عمل سن 1883ع ۾ مڪمل ٿيو. هن عمارت کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ خاطر عمارت اندر توڙي ٻاهر ٽيراڪوٽا يعني پڪن ٽائيلن جو استعمال ڪيو ويو آهي. انهن ٽائيلن جي سِرُن تي مختلف قسمن جي گلڪاري ۽ آڳاٽن ۽ هاڻوڪن جانورن جون تصويرون ٺاهيون ويون آهن. انهن کي ڊارون جي نظريئي مطابق ڏيکاريو ويو آهي ته موجوده جانور آڳاٽن جانورن مان ڪِيئن سُڌري موجوده حالت ۾ آيا آهن. هي ميوزم امپيريل ڪاليج لنڊن، رائيل البرٽ هال ۽ البرٽ ميموريل وارين عمارتن جي سِڌِي قطار ۾ انهن سان متصل آهي. رائيل البرٽ هال ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا ماڻهو پنهنجا پنهنجا ميوزڪ پروگرام ۽ سياسي جلسا ڪندا آهن، جن کي ٻنهي ملڪن جا ماڻهو تمام مهانگيون ٽڪيٽون خريد ڪري وڏي چاهه سان ڏسندا آهن. تقريباً ٽيهارو کن سال اڳ رائيل البرٽ هال ۾ لتامنگيشڪر جو ميوزڪ ڪنسرٽ پروگرام ٿيو هو. انهي پروگرام جي سڄي ڪامينٽري دليپ ڪمار هلائي هئي. پاڻ انهي ڪمپيئرنگ دؤران لتا منگيشڪر جي شان ۾ اهڙا ته سٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻوليائين جو انهن مان ڪجهه مون کي اڄ به دل تي تري آيا آهن. لتامنگيشڪر جي آواز جي باري ۾ دليپ ڪمار چيو ته: ”جس طرح کسی پھول یا بہتے ہوئے جہرنے کا کو ئی مذہب نہیں ہوتا، اسی طرح لتا جی کے آواز کا بھی کوئی رنگ، نسل یا مذہب نہیں۔ لتا جی جب گاتیں ہیں تو ایسا لگتا ہے کہ جیسے اس کے گلے میں سے بھگوان بول رہا ہے۔“ مار! ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتاسين! نيچرل هسٽري ميوزم الڳ حيثيت سان تعمير ٿي کلڻ جي باجود سؤ کن سالن تائين بِرٽش ميوزم جو حصو ٿي رهيو، جيتوڻيڪ سن 1866ع ۾ چانسلر آف ايڪس چيڪر وٽ داخل ڪيل دعويٰ تي واسطيدار ادارن ۽ سائنسدانن جهڙوڪ ڊاروِن، هُڪسلي وَيليس وغيره صحيحون ڪري هن ميوزم کي جداگانه آزاد حيثيت ڏيارڻ جي گهُرَ ڪئي هئي، تقريباً سؤ سالن جي مٿاڪُٽ کان پوءِ نيٺ برٽش ميوزم ايڪٽ 1963ع تحت برٽش ميوزم آف نيچرل هِسٽري هڪ آزاد عجائب گهر جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ ان جو پنهنجو الڳ بورڊ آف ٽِرسٽِير قائم ٿيو، تنهن هوندي به ان جو نالو ساڳيو ئي يعني برٽش ميوزم آف نيچرل هِسٽري برقرار رهيو، تان جو ميوزمس ائنڊ گيلريز ايڪٽ 1992ع ٺهڻ کان پوءِ ان جو نالو ڦيرائي نيچرل هِسٽري ميوزم مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي لنڊن جي سفرنامي ۾ هن ميوزم جو پراڻو نالو لکيو آهي. سن 1986ع ۾ جيالاجيڪل ميوزم کي هن عجائب گهر ۾ ضم ڪيو ويو. هن ميوزم ۾ مشهور عالم سائنسدان چارلس ڊاروِن جي نالي سان ڊارون سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي، جتي سائنسي طور اهميت واريون ۽ ڪمائتيون شيون تجربن، تجزيئن ۽ نمائش خاطر محفوظ ڪيون ويون آهن. ڊاروِن سينٽر جي فيز پهرئين ۾ رکيل جنسون الڪوهل ۾ محفوظ ڪيل آهن. انهن جو واسطو حيوانات وارن شعبن سان آهي. ڊاروِن سينٽر جو ٻيو ڀاڱو سن 2008ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ جُڙي راس ٿيو ۽ عوام لاءِ سيپٽمبر 2009ع ۾ کوليو ويو. هن ڀاڱي ۾ ناياب جِيتَن ۽ ٻوٽن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. سينٽر جي هن ڀاڱي جي وچ تي رکيل 8.62 ميٽر ڊگهي سامونڊي مڇ کي گهڻي شُهرت ملي آهي. ڊاروِن سينٽر ۾ ملٽي ميڊيا ڪميونيڪيشن واسطي مشهور براڊڪاسٽر سر ڊَيوِڊ اٽينبرگ جي نالي سان اٽينبرگ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جتي روزانه ليڪچر ۽ ڊمانسٽريشنس ٿيندا. ڊاروِن سينٽر جي مرڪزي هال ۾ ڪارنيگي ميوزم ۾ رکيل 105 فوٽ ڊگهي مڇ جي اصل هڏائين پڃري جو نقل رکيل آهي. انهيءَ نقل ٺاهڻ جو خرچ برٽش ميوزم جي ٽرسٽيءَ جي حيثيت ۾ بادشاهه ايڊورڊ ستين سان گفتگو ڪرڻ بعد اسڪاٽ آمريڪن ڪارخانيدار ائنڊريو ڪارنيگي 2000 پائونڊ ڀريو. ڪارنيگي انهيءَ ڊائينوسار جا نقل يورپ ۽ آمريڪا جي ٻين عجائب گهرن ۾ به ٺهرائي رکڻ جو فيصلو ڪيو. اسان هت اچڻ کان اڳ به هن ميوزم متعلق ڪافي پڙهيو هو، پر ڊاڪٽر رابعه به انهي جي باري ۾ اسان سان ڪافي ناليج شيئر ڪيو، ڇو ته هوءَ تازو ئي پره ۽ ان جي ٻارن کي هي ميوزم گهمائڻ آئي هئي؛ ٻيو ته پاڻ ڪافي سالن کان لنڊن ۾ رهندي آهي، تنهن ڪري هوءَ هاڻ اسان جي لاءِ سٺي گائيڊ ثابت ٿي رهي هئي. نيچرل هسٽري ميوزم جي نيو وهيل هال ۾ 25 ميٽر ڊگهو ۽ 10 ٽن وزني بِلُو وهيل مڇ جو ماڊل رکيل آهي. هن ميوزم جي ڊارون سينٽر ۾ سن 2004ع ۾ فاڪلينڊ جي جزيرن وٽان ڄار وسيلي پڪڙيل 8 ميٽر ڊگهو آرڪي نالي مڇ پڻ نمائش خاطر محفوظ ڪيل آهي. ٿيمس نديءَ مان پڪڙيل وهيل مڇ جا هڏا پڻ هتي رکيل آهن، جيڪو سن 2006ع ۾ ڀُلجِي ٿيمس نديءَ ۾ اچي ڦاٿو هو. هتي ڊائنوڪوچليا نالي هڪ پراسرار آبي جنس جو ڍانچو به محفوظ ڪيو ويو آهي، جنهن کي اَوَلِ شاهي گيسٽر ويوڊ، پوءِ ڪوپرولائيٽ ۽ آخر ۾ وڏي جيت جي پٿرائيل خول طور سُڃاتو ويو. هن ميوزم ۾ جهنگلي جيوت لاءِ گهر به ٺهيل آهي. هتي واسطيدار سائنسي علمن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ پبلڪ پروگرام منعقد ڪرڻ جو پڻ بندوبست ٿيل آهي. جيڪو سياح، اسڪالر يا شاگرد، جنهن کي لنڊن گهمڻ يا اتي پڙهڻ جو موقعو ملي، تنهن کي هي ميوزم ضرور ڏسڻ گهرجي. اهو گهمڻ کان اڳ انٽرنيٽ تي يا ڪتابن ۾ هن ميوزم بابت ڪجهه اهم معلومات حاصل ڪري، تنهن کان پوءِ هي ميوزم گهمڻ ۾ کيس وڌيڪ مزو ايندو. چند ماڻهن کان سواءِ باقي ماڻهو روز روز ته لنڊن گهمڻ ڪو نه ٿو اچي جو ان کي اهڙو عاليشان ميوزم ڏسڻ جو موقعو سدائين ميسر هوندو. نيچرل هسٽري ميوزم جي انتظاميه ڊيوِن ۽ ڊورسيٽ جي جيوراسڪ ساحل کي يونيسڪو طرفان عالمي تهذيبي ورثي طور تسليم ڪرائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو ۽ اها انتظاميه لائيم ريگس جانورن جي پٿرائيل جسمن جي نمائش لڳائڻ ۾ ڀائيوار طور ڪم ڪندي آهي. سن 2005ع ۾ هن ميوزم ۾ چند عالمن ۽ علم پرور ماڻهن جا نقل تيار ڪرائي هڪ گيلريءَ ۾ رکيا ويا، جيڪي گيلري گهمندڙ ماڻهن کي سندن ڪهاڻيون، واقعا ۽ ايجادون کِل ڀوڳ واري انداز ۾ بيان ڪري کين واقف ڪن ٿا ۽ وندرائين ٿا. سن 2010ع ۾ بي بي سي وارن ڇهن ڀاڱن تي مشتمل هڪ ڊاڪيوميٽري فلم نيچرل هسٽري ميوزم بابت تيار ڪئي، تنهن جو عنوان هو ”ميوزم آف لائيف ۽ بيهائينڊ دِي سِين“ هن ميوزم ۾ ”نيچرل لائيو“ عنوان سان هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سير ڪندڙ ماڻهو ميوزم ۾ تحقيقاتي ڪم ڪندڙ سائنسدانن سان ملي سندن ڪم بابت گفتگو ڪندا آهن. اهي گڏجايون روزانو 14.30 گِرين وِچ مين ٽائيم موجب ٿينديون آهن جن دؤران ڪائنات جي پيدائش کان وٺي آبهوا جي تبديليءَ، حياتيات ۽ خِلا بابت علمن تي گفتگو ٿيندي آهي، سياح سوال پڇن ٿا، غير معمولي شين جو معائنو ڪن ٿا ۽ وِڊيو عمل ۾ شامل ٿين ٿا. اهو وڊيو عمل ميوزم جي ويب سائيٽ تي موجود هوندو آهي ۽ انٽرنيٽ تي سڄي دنيا ۾ ڏسجي ٿو. هرٽ فورڊ شائير شهر جي نرالي مزاج واري شخص نالي والٽر روٿسچائلڊ، پنهنجي شهر جي ٽرنگ علائقي ۾ نيچرل هسٽري ميوزم وانگر سندس نالي سان والٽر روٿسچائلڊ زولاجيڪل ميوزم قائم ڪيو، تنهن جو نيچرل هسٽري ميوزم سان سن 1938ع ۾ الحاق ٿيو. اسين انهن چند ماڻهن ۾ شامل هئاسين جيڪي هن ميوزم مان سڀني ماڻهن کان پڇاڙيءَ ۾ نڪتا هئا. واقع عجب ۾ وِجهندڙ ۽ حيران ڪندڙ آهي هي نيچرل هسٽري ميوزم!