اِيــســٽ لــنــڊن مــســجــد
لنڊن مسلم سينٽر سان لڳ تعمير ٿيل هيءَ برطانيه ۾ اڏيل تمام وڏين مسجدن مان هڪڙي مسجد آهي، ۽ منجهس پنج هزار ماڻهو هڪ ئي وقت نماز ادا ڪري سگهن ٿا. هن ٽماڙ مسجد جي تعمير سن 1982ع ۾ انهيءَ ماڳ تي شروع ڪئي وئي، جيڪو ٻي عالمي جنگ دؤران بمباريءَ کان پوءِ خالي ڇڏيل هو. اها مسجد سن 1985ع ۾ جُڙِي راس ٿي. مسجد جي تعمير جان گِل اَيسوسِيئيٽِس نالي معمار ڪمپنيءَ ڪئي. مسجد جي ٻاهرئين پاسي ٻن رنگن وارين سِرِن کي استعمال ڪيو ويو آهي. مسجد جي سامهون وائيٽ چپل روڊ ۽ اُن جي پُٺئين طرف فِيلڊ گيٽ اِسٽِرِيٽِ آهي. مسجد جي ساڍا اٺ ميٽر قطر واري عاليِشان گُنبذ کي سُنهري رنگ لڳل آهي، هڪ مُنارو زمين جي سطح کان ٻاويهه مِيٽر اوچو ۽ مسجد جي مکيه دروازي جي مٿان ٻه ننڍڙا مُنارا ٺهيل آهن. مسجد جا ٻه وڏا هال آهن اُن کان سواءِ هڪ گيلري، ڪلاس روم، آفيسون ۽ هڪ رِٽيل يونٽ پڻ اٿس. هن مسجد جي تعميراتي توسيع جي پهرئين مرحلي ۾ لنڊن مسلم سينٽر جي تعمير سن 2002ع ۾ شروع ٿي. جيڪو سن 2004ع ۾ جُڙي راس ٿيو. مسجد سان لڳ تعمير ڪيل هن ڇهه ماڙ عاليشان عمارت جي مکيه دروازي کي سفيد سيمنٽ ۾ چمڪندڙ رنگين پٿرين سان بيحد خوبصورت چٽساليءِ ۽ گُلڪاريءَ سان سينگاريو ويو آهي. هِن سينٽر جي عمارت ۾ ٻه گهڻ مقصدي اَيوانَ، هڪڙو سيمينار سُوٽ، معصوم ٻارن لاءِ هڪڙي نرسري، ڪيترائي ڪلاس رُومَ، هڪڙو فِٽنيس سينٽر، هڪڙو ننڍو اسلامي ڪُتب خانو ۽ هڪ ريڊيو اسٽيشن قائم آهي. تنهن کان سواءِ منجهس ڪيتريون ئي آفيسون ۽ رِٽيل يونٽ به قائم ڪيل آهن. هن لنڊن مسلم سينٽر جي عمارت جو نقشو Kaschka Architecture and Design ڪاسچِڪا آرڪيٽيڪچر اَينڊ ڊِزائيِن نالي معمار ڪمپنيءَ تيار ڪيو هو. هن مسجد جي توسيع جو ٻيو مرحلو مَريَم سينٽر جي تعمير واسطي سن 2009ع ۾ شروع ٿيو. جنهن مطابق فيلڊ گيٽ اسٽريٽ واري پاسي، جتي مسجد سان وابسته مسلمانن جي جنازن جي ڪفن ۽ دفن بابت مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون هيون، انهي هنڌ هيءَ نَوَ ماڙ مريم سينٽر جي عظيم عمارت سن 2012ع ۾ جُڙي راس ٿي. هن سينٽر جو نقشو پڻ انهي ساڳي معمار ڪمپني کان تيار ڪرايو ويو هو، جنهن اڳي لنڊن مسلم سينٽر جي عمارت جو نقشو جوڙيو هو. هن سينٽر ۾ عورتن ۽ ٻارن جي نماز لاءِ، سندن مفصل توڙي مختصر وقت لاءِ تعليم ۽ تدريس جو بندوبست ۽ ان کان سواءِ عورتن واسطي سٺي صحت بحال ۽ برقرار رکڻ لاءِ هڪڙو هيلٿ ۽ فِٽنيس سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي. مريم سينٽر جي وچئين طبق ٿي مکيه هال جي چوڌاري بالڪني يا گيلري ٺهيل آهي. جنهن ۾ هڪ وِزِيٽرس سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي سلطنت، جنهن جي رعيت ۾ ڪروڙين مسلمان به شامل هئا، پر ان جي گاديءَ واري شهر لنڊن ۾ وِيهَئين صديءَ تائين هڪ به مسجد ڪا نه هئي. سن 1910 ع ۾ لنڊن ايندڙ مسلمان ايلچين، سفيرن ۽ ٽاور هَيملِيٽس واري بحري بندر تي ايندڙ وڻجارن ۽ واپارين جي مذهبي عبادت ۽ ٻين رسمن ۽ ضرورتن جي پورائي لاءِ هڪ مسجد هئڻ ۽ اڏڻ کي ضروري ڄاتو ۽ قبول ڪيو ويو جنهن موجب 9 نومبر سن 1910 ع ۾ رِٽِز هوٽل ۾ چند مسلم ۽ غير مسلم عمائدين جي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ ٻن نُڪتن هڪ ته جمعي جي نماز جو اهتمام ۽ ٻِيو ته لنڊن ۾ مسلمانن جي عبادت لاءِ هڪ مستقل عمارت يعني مسجد جي تعمير واسطي ”لنڊن ماسڪ فنڊ“ نالي مسلم توڙي غير مسلمن تي مشتمل هڪ منڊلي ٺهي جنهن ضرورت پٽاندر چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ان فنڊ جي انتظامي ڪميٽيءَ جو پهريون چيئرمين، سيد امير علي، 1928ع ۾ پنهنجي وفات تائين انهي عهدي تي فائض رهيو. هُو برطانيه جي سرڪار ۾ پهريون هندستاني صلاحڪار مقرر ٿيو هو. سر حسن سُهروردي به ان ڪميٽيءَ جو چيئرمين رهي چڪو هو. هِزِ رائيل هائِنيس آغا خان ٽيون فنڊ جي بورڊ آف ٽُرسٽِيز جو تاحيات صدر هو. قرآن پاڪ جا مترجم 1. عبدالله يوسف علي ۽ 2. محمد مرمادُوڪ پڪٿال (انگريز مسلمان) بورڊ آف ٽُرسٽِيز جا ميمبر هئا. ناٿن روٿِس چائلڊ به ٽرسٽي يعني بورڊ جو ميمبر هو.
مسجد ٺهڻ کان اڳ سن 1910 ع کان 1940ع تائين جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي مختلف ماڳن پر مکيه طرح هن اوڀر لنڊن واري علائقي ۾ ڪا خالي جاءِ مسواڙ تي وٺي نماز پڙهبي هئي. نيٺ سن 1940 ع ۾ لنڊن شهر جي اُڀرندي ڀاڱي ۾ ڪمرشل روڊ نمبر 446 ۽ 448 تي ٽي گهر خريد ڪري نماز پڙهڻ لاءِ مسقل جاءِ قائم ڪئي وئي. سن 1941ع ۾ ٻه آگسٽ تي انهن ٽن گڏيل گهرن جو اِيسِٽ لنڊن مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز جي حيثيت ۾ افتتاح ڪيو ويو. ان تقريب ۾ مصر ۽ سعودي عرب جي سفيرن ۽ برطانيه جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا، ڪرنل سر گورڊن نيل به شرڪت ڪئي هئي. ان موقعي تي پهرين نماز سعودي عربيه جي سفير شيخ حافظ واهب پڙهائي هئي. وِيهَئين عيسوي صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ مان، خصوصاً بنگال جي سلهٽ واري علائقي مان لڏي انگلينڊ ويندڙ ماڻهن سبب لنڊن ۾ مسلمانن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ هتي مسلم آباديءَ ۾ اڃا به گهڻي واڌ ٿي. سن 1975ع ۾ مقامي با اختيار اداري مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز واريون عمارتون خريد ڪري مسجد ۽ ثقافتي مرڪز سنڀاليندڙ اداري کي سندن مقصد لاءِ گهربل ايراضي فيِلڊ گيٽ اِسٽرِيٽِ گريٽ سائناگاگ جي ڀر ۾ وائيٽ چپل روڊ تي گهربل عارضي جاءِ جوڙي ڏني، جتي مسجد ۽ اسلامي مرڪز لاءِ گهربل مناسب عمارت جي تعمير سن 1982ع ۾ شروع ٿي ۽ سن 1985ع ۾ اُها جُڙِي راس ٿي.
مسجد ۽ مرڪز جي تعمير لاءِ قائم ڪيل فنڊ ۾ سعودي بادشاهه ڪافي رقم ڏني هئي. پوري برطانيه ملڪ ۾ هيءَ پهرين مسجد هئي جنهن جي مناري تان لائوڊ اسپيڪرن وسيلي آزان ڏيڻ شروع ڪئي وئي، هن مسجد ۾ انهي وقت 2 هزار نمازين جي گنجائش هئي، جنهن ۾ مَردَ توڙي عورتون شامل هيون.
اضافي ضمني تعليم واسطي ثقافتي مرڪز ۾ ڪمرا مخصوص هئا. نمازين جي تعداد ۾ گنجائش کان وڌيڪ اضافي ٿيڻ ۽ گهربل مقصدن ۾ واڌاري سبب 1990ع واري ڏهاڪي ۾ هن مسجد ۽ ثقافتي مرڪز واري عمارت معروضي طور اڻپوري ۽ ناموزون ٿي پئي، تنهن ڪري سال 1999ع ۾ مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز واري عمارت جي ڀر ۾ ٻي عالمي جنگ دوران ٿيل بمباريءَ سبب تباهه ٿيل جڳهين واري خالي ڇڏيل ايراضي مسجد ۽ ثقافتي مرڪز واري ٽرسٽ خريد ڪئي. سن 2001ع ۾ هز رائيل هاءِ نيس شهزادي چارلس انهيءَ خريد ڪيل ڀيڻيءَ تي لنڊن مسلم سينٽر جو سنگِ بنياد رکيو ۽ اُن جي تعيمر سن 2002ع ۾ شروع ٿي ۽ اهو جُڙي راس ٿيڻ کانپوءِ 11 جون 2004ع ۾ چالو ٿيو، تڏهن منجهس پندرهن هزار نمازين اِفتتاهي نماز ادا ڪئي هئي جنهن ۾ مسجد ۽ سينٽر واري عمارت کان ٻاهر حاضر ماڻهن جو تعداد تقريباً ٻيڻو هو. مسجد ۽ مرڪز واري عمارت ۾ هڪ وقت پنج هزار نمازين جي گنجائش هئي. هن پروجيڪٽ جي تعمير تي هڪ ڪِروڙ پائونڊن کان به وڌيڪ رقم خرچ ٿي، تنهن ۾ عام مسلمانن پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ چندو جمع ڪري ڏنو هو. هن مرڪز جو افتتاح جمعي جي ڏينهن تي جمع نماز پڙهي ڪيو ويو هو. اها نماز ڪعبة الله شريف جي امام شيخ عبدالرحمنٰ اَل سُودَئِس پڙهائي هئي.هن موقعي تي خاص مهمانن ۾ نسلي برابريءَ واري محڪمي جو برطانوي وزير فايونا ميڪٽا گارٽ اِيڪُوئَلِٽِي اَينڊ هِيوُمين رائيٽس ڪميشن جو چيئرمين ٽِريوَر فِلِپس ۽ مسلم ڪائونسل آف بِريٽينِ جا سِينِيئَر عملدار شامل هئا.
سن ٻه هزار چار عيسويءَ جي جولاءِ واري مهيني ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم عبدالله احمد بَدَوي مسجد ۽ مسلم سينٽرجو دؤرو ڪيو. انهي سال جي نومبر مهيني ۾ هز رائيل هائينس پرنس چارلس پڻ مرڪز جو دورو ڪيو. ۽ ڊسمبر ۾ ڪِرسِمَس جي موقعي تي هر ميجيسٽي راڻي ايلزابيٿ خير سگاليءَ جو پيغام موڪليو. هن مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز جو انتظام اِيسِٽ لنڊن ماسڪ اينڊ اسلامڪ ڪلچر سينٽر ٽرسٽ هلائيندي آهي. مسجد اندر هڪ ننڍو سنگ مرمر جو پٿر نصب ٿيل آهي. انهي تي لکيل آهي. ته هي مسجد علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪوششن سان تيار ٿي علامه صاحب هِن مسجد ۾ تقريبن ويهه سال کن ليڪچر ڏنا.
هيڏي وڏي مسجد هوندي به مسجد اندر تمام گهڻي رش هئي، پر انهي رش ۾ به نماز پڙهي دعا گهري واپس گهر پهتاسين. اسان هتان لنڊن جي هڪ نهايت امير علائقي ڪينري وهارف طرف روانا ٿياسين جتي وڃڻ لاءِ محبوب جي هڪ دوست ڊورڪا طرفان اسان کي دعوت ملي هئي.