مختلف موضوع

تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون

ٿر جو سير

آئون ۽ بابا سائين ڳوٺ يا حيدرآباد وڃڻ بدران، ڪراچيءَ کان سڌو نئون ڪوٽ ريل گاڏيءَ ذريعي وياسين. پوءِ اتان کيکڙي ۾ چڙهي مِٺي روانا ٿي وياسين. انهيءَ سال سڄي سنڌ ۽ ٿر ۾ ڏاڍيون برساتون پيون هيون، تنهن ڪري سڄو ٿر سر سبز ۽ گل و گلزار لڳو پيو هو. آئون ۽ بابا کيکڙي جي ڊرائيور سان گڏ واريءَ سيٽ تي ويٺاسين. اسان سان گڏ منهنجي عمر جو هڪ ٻيو به نوجوان ويٺل هو. پهريائين ته سڀ سفر جي انتظار ۾ خاموش ويٺا هئاسين، پر جڏهن اهو انتظار ختم ٿيو، ته پوءِ هڪ ٻئي کان خبرون وٺڻ لڳاسين. انهيءَ نوجوان ٻڌايو ته منهنجو نالو گوتم پرڪاش راٺي آهي. آئون ٽنڊي ڄام ۾ زرعي ڪاليج ۾ پڙهندو آهيان. مِٺي منهنجو اباڻو ڳوٺ آهي، هاڻي اوڏانهن پيو وڃان ۽ اسان کان پڇيائين ته توهان هيڏانهن ڪهڙي دوست ڏانهن وڃي رهيا آهيو، يا ڪنهن غميءَ يا خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا آهيو؟ اسان چئيس ته اسان جا واقف به مِٺيءَ ۾ آهن، پر جي ڪا سٺي هوٽل هوندي ته اُت رهي پئبو. اسان هت صرف ٿر گهمڻ آيا آهيون. هڪ ڏينهن مِٺي، پوءِ اڳيان ڪارونجهر جبل گهمڻ وينداسين، جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته ڪارونجهر جبل اوتروئي قديم آهي، جيتري هيءَ ڌرتي! پاڻ اسان کي ٻڌائين ته مٺيءَ ۾ ڪا به هوٽل ڪانهي، باقي ڪنهن زماني ۾ مسافرخانا هوندا هئا، جن تي هاڻ بااثر ماڻهن قبضا ڪري ڇڏيا آهن. پاڻ اسان کي وٽس رهڻ جي صلاح ڏني. جيسين وڃي کيکڙو مٺي پهچي، تيستائين ڳالهين ڳالهين ۾ اسان جي واقفيت وڃي ويجهڙائپ کي رسي ۽ آخر ۾ ڳالهه اُت وڃي پهتي، جو اسان کيس جواب نه ڏئي سگهياسين ۽ کيکڙي مان لهي سڌا وڃي سندس آستاني ڀيڙا ٿياسين. آئون سمجهان ٿو ته اهو سال 1970ع هو. ۽ اها دوستي ات وڃي پهتي، جو اسان جا پاڻ ۾ اڄ به اُهڙائي گهرا تعلقات آهن ۽ دوستي ۽ سنگت اهڙي ساڳي آهي جيڪا انهيءَ ڏينهن اتفاق سان شروع ٿي هئي. اڄ معني! 2016ع ۾ گوتم جڏهن به ڪراچيءَ اچي ته اسين هڪ ٻئي سان ضرور ملون! اسان پنهنجو سامان کڻي اچي گوتم جي گهر، مهمان خاني واري حصي ۾ ويٺاسين. گوتم رات جو مقامي فنڪارن ۽ سندس دوستن کي به دعوت ڏني. رات محفل ۾ نئين ماحول، ڍاٽڪي ۽ سنڌيءَ ۾ راڳ جي محفل جو به هڪ پنهنجو نرالو مزو ۽ لطف هو. مون کي راڳ، ڊانس ۽ مچ اڳيان محفل ڏاڍي وڻندي آهي، جنهن جي موج هڻيو ماڻهوءَ کي مست ڪريو ڇڏي. گوتم جا ويجها دوست ڊاڪٽر گهنشام ۽ انوڌر جگرو به اُت هئا، جن سان پوءِ سڄي زندگي سنگت جو رستو رهيو. اهي ماڻهو به ٻئي ڏاڍا لاجواب هئا. انوڌر پوءِ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ پروفيسر ٿي رٽائر ڪيو ۽ ڊاڪٽر گهنشام ستر جي جنگ ۾ هندستان هليو ويو، جيڪو هاڻ جئيپور ۾ رهندو آهي ۽ گهر ۾ هندي ڳالهائيندو آهي. هت پاڻ وڏو قوم پرست شاگرد ليڊر هو. صبح سوير اٿي مٺي شهر جو چڪر لڳايو سين. مٺي انهيءَ وقت تمام ننڍو ڳوٺ هو، پر هاڻ اهو ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ پڻ تمام وڏو شهر ٿي ويو آهي. انهيءَ ڏينهن شهر جون عورتون ٿري لباس پهريل ٽولن جي صورت ۾ مٿي ۽ چيلهه تي ٽامي جا دِلا کڻي تلاء تان پاڻي ڀرڻ وڃي رهيون هيون. ان وقت مِٺي شهر جو ڏيک ۽ منظر سنڌ جي ڳوٺن کان بلڪل مختلف ۽ راجستان جي ڪلچر سان مشابهت رکندي راجستان جوئي هڪ ڳوٺ لڳي رهيو هو. هت مسجدن سان گڏوگڏ ڏاڍا سٺا مندر به ٺهيل هئا ۽ سڄي ٿر وانگر مٺيءَ ۾ به هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڏاڍي پيار ۽ محبت سان گڏ گذاري رهيا هئا. مٺي شهر جو نالو به ٿر جي سرسبز، حسين ۽ رومانوي منظرن وانگر پيار ۽ پيار ڪندڙن جي هڪ نشاني ٿو لڳي، ڇو ته چُمِيءَ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ (Kiss) مِٺي به چوندا آهن. سنڌ ۾ صرف مِٺي نه پر ڪيترن ئي ٻين شهرن جا نالا به اهڙا عجيب ۽ وڻندڙ آهن. مثلاً سنڌ ۾ هڪ اهڙو به شهر آهي، جيڪو هڪ پکيءَ جي نالي پٺيان آهي ته، هڪ شهر وري ڪِراڪِري جي نالي مشهور آهي ته، هڪڙو شهر عورت جي وارن جي سينگار ۾ ڪم ايندڙ هڪ شيءِ جي نالي پٺيان سڏيو وڃي ٿو. عورتن جي نالي سان ته سنڌ ۾ ڪافي شهر آهن. مثلاً سيتا روڊ، مڪلي بيگنا، بلڙي، جاتي، ماتلي، ستياڻيون وغيره. پکيءَ جي نالي وارو شهر جهرڪ، جانورن جي نالن وارا شهر بگهاڙ موري، گهوڙا ٻاري وغيره، ڪراڪري جي نالي وارو شهر پاٽ، عورت جي سينگار ۾ ڪم ايندڙ شيءِ جي نالي وارو شهر سڳيون ۽ مردن جي نالن سان ته بيشمار ڳوٺ انهيءَ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي نالي سان سڏجن ٿا. سڄي ٿر جي ڪل ايراضي ستهتر هزار چورس ميل آهي، جنهن مان پاڪستان اندر ٿر جي پکيڙ صرف پنج هزار چار سئو چورس ميل آهي. (ٿر ۽ پارڪر ضلعو ليکڪ ص:11)
ٿر جي سوڍن جون عورتون مشرق جي تمام حسين عورتن مان آهن، جن جي حسن جا ڪڏهن خوني مقابلا به ٿيندا آهن. ٿر جا ٻه وڏا قبيلا راهمان ۽ نهڙيا ٿر جي سوڍن کان سڱ وٺي انهن سان شاديون ڪندا آهن. (ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر ص 17 18)
ٿر مان ورهاڱي کان پوءِ وڏي تعداد ۾ هندو لڏي هندستان هليا ويا، پر ٿر جي سوڍن جو بادشاهي گهر جن کي راڻا به سڏيو ويندو آهي، جن ۾ راڻا چندر سنگهه ۽ سندس پٽ راڻا همير سنگهه جو گهر هندستان لڏي نه ويو ۽ اڄ به هت وزير، سفير امير ٿي ڏاڍي شان مان سان زندگي گذاري رهيا آهن. ٿر ۾ مسلمانن جون هي ذاتيون آهن. نهڙيا، راهمان، راڄڙ، رونجها، کوسا، ساند، دل، ميمڻ، جهنجهي، آريسر، جوڻيجا وغيره وڏي تعداد ۾ رهندا آهن، جيڪي زياده تر ملتان واري پير شاهه محمد قريشي، پير جي ڳوٺ واري پير پاڳاري ۽ هالن واري مخدوم جا مريد آهن. سڄي سنڌ وانگر ٿر ۾ به برساتون تمام گهٽ پون. ڪيترن ئي سالن جي وقفي کان پوءِ جڏهن برساتون گهڻيون پون، ته ٿر سڄو سرسبز ٿيو پوي، جنهن کي ڏسندي اکيون ئي ٺريو پون. انهن سرسبز نظارن اندر ڪٿ ڪٿ پاڻيءَ جون ننڍيون وڏيون ڍنڍون ٺهي پون، جن کي ٿر ۾ ترايون چون. ٿر جي سر سبز ڀٽن تي مال چرندي ايڏو ته سهڻو منظر پيش ڪري، جو انهن حسين منظرن کي ڏسڻ لاءِ سڄي سنڌ جا شوقين ماڻهو ڪهي ٿر اچن، جيئن اسين هت گهمڻ آياسين. ارباب رحيم ٿر جو رهاڪو آهي، جڏهن پاڻ جنرل مشرف جي دور ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ ٿيو ته سڄي ٿر ۾ ڏاڍا ترقياتي ڪم ڪرايائين، خاص ڪري سڀني وڏن شهرن ۾ ڏاڍا سٺا روڊ رستا ٺهرايائين. ساڳئي دور ۾ وزير خزانه شوڪت عزيز کي ٿر مان ايم اين اي چونڊرائين جيڪو وزير اعظم ٿيو ته ٿر جي ترقي لاءِ ڪافي اسپيشل گرانٽون ڏنائين. ٺٽي ۽ بدين ضلعي وانگر ٿر به نڌڻڪو ضلعو هو جنهن جي سياست جون واڳون به ٻين ماڻهن وٽ آهن ۽ مقامي ماڻهن کان اهو حق به ڦري ٻئي استحصال وانگيان هاڻ سياست جو حق به کانئن کسي ضلعي کان ٻاهر جا ماڻهو اهو حق ۽ ان مان ملندڙ مال ۽ پاور جا به پاڻ ڌڻي ٿي ويهي رهيا آهن.
ٿر مان اليڪشن ۾ بيهندڙ غير ٿرين ۾ غلام محمد وساڻ پير غلام رسول جيلاني، هالا وارا مخدوم، ملتان وارا شاهه محمد قريشي ۽ سندس پٽ، پير نور محمد شاهه، شرجيل ميمڻ وغيره. اهڙيءَ طرح سان بدين مان حسنين مرزا، ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، مير علي احمد ٽالپر، قمرالزمان شاهه، عبدالخالق سومرو. گولاڙچيءَ واري صوبائي تڪ تان 1977ع ۾ شهيد فاضل راهو جي سامهون وڏي ڌانڌليءَ طفيل چونڊيو هو. اهڙيءَ طرح سان ٺٽي ضلعي مان به سدائين ڌاريان ماڻهو اليڪشن ۾ حصو وٺي، اسيمبلي ميمبر ۽ وزير ٿيندا رهيا آهن. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، پر انهن ڌارين ۾ ڪي ڪامياب ۽ ڪي ناڪامياب ٿيندا رهيا آهن. انهيءَ عمل جي شروعات ان وقت سنڌ جي گورنر سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي پوٽي کي ٺٽي مان چونڊرايو. تنهن کان پوءِ ٺٽي ۾ ڌارين ماڻهن جي لائين لڳي وئي، جنهن ۾ قاضي فضل الله ۽ يوسف هارون پوءِ سنڌ جا وزير اعليٰ ٿيا ۽ شهيد ڀٽو به ٺٽي مان چونڊجي پوءِ پاڪستان جو صدر ۽ وزير اعظم ٿيو، پر پوءِ پاڻ ٺٽي جي سيٽ خالي ڪري ڇڏي ته وري به ٻيو ڌاريون يعني مخدوم امين فهيم ساڳي سيٽ تي ميمبر چونڊيو ويو. سندس مخالف اميدوار به هڪڙو ٻاهريون ماڻهو قاضي امام علي هو. انهيءَ کان سواءِ اڪبر ڪلهوڙو، بشير احمد شاهه، پير رحماني ۽ هاڻي 2013ع ۾ اويس مظفر پڻ ٻاهريون ماڻهو آهي، جيڪو هتان چونڊيو ۽ وزير ٿي ويو. پر وري انهن ٻاهرين ماڻهن کي چونڊين به مقامي ماڻهو ٿا. اهي ڇو ٿا ڌارين کي چونڊين؟ نه چونڊين ته وري ڪڏهن به ٻاهريون اميدوار ڪو نه چونڊبو. ٿر گهمندي، ٿر ضلعي سان گڏ بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي سياست به ياد اچي ويئي. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، ”گزيٽيئر آف سنڌ“ ڪتاب جي صفحي نمبر 10 تي لکي ٿو ته سڪندر يوناني جڏهن سنڌ آيو هو، تڏهن ٿر ۾ Inland sea سمنڊ هو، يا ڪا وڏي ڍنڍ هئي ۽ وري انهيءَ صفحي تي پاڻ لکي ٿو ته 1762ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي ٿر اڳيان هڪ وڏو بند ٻڌي، ٿر ڏانهن ويندڙ پاڻيءَ کي دشمن ڏانهن وڃڻ کان روڪي پنهنجون زمينون آباد ڪيائين. ۽ پڻ 1819ع واري زلزلي ڪري ٿر ۽ سمنڊ ۾ وڏي تبديلي آئي. ٿر ۾ برساتن جي گهٽ پوڻ ڪري ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب، قدرتي طور ٿر جي اُٺ، گهوڙي ۽ ڳئون ۾ وڏي سهپ ۽ طاقت ٿئي. ٿر ۾ اُٺ بار برداري ۽ سواريءَ جي ڪم اچي. اٺ جي سواريءَ وقت ٿر ۾ جيڪر سواري سان گڏ جيڪا عورت سوار جي اڳيان ويٺل آهي ته معنيٰ سندس ڀيڻ آهي ۽ جي سوار جي پٺيان ويٺل آهي ته معنيٰ سندس زال آهي. ٿر جي گهوڙي جي اڳين ٽنگن ۾ قدرت ڏاڍي طاقت رکي آهي، جنهن طاقت سان هو واريءَ جي دڙن مٿان به تيزيءَ سان ڊوڙندو وڃي منزل تي پهچندو آهي. چون ٿا ته ٿر جي جانورن جي مضبوطيءَ جو ڪارڻ، انهيءَ ٿر واري ڌرتيءَ مان پيدا ٿيندڙ اَن ۽ چاري جو وڌيڪ طاقتور هئڻ آهي. ٿر جي ڳئون جي کير جو سڄي هندستان ۽ پاڪستان جي ڪا به ڳئون مقابلو ڪانه ٿي ڪري سگهي، پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ سواءِ رشوت جي جديد طريقن کان سواءِ، ٻيو ڪو به عمل انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اڳيان نه وڌي سگهيو آهي. انهيءَ جو مُک ڪارڻ Rule of law جو نه هئڻ ۽ هر ڪنهن کي لُٽَ مار جي مڪمل آزادي ۽ ڪنهن حد تائين سندن تحفظ ۽ سپورٽ به آهي، جنهن ڪري زراعت، صنعت، واپار ۽ تعليم ۾ اسان اڳيان جي بجاءِ پٺيان وڃي رهيا آهيون. سارين ۽ ڀاڄين ۾ چين جي هائبرڊ ٻجن ڪري ڪجهه واڌارو ٿيو آهي پر ڪمند ۾ ته B.L.4 جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪا به ڪمند جي نئين سٺي ورائٽي اڄ تائين ڪا نه آئي آهي. اڳ جڏهن شگر مِلون ڇهه ست مهينا ڪرشنگ سيزن ڪري هلنديون هيون، سي هاڻ ٻه يا ٽي مهينا به مس ٿيون هلن. بدين ضلعو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪمند جو وڏو مرڪز هوندو هو ۽ جتي ڇهه شگر ملون قائم هيون، جن ۾ انصاري شگرمل، باواني شگرمل، کوسڪي شگرمل، پنگريو شگر مل، مرزا شگر مل ۽ فوجي ويلفيئر شگر مل شامل آهن. پر هاڻ بدين ضلعي ۾ ڪمند جي پوکي نه هئڻ ڪري پنگريو، کوسڪي ۽ مرزا شگرملون ته جهڙيون ڪر بند پيون آهن، باقي ٻيون مِلون به ٻاهرين ضلعن مان ڪمند خريد ڪري پيا ملن کي هلائين. پاڪستان جا چانور، ڦٽيون ۽ ڪمند مُک فصل آهن، پر ملڪ اندر ڪا به نئين تحقيق ڪري، ڪو نئون ٻج آڻجي جنهن ڪري ملڪ کي ڪو فائدو ٿئي، اهڙو ڪم ڪڏهن به ڪو نه ٿيو آهي، جيڪتوڻيڪ اسان وٽ سنڌ م چانورن ۽ ڪمند لاءِ ڪَنئين تحقيقي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، پر ڪا به نئين جنس جنهن مان ملڪ کي ڪو فائدو ٿئي، سو ڪم ڪڏهن به ڪو نه ٿيو آهي. ٽيهن چاليهن سالن کان سجاول ڀرسان ڪمند تي تحقيق جي باري ۾ هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، جت ڪيترن ئي سيمينارن ۽ ميٽنگن ۾ آئون به ويو آهيان ۽ هڪ دفعو ته سنڌ جو گورنر تاباني به هن اداري ۾ آيو هو. پر ڪو به ڪم ٿئي، سو نظر نٿو اچي. باقي ميٽنگون ڊنر پارٽيون وڏيون وڏيون پُر اهتمام تقريبون، ٻاهرين ملڪن جا دورا، تن جي ڪا به کوٽ ڪانهي!
اسان ٿر جي ڀِٽُن تي چڙهي، پري پري جا نظارا ڏسي ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين. اُت ڪافي فوٽا ڪڍياسين. ٿر جون ڀِٽون سڄيون واريءَ سان ٺهيل آهن ۽ اهي هوائن، طوفانن ۽ برساتن ڪري ننڍيون وڏيون ٿينديون رهنديون آهن. پر جبلن جون پٿرن سان ٺهيل ٽڪريون، ساڳين هنڌ، هزارن لکن سالن کان اُت جو اُت قائم ۽ دائم آهن، سواءِ زلزلن جي باقي ڪنهن به قدرتي اثر کان بلڪل بي نياز نظر ايندون. جڏهن ته ٿر ۾ واريءَ جون ڀِٽُون به ٿر جي هوائن سان گڏوگڏ هيڏانهن هوڏانهن گهمنديون ڦرنديون رهنديون آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ وڏيون ۽ ننڍيون ٿينديون رهنديون آهن. ٿر ۽ جابلو علائقا ميداني علائقن کان پنهنجي ڀِٽُن ۽ جبلن ڪري مٿاهان ٿين، تنهن ڪري برساتن کان پوءِ اُت پيدا ٿيندڙ ساوڪ ۽ وڻڪار ڪري ڏاڍا حَسين، وڻندڙ ۽ رومانوي لڳندا آهن. ٿر ۽ جابلو علائقن ۾ مهينن بعد ڪيترن قسم جا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه ڦٽن، جن کي قدرت بي پناهه طاقت بخشي آهي، جيڪي انسان ۽ چوپائي مال جي چاري کان سواءِ دوائن ۾ به ڪم اچن. ان چاري جي ڪري ئي ٿر جو گهوڙو، اُٺ ۽ ٻيو مال ٻي دنيا جي جانورن کان وڌيڪ طاقتور ۽ سگهارو ٿئي. مزيدار ڳالهه ته ٿر جو ڪانگ سڄي سنڌ جي ڪانگ کان مختلف ٿئي، يعني پنهنجي ڪانگ کان وڏو، ٿلهو ۽ وڌيڪ صحتمند ٿئي. انگلينڊ جو ڪانگ به بلڪل ٿر جي ڪانگ جهڙو ٿئي. ٿر ۾ جڏهن مينهن پوي، تڏهن سڄي ٿر جي زمين مان ڄڻ ته خوشبو ۽ سرهاڻ پيئي نڪرندي اهي ۽ سندس ڪُک مان ڦٽي نڪرندڙ ساوڪ مان ڄڻ ته عورت جي بدن جهڙي دلڪش ۽ رومانوي سرهاڻ پيئي ايندي آهي. انهيءَ ساوڪ مٿان جڏهن مور ۽ ڊيل ڪوڪون ڪري اڏامن ته ماڻهوءَ جو ڄڻ ته سڄو سرير مست ٿيو پوي. انهيءَ رُت دوران سڄي وايو منڊل ۾ ڀيني ڀيني خوشبوءِ ۽ سرهاڻ پئي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪنهن بُٺيءَ مٿان ٿر جي شامن جا منظر ايڏا ته حسين هوندا آهن، جو ماڻهو چاهيندو آهي ته اهو منظر ڪڏهن ختم ئي نه ٿئي. اسان ٿر جي انهن سڀني منظرن مان لطف اندوز ٿي ۽ ٿر جا لوڪ گيت ٻڌي ۽ ٿر جا مخصوص کاڌا کائي پي ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين.
ٿر جي پسمنظر ۾ انگريزي ۽ هندستان جي مقامي ٻولين ۽ اردوءَ ۾ ڪيتريون ئي فلمون ٺهيل آهن، جيڪي گهڻو ڪري سمگلنگ جي موضوع تي ٺهيل آهن. ٿر جي پس منظر ۾ هندستاني فلم ...................... ڏاڍي لاجواب فلم هئي. هينئر 2013ع ۾ هدايت ڪار گيان گجراتي ۾ ٿر تي هڪ ڏاڍي لاجواب فلم ”دي گُڊ روڊ“ ٺاهي آهي، جنهن کي آسڪرايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ لنچ باڪس ۽ جهڙپون لاجواب فلمون به آسڪرايوارڊ جي ريس ۾ هن سان گڏ شامل هيون، پر هيءَ فلم هنن سڀني کان گوءِ کڻي، آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي ويئي. فلم ۾ ٿر جي سرسبز ۽ من موهيندڙ نظارن فلم کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. مون کي هونئن به هندستان جون آرٽ فلمون ڏاڍيون وڻنديون آهن. فلمن جو آئون ننڍي هوندي کان ئي شوقين آهيان، پر آرٽ فلمن جو شوق مرحوم طارق اشرف مون کي سندس گهر فلمون ڏيکاري پيدا ڪيو، جنهن ۾ هاڻ مون کي انگريزي ۽ دنيا جي ٻين ٻولين جي آرٽ فلمن جي نالن کان پرهه واقف ڪندي آهي يا ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون فلمون وٺي به ڏيندي آهي.
پرهه هاڻ ڪافي وقت کان آئرلينڊ جي گاديءَ واري شهر ڊبلن ۾ رهي، پر اسان جي سڀني ٻارن وانگر هر روز Skype يا فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ته پرهه سندس ڏٺل آرٽ فلمن جا نالا به ٻڌائي. سو احوال پيو هلي ٿر جي سير جو، پر هينئر دنيا ۾ سڀ کان وڏي رڻ پٽ بابت ٻڌايان ته ان جو نالو صحرا جو رڻ پٽ آهي، جيڪو آفريڪا کنڊ جي اترئين ڀاڱي ۾ ٽيهه لک چورس ميلن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. اتر آفريڪا کي پارڪندي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان لبيا جي رڻ پٽ تائين هن جي سراسري ويڪر 1440 ڪلوميٽر آهي، جيڪا نيل درياهه تائين وڃي ٿي، ان کان اڳتي اهو ريگستان نوبين ريگستان کان ڳاڙهي سمنڊ تائين هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ مراڪش، الجيريا، تيونس، لبيا، مصر، سوڊان، چاڊ نائيجر، مالي، ماريطانيه ۽ اولهه صحارا جي حصن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ٿو، جنهن ۾ اولهه اتر پاسي اٽلس، اها گار ۽ تبستيءَ جا جابلو سلسلا به اچي وڃن ٿا. هن صحرا جي سطح گهڻي ڀاڱي مٽيءَ جي دڙن سان ڀريل هوندي آهي. هتي وسڪارو گهٽ ٿئي ٿو، جنهن ڪري هتي ٻوٽا وغيره پوکڻ ڏکيو ٿيو پوي. هتي اهي ئي ٻوٽا پهنجي حياتي ماڻين ٿا جن ۾ پاڻيءَ کي جذب ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي. هتي اڪ جا ٻوٽا جام ٿين ٿا. صحرا ۾ جهنگلي جيوت به مشڪل سان رهي ٿي. جتي پاڻيءَ جا ذخيرا يا نخلستان آهن اُتي کجيءَ جا وڻ به جام ٿيندا آهن. هن عظيم ريگستان بابت چيو وڃي ٿو ته ڏهه هزار سال اڳ اهو ساوڪ سان ڀريل ميدان تي ٻڌل علائقو هو. اسڪالرن کي يقين آهي ته هن علائقي جا پهريان رهواسي نيگرو نسل جا هئا، جيڪي ڏکڻ پاسي کان هلان ڪري هتي آيا ۽ اچي نخلستان آباد ڪري، پوکي راهيءَ کي هٿي ڏنائون. اڳاٽين لکتن مان پروڙ ٿي پوي ته هنن لوڪن جا مصري، فونيقي، ڪارٿيجن ۽ ٻين ڀون وچ سمنڊ جي ماڻهن سان رابطا ۽ وهنوار هئا. ان کان پوءِ صحرا کي اوڀر کان ايندڙ مسلمان عربن فتح ڪيو، جيڪي پاڻ سان گڏ ٻه نيون جنسون، هڪڙي کجيءَ جي صورت ۾ ۽ ٻي سواريءَ لاءِ اُٺ جي صورت ۾ کڻي آيا، جنهن هن علائقي جي زندگيءَ جي طرز کي تبديل ڪري ڇڏيو. کجيءَ جي پيداوار سان باغن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو، جڏهن ته اٺ جي استعمال ان ڳالهه کي ممڪن ڪري ڏيکاريو ته سون ۽ ٻين معدنيات جي واپار کي ڀونچ سمنڊ جي ملڪن ۽ ڏکڻ جي علائقن ۾ هٿي ملي. مسلمانن جن باغن ۽ نخلستانن تي پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪيو، سي قديم انداز ۾ ويڙهي جي صورت ۾ ئي رهندا هئا. واپاري قافلن جي رجحان جي حوصله افزائي ڪندي، هٿي ڏئي اڳتي وڌيا. اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ يورپي لوڪن هن علائقي تي پنهنجو اثر قائم ڪيو. يورپي لوڪن خاص طور فرانسيسي اثر رسوخ وڌڻ سان صحرا جي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي. فرينچن پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊرمن جي شڪل مثل گول ۽ تمام وڏيون ٽانڪيون ٺاهيون. مقامي وڳوڙي قبيلن تي ضابطو رکڻ لاءِ هتي رهندڙ فرينچ فوجن جي حياتيءَ جو مدار گهڻي قدر هنن ٽانڪين تي رهيو. صحرا ۾ آباديءَ ۽ وسنديءَ جا مُک مرڪز اهي نخلستان ئي آهن، جن ۾ جَرَ جو پاڻي به ملي ٿو. گهڻي ڀاڱي نخلستان، صحرا جي اترئين ۽ ڏاکڻي ڀاڱي ۽ وچ صحرا جي جابلو علائقن ۾ آهن جتي پاڻياٺ يا پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو آهي. ان پاڻيءَ کي جر مان ڪڍي ڪتب آڻجي ٿو. هن عظيم صحرا ۾ وڏا نسلي گروهه: توريگ، مورز ۽ تيبو آهن. توريگ گهڻي ڀاڱي وچ صحرا جي جابلو علائقن ۾ رهن ٿا. اهي مسلمان آهن. سندن ثقافت ۾ اسلام کان اڳ وارين ريتن ۽ رسمن جا اُهڃاڻ به ملن ٿا. جڏهن ته مورز اولهه صحرا ۾ رهن ٿا. اهي عرب، بربر ۽ ڪجهه نيگرو نسلن جا گاڏڙ قبيلا آهن.
تيبو نسلي گروهه فيضان، چاڊ ڍنڍ ۽ تبستي ماسف جي علائقن ۾ رهي ٿو، جيڪو گهڻي ڀاڱي نيگرو نسل سان تعلق رکي ٿو. هن رڻ پٽ جي اڀرندي ڀاڱي ۾ Dijanet ڊائجانيٽ نالي شهر جي اتر پاسي پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي تاسلي ديس، اجر نالي ماڳ وٽ نرم وارياسي پٿر واري هڪڙي وڏي بُٺي يا ٽڪري آهي، سا اڪيچار صدين جي ڊگهي عرصي دوران وارياسن تيز طوفان جي ضِد ۾ رهندي، واريءَ جي ذرڙن وسيلي گسندي، تراشجندي ۽ ڪٽجندي، اهڙين عجيب شڪل جي ڇِپن ۾ اهڙي انداز سان تبديل ٿي وئي آهي، ڄن ته اها هٿ سان تراشي تيار ڪئي وئي آهي! صحرا جي ماڻهن جي زندگيءَ جو دارومدار گهڻي ڀاڱي پوکي راهي ۽ قديم طرز ۾ ڌڻ چارڻ تي آهي. پر هتي تجارتي بنيادن تي به ڪجهه پوکي ٿئي ٿي، سا هتي ڪالونيون قائم ڪندڙ يورپي لوڪن شروع ڪئي، جنهن جي اهميت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. هتان جي سڀ کان وڌيڪ اهم پيداوار کارڪون آهن. ان کان سواءِ اناج ۾ ڪڻڪ، ٻاجهري، ۽ چانور به ڪجههه مقدار ۾ ٿين ٿا. ڪجهه ڀاڄيون ۽ ڪجهه ميوو به ٿئي ٿو. الجزائر ۾ تيل لڀڻ سان هن عطيم صحرا جي معيشت ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي.
اسان ٿر جي حَسين وادين کان موڪلائي کيکڙي ۾ چڙهي نئون ڪوٽ آياسين، اتان ريل ۾ چڙهي حيدرآباد پهتاسين. حيدرآباد مان جيپ ۾ پنهنجي ڳوٺ ٻني آياسين.