جــهــرڪ
انسان ته مريو وڃي، پر سندس ڪيل چڱايون توڙي مدايون، صدين تائين پيون ڳائجن. قديم عرب دنيا جو مثالي ڪردار جو حاصل شخص، حاتم طائي سخاوت جي علامت طور ساري جهان ۾ مشهور آهي. اڄ به سخاوت جي حوالي سان، هر ننڍو وڏو مثال ڏيندي چوي ٿو فلاڻو حاتم طاعي جهڙو سخي آهي، يا: تون ته ڪو حاتم طاعي ڪو نه آهين جو هر سائل لاءِ مراد وند هجين. مسلمانن لاءِ وري ابوجهل هڪ اڻ وڻندڙ ۽ قابل نفرت شخصيت طور سُڃاتو وڃي ٿو. اڄ صادق ڇورئي پليجي جي ڳوٺ وٽان لنگهياسين ته ساڻس وابسته ڳالهيون ياد آيون. اسان بند مٿان هلندي آس پاس جا نظارا ڏسندي پسندي اچي انهيءَ هنڌ پهتاسين، جت ڪوريا جي ڪمپني سنڌو درياه تي دروازن کان سواءِ پل تعمير ڪري رهي آهي. سنڌو نديءَ تي هن کان اڳ ۾ ٺهيل سمورين بيريجن وارين پلين توڙي غير بيريجي پلين جي ڀيٽ ۾ هيءَ جهرڪن جي ويجهو ٺهندڙ پل ڊيگهه ۾ سڀني پُلين کان ننڍي آهي، يعني اها فقط 1.2 ڪلوميٽر ڊگهي ٿيندي. هيءَ پل حيدرآباد ڪراچي نيشنل هاءِ وي تي جهرڪ شهر کان ٻه ميل کن ڏکڻ اولهه طرف پري جمارين جي ڳوٺ وٽان درياه شاهه تي ٺهي پئي. پل جي حقيقي ڊيگهه ٻارهن سئو ميٽرن ۾ ان جي ٻنهي ڇيڙن وٽ هڪ هڪ سئو ميٽر اضافي ڀرائي ڪري ان کي ڪل چوڏهن سئو ميٽر ڊيگهه واري پل ڪري تيار ڪيو ويندو. هن پل کي نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍڻ لاءِ 2.5 ڪلوميٽر ۽ ٽنڊو محمد خان سجاول روڊ سان ڳنڍڻ لاءِ 22.5 ڪلوميٽر ٻه طرفو عاليشان موٽر وي تعمير ڪيو ويندو. موٽر وي جي تعمير جو ٺيڪو پل جي تعمير جي ٺيڪي کان الڳ آهي هن تعميراتي منصوبي جا ٻه ڀاڱا آهن، هڪ ۾ پل جي اڏاوت ۽ موٽر وي جي تعمير ٿيندي. تعميرات جي ٻئي ڀاڱي موجب، جهرڪ پُل وارو موٽر وي، ماتلي ۽ پوءِ اتان کان چمبڙ تائين ٺهندو، يعني انصاري شگر ملز ماتِليءَ کان چمبڙ شگر ملز تائين. چمبڙ شگر ملز جو پهرين بچاڻي شگر ملز نالو هو. اهي ٻئي کنڊ جا ڪارخانا هڪ ئي مالڪ جا آهن. انهيءَ رستي ٺهڻ کان پوءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀني لاڙ وارين شگر ملن ۽ ٺٽي جي سيمنٽ فيڪٽري تان چڪر لڳائي سوير واپس گهر ڪراچي پهچي وڃبو. اسان گاڏين مان لهي هيٺ اڏامندڙ واريءَ تان پنڌ ئي پنڌ هلندا اچي اُت بيٺاسين، جت درياه جي پيٽ ۾ پل جا لوهي پِلَرَ لڳائي ڇڏيا هُئائون. ڏکڻ طرف کان اٺ پِلر لڳل هئا، جي ڪجهه سُڪي زمين ۾ ۽ ڪچهه پاڻيءَ ۾ لڳل هئا. جهرڪن واري اترئين پاسي کان ڪيترا ٿنڀا لڳل هئا، اها خبر ڪانه ٿي پئي، ڇو ته پلر اڃان مڪمل تيار ٿي اُڀا ڪو نه ٿيا هئا. درياه جي بچاءَ بند کان ٻاهر ڏکڻ طرف ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جي وڏي ڪيمپ لڳل آهي، جنهن ۾ پل ٺاهڻ لاءِ گهربل سامان پيل آهي، جنهن ۾ وڏي هيوي مشينري به شامل آهي. لوهه جا ٺهيل پلر ڪافي تعداد ۾ درياهه جي ڪپ تي، درياهه ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڪم بند هئڻ ڪري ائين ڇڙوڇڙ پيا هئا. درياه ۾ پاڻي تمام تيزيءَ سان چڙهي رهيو هو ۽ موسم به مڪمل جهڙالي هئي. شام جو پهر هو. هُن طرف، درياه جي ساڄي ڪپ تي ”جهرڪ“ منهنجي پِريِنءَ جو شهر، مونکي ڪي پنهنجون ڳالهيون ياد ڏيياري، پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. جهرڪن جا ڪجهه بجليءَ جا ٿنڀا ۽ موبائيل فون ڪمپنين جا چار بُوسٽر صاف نظر پي آيا. درياه ۾ هلندڙ هُڙن ۽ بتيلن جا سِڙهه ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ ماحول کي وڌيڪ رومانوي ڪري رهيا هئا. درياه ۾ پاڻي تيزيءَ سان چڙهندي هيٺاهان پٽ ٻوڙي رهيو هو. ڪپ جي ويجهو پاڻيءَ جي وچ ۾ واريءَ جي هڪڙي وڏي ڊُٻ تي چڙهي، ماحول مان لطف اندوز ٿيندي، اسان ڪافي فوٽو ڪڍيا. انهيءَ ڊٻ ۾ ٿوري دير ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڏار پوڻ لڳا ۽ جڏهن ڊٻ جي وچ ۾ وڏو ڏار پوندي ڏٺوسين ته ڊٻ تان ڊوڙندا لٿاسين. ڊوڙڻ دوران هڪ هنڌ منهنجي سڄي ٽنگ گوڏي سوڌي واريءَ ۾ گهڙي وئي، پر ترت ڇڪي ڪڍيم ۽ اسين تڪڙا تڪڙا انهيءَ ڊٻ تان لهي جڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر ٿي بيٺاسين ته ٿوري ئي دير اندر ڏسندي ڏسندي اها ڊٻ مومل جي ماڙيءَ وانگر سڄي پاڻي ۾ ٻڏي وئي، ڄڻ ته اُت اڳيئي ڪا شيءِ ڪا نه هئي. اها سڄي ايراضي چئو طرف رڳو پاڻي ئي پاڻي ٿي ويو. اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ شهر جي ڀرسان پڃاريءَ ۾ جڏهن به پاڻي ايندو آهي ته آئون انهيءَ ۾ ضرور وهنجندو آهيان. سو هينئر به دل ته ڏاڍو ٿي چاهيو ته وهنجي وٺان، پر ائين ٿي نه سگهيو ڇو ته اتي نه هئا ڪَڇا ۽ گوڏيون ۽ نه وري ڪي لائيف جيڪيٽس هئا، تنهن ڪري منهنجي اها خواهش دل ئي دل ۾ دفن ٿي وئي. اسان کي هن وڻندڙ ماحول مان نڪرڻ تي دل ئي نٿي ٿي، پر اسان کي هتان ٿوري ئي پنڌ تي ٻڌڪا ٽڪر به ڏسڻو هو. تنهنڪري هتي فوٽا ڪڍي ۽ مووي ڀري واپس بند تي گاڏين ۾ چڙهي ٻڌڪا ٽڪر وياسين. آئون هت اڳ به ڪافي ڀيرا اچي چڪو آهيان، پر منيٰ، سِپي، فرخ، محبوب ۽ قادر هت پهريون دفعو آيا آهن. اسان ٽڪر تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چوڌاريءَ ديوين جا تمام گهڻا وڻ هُئَڻَ سبب چڙهڻ ۾ ڪافي ڏکائي ٿي ۽ معمول کان وڌيڪ وقت لڳو. اڳي هتي ديوين جا ايترا گهڻا وڻ ڪو نه هوند اهئا، تنهن ڪري چڙهڻ ۽ لهڻ ۾ گهڻي تڪليف ڪا نه ٿيندي هئي. خير نيٺ الله الله ڪري وڃي ٻڌڪا ٽڪر جي چوٽيءَ تي پهتاسين. ٽڪر تي مٿي ٻه ٽي قبرون آهن ۽ ٻيو خير يعني اتي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. هتي رني ڪوٽ مان لڀندڙ اڌ ڪاٺ ۽ اڌ پٿر جهڙا ڪي پٿر به نٿا لڀن. ڪنهن زماني ۾ هت ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو. ماڻهن جو هِت اچڻ ته پري، پر پنهنجين ٻنين تي ويندي به ڊپ پيو ٿيندو هو. البت هاڻ اها صورتحال مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي. هاڻ ماڻهو رات جو ٻارهين بجي به بنا خوف جي هت اچي سگهي ٿو. هتي فرخ، محبوب ۽ سپيءَ چوطرف نظارن جون موويز ڀريون ۽ فوٽا ڪڍيا. موسم هت به تمام خوشگوار هئي. وڻندڙ سنهي بوند به وسي رهي هئي. ”ٻڌڪا“ يا ”ٻڌ جو“ ٽڪر جو ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي، پر آئون ان جو احوال ٻٽن سِٽن ۾ ٻڌايان ٿو. هنن آثارن جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهي سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم واري دور جا يادگار آهن. هنن آثارن تي تحقيق ڪندي مسٽر ڪارٽر هتي ٻه ننڍا دڙا ڳولي لڌا. هتان لڌل سرن جي مٿاڇري تي ڪم آيل رنگ، ڪاريگري ۽ لکت کي جانچيندي کيس ٻڌ ڌرم جي ٻن راجائن جا نالا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي راجا ڪنشڪ جي زماني ۾ ٿي گذريا آهن. موجود وقت ۾ هن ٽڪر تان اهڙيون سرون هٿ اچن ٿيون، جن تي ٻڌ ديوتا جي تصوير چٽيل آهي. ڇمر ڪري سج ته سڄو ڏينهن ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه آيو، پر اسان هاڻ واپس ورڻ واري ڪئي. بند جي ٻنهي طرفن سڄو ملڪ سرسبز ۽ آباد لڳو پيو هو. اسين انهن سهڻن نظارن مان لطف اندوز ٿيندي آهستي آهستي واپس ڳوٺ ورياسين. ائوميل جي ڪتاب Dancing shadow جي سنڌي ترجمي واري ڪتاب جو نالو ”سنڌو تهذيب ۽ سنڌو ڌرم جا يورپ ۾ قديم آثار“ آهي، تنهن جي صفحي نمبر 24 تي لکيل آهي ته: ”سنڌو تهذيب جا ماڻهو هاري هئا، جن پهريون ڀيرو آبپاشيءَ جو هڪ شاندار ۽ وڏو نظام قائم ڪري ورتو هو، جنهن جو مثال دنيا ۾ اڳي موجود ڪو نه هو، جنهن کي اُتر کان آرين حمله آورن ڀينگ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ساڳين ماڻهن اهو احوال رِگ ويد (500 1000 ق.م) ۾ قلم بند ڪري ڇڏيو، جيڪو سلوڪن جي شڪل ۾ موجود آهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته آريا لفظ جي معنيٰ آهي اوچي نسل جو ماڻهو سر مونيئر وليئمس 1893ع ۾ لکيو هو ته آريا لفظ جي معنيٰ کليل ۽ وسيع ايراضي آهي، جنهن جو اشارو ڌنارن ۽ هارين ڏانهن آهي. سنڌ جا دراوڙا سوٽي ڪپڙو پائيندا هئا. دنيا ۾ تڏهن ڪا ٻي اهڙي قوم موجود ڪا نه هئي، جيڪا اهڙو لباس پائيندي هجي (رگ ويد ۾ لکيل آهي ته آريا سوٽي ڪپرو پائيندا آهن. مترجم) هنن ماڻهن وٽ سون تمام گهڻو هوندو هو، جيڪو هو کاڻين مان کوٽي ڪڍندا هئا. ان کان سواءِ سنڌو درياه جي واريءَ مان به سون سوجهيندا هئا. پوکيءَ ۾ هتي ڪڻڪ جَوَ، چڻا، مٽر، تر، سرنهن، رائي ۽ گدرا به ٿيندا هئا. هن کان علاوه کارڪون به ٿينديون هيون. هتان جي ماڻهن ڪيترائي جهنگلي جانور پالي گهرو بنائي ڇڏيا هئا، جن ۾ ڳئون، سوئر، ڪتا، ٻليون، اُٺ ۽ هاٿي هئا. ان سان گڏ Porcelain جي ٿانون جا مهان ڪاريگر هئا. هيءُ دنيا جي پهرين قوم هئي جنهن وٽ ضرب ٿيل Minted سِڪا هئا. پر ڌاتو جي ڪاريگريءَ جا مثال مختصر آهن. قديم آثارن جي ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته ڌاتو جا وڏا ڪاريگر ڪو نه هئا. پر چَڪَ وسيلي ٺڪر جا ٿانوَ جوڙڻ ۾ ڏات ڌڻي هئا. کين اهڙو ڏانءُ هو جو ڏکيون ۽ منجهيل شيون سولائيءَ سان ۽ سادي نموني جوڙي سگهندا هئا. سنڌو تهذيب وارا علائقا ڏاڍا شاهوڪار هئا. ميسوپوٽيميا ۽ چين جي قديم تحريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون نهايت چٽيءَ ريت بيان ڪيون ويون آهن. اڄ جي سنڌ ۽ ماضيءَ جي سنڌو تهذيب جون ڳالهيون ٻڌيو ۽ پڙهيو اکيون آليون ٿيو پون ۽ دل اداس ٿيو وڃي. هيڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي نائکا!