مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

عــثــمــانــيــه سـلــطــنــت

هيءَ عثمانيه سلطنت يا شهنشاهت، جنهن کي خلافت عثمانيه پڻ سڏيو ويندو هو، ۽ شهنشاهه کي ”سلطان“ کان سواءِ سموري دنيا ۾ موجود دين اسلام اختيار ڪندڙ سموري مسلمان اُمت جو ديني پيشوا، خليفو ۽ اميرالمؤمنين پڻ بيان ڪيو ويندو هو. اُها سلطنت، دنيا ۾ قائم ٿيندڙ سڀني کان وڏين شهنشاهتن مان هڪڙي هئڻ سان گڏ اُها دنيا ۾ تمام گهڻي عرصي تائين قائم رهندڙ شهنشاهتن مان هڪڙي تمام عظيم سلطنت ٿي گذري آهي. تنهن جي ايتري ڊگهي وقت تائين ڪامياب ۽ قائم رهڻ جو مکيه معروضي ڪارڻ، اسلامي معاشري کان متاثر ٿي، اسلامي نظام حڪومت جي قيام خاطر، سمورا سرڪاري انتظامي ادارا قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ جي اسلامي اصولن موجب قائم ڪيا ويا ۽ سرڪار جو سمورو ڪار وهنوار اسلامي تعليمات ۽ عمليات موجب، مثبت مرڪزي ضابطي تحت رواج ۾ آندو ويو. اهڙيءَ ريت سلطنت عثمانيھ، اوڀر رومي سمنڊ يا ڀُونءَ، وِچِ سمنڊ سان وابستھ سمورن مُلڪن ۽ حڪومتن جي وچ ۾ بازنطيني عيسائي سلطنت جي جاءِ تي بالادست قُوَتَ جي حامل هڪ مستحڪم رياست جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. سلطان سليمان عالي شان جي دؤر حڪومت ۾ سلطنت عثمانيھ پنهنجي عروج تي هئي. تنهن وقت انهيءَ جي سرحدن اندر تُرڪي، مصر، يونان، بلغاريھ، رومانيھ، مقدونيھ، هَنگِري، فِلسطين، اُردن، لبنان، شام، عربستان جا ڪجهه علائقا ۽ اُتر آفريڪا جي ساحلي پٽي جو وڏو حصو شامل ٿي چُڪو هو. ترڪيءَ واري شهنشاهت عثمانيھ جي ڪاميابي ۽ گهڻو وقت قيام جا ڪيترائي معروضي اسباب به ڪار فرما هئا. جهڙوڪ انهيءَ سلطنت جو انتظامي ڍانچو ۽ جوڙَجَڪَ، هڪ اعليٰ پايي جي مضبوط مرڪزيت تي مُبني نظام حڪومت تي مُشتمل هئي. رياست ۽ حڪومت جو سمورو اختيار ۽ اقتدار، فقط ۽ فقط سلطان، خليفي يا اميرالمؤمنين کي ئي حاصل هو، جنهن ۾ ساڻس ڪو به ٻيو، ڪنهن به طرح ڀائيوار ڪو نه هوندو هو. تعليمي ۽ عدالتي نظام رياست جي مڪمل ضابطي ۽ سنڀال هيٺ هوندو هو. رياست جي سرڪاري اهلڪارن توڙي اقتدار ۾ شامل افراد جي حيثيت ۽ منصب ۾ ترقيءَ جو دارومدار خالصتاً لياقت ۽ قابليت تي هوندو هو. سلطنت جي رعيت ۾ سياسي توڙي نسلي طور تي مختلف قومن، قبيلن ۽ نسلن جي گروهن ۾ باهمي اتحاد ۽ ايڪو قائم ڪرايو ويندو هو. مذهبي توڙي نسلي ۽ سماجي رواداري قائم ڪئي ويندي هئي. اها ٻڌي ۽ رواداري اسلامي نظريھ حيات موجب قائم ڪئي ويندي هئي. اسلامي نظريھ جهاد موجب فوجي تنظيم جوڙي فتوحات ڪيون ويون ۽ سلطنت ۾ مثالي اسلامي نظام حڪومت ۽ تنظيم سازي ڪئي ويندي هئي.
دنيا جي مختلف ثقافتي نظامن ۾ موجوده مثبت عوامل ۽ عناصر کي تسليم ڪندي، انهن کي پنهنجو ڪري استعمال ڪرڻ ۾ سلطنت عثمانيھ سدائين پيش پيش رهندي هئي. ٻين مذهبن ۾ موجود وفاداريءَ تي مبني اصولن ۽ قائدن قانونن جي هميشه همٿ افزائي ڪئي ويندي هئي. خانگي يا نجي ملڪيت ۽ توانائي تي رياست جو مڪمل ضابطو ۽ اختيار برقرار هوندو هو. سلطنت عثمانيه وٽ هڪڙو تمام طاقتور، مُنظم ۽ بيحد وفادار لشڪر هو ۽ ان سان گڏ بارود بنائڻ وارا تمام وڏا ڏاها ڪاريگر ڪيمياگر وافر تعداد ۾ موجود هئا. سڀ کان وڌيڪ اهم هيءَ حقيقت ته رياست جي سموري انتظامي پڃري ۾ فوجي ضابطھ اخلاق ۽ نظم و ضبط نافذ هو ۽ سياسي طور مقامي اڳواڻن سان سرڪاري رويو نهايت سخت هوندو هو. جڏهن بغداد تيرهين عيسوي صديءَ جي پهرئين اڌ دؤران، هلاڪو خان جي اڳواڻيءَ ۾ منگولن جي قبضي ۾ آيو، تنهن کان پوءِ سلجوڪن اوڀر ۽ وچ ايشيا مائينر ۾ پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار سلطنت قائم ڪئي، جنهن تي سن 1301ع ۾ عثماني پاڙي جي هڪ اُزبيڪ جنگي سردار سلجوڪن واري امير شاهي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، ايشيا مائينر واري رياست تي قبضو ڪري، پاڻ کي تنهن رياست جو سلطان هئڻ جي دعويٰ سان، شاهي تخت تي برانجان ٿي، وڏي داٻ ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪرڻ لڳو. انهيءَ بَرٗاَنجِمَانِ جنگي سردار جو نالو پڻ عثمان هو. سو پاڻ کي هاڻ سلطان عثمان سڏائڻ لڳو. ايشيا مائينر واري سلنطت ۾ عثماني سلطانن جو اقتدار اوائلي دؤر ۾ ڪمزور ۽ غير محفوظ هو، تنهن کي محفوظ، مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ جي سلسلي ۾ سرڪار ڪٽر ۽ متعصب ويڙهاڪ ماڻهن تي مشتمل ڪيترائي فوجي ٽولا منظم ڪري، کين صورتحال جي تقاضا موجب مڪمل طور هٿياربند ڪيو ويو ۽ انهن کي اعليٰ قِسم جي عسڪري سکيا ڏني وئي. سلطنت عثمانيھ جي لشڪر جو هر اول دستو ”جان نثاران“ سڏبو هو، اهو فوج جو مکيه ۽ نهايت اهم ريجمينٽ هو. لشڪر جو اهو ريجمينٽ، عيسائي مذهب ترڪ ڪري دين اسلام قبول ڪندڙ نَو مسلم غلامن تي مشمتل، سلطنت جو سڀني کان وڌيڪ وفادار، سچار، طاقتور، هڏڏوکي، جانباز، جوشيلو، پر نهايت بردبار ۽ باضابطھ ۽ حقيقي طرح فوج جو قابل فخر ريجمينٽ هو. ”جان نثاران“ نالي هن خصوصي لشڪر جي ڪامياب حڪمت عملي ۽ مهم جوئي وسيلي، زوال جو شڪار بازنطيني عيسائي، شهنشاهت تي ڪيتريون ئي شڪست آميز يلغارون ڪري بيحال بنائڻ بعد، ترت ئي اولهه طرف توسيعي ڪارروايون چالو ڪيون ويون. بازنطيني رياست جي دل ۽ گاديءَ وارو شهر قسطنطنيھ، سلطان محمد ثانيءَ سن 1453ع ۾ فتح ڪيو ۽ ان جو نالو تبديل ڪري، ان تي نئون نالو ”استنبول“ رکيو ويو ۽ ان شهر استنبول کي سلطنت عثمانيھ جو پايھ تخت بنايو ويو. جڏهن سلطان محمد ثاني سفيد رنگ واري گهوڙي تي سواري ڪندي، عثمانيه لشڪر جي سالار جي حيثيت ۾ وڏي شُجاعت جو مظاهرو ڪندي، قُسطنطنيھ شهر ۾ هڪ فاتح سالار جي روپ ۾ داخل ٿي، ساڳئي ڏينهن سموري شهر تي مڪمل قبضو ڪري ورتو، تڏهن بازنطيني عيسائي شهنشاهت، پنهنجي يارهن سؤ ساله اقتدار جي اختتام جي عملي صورت اختيار ڪئي!، بازنطيني اقتدار جي خاتمي سبب، عيسائي مذهب وارين يورپي قومن ۽ رياستن تي انتهائي منفي اثرات مرتب ٿيا. استنبول شهر ۾ عيسائي فرقي جي سرڪش اڳواڻن جي اڪثريت کي موت جو کاڄ بنايو ويو ۽ باقي بچيلن کي به ملڪ بدر ڪيو ويو. جنگ جي مُنفي اثرات کي ميسارڻ لاءِ، استنبول شهر جي تعمير نَو بابت ڪافي ضروري ترقياتي منصوبا عمل ۾ آندا ويا. ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي سڀني اهم تجارتي شاهراهن جي ميلاپ واري ماڳ تي موجود، سلطنت عثمانيھ جي گاديءَ واري شهر جي حيثيت ۾ استنبول جي اقتصادي، اقتداري ۽ معاشرتي استهڪام ۽ اوج واسطي، سلطان مُحمد ثانيءَ پنهنجن سمورن وسيلن کي ڪم آڻي، ان کي ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جو تجارتي، مرڪز، تعليمي مرڪز ۽ ثقافتي مرڪز بنائيندي، سياسي توڙي سماجي طور دنيا جي عظيم شهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري هن جهان جي سڌاري واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ انسانن، هن شهر کي سندن سرگرمين لاءِ ان ٽاڻي موزون ترين محسوس ڪندي، دنيا جي ڏاهن، عالمن، اڪابرن، سائنسدانن، ڪاريگرن، هنرمندن، عالمي سرمائيدارن، سوداگرن، واپارين توڙي فنڪارن اچي استنبول شهر کي پنهنجو مسڪن بنايو. عثمانيه سلطنت جو ٻيو شهر ”بُرسا“ پڻ ريشم ۽ ريشمي ڪپڙي جو تمام وڏو تجارتي مرڪز ٿي پيو. استنبول ۽ بُرسا جي ترقياتي منصوبن جي تڪميل کان پوءِ حاصل ڪيل فتوحات جو مکيه مقصد پڻ باقي بچيل ٻين تجارتي شاهه راهن ۽ تجارتي مرڪزن تي قبضو ڄمائڻ هو.
سلطنت عثمانيه جي روانگي واپار ۾ هيٺيان اهم وَڙَ شامل هئا. جهڙوڪ: ريشم ۽ ريشمي ڪپڙو، اوني ڪپڙو ۽ پشم، ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙو، مشڪ، عطر ۽ عنبير، چينيءَ جا برتن، گرم مصالحه، نير ۽ ٻيو رنگاوتي سامان، سينگار جو سامان، دوائن ۾ ڪم ايندڙ نباتاتي يا جڙي ٻوٽيون وغيره. ڪاريگرن، هنرمندن، معمارن، سرمائيندارن، سوداگرن، عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جي حقيقي همٿ افزائي ۽ سرپرستي ڪري، سلطان محمد ثاني سلطنت عثمانيھ کي سر بلند سياست ۽ مستحڪم معيشت جي حامل رياست بنائي ڇڏيو. کانئس پوءِ وارن سلطانن پڻ سندس پاليسيون ۽ حڪمت عمليون برقرار رکيون.
سلطنت عثمانيھ جي ڀيٽ ۾ عيسائي يورپي ملڪن ۽ قومن کي وڏو سياسي صدمو رسيو ۽ اهي معاشي بد حاليءَ جو شڪار ٿي ويون. انهيءَ ڳنڀير سياسي ۽ اقتصادي صورتحال مان نجات حاصل ڪرڻ خاطر، عيسائي مذهب جي رومن ڪئٿولڪ فرقي جي عالمي روحاني پيشوا، جنهن کي ”پوپ“ چوندا آهن، انهيءَ دؤر جي پوپ، يورپ جي سمورن عيسائي ملڪن ۽ حڪومتن کي تلقين ڪئي ته اُهي پنهنجون سموريون فوجون پوپ جي اڳواڻيءَ تحت منظم ڪري، عيسائي مذهبي جنگ يا صليبي جنگ وسيلي، سلطنت عثمانيھ کان استنبول شهر واپس کسي ورتو وڃي. پر معروضي حالتن جي مجبوريءَ سبب عيسائي ملڪ، کيس وقت سر گهربل لشڪر مهيا ڪري نه سگهيا، تنهن ڪري استنبول شهر واپس کسڻ لاءِ پوپ صليبي جنگ مچائي نه سگهيو ۽ هٿ ڦوڪي ويهي رهيو. ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا ۾ واپار وسيلي عيسائي قومن طرفان ٿيندڙ معاشي استحصال ختم ٿيڻ جي نتيجي طور انهن استحصال تي جيئندڙ عيسائي يورپي قومن، شديد گهربل استحصال خاطر، اوڀر ۽ اولهه جي ملڪن ڏانهن ويندڙ ٻين تجارتي رستن ۽ واٽن کي ڳولي لهڻ لاءِ جتن شروع ڪيا، جيڪي پوءِ ڪولمبس، مئگلان ۽ ڊِرَيڪ جي مهمن واري عمل ۾ نمودار ٿيا. سلطنت عثمانيھ جي سرحدن اندر رهندڙ سمورن غير مسلم مذهبي گروهن کي ”ملت عثمانيھ“ جي منصب تحت منظم ڪري، سندن مقامي/گروهي باهمي مفادن جي حفاظت ۽ معاشي ڪفالت خاطر، کين محدود اختيار ۽ حيثيت عطا ڪئي وئي، جيڪا سلطنت جي مرڪزي انتظاميه جي ماتحت عمل پيرا هئي. قدامت پرست عيسائين جي اولين مِلَت، سندن مذهبي پيشوا، جنهن کي اُنهيءَ وقت ”پَيٽرِيارِچ“ سڏيندا هُئا. انهيءَ جي ڳواڻيءَ هيٺ سن 1454ع ۾ قائم ٿي. تنهن ڪري سلطنت ۾ سمورا قدامت پرست عيسائي لوڪ، هڪڙي ئي فرقي ۾ منظم ٿي ويا. انهيءَ فرقي جي اڳواڻ کي، سلطان طرفان مِلت جي انتظام واسطي خاطر خواهه اختيار حاصل هو. انهيءَ اولين مِلت وانگر پوءِ آرمينيا وارن عيسائين، يهودين ۽ ٻين غير مسلم مذهبن وارين رَعيَتن جي نالن سان ٻيون ملتون به قائم ڪيون ويون، تِن کي سندن مذهبن ۽ فرقن لاءِ گهربل آزادي حاصل هئي. سندن فرقيوار مسئلن ۽ مطالبن جي حل لاءِ کين گهربل قانوني ۽ انتظامي اختيار حاصل هئا. غير مسلم رعايا تي مُشتمل ڪي مِلَتون، کين حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ مطابق سرڪار کي مقرر محصول ادا ڪنديون هيون ۽ ڪن مِلتن کي سرڪاري خدمت چاڪريءَ سبب اهو محصول ڀرڻ کان آجو ڪيل هو.
سلطنت ۾ ”ملت عثمانيھ“ جي قيام کان گهڻو اڳي، چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ غُلامَ حاصل ڪرڻ لاءِ ”نظام ديوِ شِرَم“ جوڙيو ويو، جنهن تحت سلطنت جي غير مسلم رعيت، پنهنجي نريني اولاد جو تقريبا ”وِيهه“ سيڪڙو تعداد، محصول طور سرڪار کي ڏيڻ لاءِ قانوني طور ذميوار بنائي وئي. انهن ٻارن کي مسلمان بنائي، سلطنت جي سؤ سيڪڙو وفادار غلام طبقي ۾ شامل ڪيو ويندو هو. سلطنت عثمانيه جي فوج جي ”جان نثاران“ نالي ريجمينٽ وارن انهن وفادار غلامن کي سلطنت ۾ معمول کان وڌيڪ وقار ۽ مراعات حاصل هئا. انهن غلام نوجوانن کي حڪومت جو انتظام هلائڻ لاءِ سرڪاري نوڪريءَ واسطي گهربل مڪمل سکيا ڏئي، مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيو ويندو هو. نوڪريءَ دؤران ايمانداريءَ، جفاڪشيءَ ۽ وفاداريءَ سبب اهي ترقي ڪندا، ناظمن، وزيرن ۽ سفيرن جي اعليٰ عهدن تي به پهچي ويندا هئا. انهن مان فوجي اعليٰ عهدن تي پڻ فائز هوندا هئا. سلطان محمد ثانيءَ طرفان قسطنيطنيھ شهر کي ڪامياب گهيرو ڪرڻ، ان کي فتح ڪرڻ، توڙي ان تي مڪمل قبضو ڄمائڻ ۽ اتي امن امان بحال ڪري شهر کي تعمير نَو وسيلي سڌارڻ ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ جان نثاران ريجمينٽ جو مکيه ڪردار هو.
سلطنت جي اعليٰ انتظامي توڙي اعليٰ عدالتي عهدن تي پڻ غلامن جي انهيءَ وفادار ۽ ايماندار طبقي مان ئي مقرريون ٿينديون هيون، اهي صاحبان ثَروَت، پُروقار ۽ تونگر هئڻ جي باوجود، بامُروت ۽ خوش خُلق هوندا هئا.

غلامن جو اهو طبقو پيدا ڪندڙ ”نظام ديوِ شرم“ سطلنت عثمانيھ ۾ سترهين عيسوي صديءَ جي آخر تائين جاري رهيو. مسلمانن ۽ عيسائين جي وِچ ۾ ٿيل لڙائين کان پوءِ، ٻنهي مان جيڪا به ڌر، جِتي سوڀاري ٿي، تنهن مُخالف ڌر جي عبادت گاهن کي سندس مذهب جي عبادتگاه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مثلاً عيسائي ڪامياب ڌر مسجدن کي ڪليسا ۾ تبديل ڪيو ۽ مسلم ڪامياب ڌر ڪليسائن کي ڦيرائي مسجدون ڪيو، سرڪش ۽ نبردآزما عيسائي اڳواڻن کان سواءِ، سلطان محمد ثانيءَ، عام عيسائي رعيت سان ڪنهن به قسم جو ظلم ۽ ستم روا ڪو نه رکيو ۽ سلطنت ۾ مذهب جي تقريباً مڪمل آزادي برقرار رکي. انهيءَ جو مکيه ڪارڻ، سلطنت عثمانيھ جي رعيت ۾ تمام گهڻي آدمشماري غير مسلم، خصوصاً عيسائين جي هئي. تنهنڪري تڪرارن ۽ اختلافن جي ڀيٽ ۾ باهمي امن امان واري زندگي گذارڻ کي هن سلطنت ۾ واضع فوقيت حاصل هئي. اهڙيءَ ريت عيسائي رعيت مان سلطاني سرڪار جي ڪاروهنوار ۽ نظم و ضبط خاطر گهربل موزون ترين ملازمن جو قابل قدر تعداد خوش اسلوبيءَ سان حاصل ٿيندو هو، ته ساڳئي وقت اسلامي نظام حڪومت موجب، مسلمان سمورن غير مذهبن کي پڻ عزت، آبرو ۽ احترام جي نگاهن سان ڏسندا هئا، ۽ ساڻن باهمي رواداريءَ وارو سلوڪ روا رکندا هئا. سلطان محمد ثانيءَ نه فقط عيسائين کي پرچائي پنهنجو ڪيو، پر هن يهودي واپارين ۽ شاهوڪارن لاءِ پڻ استنبول جو شهر پُرڪَشش بنائڻ لاءِ ڪافي جتن ڪيا، جن کان متاثر ٿي استنبول جا اصل يهودي سوداگر ۽ سرمائيدار، ڪجهه تعداد ۾ سياڻا ٿي موٽي آيا ۽ شهر ۾ اڳي وانگر عزت ۽ امن سان پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لڳا. انهن کي بازنطيني دؤر حڪومت ۾، قدامت پرست عيسائي ڪليسا طرفان سخت ظلم ۽ ستم جو نشانو بنايو ويو هو. رعيت جا سمورا غير مسلم قبيلا ۽ گروهه سندن اڳواڻن ۽ مذهبي پيشوائن جي قيادت تحت مِلَتن جي صورت ۾ سلطنت جي مڪمل ضابطي هيٺ هوندا هئا. سمورن غير مسلم مذهبي فُرقَن ۽ گروهن کي، هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر ۾، سندن مزاج موافق، سندن سڪونت توڙي عبادت خاطر، کين مخصوص ۽ نويڪلا ماڳ مڪان ۽ پاڙا خالي ڪرائي ڏنا ويا، ته جينئن اهي پنهنجي ذاتي زندگي امن، سڪون ۽ آزادي سان گذارين. سرڪار طرفان حاصل ڪيل اهڙن مراعات عيوض، اهي غير مسلم قبيلا به سرڪار سان حقيقي طور نيڪ نِيتِي ۽ وفاداريءَ وارو ڪردار نڀائيندا هئا. سلطان محمد ثانيءَ، پنهنجي وڏي پٽ کي سلطنت جو ولي عهد نامزد ڪيو هو، تنهن جو نالو بايزيد هو. سلطان سن 1481ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن بايزيد سلطان جي حيثيت ۾ تخت نشين ٿيو، پر اها ڳالهه سلطنت اندر مسلمانن جي شيعھ فرقي وارن کي بنهه ڪا نه وڻي، تنهن ڪري انهن سلطان بايزيد جي خلاف ۽ سلطان جي ننڍي ڀاءُ جي حمايت ۾ باقائدي هٿياربند بغاوت ڪئي. شيعن جي تنهن بغاوت کي جان نثاران واري فوجي ريجمينٽ سختيءَ سان ڪُچلي ڇڏيو. تڏهن کان وٺي جان نثاران واري ريجمينٽ کي سلطنت عثمانيھ جي سياسي عمل ۾ دائمي طور اهم حيثيت حاصل رهي. جان نثاران جي حقيقي حمايت جي حامل، سلطان بايزيد جي پٽ، سلطان سليم، عالمي سلطنت عثمانيھ جو پايو وِڌو، تنهن سلطنت جي استحڪام جو وسيلو سلطان سليم جي مطلق العنان اختيار تي مُبني هو. شيعن جي سرڪشيءَ کي بي رحميءَ سان ڪُچلي، سلطنت جي غدار شيعا اڳواڻن کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. انهن جي اڪثريت ايران ڏانهن فرار ٿي وئي، تنهن اُتي جي شيعا آباديءَ سان سازباز ڪري صَفِوي گهراڻي جي اميرن جي اڳواڻيءَ ۾ صَفِوِي حڪومت قائم ڪئي.
سلطنت عثمانيه جو حاڪم، سلطان، استنبول شهر ۾ اڏيل ”توپ ڪپي محل“ ۾ رهندو هو. هُن پنهنجي درٻار ۾ بازنطيني حڪمرانن وارا طور طريقا اختيار ڪيا هئا. مثال طور بازنطيني فرمان روائن وانگر، عثماني سلطان به پنهنجا ريشمي ڪپڙا فقط هڪ ڀيرو اوڍيندو هو ۽ اُهي ساڳيا ڪپڙا، وري ٻيو ڀيرو ڪو نه پائيندو هو. ترڪ سلطان جي هڪ ڀيرو پهريل انهن ڪپڙن جو چڱو ذخيرو، اڄڪلهه توپ ڪپي محل ۾ قائم ڪيل عجائب گهر ۾ نمائش لاءِ سجايل آهي. توپ ڪپي محل ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي املهه، لاثاني ۽ اڻلڀ شيون، سلطنت جي ڪُنڊَ ڪُڙڇَ مان ميڙي آڻي محفوظ ڪيون ويون، جن جي موجودگيءَ سبب، عثماني گهراڻي وارا سلطان، دنيا ۾ سموري مسلمان اُمت جا پيشوا، خليفا ۽ امير المؤمنين هجڻ واري دعويٰ کي بلڪل درست قرار ڏيندي، عقيدت تي مُبني انهيءَ حيثيت جو عالمي پئماني تي پرچار ڪرائيندا هئا. اُنهن اڻلڀ شين ۾ رسول ڪريم، مِٺي مُحمّد، صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي چادر مبارڪ، عَلم پاڪ ۽ سندن بابرڪت نقش قدم مبارڪ، سڀني شين کان وڌيڪ متبرڪ، ۽ تعظيم جا حامل عناصر آهن. اهي مُتبَرڪات، قاهره شهر مان تڏهن آندا ويا هئا، جڏهن شيعا مسلڪ واري مملوڪ حڪمران کي شڪست ڏيئي مصر جو ملڪ فتح ڪري سلطنت عثمانيھ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. غير معمولي ۽ هنگامي حالتن کان سواءِ، سلطان جو گهڻو وقت پنهنجي حرم سراءَ ۾ گذرندو هو، جتي محل جي سمورن 230 ننڍڙن ۽ اونداهن ڪمرن جا رهواسي ڪُل بَنِي بَشَر، سلطان جا ٻانهن ٻَڌا، ڳِچِيءَ ۾ ڳارِيءَ سميت بيحد وفادار ۽ جان نثار غلام، مُستقلاً مُنتظر موجود هوندا هئا. اڪثر اوقات دؤران، حرم سراءِ ۾ سلطان جي سُهاڳڻين سُريتن جو تعداد، مِلينيئم يعني هزار کان به چڙهي ويندو هو. اهي سڄي دنيا مان سوکڙيءَ جي صورت ۾ چونڊي آڻي سلطان لاءِ سانڍبيون هيون. محل اندر دائمي طور خدمتون بجا آڻيندڙ عملو، فقط جنس مُخنث، خواجه سرائن يعني کدڙن اهلڪارن تي مشتمل هوندو هو. سلطان وٽ وڃي سگهڻ واري صلاحيت کي، سلطان طرفان انهي فرد تي عنايت سان گڏ، سرڪاري قُوَت يا اقتدار ۾ شرڪت واري لياقت به تصور ڪيو ويندو هو. جڏهن ته سلطان کي مڙني ماڻهن مان ڪنهن به فرد تي ڪنهن به طرح ڪو به ڀروسو ۽ اعتبار ڪو نه هو، تنهن ڪري قتل ٿيڻ کان بچڻ ۽ پرسڪون ننڊ ڪرڻ واسطي، سلطان هر رات پنهنجو ٺڪاڻو مَٽائيندو رهندو هو. اعتماد ۽ ڀروسي وارن سياستدانن کي شام ۽ مصر جهڙن ڏوراهن ڏيهن ڏانهن حڪمراني ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو هو، ۽ ناپسند ۽ مُتشِبھ ماڻهن کي محل اندر به قيد ڪري رکيو ويندو هو. جيتوڻيڪ سلطنت عثمانيھ جي سرحدن اندر رهندڙ سمورن مذهبن وارن ماڻهن جون پنهنجون پنهنجون مختلف ۽ نراليون ريتون ۽ رسمون رواج ۾ هيون ۽ سرڪار طرفان انهن تي ڪنهن به قسم جي بندش ڪانه هئي، پر سلطنت ۾ مجموعي طرح دين اسلام جو اثر نمايان ۽ بول بالا هو. حڪمران طبقو، پنهنجي خاص غلام طبقي جي لائق افراد کي ديني مدرسن ۽ سرڪاري درسگاهن ۾ داخل ڪرائي، سرڪاري انتظام ۽ ڪاروبار هلائڻ لاءِ کين اسلامي ديني تعليم، اسلامي نظام معاشرت جي تعليم، اسلامي نظام حڪومت جي تعليم، اسلامي عسڪري نظام ۽ جهاد جي تعليم، اسلامي اقتصادي ۽ تجارتي نظام جي تعليم ۽ مختلف سرڪاري ذميوارين بابت مڪمل سکيا ڏني ويندي هئي. سرڪاري عملدارن ۽ اهلڪارن کي، کين سونپيل ذميوارين واسطي، مقرر درجھ بنديءَ موجب، ننڍن يا وڏن عهدن ۽ آسامين تي مقرر ڪيو ويندو هو. انهن اهلڪارن جي نوڪريءَ ۾ ترقي ڪرڻ جو دارومدار مڪمل طور لياقت، ڪارڪردگيءَ، سچائيءَ ۽ وفاداريءَ تي مبني هوندو هو. انهيءَ ڏِسِ ۾ رنگ، نسل، ذات پات توڙي عزازت ۽ قرابت جو ڪنهن به قسم جو اثر قبول ڪو نه ڪيو ويندو هو. سموري سلطنت ۾ فقط ۽ فقط سلطان جي منصب واسطي سلطاني نسل درڪار هو. سلطنت عثمانيھ، سلطان سليم جي پٽ، سلطان سليمان جي دؤر حڪومت ۾ عروج تي پهتي، جنهن سن 1520ع کان 1566ع تائين حڪومت ڪئي. اهو عروج سلطان سليمان جي پٽ، سلطان سليم ثانيءَ جي دؤر اقتدار تائين قائم رهيو. سلطان سليم ثانيءَ سن 1566ع کان 1574ع تائين، فقط اٺ سال حڪومت ڪئي. اهو عرصو تاريخ ۾ سلطنت عثمانيه جو سُنهري دؤر شمار ڪيو وڃي ٿو. سلطان سليمان دنيا جي سڀني کان وڌيڪ دولتمند حڪمرانن مان هڪ جي حيثيت سان تخت نشين ٿيو. سندس والدَ، سلطان سليمَ، سلطنت اندر سياسي توڙي سماجي مخالفت کي ختم ڪري ڇڏيو هو، پاڙيسري مخالف، صفويٰ سلطنت ايران کي، خوف ۾ مُبتلا ڪري رکيو هو، ۽ مصر ۽ شام واري شيعا مملوڪ سلطان کي شڪست ڏئي، شام ۽ مصر فتح ڪري، پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري، دنيا ۾ پنهنجي شُجاعت، ثَروَت، مُروَت ۽ عظمت کي ثابت ڪري، وَلِي عهد لاءِ جاه، جمال ۽ جلال جا سموارا وسيلا مُيسر ڪري ۽ نظام حڪومت کي نهايت مُستحڪم ڪري ويو هو. اُهي فتوحات، جن سبب اوڀر يورپ ۽ اوڀر رومي سمنڊ سان واڳيل سمورا خُشڪِي ماڳَ ۽ مُلڪَ، هڪڙي ئي سلطان جي سلطنت ۾ شامل ٿيندي، پاڻ ۾ اچي گڏيا، تڏهن انهن ۾ امن قائم ٿيو، سلطنت جي انتظام ۾ نظم وَ ضبط بحال ٿيو، ڪاروهنوار ۾ استحڪام پيدا ٿيو ۽ سلطنت معاشي توڙي معاشرتي ترقي ڪئي. سلطان سليمان جي اقتدار جا ڪي به داخلي دشمن ڪو نه بچيا، ڇو ته اقتدار جي سمورن حريص آرزومند شهزادن کي، جن ۾ سلطان سليم جا ننڍا ڀائر به شامل هئا، سلطان سليم پنهنجي مَوت کان اڳ، انهن سمورن شهزادن کي، سليم جي اقتدار کي ذاتي طور ڇيهو رسڻ جي پش نظر نه، پر هن اسلامي سلطنت عثمانيھ جي بقا ۽ بهبود خاطر جلادن معرفت دار البقا اماڻيو. سلطان سليمان جي دؤر حڪومت ۾ سلطنت عثمانيھ جي سرحدن اندر ڪيترائي اهڙا ملڪ شامل هئا، جتي دين اسلام رائج هو. ۽ دين اسلام جي حوالي سان، ڪيترائي مقدس ماڳ ۽ مڪان موجود هئا. انهيءَ معروضي صورتحال جي پيش نظر، سموري اسلامي دنيا ۾ سلطان سليمان کي امير المؤمنين ۽ خليفة المسلمين واري سعادت حاصل هئي. سلطنت جي امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ، انهيءَ دؤر جي وڏن مسلم مفڪرن، عالمن، جديد علوم جي ماهر سائينسدانن، سرمائيدارن، سوداگرن، وڏن ويڄن ۽ حڪيمن، ڏاهن شاعرن توڙي لوڪ فنڪارن کي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان ڇِڪي، آڻي استنبول شهر ۾ گڏ ڪيو. سلطان سليمان کي، ريسَ ۽ رِشڪَ وچان، يورپي، آفريڪي توڙي ايشيائي قومون ”سليمان، دي مَيگِنِيفِيشَنٽِ“ ”سليمان عظيم ال شان“ يا ”سلطان سليمان عالي شان“ جي عالي مرتبت منصب سان ياد ڪنديون هُيون، پر سندس سلطنت واري رعيت کيس ”انصاف مهيا ڪرڻ وارو سلطان“ يا قانون ٺاهي ڏيندڙ سلطان“ اُچاريندي سندس انصاف پروريءَ تي ناز ڪندي هئي. عثماني گهراڻي جي سلطانن، اڪثر ڪري مختصر مُدت وارن منصوبن بنائڻ ۽ ان کي قليل عرصي اندر عملي جامون پهرائڻ واريون پاليسيون جوڙيون ۽ حڪمت عمليون اختيار ڪيون، وٽن ڪي به طويل ميعادي منصوبا غور ۽ عمل هيٺ نه رهيا. هنن وڌيڪ علائقا ڦٻائڻ ۽ آئيندي وڏو فائدو حاصل ڪرڻ خاطر، اتي دولت سيڙائڻ واري نظرئي کي يڪ لخت رد ڪري ڇڏيو. اهي، زمين، زر، توڙي ماڻهن کي بلڪل مختصر مُدت تائين، پنهنجي مناسب ۽ ضروري غرض ۽ مقصد واسطي واسطيدار ڪمن ۾ سيڙائيندا هئا ۽ انهن کان پهچ ۽ سهپ آهر ڪم وٺندا هئا. ڪم پورو ٿيڻ يا ٿڪاوٽ سبب، کين موڪل ڏيندا هئا. پر ٻئي طرف سلطنت جي استحڪام ۽ اَوج خاطر توسيعي عمل پڻ ضروري هو.
جيڪڏهن رياست ۾ توسيع نه ٿيندي، ته پوءِ اها زوال ۽ تنزل جو شِڪار ٿيندي. تنهن ڪري سترهين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ دؤران توسيع خاطر يورپ ڏانهن ڪاهه ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، پر خاطر خواه سوڀَ ڪانه سَرِي . آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ۽ انهيءَ زماني ۾ يورپ جي وڏي تجارتي مرڪز وِيانا شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ ٻيو ۽ آخري ڀيرو ڪيل حملي ۾ ناڪاميءَ سبب، سن 1683ع ۾ سلطنت جي زندگيءَ ۾ جُزوي طور زوال ڏانهن جهڪاءَ پيدا ٿيو. سلطنت جي زوال ۾ ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ ڪار فرما هئا. جهڙوڪ انهيءَ وقت يورپي تجارتي قَوَتَ جي حامل قومن کي پنهنجي اقتدار جي استحڪام خاطر توسيع جي شديد خواهش هئي. ساڳئي وقت هندستان ۽ ڏُور اوڀر جي ملڪن مان آئيل سستي مال سبب مقامي مارڪيٽ ۾ مقابلي جو رُجحان پيدا ٿيو ۽ مُلڪي شين جي واپار ۾ گهٽتائي ظاهر ٿي. آمريڪا سان به تجارتي مقابلو شروع ٿي ويو. تنهن صورتحال، مجموعي طور مُلڪي معيثت تي نهايت منفي اثرات مُرتب ڪيا، ۽ قومي خزاني ۾ کوٽ ٿيڻ سبب، سلطنت اندر بيروزگاري وڌڻ لڳي. تنهن ڪري حڪومت ۽ سلطنت وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ حڪومت جو مرڪزي ضابطو پڻ ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيڻ لڳو. نتيجي طور سلطانَ پڻ سلطنت جي انتظام ۾ سالميت ۽ استحڪام واسطي گهربل فولادي ضابطو نافذ ڪرڻ ۾ گهربل سختي پيدا ڪري نه سگهيا ۽ عوام جي راءِ ڏانهن پوريءَ ريت توجهه ڏئي نه سگهيا. سلطانن جي ولي عهدن کان سواءِ، سندن ڀائرن ۽ پُٽن کي قتل ڪرڻ بدران قيد ڪرڻ سبب، انهن قيدي شهزادن مان جيڪي قسمت سان آزاد ٿي، اوچتو تخت جا ڌڻي سلطان ٿي پيا، تن کي مطلق العنان حاڪم ٿيڻ لاءِ گهربل مثبت، مناسب ۽ ضروري سِکيا نصيب نه ٿيڻ سبب، منجهن حڪمرانيءَ لاءِ گهربل حقيقي لياقت ۽ ادراڪ جي فقد ان ڪري، ارڙيهن ۽ اوڻِيهَئين عيسوي صدين دؤران، هڪ ٻئي پويان سلطنت جي رعيت تي نا اهل سلطان ٿا ڦيا پئي ويا. تنهن ڪري انتظامي نا اهلي، معاشي بدحالي، سماجي ناانصافي، بي ايماني ۽ بدمعاشي مُلڪ جو مُقدر بنجي وئي. پوءِ جلدئي لفظ ”تُرڪ“ دغابازي، ظلم ۽ سِتم جي علامت طور استعمال ٿيڻ لڳو. انهيءَ سنگين ۽ بدترين صورتحال، ڪمال اتاترڪ جهڙن خيالن جي حامل ترڪ مفڪرن ۽ ترڪ عوام کي سلطنت عثمانيھ جي آخري دؤر ۾ رائج سياسي ۽ سماجي نظام کان سخت مَتنفره ۽ ان جو دشمن بنائي ڇڏيو. سلطنت ۾ ظلم، زوري ۽ رشوت خوريءَ سبب، سماجي ناانصافي جي شڪار عوام کي، انهيءَ سموري سياسي ۽ سماجي نظام کي رد ڪري، ڊاهي، حقيقي انصاف تي مُبني هڪ جديد ترڪ قوم جي تشڪيل ڪرڻ لاءِ، اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ پيدا ٿيل سماجي ۽ سياسي مفڪر مصطفيٰ، ڪمال اتا ترڪ، تُرڪ عوام جي رهنمائي ڪئي. سندس اڳواڻيءَ ۾ ترڪ قوم جي ڪامياب جدوجهد جي نتيجي طور، سرڪاري طرح، پهرين نومبر سن 1922ع ۾ سلطنت عثمانيھ کي ڊاهي، ختم ڪري هڪ جديد ترڪي جي قومي رياست جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ ڪمال اتاترڪ جي قيادت ۾ نئين ترڪي واري قومي رياست ۾ جهموري نظام حڪومت نافذ ڪيو ويو. جڏهن ته جديد عالمي سامراج جي انهيءَ وقت واري حڪمت عمليءَ موجب، خلافت عثمانيھ کي، هڪ مفلوج ۽ مرڻينگ اداري طور، هارايل جُواريءَ وانگر، سامراجي مفاد خاطر، خير ۾ ڪاهڻ واسطي، نالي ماتر سامراجي ساهه کڻايو، پر نيٺ، 3 مارچ ، سن 1924ع ۾ ان جو پساه وارو پکيئڙو، پرواز ڪندي پولار ۾ الوپ ٿي ويو. تُرڪ سلطانن، سندن اقتدار جي آخري دؤر ۾، هندستان جي ”حيدرآباد دکن“ واري رياست جي آخري والي کي هڪ ترڪ شهزادي پرڻائي ڏني. حيدرآباد دکن جي مرڪزي يونيورسٽيءَ تي، حيدرآباد دکن جي واليءَ ”عثمانيھ يونيورسٽي“ نالو رکيو، جيڪا پنهنجي ساڳئي نالي سان اڃان تائين قائم آهي.